سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :6

انٽرويو ڪندڙ: گلبدن جاويد

سنڌ جي منفرد ۽ نامياري شاعره ۽ ليکڪا ارم محبوب کان انٽرويو

گلبدن: ارم، اڄڪلهه ڇا پئي ڪرين؟

ارم:گهڻو ڪجهه! پر سڀ کان وَڌ بس اهوئي فڪر پئي ڪريان ته هي 24 ڪلاڪن ۾ وچڙيل ننڍڙو ڏينهن رٻڙ بينڊ وانگر ڇڪي 48 ڪلاڪن جو ڇو نٿو ڪري سگهجي. هڪ ته مون تي اڳ ئي قدرتي طور تي افراتفري سوار هوندي آهي، مٿان وري مصروفيتن ۽ ذميدارين جي وچ ۾ سچ پڇو ته منهنجي حالت سينڊوچ جهڙي ٿي پئي آهي.

گلبدن: ڀلا اسان سان انهن مصروفيتن کي شيئر نه ڪندينءَ؟

ارم: ضرور.... بظاهر ته اِهي سڀ مصروفيتون روٽين لائيف جو حصو ئي آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته ڪجهه گهڙيون پنهنجي شوق جي پورائي لاءِ به رکجن. جيڪي الائي ڪيئن لڳي ٿو ته چورائجي ويون آهن، يا شايد مون ئي پنهنجي لاپرواهي سان پاڻ ۾ وڃائي ڇڏيون آهن!

گلبدن: تنهنجي شاعري جي مجموعي ”منهنجي ڌرتي“ کان پوءِ تنهنجو ڪو ٻيو ڪتاب اڃا تائين ڇو نه آيو آهي؟

ارم: ان جو سبب شايد اِهو آهي ته منهنجي لکڻ جو ٽريڪ تبديل ٿي ويو، 95 کان پوءِ مون مسلسل ڪالمن لکڻ تي توجهه ڏنو ۽ اِهو به لاشعوري طور تي ٿيو، بلڪل ائين جيئن ٻاراڻو ادب لکندي ڪهاڻي بدران شاعري جي چونڊ ڪري ويٺس ۽ چڱي ساري شاعري ڪري ”صاحبِ ديوان“ به ٿي ويس. پر جلدئي سياسي حوالي سان اهريون حالتون پيدا ٿيون جِن کي دل قبول نه پئي ڪيو، ذهن احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو ۽ تڏهِن اظهار جو ذريعو نثر وڌيڪ بهتر لڳو. اهڙين ئي حالتن ۾ ”هلال پاڪستان“ اخبار ۾ هڪ ڪالم ”اسان کي جيئڻ جو حق گهرجي“ ڇپيو ته ڀرپور موٽ ملي ۽ جلد ئي آغا سليم ”جاڳو“ اخبار لاءِ ڪالمن لکڻ لاءِ همٿايو، جنهن ۾ ويڪلي ڪالم لکڻ سان گڏ ”سچ اخبار“ لاءِ به لکيم. بهرحال شاعري مسلسل ڪريان  پئي پر ڇپڻ لاءِ گهٽ ڏني اٿم.

گلبدن: نه ڇپرائڻ جو سبب؟

ارم: سبب ڪو خاص ته ناهي، پر ائين ضرور چوندس ته سنڌيءَ ۾ ميگزين ته کوڙ نڪرن پيا، پر منجهن جهڙيءَ ريت شاعري کي ٺونسيو وڃي ٿو، سا شيءِ مزو نٿي ڏئي. بهرحال ڪڏهن ڪڏهن توهان جي نظرن مان شاعري گذرندي به هوندي. ائين به ناهي جو ماڳهين نٿي ڇپايان.

گلبدن: توکان تنهنجي باري ۾ پڇيو وڃي ته پاڻ کي ڪيئن Define ڪندينءَ؟

ارم: مان تمام سمپل، تمام گهريلو قسم جي Person آهيان ۽ by nature ڪافي سارين خامين ۽ خوبين جو مجموعو به چئي سگهو ٿا. فري موڊي، وِٽي، شارپ، همدرد، ۽ sincere انهن سڀني شين جا رنگ مون ۾ شامل آهن. گهروارا اڪثر مون کان ان ڳالهه تي ناراض ٿيندا آهن ته مان هميشه پاڻ کي ملندڙ سٺا موقعا ۽ سٺيون صلاحيتون ضايع ڪندي آهيان ۽ شايد اهو سچ به آهي.

