سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :12

ڊاڪٽر خورشيد ميمڻ                                     آخري قسط

مينديءَ رتا هٿڙا

محمد يوسف صاحب جيڪو صورتحال جي  ڪري الاهي اضطراب ۽ الجهن ۾ وڪوڙجي چڪو هو پنهنجي بردباريءَ ۾ شايستگيءَ سان هن مسئلي کي ڏاڍي ضمانت سان سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. شاهد کان پڇيائين،

”شاهد صاحب توهان مضمون (فزڪس) منتخب ڪيو، مضمون ٽيڪنيڪل به آهي پرئڪٽيڪل به، پر ڪڏهن ڪڏهن ان جا Problems ڪجهه اهڙا اچي ويندا آهن جيڪي حل ڪرڻ ڏکيا ٿي پوندا آهن شايد انسان جي زندگي وانگر شاهد ڏاڍي برجستگيءَ سان جواب ڏنو، ”ها سائين ان ۾ ڪو  شڪ ناهي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ذهني تيزي ۾ مستقل ڪاوش جي ضرورت هوندي آهي، مون کي Problems حل ڪرڻ ۾ ڪافي مهارت حاصل آهي ۽ هتي جي ادارن جي Workshops ۾ مون کي ان مضمون تي ڳالهائڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ مدد ڪندا رهندا آهن.“

محمد يوسف شاهد کي پنهنجي مقصد جي ويجهو آڻي چڪو هو. پنهنجي مخصوص سوالن سان!! پوءِ چيائين،”شاهد صاحب! زندگيءَ ۾، منهنجو ملطب آهي ته انسان جي نجي ۽ ذاتي زندگي ۾ به مسئلا اچن ٿا، يقينا توهان ۾ انهن کي حل ڪرڻ جو به حيلو ۽ حوصلو هوندو.“

شاهد اتي ڇرڪيو، چيائين ”توهان پنهنجي ڳالهه کي واضع ڪري سگهو ٿا.“

يڪدم محمد يوسف صاحب ڪمري ۾ وڃي زينيءَ کي اندران وٺي اچي شاهد جي سامهون بيهاريو ۽ چيائين،

”توهان هن ڇوڪريءَ کي سڃاڻو ٿا؟! شاهد جو منهن ڄڻ ڪاراٽجي ويو، چيائين ”جي مون زينيءَ سان شادي ڪئي، صرف مائٽن جي اسرار ۽ زور زبردستيءَ تي، اسان جا مائٽ پراڻن خيال جا آهن اُهي ۽ ذهني هم آهنگي نه سوچيندا آهن. ان بعد يقينا نتيجو Positive يا درست ناهي ٿيندو.“

يوسف صاحب جو پارو هينئر هائي ڊگري تي پهچي چڪو هو. هن جي طبيعت جو ڪنٽرول ختم ٿي ويو رڙ ڪري چيائين.

(تون بيوقوف ۽ چريو انسان آهين).

شاهد ڳالهايو چياين، ”يوسف صاحب توهان کي ڪو حق ناهي گهر ۾ گهرائي منهنجي بي عزتي ڪرڻ جي اهو منهنجو ذاتي مسئلو آهي.“

يوسف صاحب اڃا به بجلي وانگر ئي چيو هر Problem حل ڪرڻ تنهنجي اختيار ۾ آهي نه؟ باقي هي جيڪو زندگين جو مسئلو آهي ان کي نه حل ٿو ڪري سگهين نه نڀائي ٿو سگهين. تو شادي لاءِ اقرار ڪيو، پاڪستان ان ارادي سان وئين ڇوڪريءَ سان ملاقات ڪيئي. شاديءَ جون تياريون تنهنجي اکين اڳيان ٿيون، سڀ رسمون ٿيون، هن ڇوڪريءَ سان تو لائون لڌيون، مائٽن، خوشين ۽ ارمانن اميدن جا دعا جا ڳيچ ڳاتا. ڇا اهو سڀ تنهنجي لاءِ کيل تماشو هيو پوءِ ته نڪاح مهل ئي تون انڪار ڪري ڇڏين ها! تو هن ڇوڪريءَ جي زندگي تباهه ڪري، موت سان همڪنار ڇو ڪيو؟!! ڇو ڪيو تو ائين؟!! وري ٿورو تحمل سان چيائين ۽ هاڻ به وقت هٿن مان ناهي ويو، تون هن جو شريڪ حيات آهين، هن سان زندگي گذار، ساٿ نڀاءِ تو الله جو نالو وٺي ساٿ نڀائڻ جو اقرار ڪيو آهي.“

