سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :4

ريحانه نظير

راڻي

راڻيءَ نراسائيءَ ۽ نااميديءَ مان هڪ نظر پنهنجي بيمار پٽ تي وڌي ۽ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو، ته ”بابا مان جلدي اچي وينديس، بس اجهو ويس ۽ موٽيس.“ پر بيمار ٻار جو اهو ئي ضد رهيو، ”ته امان ڏاڍو مٿي ۾ سور آ، اڄ نه وڃ مون کي الٽي ٿي اچي. امان اڄ نه وڃ هڪڙو ڏينهن نه ويندينءَ ته ڇا ٿي پوندو؟“ بيمار ٻار منٿون ايلاز ڪري ماءُ کي چنبڙي ويو، بلڪل ائين جيئن لوهه چقمق کي. ماءُ ڪجهه دير تائين پت کي ڇاتيءَ سان لائي رکيو. بخار جي ڪري هن کي پنهنجو سينو به گرم لڳو، اندر ۾ اهو ويچار ڪيائين ”ته ڏاڍو بخار اٿس ڇا ڪيان؟ ڪيئن ڪيان؟“ ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه پئي آيس. وري هڪدم ڪن وڄڻ لڳس ”ماسي سڀاڻي ضرور اچجانءِ، ڏس مون تنهجي سامهون فون تي سڀني (سهيلين) کي مانيءَ تي گهرايو آهي. متان موڪل ڪري اسان جو سڄو پروگرام ئي چٽ ڪري ڇڏين. مان چوانءِ ٿي ته مان پگهار مان پئسا ڪٽي ڇڏيندي سانءِ“ پئسن ڪٽجڻ جو خيال ايندي ئي ماسي کان ڇرڪ نڪري ويو. ”پئسا ڪٽيندي ته گهر جو خرچ ڪيئن هلندو: اڳ ئي اڌ پگهار ڏيندي آهي، ڇو جو اڌ پگهار ته انهن پئسن ۾ ڪٽيندي آهي، جيڪي مون قرض ۾ ڌيءُ جي شاديءَ لاءِ ورتا هئا. نه نه مون کي اڄ ضرور وڃڻ گهرجي. پوءِ راڻيءَ“ ٻارڙي کي ڀاڪر مان ڪڍي کٽ تي رکيل پراڻي ميري وهاڻي تي سمهاريو. بيمار ٻار جيڪو گهڙي پل ماءُ جي ڀاڪر ۾ سڀ سور وساري ويٺو هو، سو هڪدم وري رڙيون ڪرڻ لڳو ”امان وري ڇا ٿيو وري وڃين ته ڪانه ٿي نه؟ ها امان ٻڌاءِ، ٻڌاءِ!“ ٻار وائڙو ٿي ماءُ کان پڇڻ لڳو: راڻي پهريان چڙ مان هن کي نهاريو، پر جيئن ئي بيماريءَ جو خيال آيس تيئن ئي سڄي چڙ ڪافور ٿي ويس ۽ آهستي چيائينس: ”پٽ مون چيو نه جلدي اچي وينديس، اڄ ميڊم گهر ۾ دعوت ڪئي آهي جي مان نه وينديس ته ماني ڀاڄي ڪير ڪندو؟ پوءِ مهمان ڇا کائيندا؟ مٺا ماني ته مان ڪندي آهيان نه؟ پوءِ جي مان نه وينديس، ته ميڊم مهمانن کي ڇا کارائيندي؟ ميڊم جا ٻار ڇا کائيندا؟ ٻڌاءِ! ماءُ پيار مان هڪ نظر پٽ کي ڏٺو: ”ٻار، مهمان ميڊم جا آهن امان اها پاڻ ئي انهن کي ڪري ڏيندي تون رڳو اڄ نه وڃ.“ ٻار ماءُ جي هٿ کي زور سان جهلي چيو: ”پر پٽ جي ميڊم پاڻ ماني ڪندي، ته اسين ڪٿان کائينداسين، اسان کي پوءِ پئسا ڪير ڏيندو؟“ راڻيءَ پٽ جو هٿ پنهنجي هٿن مان ڪڍي کٽ تان رئو کڻندي چيو: پر بيمار ٻار جو اهوئي ضد. امان ناهين، اڄ  ڏس نه، مون کي ڪيڏو بخار آهي، گهر ۾ به ته ڪير ڪونهي نه؟ امان؟ راڻيءَ کي اهڙي حالت ۾ پٽ کي ڇڏڻ جو جيڪو ڏک هو سو هن جي من کي خبر هئي! هن اکين ۾ ڀريل پاڻي تي قابو ڪيو ۽ پٽ کي سمجهائڻ لڳي ۽ دلاسا ڏيڻ لڳي ”اڄ ميڊم وٽ دعوت آهي نه، مان گهڻا گهڻا کاڌا پچائينديس نه قورمو، ٻوڙ، برياني سڀ مان پنهنجي ٻچڙي لاءِ کڻي اينديس. ”راڻيءَ پاٻوهه مان هڪ نظر پٽ تي وڌي ۽ ڏٺو ته بيمار پٽ جي اکين ۾ خوشي چمڪي رهي هئي. ”قورمو، ٻوڙ، پلاءُ، جا نالا ٻڌي وات پاڻيءَ سان ڀرجي آيس، هڪدم اڇل ڏيئي کٽ تي ويٺو. ”سچي امان! اهي سڀ مون لاءِ آڻيندينءَ!“ پٽ جي اهڙي خوشي ڏسي راڻي هڪ لمحي اندر ڄڻ ته خوشين جي درياءَ ۾ ٽٻيون هڻڻ لڳي. اڃا ان خوشي ۾ ئي هئي، ته پٽ سڏ ڪيس ”امان امان ڇا ٿي سوچين، جلدي وڃ نه امان، مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي. وڃ نه، ڏس مان سمهان ٿو امان پوءِ جلدي اچجانءِ، ٺيڪ آ.