گلبدن: توکي ڪهڙن ماڻهن سان ملي خوشي ٿيندي آهي؟

ارم:آئون گهٽ ماڻهن سان ملندي آهيان، توڙي جو ڪم ڪار دوران هجوم ۾ گِهيريل هوندي آهيان، ته به اڪيلو رهڻ وڌيڪ سٺو لڳندو آهي، پر جِن ماڻهن سان ملي خوشي محسوس ٿيندي آهي انهن ۾ شگفتگيءَ ۽ شائستگيءَ جا ٻيئي رنگ گڏ هجن ته سٺو لڳندو آهي ۽ هر هر ملڻ تي دل به چوندي آهي.

گلبدن: چڱو ڀلا هاڻ اهو ٻڌاءِ ته ڪهڙا ماڻهو نه وڻندا اٿئي؟

ارم: Over Confident ٽڙرا ۽ ڇيگڙا!

گلبدن: ڪي ٽي اين تي ڪم ڪرڻ وارو تجربو ڪيئن رهيو؟

ارم: ڪي ٽي اين تي ڪم ڪرڻ وارو تجربو تمام سٺو ۽ تمام يادگار رهيو ۽ سموري ٽيم سان گڏ ڪم ڪندي مون گهڻو ڪجهه سِکيو پڻ. مون کي اِن ڳالهه جي به تمام گهڻي خوشي ٿي ته جڏهن سترام مهيشوري مون کي اِهو ٻُڌايو ته سندس پروگرام جي ڪمپيئرنگ لاءِ هُن سوين ڇوڪريون ڳولهيون پر مزو نه آيو ۽ نيٺ نياز پنهور صاحب کيس چيو ته ارم پنهنجي پروگرام لاءِ هرطرح سان بهترين رهندي، ”يقيناً اِها منهنجي خوشبختي هئي جو منهنجي پر پُٺ مون لاءِ سٺي راءِ آهي. سو بس اِهو سلسلو سٺو هلندو ته رهيو ۽ شايد نان اسٽاپ هلندو به رهي ها، پر منهنجو هڪ وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو رهيو آهي ته طبيعتن ڪجهه نازڪ مزاج آهيان، سو شروع شروع ۾ جڏهن هڪ شخصيت جو ٻالڪپڻ ڪندي هئس ته تمام هشاش بشاش رهيس، پر جڏهِن  هڪ ڏينهن ۾، ٻه ٻه ريڪارڊنگس شيڊول ٿيڻ لڳيون، ته مسلسل اوجاڳو، تياري ۽ انتظار منهنجي حالت خراب ڪري ڇڏي، منهنجي اِها ڪمزوري آهي ته ڏينهن جو ماني کان پوءِ هاف مگ کير پتي چانهن ضرور پيئندي آهيان ۽ مڪمل رليڪس ماحول ۾ ڪلاڪ اڌ جي nap به ضرور وٺندي آهيان، نه ته ڪا ڳالهه مزو ئي نه ڏيندي آهي. سو ريڪارڊنگس واي لاڳيتي ٿڪاوٽ مون تي چڱا اثر ڇڏڻ لڳي، ۽ منهنجا ورتل آخري انٽرويوز ته 104 بخار واري حالت ۾ ٿيا هئا. جن ۾ امتياز شيخ، ادريس راجپوت، ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ ۽ مخدوم خليق الزمان وارا پروگرامز هئا. بهرحال پروگرام تمام بهترين هو، ۽ هر انٽرويوئر وٽان ڀرپورڪمپلمينٽ به مليا جو انهن پڻ ان کي  enjoy ڪيو ۽ واقعي هو سوالن ۾ پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ پهچي ويندا هئا.

گلبدن: تون انهن مڙني ورتل انٽرويوز مان يادگار انٽرويوز ڪهڙا چوندينءَ؟

ارم: مون کي ته سڀئي سُٺا لڳا پر مخدوم خليق الزمان ، پليجو صاحب، غنويٰ ڀٽو ۽ مهتاب اڪبر راشدي سان ڪيل ڳالهه ٻولهه وڌيڪ وڻندڙ ۽ انوکي لڳي. غنويٰ وارو انٽرويو ته اُردو ۾ ڪرڻ وارو تجربو به ڪي ٽي اين تي اچي ٿيو ۽ اِهو ايترو پسند پيو جو هفتي ۾ چار ڀيرا هليو هو.