“ ٻار معصوميت مان اکيون ٻوٽي وهاڻي تي ڪنڌ رکي سمهي پيو ته جيئن ماءُ مون کي ستل ڏسي جلدي هلي وڃي ته جيئن منهنجي لاءِ قورما سڀ ڪجهه (جيڪي ٻڌايا هئائين سي وسري ويس) کڻي اچي. راڻي کٽ تان لهي ڪنڊ ۾ رکيل چمپل پاتو، ۽ وري هڪ نظر پٽ تي وڌي، هو ائين ئي اکيون پوريو سمهيو رهيو، راڻي ڪوٺڙيءَ مان نڪري آئي ۽ ٻاهر واري در مان لنگهي ڪچي گهٽيءَ جنهن ۾ گند ڪچري سان گڏ گٽر ڀڳل جن جي مٿان ٻار جن مان ڪن کي اسڪول جي پراڻي ڊريس پاتل هئي، ڪي ٻار صرف قميص پايو بيٺا هئا، ڪي ڇوڪريون نڪ ٽڦيل وار، سڄا مٽي سان ڀريل ٿوري خوراڪ سبب پيٽ نڪتل ۽ مٿا وڏا پنهنجي پنهنجي منهن گند ڪچري کي راندڪيا سمجهي، راند ڪڏي رهيا هئا. راڻيءَ هڪ نظر انهن ڏي نهاريو ۽ وري بي پرواهه ٿي روڊ ڏانهن وڃڻ لڳي، جتان هو بس ۾ چڙهي ڪم واري جاءِ تي ويندي آهي. راڻي رستي تي هلڻ مهل به پٽ جي باري ۾ سوچيندي رهي، الله ڪري ته بخار جي الٽي نه ڪري، ته پاڻي ڪير ڏيندس!؟ متان پاڻي کڻڻ وڃي ته مٿو ڦري وڃيس جي ڪري پيو ته ڪير کڻندس. ڌڪ نه لڳيس متان ڦاڙ پئجي وڃيس. بيهوش ٿي ويو، ته ڪنهن کي چئي ته امان مان مان! مان! مان! نه نه ائين ڪونه ٿيندو، راڻي دل کي آٿت ڏيندي چيو، الله سائين ويٺو آهي نه، اهو ئي پنهنجي حفاظت ۾ رکندس. اهو سوچيندي راڻي اکيون مٿي کڻي آسمان ڏانهن نهاريو، ڄڻ ته هو خدا جي روبرو بيٺي هجي. پوءِ چوڻ لڳي، الله سائين منهنجو ٻچو امانَ ۾ آهي ان جي حفاظت ڪجانءِ، پوءِ هيٺ ڪنڌ ڪري دل ۾ مطئمن ٿي روڊ ڏانهن هلڻ لڳي. ايتري ۾ روڊ به اچي ويو پر هي ڇا؟ روڊ تي ته ڪوبه مسافر ڪونه هيو هاڻ: هن جو ڇا ٿيندو؟ هوءَ ڪيئن ميڊم وٽ ويندي؟ بس هن اڪيلي ڪم واري ماسي لاءِ ٿورئي روڊ تي بيهندي هميشه ائين ته ٿيندو جو هوءَ روڊ تي اڪيلي هوندي آهي، ته بس وارو ڪنڊيڪٽر پري کان ئي ”ڊبل ئي ڊبل ئي“ ڪندو بس دروازي کي ڌڪ هڻي تيز آواز ۾ استاد هل استاد ڪندو هليو ويندو آهي، ڇو ته ڪنڊيڪٽر کي خبر آهي، ته جيڪي به ڪم واريون ماسيون بس ۾ چڙهنديون آهن، اهي هڪ ته ڏينديون پئسا ٿورا ٻيو وري انهن جي چڙهڻ سان بس ۾ ٻيون ويٺل معزز مايون منهن خراب ڪري، هنن کي ڏسنديون. ڄڻ ته هنن کان ڪو ڏوهه ٿي ويو هجي. ڪي مورڳوئي چئي ڏين ڇو ٿا کڻو انهن ماين کي، سڄي بس ۾ ڌپ ٿيو ٿي وڃي. پوءِ هوءَ چڙ مان ٽشو يا مٿي تي پاتل رئو نڪ تي رکي ٻئي پاسي ڪنڌ ڪري ڇڏين، ته جيئن انهن کي نظر نه اچي. پوءِ جي پاسي ۾ سيٽ تي جاءِ به هوندن ته خلاصيون ٿي ويهي رهنديون ته متان اها غلاظت هنن جي پاسي ۾ نه ويهي. ته پوءِ ظاهر آ ته اهي ڪنڊيڪٽر انهن ماين جي بس ۾ ويهڻ تي ڪيئن راضي ٿيندا. بنسبت انهن جي هو معزز مايون پئسا به جيترا گهرجن اوترا ڏين، جن جي بس ۾ چڙهڻ سان پوري بس ۾ خوشبو پکڙجيو وڃي. هر مسافر جو ڌيان انهن جي خوبصورت لباس ۽ زيورن ڏانهن ڇڪجي وڃي، جن کي ڏسڻ لاءِ بس ڊرائيور ڪڏهن شيشو پاسيرو ڪري، ڪڏهن سڌو ڪڏهن هيٺ ڪڏهن مٿي. مطلب ته هر ڪوشش جاري رکي ته جيئن بس ۾ ويٺل ڪابه معزز مائي هن جي نظر مان گسي نه وڃي. پوءِ ڀلي انهن کي ڏسڻ واري جدوجهد ۾ هو ڪيڏي مهل وين، ڪيڏي مهل سوزوڪي، ڪيڏي مهل سامهون ايندڙ بس، ڪيڏي مهل پاسي مان نڪرندڙ ڪار کي ٽڪر کان بچائيندي ذري گهٽ ايڪسيڊنٽ کان رهيو هجي. پر تڏهن به ڌيان اهوئي انهن ڳالهين ۾ رهندس. سو انهن جي مقابلي ۾ هيءُ مايون ڪنهن کي وڻنديون. سو هنيئر به ڪنڊيڪٽر اها گندي مائي روڊ تي اڪيلي ڏٺي، هيڏي هوڏي نهاريو ته ڪو معزز مسافر ته نه اچي رهيو آهي پوءِ وڏي آواز ۾ ڊبل ڊبل ڪندي راڻي جي سامهون بس گذري ويئي. ڪافي دير تائين ٻي بس ڪانه آئي. سج به هاڻي تيز گرمي سان مٿي چڙهڻ لڳو، تڏهن راڻي جا ڪن وري وڄڻ لڳا ”ماسي سڀاڻي سوير اچجانءِ، ڪٿي ماني کي دير نه ٿي وڃي“. ايتري ۾ ٻي بس آئي، پر روڊ تي ڪوبه مسافر نه ڏسي (ماسي) راڻيءَ جو منهن لهي ويو. جي هيءَ بس نه بيٺي، ته پوءِ ڏاڍي دير ٿي ويندي ميڊم ته صفا ڪاوڙجي ويندي. راڻي کان هاڻي اهوبه وسري ويو، ته ڪو گهر ۾ هن جو پٽ بيمار آهي. هن کي صرف هڪ ڳالهه اندر ۾ هئي، ته دير ٿي ويئي ٻي بس به ان ٻار وانگر چٽڪي وڄائي (جيڪو پنهنجي سگنتيءَ کي چوندو آهي، ته ڀڄان ٿو پڄي ته ڏيکاري. پوءِ پڄڻ شروع ڪندو آهي) راڻيءَ کي چيو ته وڃان ٿو همٿ اٿئي ته چڙهي ڏيکار..... راڻي اس تي بيهي بيهي ٿڪجي پئي، نيٺ روڊ ڏانهن هڪ مرد هڪ مائي برقعي سان ۽ ٽي ٻار ايندي ڏسي ڪجهه لڱن ۾ ساهه محسوس ڪيو هو جيترو روڊ کي ويجها ٿيندا آيا، راڻي اوترو ئي پر اميد نظر اچڻ لڳي ايتري ۾ پري کان ايندڙ مسافر ڏسي بس بيهي رهي ۽ راڻي جلدي جلدي ان ۾ چڙهي ويئي. پوءِ اهي مسافر به چڙهيا بس هلڻ لڳي ته راڻيءَ کي بس مان نڪرندڙ دونهون ساهه کڻڻ واري آڪسيجن جيان لڳو ۽ راڻي ساهه ۾ ساهه محسوس ڪيو. ڇاڪاڻ ته راڻي کي ڪيترين ئي ماين گهر ۾ دير سان پهچڻ تي ڪم مان ڪڍي ڇڏيو هو. راڻي بس ۾ هيڏي هوڏي ويهڻ لاءِ نهارڻ لڳي. نيٺ هڪ سيٽ کي هڪ مائي ويٺي هئي، ان جي ڀر ۾ ويهي رهي. مائي ڪار مان ڪنڌ ڦيرائي دري ڏانهن نهارڻ شروع ڪيو. ”پوڙهي ڪرايو ڪڍ“ راڻي مٿي نهارڻ کان سواءِ ئي کيسي مان پئسا ڪڍي، ڪنڊيڪٽر کي ڏنا، جيڪي هن گٽڪو چٻاڙيندي واڇن مان رت جهڙي گف ڳاڙيندي پنهنجي قميص جي پاسي واري کيسي ۾ وجهي ڇڏيا، راڻي کي ڪجهه به ياد نه آهي، ته هوءَ ڪڏهن کان هي زندگي گهلي رهي آهي. هوءَ شايد ڪڏهن ڪنهن ٻار وانگر به کيڏي هجي. هن کي صرف اهو ياد آهي، ته هن کي هن جي پيءُ جوا ۾ هارايو هو ۽ رمون کٽيو هو. رمون جيڪو هن جي پيءُ کان به عمر ۾ وڏو هو، جوا ۾ کٽي هن سان شادي ڪئي، وري ٻارن مٿان ٻار هن کي ڄاوا، جن ۾ چار ڌيئر پهريان ۽ پٽ آخر ۾، رمون اها ئي جوا کيڏندو رهيو ڪڏهن کٽندو هو، ته گهر ۾ ڏوڪڙ پيسو ڏيندو هو نه ته راڻي ڪجهه کڻي گهرندي هيس ته مار موچڙي سان سٽ ڪٽ ڪري، ان جا هڏا ڀڃي ڇڏيندو هو. راڻي شادي کان ستت پوءِ گهرن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو پهريان ٻارن جي سنڀال سسڻس ڪندي هئي. پوءِ جڏهن اها اکين کان ويهي ويئي، ته وڏي ڌيءَ انهن جي سنڀال ڪندي هئي. پوءِ هو به جڏهن راڻي جي عمر يا ٿورو کڻي ان کان وڏيون يا اڃا هن کان ننڍيون هيون، ته رمون انهن کي پئسن تي وڪڻي شاديون ڪرائي ڇڏيون، باقي هڪ آخري ڇوڪري بچي هئي کپائڻ کان، جو رمون هڪ ڏينهن جوا کيڏڻ واري اڏي تي ئي مري ويو، راڻي کي ياد به ڪونه آهي، ته ڪو هن جي مرڻ تي ڏک ڪيو هجي. مڙئي لوڪ جي لڄ کان چار ڳوڙها متان به ڳاڙيان هجئين، پر ياد ڪونه آهي. راڻي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪتيرين ئي گهرن، بنگلن، اسڪولن ۾ ڪم ڪيو ڇاڪاڻ ته مايون هن کي گهڻو وقت نه رکنديون هيون، ان لاءِ جو هڪ ته هوءَ دير سان اچي ٻيو وري مايون چونس ته ٻهاري پوچي يا ماني سٺي نه ٿي ڪرين، ته انهن کي ورنديون ڏيڻ جي گستاخي ڪندي هئي، جنهن ۾ صرف اهو چوندي ته صحيح ته ڪيو اٿم يڪو توهان جو ئي ڪم پئي ڪريان، توهان اجايو شڪايت ٿا ڪريو ۽ جي ٻارن يا پنهنجي بيماري جي موڪل ڪندي، ته مايون گهٽ  وڌ ڳالهائيندس ته جواب ۾ وري چوندي ته ”امان مجبوري هئي توهان ڳالهايو ڇو ٿيون، ان ڏينهن جي پگهار کڻي نه ڏجو،“ ان تي گهرن جون مايون نه صرف هن کي ڪڍي ڇڏينديون هيون، پر آس پاس ۽ سڃاڻپ ۾ به خبردار ڪري ڇڏينديون هيون، ته ”متان ان رن کي رکيو اٿو، منهن سامهون ٿي ٿئي، اهڙيون ورنديون ڏيندي جو بس ڀلي. ”پر وري به روزي رسائڻ وارو خدا آهي، سو هن کي ٻيا گهر جلد ملي ويندا هئا. ٻيو وري هن کي نه چوري جي عادت ۽ نه وري ڪنهن کان ڪجهه گهرڻ جي. ائين هن کي هن ميڊم سڄي گهر جي صفائي ۽ منجهند جي ماني ۽ ڀاڄي تي رکيو ۽ ان ڏينهن کان راڻيءَ غلاميءَ جي زندگي جي شروعات ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن کي آخري ڌي جي شادي (جيڪا وڪرو ٿيڻ کان رهجي ويئي هئي، هن پنهنجي ڀيڻ جي پٽ کي ڏني هئي) لاءِ ڪجهه پئسن جي سخت ضرورت هئي، جنهن جي لاءِ هي ميڊم کي روز چوندي هئي، ته ”ميڊم مون کي ڪجهه پئسا اڌارا ڏيو، پوءِ مان جيستائين قرض پورو نه ٿئي، توهان جو ڪم ڪندي رهنديس ڪنهن ٻئي گهر جو ڪم نه کڻنديس.