گلبدن: ”منهنجو ٻالڪپڻ“ کي عروج تي پهچائي اوچتو ڇڏي ڇو ڏنو؟

ارم: اِن جو بس اهوئي سبب هو، جو دلچسپ هوندي به هي ڪم ٿڪائيندڙ ۽ تمام گهڻو وقت طلب هو، ۽ ان ۾ ايترو ته invalve ٿي وڃڻو پيو ٿي جو پوءِ ٻارن تي به توجهه نه پئي ڏيئي سگهيس. سو ٻارن ۽ پنهنجي صحت جي بهتري لاءِ ڪنهن ٻئي لاءِ جاءِ ڇڏڻ وڌيڪ سٺو هو.ٻيو ته گهڻن ماڻهن اِهو چيو ته شايد حسن سنڌ ٽي وي تي آهي، ان ڪري ارم ڪي ٽي اين ڇڏي، پر اهڙي ڪائي ڳالهه نه هئي. حسنَ ته اڄ به سنڌ ٽي وي ۾ آهي ۽ تڏهن به هو جڏهن مون ٻالڪپڻ ڪيو پئي. ٿي سگهي ٿو ته وچان ئي ڪنهن ٻئي چينل ڏي به هليو وڃي. مون سنڌ ٽي وي سان به ڪم ڪيو آهي. پر مسلسل نه.... توڙي جو چينل جي شروعات مهل ئي مون کي ڪافي سارا پروگرام آفر به ٿيا، پر مون پاڻ ئي نه ڪيا. ڇو ته منهنجي خيال ۾، ميڊيا ورلڊ ۾ اهوئي ماڻهو سونهي ٿو يا وڌيڪ ترسي سگهي ٿو، جيڪو سڄي جو سڄو پاڻ کي پنهنجي پروفيشن لاءِ ارپي ڇڏي. جڏهن ته مون وٽ شهر تون ميڙڻ بدران سڀ کان پهرين ترجيح پنهنجو گهر ۽ ٻار آهن ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ته ڪمپيئرنگ وغيره ڪري سگهان ٿي پر پابند ٿي نه!

گلبدن: ڀلا اِهو ٻڌاءِ ته Direction وارو تجربو ڪيئن رهيو؟

ارم: Terriblell تمام خطرناڪ! بهرحال اها خوشي اٿم ته سنڌي ۾ ٻارن لاءِ ڪوئز پروگرام نه رڳو ڊزائين ڪيم پر ڊائريڪشن به ڏنم، ساڳيءَ طرح عورتن جي فٽنس جي حوالي سان به شو ڪيم، جنهن ۾ حيدرآباد جي سڀني ناليوارن ڊاڪٽرز سهڪار ڪيو.

گلبدن: پر خطرناڪ تجربي مان تنهنجي ڇا مراد آهي؟

ارم: وقت جو بي جا ذيان مون لاءِ ته واقعي خطرناڪ تجربوهو، سڄو سڄو ڏينهن arrange ments سفارشن جي وٺ پڪڙ ۽ افراتفري جي نذر ڪري اڌ ڪلاڪ جي پروگرام لاءِ پنهنجو سِر وڃائڻ مون کان سٺو نه ٿي سگهيو، ۽ اهِو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿئي ٿو ته اسان وٽ نَان پروفيشنل سوچ آهي. ڪوبه ڪم هٿ ۾ کڻڻ لاءِ ڪي به معيار يا ماپا ناهن ۽ ٻيو ته اڄڪلهه کوڙ چينل شروع ٿيندا ٿا وڃن، نتيجي ۾ وقت جو پيٽ ڀرڻ لاءِ هزار، هزار، تي هزارين ڊائريڪٽر ميدان ۾ ڏيڏرن وانگر بيٺل آهن، پوءِ اُها ٿانون ڪپڙا ڌوئڻ واري مائي هجي، ڪو حجام هجي، ڌوٻي هجي، ڊرائيور هجي يا بورچي هجي هر ڪو ڊائريڪٽر ٿي سگهي ٿو. نتيجي ۾ ويل ايجوڪيٽڊ ۽ نالي وارا ڊائريڪٽر به ڄڻ اِن مشڪري جو ئي پيا حصو لڳندا آهن.

گلبدن: پوءِ ڀلا اڄڪلهه ڇا پئي ڪرين؟

ارم: سنڌ گرامر اسڪول قاسم آباد ۾ نرسري ۽ پري نرسري سيڪشن جي انچارج طور پنهنجي ڊيوٽي نڀايان پئي.