“ هن اها ڳالهه ڪيترن  ئي مهينن تائين ميڊم کي چئي، پر ان جو رکائيءَ وارو جواب ته ”مائي، اسان جا مرد پئسو گهر ۾ رکن ئي ڪونه جيڪو کپندو آهي سو وٺي ڏيندا آهن، مان ڪٿان توکي پئسا ڏينديس. نيٺ هڪ موڪل واري ڏينهن هن صاحب کان پئسا گهريا، جيڪو بئنڪ ۾ سيڪنڊ مئنيجر هو، ان راڻي کي ڌيءَ جي شادي لاءِ قرض ڏنو. جنهن جي وصولي ان جي بيگم، غلامي جي صورت ۾ راڻيءَ کان ڪرائي رهي هئي. پئسن ڏيڻ کان پوءِ ميڊم سمجهيو ته هي هاڻي هڪ روبوٽ آهي، جنهن کي منهنجي مرضي تي هلڻو، ويهڻو ۽ بيهڻو آهي. راڻي ڌيءَ جي ته شادي ڪرائي ڇڏي، پر هاڻي گهر ڪيئن هلي؟ ميڊم ته صرف هن کي ڪرايو ڏيندي هئي، باقي پگهار قرض ۾ لاهيندي هئي. سابه راڻي موڪل ڪري، ته ان ڏينهن جا پئسا ڪٽجي ويندا هئا. راڻيءَ جي گهر ۾ هاڻي صرف ٻه پٽ هئا، جن مان هڪ جي عمر ٻارهن (12) سال ۽ ٻئي جي جيڪو بيمار هو (9) سال هئي. لاچاري ۽ تنگيءَ کان بيزار ٿي، راڻي وڏي پٽ کي هڪ بنگلي تي مهيني جي پگهار تي بيهاريو. راڻيءَ جي زندگي بلڪل جانورن جي زندگيءَ وانگيان هئي، جنهن ۾ ڪو به احساس نه هو؟ نه ڪم جو، نه ٿڪاوٽ جو، نه خوشيءَ جو، نه غم جو، نه بيماريءَ جو....... سواءِ هڪ احساس جي هن کي پٽن سان ڏاڍي محبت هوندي هئي، سو راڻي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ان رات ڏاڍو رنو، جنهن رات هن بنگلي تي پٽ ڪم ڪرڻ لاءِ بيهاريو هو. راڻي ڪيترائي ڏينهن ڪم دوران روئندي هئي. رات جو جڏهن ڀڳل کٽ جيڪا ان جي وڏي پٽ جي هئي، خالي ڏسندي هئي، تڏهن ڳوڙها هن جي اکين مان الائي ڪيتري دير تائين پيا وهندا هئا. پوري رات (ڇاڪاڻ ته ڏينهن جو ته ميڊم جي ڪم مان ايتري به واندڪائي ڪانه ملندي هيس، جو پنهنجي باري ۾ سوچي سگهي) انهن خيالن ۾ پاسو ورائيندي گذرندي هئس، پنهون کان الائي ڪهڙا ڪم ڪرائيندا هوندا؟ الائي ماريندا هوندس الاءِ ڇا؟ رات جو الائي مڇر پٽي ويندا هوندس، الاءِ هيٺ سمهندو هوندو، الاءِ مٿي. مطلب ته مختلف قسمن جا انديشا، راڻي پوري رات سمهي به نه سگهندي هئي. ٻيو وري هوءَ ته رڌو پڪو، صفائي ڇوڪريون ڪنديون هيون. هاڻي ته راڻي کي سڀ ڪجهه موٽي اچي پاڻ ئي ڪرڻو پوندو هو، ڇاڪاڻ ته گهر ۾ ننڍي ڇوڪري جي عمر ايتري ڪانه هئي جو ڪوبه ڪم ڪري سگهي هو. بس راڻي جي وڃڻ کان پوءِ گهٽي ۾ پاڻ جهڙن ٻارن سان راند ڪندو هو جي بک لڳندي هيس، ته ڀيڻ جنهن جو گهر اڳين گهٽي ۾ ئي هو اتان کائي ايندو هو. هاڻي پنهون کي به پگهار ملي ته گهر جو مڙئي خرچ هلڻ لڳو، پر ان هوندي به راڻي ننڍي پٽ کي اسڪول ۾ پڙهائي نه سگهي. پر دل ۾ اهو ضرور خيال هئس، ته ميڊم جو قرض لاهيان، ته پوءِ پنهون کي به گهر گهرائيندس ۽ هن کي به اسڪول ۾ پڙهائيندس. ايتري ۾ راڻي جنهن اسٽاف تي لهندي هئي، اهو به اچي ويو. راڻي هڪدم لهي تيز تيز هلڻ لڳي چار گهٽيون گذريون ته ميڊم جو بنگلو نظر آيس. راڻي در تي پهتي گهنٽي وڄائي، ته پري کان آواز ٻڌڻ ۾ آيس ته ”مار پويس هيئنر آئي آهي، جڏهن سج آسمان جي وچ تي اچي بيٺو آهي، دل ٿي چوي ته ڪڍي ڇڏيانس، پر مون کي ٻارن تي رحم ٿو اچيس (جڏهن ته ميڊم کي رڳو قرض پوري ٿيڻ جو فڪر هو) ميڊم جو آواز ٻڌڻ  به هن جي ڪم جي دائري ۾ شامل هو. اندر اندر اچي چمپل گيلري ۾ لاهي رئو ڏاڪڻ جي پاون تي رکي، ٻهارو کڻي پهريان صفائي ڪئي، پوءِ پوچي ڪئي ۽ پوءِ صفائي وارو ڪپڙو کڻي، سڀني سامانن کي اگهيو. ان کان پوءِ ٿانون ملڻ لاءِ باورچي خاني ۾ وئي جتي هن کي ٿانون مليندي ڪلاڪ ڏيڍ گذري ويو. باورچي خاني مان واندي ٿي ميڊم ڏي ڊرائنگ روم ڏي آئي، جتي صوفي تي ميڊم ڏاڍو دلچسپيءَ سان ٽي وي ڏسي رهي هئي. راڻي ٿورو پرڀرو ٿي بيٺي ۽ چيايئن ميڊم ماني ۾ ڇا ڇا ڪرڻو آهي؟ فرج ۾ مڇي پئي اٿئي اها تربي ۽ جيڪو گوشت آهي ان مان اڌ جو قورمو ٺاهبو، اڌ جي ڪڙهائي ٺاهبي، اڇا چانور ٻيا ٿيندا. هاڻي جلدي وڃ هٿ هلاءِ ڇو جو مهمان اچڻ وارا هوندا. ميڊم اُهي سڀ ڪم ايڏي آرام سان چيا، ڄڻ ته راڻي نه پر علاؤالدين جو ڏيو هن جي سامهون هيو، جنهن کي هو حڪم ڏئي رهي هئي. راڻي ڪنڌ هيٺ ڪري باورچي خاني ۾ هلي وئي ۽ فرج مان سامان ڪڍي، صاف ڪرڻ لڳي. جڏهن هن ڪم مان واندي ٿي، ته مڇي ترڻ لاءِ چلهي تي رکيل ترڻي ۾ وڌي ۽ ٻئي پاسي چانور چونڊڻ شروع ڪيا، پوءِ راڻيءَ چانور چاڙهيا ۽ ماني لاءِ اٽو ڳوهي رکيو. جڏهن مڇي تري بس ڪيائين، اها ڪڍي ڊش ۾ رکي پوءِ قورمي جي ڀاڄي چاڙهيائين. جڏهن اهو ڳرڻ شروع ٿيو، ته ٻئي چولهي تان چانور لاهي ڪڙهائي ڪرڻ شروع ڪئي. جنهن کي ڪندي ڪلاڪ ڏيڍ گذري ويو. ايتري ۾ ميڊم رڌڻي ۾ آئي پهريان ڊش تان ڍڪ کڻي مڇي ڏٺائين پوءِ ڀاڄيون چيڪ ڪيائين. ”راڻي مهمان اچن ته پهريان بوتلون کڻي اچجانءِ ۽ گلاس وغيره به سيٽ ڪري ڇڏ. ”راڻي ڪجهه به ڪانه ڪڇي، ڇو جو هن کي ڪابه نئين ڳالهه ڪانه لڳي، ڪافي مهينن کان هوءَ اهڙيون دعوتون پچائڻ ۽ کارائڻ تي هري وئي هئي. ايتري ۾ دروازي جي گهنٽي وڳي. چار، پنج مايون ٻارن سميت ڪمري ۾ اندر ويون. ٿوري دير کان پوءِ آواز گونجيو ”راڻي، راڻي Cold Drink کڻي آءُ“ راڻي بوتلون فرج مان ڪڍي ڊش تي رکي پاسي ۾ ماڻهن جيترا گلاس کڻي ڊش تي رکيا ۽ ڊش کڻي ڊرائينگ روم ڏانهن وئي (جتي مهمان ويٺل هئا) ميڊم تڪليف ڪري گلاسن ۾ ”Cold Drink“ ڀرڻ لڳي ۽ ناز سان اٿي هڪ هڪ گلاس آيل مهمانن ڏانهن وڌايو. جڏهن سڀني بوتلون پي خالي گلاس ڊش تي رکيا، تڏهن راڻي ڊش کڻي رڌڻي ڏانهن وئي ۽ انهن گلاسن کي ڌوئي وري ڊش تي رکيا ۽ ماني پچائڻ شروع ڪئي. اندران ٽهڪن جو آواز ڪڏهن ڏاڍيان ڪڏهن هوريان!! پنهنجا ڪن انهن آوازن ڏانهن هن لاءِ نه لڳايا هئا، ته ميڊمون ڪهريون ڳالهيون ڪري رهيون آهن يا ڇا تي کلي رهيون آهن، پر هن جو ڌيان صرف ان لاءِ هوڏانهن هو ته ڪيڏي مهل ميڊم سڏ ڪندي ۽ متان گوڙ ۾ ٻڌڻ ۾ نه اچي. ماني پچائڻ کان پوءِ کاڌي کائڻ جا سڀ ٿانون راڻي، ڪڍي Dinning Table تي رکيا ۽ هاڻي واندي ٿي ۽ ڀت کي ٺيڪ لڳائي انتظار ڪرڻ لڳي، ته هاڻي الائي ڪيڏي مهل هي ميڊمون ماني کائينديون. راڻي کي پنهنجي سڄي بدن ۾ ڏاڍو سور محسوس ٿيڻ لڳو. صبح کان بنا وقفي مسلسل ڪم ڪرڻ ڪري، هن جي جسم جو هر هڪ حصو انهيءَ سور ڪري جهُري رهيو هو. پر ڪير آهي جنهن کي اهو احساس ٿئي، ته هڪ ڪم واري راڻي به انسان آهي، نڪي ڪمپيوٽر، روبوٽ يا علاؤالدين جو جن!؟ راڻيءَ کي بک به ڏاڍي لڳي هئي، صبح کان هن کاڌي جون ڪيتريون نه شيون ٺاهيون هيون، پر انهن ۾ هن جي نالي جو ڪوبه داڻو نه هو. ميڊم کي چار ٻار هئا، چارئي ٻار اسڪول ويندا هئا، ۽ صاحب صبح جو آفيس لاءِ نڪرندو هو ۽ شام جو دير سان گهر موٽندو هو. ٻار جيئن ئي اسڪول مان موٽي ايندا هئا، تيئن ماني کائي سمهي پوندا هئا ۽ شام جو ٽيوشن پڙهڻ هليا ويندا هئا، جيئن ته ميدم سڄو ڏينهن گهر ۾ اڪيلي هوندي هئي، ان ڪري اڪثر مائٽن مٽن، سهيلين ۽ ڪڏهن پاڙي وارين کي گهرائيندي هئي، ته جيئن انهن کي پنهنجي شان ۽ شوڪت ڏيکاري، ميڊم جي اها پڻ ڪوشش هوندي هئي، ته سڀني کي اهو پڻ احساس ڏياري، ته اسان گهريلو عورتون بنسبت نوڪري وارين عورتن جي وڌيڪ سلجهيل، سگهڙ، سياڻيون سيبتيون آهيون. شايد ان احساس ڪمتريءَ ۾ ئي هوءَ نوڪرن تي ايڏي سختي ڪندي هئي. راڻي کي شايد ٿوري دير لاءِ ننڊ جو جهوٽو اچي ويو، پر ميڊم جي تيز آواز تي ”راڻي ماني لڳاءِ“ هيءَ اُٿي ويٺي هن کاڌي جا سڀ سامان اندر ”Dinning Table“ تي رکيا. سڀ سامان رکڻ کان پوءِ مهمانن جي ڪمري ڏانهن وئي، ”ميڊم ماني تيار آهي.