گلبدن: سروس واري لائيف ڪيئن ٿي لڳي؟

ارم: سٺي! ۽ ان زندگيءَ مون کي هر روز ڪونه ڪو نئون تجربو به ڏنو آهي، وقت جو قدر به اهڙن ئي ادارن ۾ ٿي سگهي ٿو، منهنجي خيال ۾ ته جڏهن اسان تعليم حاصل ڪري وٺون ته پنهنجي معيار مطابق ڪنهن نه ڪنهن فيلڊ ۾ اچڻ ضرور گهرجي. ڇو ته اِهو تجربو زندگي ۾ گهڻو ڪجهه سيکاري وڃي ٿو.

گلبدن: ننڍپڻ ۾ تون ptv جي پروگرامن ۾ شامل ٿيندي هئينءَ ۽ شاعري به تمام خوبصورت انداز سان ٻڌائيندي هئينءَ، پرهاڻ مشاعرن ۾ شعر پڙهڻ کان صفا انڪار ڪريو ڇڏين - آخر ڇو؟

ارم: بنيادي طور تي مان انتهائي رزو نيچر جي مالڪ آهيان، بس الائي ڇو مشاعرن ۾ هر شعر تي هرو ڀرو واهه واهه ڪرائڻ مون کي سٺو نه لڳندو آهي ۽ نه ئي ڪنهن جو شعر ٻُڌي واهه واهه ڪرڻ ايندو اٿم. نه رڳو اِهو پر مون کي ته اِهو به اعتراف آهي ته مون کي شاعرن وانگر شاعري ٻڌائڻ به نه ايندي آهي.... يعني ڪجهه ادائون... ڪجهه انداز... آواز کي شعر سان گڏ لاهين ۽ چاڙهين تان لاهي، وري شاباس لاءِ ڪي لمحا ترسي، مسڪرائي ۽ وري مجموعي  کي غور سان چتائي ڏسڻ، ته جيئن ويٺل واهه واهه جو سُر کڻائين. I realy cant do it all،  پي ٽي وي وارا ڪجهه مشاعر مڙئي ٿي ويا. پر پاڻ کي شاعري پڙهندي ڏسي ڏاڍي کلِ ايندي هئي. هونءَ مون کي ذاتي طور تي اَها شاعري Attract ڪندي آهي جيڪا مان پاڻ اکين سان ڇهاُن ۽ دل ۾ لاهيان ۽ جنهن جو اکر اکر رڳو واهه واهه چوڻ بدران خاموشيءَ سان محسوس ڪري سگهجي.

گلبدن: F.M 101 تان تنهنجو مٺڙو ۽ سُريلو آواز ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو اتي اچڻ جو اتفاق ڪيئن ٿيو؟

ارم: مون کي اڪثر لڳندو آهي منهنجي هيل تائين جي سموري زندگي مون کي هڪ شعبي کان ٻئي شعبي جو سير ڪرائيندي گذري پئي ۽ ائين ئي سير ڪرائيندي ڪرائيندي گذري به ويندي....! FM101 تي منهنجو اچڻ به اهڙو ئي هڪ اتفاق آهي . جو اها 101 جي پروگرام مئنيجر نصير مرزا جي خواهش هئي ته مان FM تان سنڌي ۾ پروگرام ڪريان ۽ مزيدار ڳالهه اِها آهي ته FM وارو تجربو مون لاءِ هيل تائين ڪيل سڀني تجربن مان سڀ کان وڌيڪ ڏکيو ڪم هو، Consul کي opprate ڪرڻ لاءِ کوڙ سارا اڇاڳاڙها پيلا بٽڻ جلدي جلدي ڳالهائيندي بيڪ گرائونڊ ميوزڪ کي اُپ ۽ ڊائون ڪرڻ ۽ ٻڌندڙ سان ڊائريڪٽ رابطو رکڻ لاءِ مسلسل ڳالهائڻ، مون کي sure 100 سيڪڙو هو ته وِڦل جو شڪار نه ٿي پوان، مٿان وري جنهن ڏينهن مون کي پنهنجو پهريون پروگرام ڪرڻو هو ته اُن ڏينهن منهنجي هاراسڪوپ ۾ لکيل هو ته ”زبان سنڀالي ڳالهايان،“ ته اهڙي ٽينشن ۾ اَٽينشن ٿي رڳو ۽ رڳو نصير مرزا جي همٿ ڏيارڻ تي منهنجو پروگرام آن ايئر ٿي ويو. ان وعدي تي ته ”پليز ريديو بند رکجو“ پر جيئن ئي اوپننگ ڏنم ته اسٽوڊيو جي شيشي پويان نصير مرزا ۽ طارق عالم هٿ لوڏي ويل ڊن ڪيو ته خوشي ٿي ۽ ساهه پيم ۽ هي ته ڏاڍو مزيدار ڪم آهي. اجايو پي پريشان ٿيس ۽ شايد اِها منهنجي ڪمزوري به آهي ته هر نئون ڪم ڪري ته ويندي آهيان پر جڏهن ڪير همٿ ڏياري....