“ ”ها! ٺيڪ آ.“ هن بيرخيءَ مان جواب ڏيندي چيو ۽ پوءِ کلندي مهمانن ڏانهن نهاريندي چيو ”Dear، ماني ريڊي آهي، اچو ته کائجي.“ هوءَ ناز سان ويٺل مهمانن پنهنجا ٻار سنڀالينديون Dinning Table ڏانهن ويون ۽ کاڌو کائڻ شروع ڪيائون. ”ڏاڍو سٺو، مڇي ته ڪيڏي سٺي آ، I Love Fish مان ته ديواني هوندي آهيان تريل مڇي جي ۽ وري تريل به ته واهه جي آهي.“ ايتري ۾ وري ٻيو آواز ٻڌڻ آيو، ”واهه! قورمو به ڏاڍو سٺو ٺهيل آهي.“ ”نيلو (ميڊم)، واهه جي ماني ٿي ڪري تنهنجي راڻي، ڪڏهن ڪڍڻ جو ارادو ڪري ته مون کي ضرور ٻڌائجانءِ مان رکي ڇڏينديسانس.“ هو کائينديون به رهيون ۽ ڳالهائينديون به رهيون ۽ کائڻ دوران ٽشو سان ڪڏهن هٿ، ڪڏهن نڪ صاف به ڪنديون رهيون، پر ڪنهن کي به اهو احساس نه جاڳيو، ته هنن سڀني شين کي رڌڻ پچائڻ واري جي ڪيڏي نه دل چوندي هوندي، ته ڪجهه کائي. ”تون ڇو وات پٽي بيهي رهي آهين، ڪم پيا ته سڏ ڪندي مانءِ، هاڻي هل هتان.“ راڻي ڪنڌ هيٺ ڪري رڌڻي ڏانهن وئي ۽ مهمان وري کاڌي کائڻ ۾ مصروف رهيا. ايتري ۾ ميڊم جا ٻار به اسڪول مان اچي ويا ۽ ڊڪندا ڊڪندا ماءُ ڏانهن آيا، پر ميڊم سان گڏ مهمان ڏسي Bed Room ڏانهن هليا ويا ۽ بيگ اڇلائي بيڊن تي سمهي پيا، هو به هن زندگي جا عادي ٿي ويا هئا. راڻي ٻارن کي ڏسي بنا چئي ئي انهن جي ماني لاهي ٿانون ۾ وجهي، انهن جي ڪمري ڏانهن کڻي وئي، ٻارن نه هٿ ڌوتا، نه بوٽ لاٿا اتي ويٺي ماني کائڻ لڳا. راڻي مهمانن ڏانهن آئي، ”ميڊم ڪجهه کپي“، ”نه“ راڻي جيڪا صبح کان ڪم ڪري ڪري ٿڪجي پئي هئي، سا آهستي آهستي ٽنگون گهليندي رڌڻي ڏانهن وئي. ۽ سوچڻ لڳي ته صاحب ڪيڏو نه نرم دل آهي ۽ ان جون ڳالهيون به ڪيڏيون نه سٺيون هونديون آهن، راڻي اڪثر ان کي موڪل وارن ڏينهن ۾ پنهنجي ٻارن سان اهي ڳالهيون ڪندي ٻڌو هو. جيئن هڪ ڏينهن صاحب جي وڏي ڌيءَ صاحب کان پڇيو هو، ”Daddy، مان ته ڪتابن ۾ پڙهيو آهي، ته راڻيون ڏاڍيون سهڻيون هونديون آهن ۽ انهن کي ڪپڙا به ڏاڍا سهڻا هوندا آهن. پوءِ اسان واري راڻي ايڏي ڪني ڇو آ، ۽ ڪپڙا به پراڻا اٿس، ڇو بابا، ائين ڇو آ؟ ٻڌاءِ نه ٻڌاءِ نه!“ راڻي ان وقت هال کي پوچو ڪري رهي هئي. ان ڪري صاحب ڌيءُ جي ڳالهه جو ڪو به جواب ڪونه پئي ڏنو، پر جڏهن راڻيءَ ڪنڊ ۾ وئي، ته صاحب ٿڌو ساهه ڀريو ۽ ڌيءَ ڏانهن نهاريندي چيائين ته ”پٽ ڇا ٻڌايائين هيءَ غريبن جي راڻي آهي، پيسي واري راڻي نه آهي.“ پيءُ ڌيءُ جي مٿي تي پيار مان هٿ رکندي چيو ”غريبن جي راڻي! اها وري ڪٿي رهندي آهي،“ اسان ته ڪڏهن ڪونه پڙهيو آهي، ته غريبن جي راڻي به ٿيندي آ.“ ڌيءُ عجب مان ڪنڌ مٿي ڪري پيءُ جي اکين ۾ نهاريندي چيو. پيءُ ڌيءُ کي ٻانهن مان ڇڪي پنهنجي پاسي ۾ سمهاريو، پر ڌيءُ پنهنجي سوال جو وري جواب پڇڻ لڳي. ”بابا ٻڌايو نه“ ”ڇا ٻڌايان پٽ، غريبن جي راڻي، غريبن جي شهر ۾ رهندي آهي، جتي جا گهر، ٻار، سامان، گهٽيون، کاڌا پيتا، بيماريون هوٽلون سڀ غريب هوندا آهن.“ ننڍڙي ڌيءُ کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ”بابا ڪهڙيون ڳالهيون پيا ڪريو، ڳريبن جا اهي گهر، هوٽلون، دڪان ڪجهه ٻيا نالا به ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؟ اهي به سڀ اسان جي راڻي جهڙا ڪنا هوندا آهن يا صرف انهن جي راڻي ڪني هوندي آهي.“ پيءُ ٿورو تنگ ٿيو، پر هن کي الائي ڇو اهي سڀ ڳالهيون ڄڻ ته پنهنجي زندگيءَ جون يادگيريون ڏياري رهيون هيون. هن ارمان مان ڌيءَ ڏي نهاريو ۽ وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”نه پٽ، بدصورتي ته غريبي جو ٻيو نالو آهي، ته پوءِ ان شهر جا ماڻهو، گهر، سامان، گهٽيون هوٽلون وري ڪيئن سهڻيون ٿي سگهنديون.“ انهن شهرن ۾ ته رڳو بدصورتي، بيماريون ۽ لاچاريون رهنديون آهن.“ پيءُ ڌيءُ کي سمجهائيندي چيو. ايتري ۾ ٽي وي هلڻ جو آواز آيو ۽ ڌيءُ ٽپو ڏئي بيڊ تان ان ڪمري ڏانهن وئي ۽ پيءُ پنهنجي سوچن ۾ ان غريب شهر ڏانهن ويو، جتي هن جو پيءُ هاري هوندي به هن کي پڙهايو ۽ جڏهن قابل ٿيو ته اميرن جي نظر ۾ اچي ويو، جن هن کي کڻي اميراڻي ويس ۾ قيد ڪري ڇڏيو. سندس شادي نيلو سان ٿي وئي، جيڪا هن گهر جي ڪنهن به ڀاتيءَ کي پنهنجي گهر جي آس پاس واري گهٽيءَ ۾ به ڏسڻ پسند ڪانه ڪندي هئي. هو ڪڏهن ڪڏهن هن کان چوري هنن ڏي پئسا موڪليندو هو. شايد ان ڪري ئي هن کي غريب راڻيءَ سان همدردي هئي ۽ هن ان کي ڌيءُ جي شاديءَ لاءِ پئسا اوڌر تي ڏنا هئا. ”راڻي، راڻي“ ميڊم جون رڙيون ٻڌي، راڻي سوچن جي ان درياءَ مان نڪري آئي ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي ڊرائنگ روم ڏانهن آئي. ”ٿانو کڻ“ نيلو (ميڊم) چڙ مان چيو. راڻيءَ هڪ هڪ ڪري ٿانو کنيا ۽ رڌڻي کان ڊرائنگ روم، ڊرائنگ روم کان رڌڻي تائين ڪيترائي پنڌ ڪيا. ۽ جڏهن سڀ ٿانو رڌڻي ۾ رکيا، ته پوءِ انهن ٿانون مان بچيل ڀاڄيون ڪڍي خالي ٿانون ۾ وجهي ۽ ٻارن جي ڪمري ڏانهن ٿانون لاءِ وئي. ٻار بيڊ تي ننڊ پيا هئا، راڻي ٿانو کڻي راڊ وسائي رڌڻي ڏانهن آئي ۽ بچيل مانيءَ جا ٻه ٽي ٽڪر کڻي ٻارن جي بچيل ڀاڄي مان کائڻ لڳي. اڃا ٻه ٽي گرهه مس پيٽ ۾ ويس ته هڪدم بيمار پٽ جو منهن هن جي آڏو اچي ويو ۽ اهو ٽڪر هن جي هٿ ۾ ئي رهيو. پوءِ هن ڀاڄي ۽ چانور ٿيلهي ۾ وڌا ۽ ان کي فرج جي مٿان رکي ٿانو ڌوئڻ شروع ڪيا؟ جن جي ڌوئندي ڌوئندي هن کي ڪلاڪ کن لڳي ويو. هاڻي راڻي جي اندر ۾ آنڌ مانڌ لڳي، ”الائي گهر ڇا ٿيو هوندو؟ بخار به الائي ڪيتور هوندس؟“ ۽ ٻيا ڪيترائي خيال هن کي ٿانون ڌوئڻ دوران ايندا رهيا. هاڻي ته سج به اچي لهڻ جي ڪئي آهي، جڏهن سڄو ڪم لاهي راڻيءَ بس ڪيو، تڏهن ميڊم ڏانهن وئي ”ڇا آهي، وڃ نه.“ ميڊم هن کي ڪنڊ ۾ بيٺي ڏسندي چيو هن هيڏي هوڏي نهاري چيو ”ميڊم، ننڍڙو ڏاڍو بيمار آهي، ڪجهه پئسا ڏيو ته دوائون وٺي ڏيانس.“ ميڊم ڪاوڙ ڪندي چيو ”هينئر مون وٽ کليا پئسا ڪونه آهن ۽ هونئن به تنهنجو پٽ ڪڏهن چاڪ به هوندو آ، يا رڳو بيمار هوندو آ؟ هاڻي ٽر هتان. هونءَ پهريان کنيل پئسا لاهي ٿڪجي پئي آ، هاڻي وري ٻيا پئسا کپنس.“ نيلو مهمانن جي سامهون راڻي جي قرض وٺڻ ۽ پنهنجي سخاوت ۽ رحمدلي جو قصو پوريءَ ايمانداريءَ سان مهمانن کي ٻڌايو، جيڪو هن کي طوطي وانگر رٽيل هو، جيڪو هوءَ هر آئي وئي کي وڏي فخر سان ٻڌائيندي هئي. راڻي ڀريل اکين سان دروازي ڏانهن وڃڻ لڳي، ته اتي ويٺل مهمانن مان هڪڙي ميڊم هن کي سڏ ڪري 50 جو نوٽ ڏيندي چيو ته ”هان وٺ، خرچي ڪجانءِ ۽ دعا ڪجانءِ.“ نوٽ اڃا ان جي هٿ ۾ ئي هو ته نيلو چڙ مان چيو ”هنن کي ته شل ماڻهو نظر اچي، پوءِ ته وتنديون بهانا ٺاهينديون، اڄ فلاڻو بيمار آ، اڄ فلاڻو بيمار آ، فلاڻي کي قرض ڏيڻو آ، اڄ ته فلاڻو مري ويو آ،“ مري وڃڻ جو لفظ ٻڌي راڻيءَ جي اکين اڳيان اوندهه اچي ويئي، جنهن ۾ هن مائيءَ جو نه هٿ ڏٺو نه نوٽ ڏٺو، هوءَ جلدي جلدي ڪمري مان نڪري فرج تان سامان کڻندي رئو پائي سڏڪا ڀريندي دروازي ڏانهن وئي. شايد ٽپهري جي ٻانگ جو آواز هو راڻي جلدي جلدي بس اسٽاپ تي پهتي، اتي ڪجهه مسافر ڏسي ڪجهه آٿت ٿيس. ٿوري دير کان پوءِ بس آئي راڻي بس ۾ چڙهي بيهي رهي، ڇاڪاڻ ته ويهڻ جي جاءِ ڪانه هئي ۽ جتي جاءِ هئي به اتي مايون خلاصيون ٿي يا ٻار ويهاري ويهي رهيون، ته متان هوءَ پاسي ۾ ويهي ۽ سندن جا ڪپڙا خراب ٿين. هو الائي ڪيتري دير کان پوءِ راڻيءَ جي گهر جو روڊ اچي ويو، راڻي تڪڙي تڪڙي لهي گهر ڏانهن هلڻ لڳي. واٽ تي هن کي رستي جي ڪابه شيءِ نظر ڪانه ٿي آئي، ڄڻ ته سڄو روڊ خالي هجي، نيٺ هن جي گهر جو دروازو اچي ويو، ڪاٺ جو در کوليندي هن جي دل تيزي سان ڏڪي رهي هئي. هن در کي ڌڪو ڏنو ۽ اڃا اندر قدم ئي مس رکيو ته آواز ٻڌو ”امان، امان تون اچي وئي آهين، منهنجي ماني ڪٿي آهي؟ مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي.“ پٽ جو آواز ٻڌي راڻيءَ جو اندر جو خوف گهٽ ٿيو ۽ هن تڪڙو وڃي پٽ جي مٿي تي هٿ رکي ڏٺو، ته بخار اٿس يا نه، پر مٿو ٿورو ٿڌو هو ان ڪري ساهه پيس، پٽ کي پيار مان ڳراٺڙي پائي چيو ”کوڙ ماني منهنجي ٻچي لاءِ.“ پوءِ اندران جاري مان وٽو ۽ ٿالهي کڻي آئي. چانور ڪڍي ٿالهيءَ ۾ وڌائين ۽ ٻوڙ جيڪو کاڌل ٿانون مان ذرو ذرو ڪڍي گڏ ڪري کڻي آئي هئي، ان کي چانور تي وجهي پٽ جي کٽ تي رکي، پاڻي پيئڻ لاءِ ٻاهر وئي، جيڪو ٿورو اڳتي نم جي وڻ هيٺان گهڙا منجي تي رکيل مٽ ۾ هو. هن ٻه وٽا پاڻيءَ جا ڀري پاڻ پيتا ۽ پوءِ وٽو ڀري پٽ ڏانهن کڻي وئي هو وٽو کٽ تي رکي پٽ کي ڏسڻ لڳي جيڪو ڀاڄي سان ملايل چانور ائين وڏا وڏا گرهه کڻي کائي رهيو هو، ڄڻ ڪير اجهو ٿو اهو کاڌو کسيس. ماڻهن جي ٿانون مان بچيل کاڌي کي پٽ کي ايڏو خوشي سان کائنيدي ڏسي، راڻي جي دل ۾ تيز سور جي سٽ اڀري ۽ هوءَ روئندي در کان ٻاهر وئي، اڃا مٽن تائين ته ڪانه پهتي هئي، ته عجيب قسمن جي رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ آيس. پوءِ تڪڙي ڪمري ڏانهن ڀڳي اندر ڏسي ته پٽ جون اکيون نڪتيون پيون آهن ۽ پاڻي جو وٽو پٽ تي ڪريو پيو آهي. ”ڇا ٿيو، پٽ، پٽ........ ڇا ٿيو؟ راڻيءَ رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون، پر هن کي ڪوبه جواب ڪونه مليو پٽ جي نڙيءَ ۾ چانور جا تڪڙا تڪڙا کيل گرهه ڀت ٺاهي بيهي رهيا هئا. راڻي ڊڪندي پاڻي کڻي آئي ۽ ڪيڏي مهل پٺيءَ کي، ڪيڏي مهل سيني کي مهٽيندي رڙيون ڪندي رهي، پر ڇوڪري جو سڄو بدن سيٽجي ويو اکيون نڪري آيون، نه پاڻي اندر پئي ويو نه وري گرهه هيٺ پئي لٿا. راڻي ڇوڪرو کڻي ڪلهي تي رکيو ۽ رڙيون ڪندي روڊ ڏانهن ڊوڙندي وئي. واٽ تي جن به ڏٺو سي به هن جي پويان پويان ٿي ويا. ”راڻي ڇا ٿيو آ! ڇوڪري کي  ڇا ٿيو آ! ڪيڏانهن پئي کڻي وڃين“ پر راڻي کي ڪجهه به ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو. هو تڪڙي تڪڙي مٿي ۽ پيرن اگهاڙي روڊ ڏانهن ڀڄي رهي هئي. اڃا مس پهچڻ واري هئي ته هن کي ڪلهي تي بار محسوس ٿيڻ لڳو. هن هڪدم پٽ کي هنج ۾ ڪري ڏٺو، ته هن جون اکيون  ٻاهر نظر آيون جنهن ۾ نه ساهه هو، نه چرپر. راڻي بد حواس ٿي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ پٽ کي سڏڻ لڳي ”ابا پٽ ڇا ٿيو؟ ڏس نه روڊ اچي ويو آهي، اسپتال ٿا وڃون، ڪجهه ڪونه ٿيندو، ابا ڪجهه ڪونه ٿيندو.“ هن پٽ جي جسم کي وحشت مان لوڏڻ شروع ڪيو. ايستائين ماڻهو راڻيءَ جي پاسي ۾ جمع ٿي ويا هئا، هنن راڻيءَ کي ٻانهن مان جهلي ماٺ ڪرائي ۽ ٻار کي مرد کڻي ساڳئي گهر ۾ آيا. راڻي پوري رات پٽ جي پيرانديءَ کان ڌيءَ سان گڏ روئندي رهي، جيستائين صبح ٿي ويو. راڻي جي نياڻي ڪفن جو بندوبست ڪيو ۽ جيڏي مهل لاش کڻي دفنائڻ لاءِ وڃي رهيا هئا، اوڏي مهل اوڙي پاڙي واريون مايون روئڻ لڳيون ۽ پار ڪڍڻ لڳيون، ته اوڏي مهل راڻي چپ چاپ ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويٺي هئي. ڄڻ ته اندر ۾ مطمئن ٿي وئي، ته هاڻي هو الله جي گهر ۾ محفوظ آهي، جتي نه هو سٺي کاڌي لاءِ سڪندو، نه اسڪول وڃڻ لاءِ دعائون ڪندو، نه ڪو بيمار ٿيندو، نه وري مون کي هاڻي ان لاءِ بچيل ماني ۽ ٻوڙ کڻڻا پوندا، نه هيءَ لاچار ۽ مجبور ڪم تي ويندي........ ڪم تي......... پر ڪم تي ته وري وڃڻو پوندو، ڇو ته اڃا قرض پورو ڪونه ٿيو آهي ۽ قرض کائڻ هن جي ضمير جو موت هو، جيڪو هن کي هرگز قبول ڪونه هو. ٻه ٽي ڏينهن گذرڻ کان پوءِ راڻي وري ساڳئي روڊ تي بس جو انتظار ڪندي نظر آئي........

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com