گلبدن: ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي.

ارم: اهو سوال ته توهان کي ڪنهن ڪامياب بلڪ مها ڪامياب شخصيتن کان ئي پڇُڻ گهرجي جيڪي پنهنجا تجربا Share به ڪن.بهرحال هر ماڻهو وٽ ڪامياب زندگي گذارڻ لاءِ پنهنجا پنهنجا انداز آهن. يعني ڪامياب زندگي دوکي ۽ دغا سان به ماڻي سگهجي ٿي، ڪوڙ دولاب سان به ٺاهي سگهجي ٿي ته نيڪ نيتيءَ، سچائيءَ ۽ سادگيءَ جي ساٿ سان به گذاري سگهجي ٿي.

گلبدن: مڙس تي ڪيترو اعتماد ڪرڻ گهرجي؟

ارم: اعتماد، ڏاڍي قيمتي ۽ ڏاڍي نازڪ شيءِ آهي.... استعمال ڪرڻ سان ٻنهي ڌرين (زال ۽ مڙس) جو نقصان ٿي سگهي ٿو. اِن ڪري اهڙين قيمتي ۽ نازڪ شين کي هٿ وٺي وڃائڻ بدران، وچ ۾ آڻجي ئي نه ته زندگي مزي سان گذري سگهي ٿي!

ارم: سونهن جي وصف ڪيئن بيان ڪندينءَ؟

گلبدن: عورت لاءِ ته ڪجهه نه چوندس جو ميڪ اِپ جي تهن هيٺان ليپيل چهرن ۾ سونهن ڳولهڻ مشڪري آهي.البته سونهن ڏسڻي آهي ته ڪائنات ۾ پهريون ساهه کڻندڙ ڪنهن معصوم ٻار جي مُرڪ ڪائنات جيڏي وسعت پاڻ ۾ رکي ٿي ۽ اِهائي اصل سونهن به آهي.

گلبدن: اڄ جي دور ۾ ٻار جي تربيت ڪيئن ڪجي؟

ارم: اڄوڪي دور جي ٻار جي تربيت هڪ انتهائي صبر آزمائي وارو ۽ گهڻو ڏکيو ڪم آهي اڄ جو ٻار جيترو حساس ايترو مجبور آهي، جو اسين شايد جوانيءَ ۾ اچي مس ٿيا هونداسين. ان جا سبب  اسان کان لڪل ناهن.هر شي هر ڳالهه انهن اڳيان موجود آهي. اسين ڪيترا ڀيرا ٻڌائي ٻار کي انهن شين کان روڪي سگهون ٿا؟ روڪ ٽوڪ به اڄ جي ٻار کي بغاوت ڏي ڌڪي ٿي. هي آئي ڏينهن جيڪي اسان اخبارن ۾ ننڍڙي ننڍڙين ڳالهين تان رُسي زندگيءَ جو انت آڻيندڙن ۾ اڪثريت جڏهن ٻارنهن ٻارنهن سالن جي ٻارن جي موت جي خبر پڙهون ٿا، ته اهي حقيقتون به اسان کي ڏکوئڻ سان گڏ حيران ڪري وڃن ٿيون ته ننڍڙن ٻارن جا اموشنز به ڪنهن وڏي کان گهٽ ناهن، انهن جا احساس، خواهشون نظرانداز نه ٿيڻ گهرجن. باقي جيستائين تربيت جي ڳالهه آهي ته هاڻ اهو دور ئي ناهي رهيو جو ڏنڊي جي زور تي ٻار کي سنئون ڪجي يا سيکت ڏجي.

ارم: جي بلڪل.

نالو گهر ۾ سڏجندڙ؟  رم + ارم.

ڄم جي تاريخ؟ گذريل صديءَ جي 16 مارچ ۽ سال صدي ۾ ويڙهجي ويو آهي.

شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟ حيدرآباد.

شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟ اول ۽ آخر حيدرآباد.

وڻندڙ موسم؟ انبن جي مند يعني سخت گرميون.

زندگيءَ جي پهرين مرڪ؟ شايد ماءُ جي هنج ۾.

زندگي جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟ مون کي هاسٽل جي اسٽوڊنٽ سمجهو اٿو ڇا.

ستن ڏينهن جي گول چڪر مان وڻندڙ ڏينهن؟ ڇنڇر آچر، جڏهن منهنجو اسڪول off  هوندو آهي.

چوويهن پهرن مان وڻندڙ پهر؟ اجري اجري صبح صادق.

فطرت جي خوبصورتي جو وڻندڙ نظارو؟ ڦڙ ڦڙ وسڪاري کان پوءِ ڌوتل پوتل نکريل نکريل وڻ ٽڻ ۽ سمنڊ ڪنارو.

ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟ ڪراچي ۾ رهڻ دوران مون ۾ وڃايل پتڪڙي ارم جو کير وارن جي ڪينٽرن جا نل کولي روڊ تي کير جون نديون وهائڻ وارو مشغلو.

جواني جو پهريون احساس؟ ڏاڏي مرحيات ڏياريو ته هاڻ اسڪرٽين ۽ فراڪ نه پائيندي ڪر.

بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟ ڪو گيت!! چپن تي اچڻ واري مهل جڏهن ايندي آهي ته سڄي ساري ڪيسٽ هلندي آهي.

ڏک جي آخري پناهه گاهه؟ پنهنجو ڪمرو پنهنجو وهاڻو.

اڪيلائي جو احساس؟ وڻندڙ... پر ڪڏهن ڪڏهن.

قد کان اڀيون ديوارون...؟ الله جو شڪر آهي، ٽپڻ واري نوبت ڪانه آئي آهي!

دوستي؟ نعمت.

هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن تي ڪا ميار؟ هٿ ڇڏائڻ وارا دوست ئي نه هوندا آهن.

پيار؟ زندگي.

عشق؟ وقت گذاري جو سامان.

پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟ مڙس ٿي منهن ڏجي.

پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي ته؟ ته به خير آ....... ڪو مرندو ناهي.

پهرين مڃتا؟ امي جي حيراني ۽ خوشي واري نهار...

نئين زندگي جي ابتدا؟ ٻاراڻو ادب، انگريزي اردو ۽ سنڌي.

سڃاڻپ جو حوالو: Mahboobs.

پسنديده شاعر؟ جيڪو هاڻي مون لاءِ ”منگل سوتر“ بڻجي چڪو آهي.

پسنديده نثر نگار؟ ماهتاب محبوب.

وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟ ماءُ پيءُ ۽ حسن.

خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟ فنائيل ۽ ڊيٽال.

ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟ جهڙالي.

اکيون ٺاريندڙ رنگ؟ نيرو.

ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟ 20 صديءَ جي ماءُ.

چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟ ڪونه ڪو نقصان ڪري.

انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ ڪريو؟ تهذيب ۽ شائستگي.

معاف نه ڪرڻ جوڳي خطا؟ ڪوڙ.

عقيدو؟ الله هڪ آهي

عبادت؟ خدا ۽ بندي جو بنهه ذاتي معاملو.

وقت؟ ظالم!

موت؟ کيل ختم پيسه هضم.

زندگي؟ آدم حوا واري سزا جو تسلسل!

سياست؟ بڪواس.

وڻندڙ چينل؟ ڪشش، نيشنل جاگرافڪ.

سواري؟ اڏام کٽولي.

آزادي؟ حدن اندر.

ڇڙواڳي؟ آزادي جو ناجائز فائدو.

ڌرتي سان پيار؟ ڪهڙي ڪافر کي نه هوندو؟

انساني ڪردار جي سونهن: تهذيب ۽ اخلاق.

پنهنجو پاڻ سان شڪايت؟ ته ڪاش پنهنجي موڊ جي محتاج نه هجان ها.

ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿو؟ بي ترتيبي ۽ غير ذميداراڻي روين تي.

وڻندڙ سياسي شخصيت؟ ڪابه نه..... ها البته وقت جيڪر ائين ئي تجربا ڪرائيندو ڪڏهن سياست ڏي وٺي آيو ته يقيناً اها سياسي شخصيت ارم محبوب ئي هوندي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com