شاهد جي چهري تي ڪنهن قسم جا جذبات نه هئا. هن ڏاڍي آرام سان چيو. ”يوسف صاحب توهان خواهه مخواهه پنهنجي انرجي  ويسٽ پيا ڪريو، مان هن ڇوڪريءَ سان قطعي رهي نٿو سگهان، 15 ڏينهن ۾ مون هن کي آزمايو هيءَ مون سان هن ترقي يافته ۽ fast ماحول ۾ هم قدم ٿيڻ جي لائق ناهي ۽ مان توهان سڀني جا اڳيان هن کي يعني محترمه زينب يعني زيني کي طلاق ٿو ڏيان، طلاق ٿو ڏيا، طلاق ٿو ڏيان، اهو چوندي شاهد تيز قدمن سان ٻاهر نڪري ويو. جيڪي ان منظر ۾ موجود هئا، اهي سڀ ساڪت هئا، ايتري تڪڙي ۽ اوچتو فيصلي ٻڌڻ جي ڪنهن کي به همت ڪانه هئي زينيءَ خاموشيءَ کي ٽوڙيو.

”چاچا سائين، توهان پاڻ کي سنڀاليو، ۽ منهنجو فڪر نه ڪريو، مان بلڪل ٺيڪ آهيان طوفان جي اچڻ کان اڳ ۾ جيڪو ڌنڌ، آنڌيءَ  جي آمد جي خبر ڏيندو آهي، اهو رائو ۽ ڌنڌ مون اڳ ئي محسوس ڪيو هو. جن حالتن ۽ ٽارچر مان، مان گذري آهيان منهنجي دل مان اهي پڙلاءُ اڳ ئي پيا پئي ته ڪا سنگين صعوبت نازل ٿيڻي آهي، جيڪا منهنجي لاءِ ۽ گهر وارن لاءِ هڪ عذاب ۽ اذيت ثابت ٿيندي.

محمد يوسف چيو، پٽ ”منهنجي امڙ زندگي ۾ بهارون ۽ خزائون اچن ٿيون، ڏک سک جهوليءَ ۾ جهلڻا پون ٿا، زندگيءَ جي هن هاءِ وي تي ڪيتريون ئي عقربتون اچن ٿيون جن لاءِ حوصلو ۽ ايثار جي اشد ضرورت آهي پر هيءَ حياتي محدود ناهي، هزارين راهون ۽ رستا بهتر کلي ٿا وڃن، منهنجي ڌيءَ زينب بزدل ٿورو ئي آهي!! هي ڪمينو، ڪوڙو ۽ ڪپتيو ماڻهو هرگز تو جهڙي هيري جي قابل ناهي، منهنجي دل ٿي چوي ته هن بدمعاش کي آئون ڪورٽ ۾ گهليان اگر تون منهنجو ساٿ ڏين ته هن جي اهڙي بي عزتي ڪرايان جو ڇٺيءَ جو کير ياد اچي وڃيس، ۽ ها تو وٽ اڃا هڪ مهيني جو ويزا به آهي نه؟! آئون چاهيان ٿو ته اهڙي شخص کي سزا ملي، ملازمت مان برطرف ڪنس جيئن ٽڪر ٽڪر جو محتاج ٿئي ۽ ها، توکي مبارڪون جن پوسٽنگ يونيورسٽي ۾ ٿي آهي، زيني بهتر ٿئي تنهنجي چئي وڌيڪ جواب ڏنو.

چاچا سائين، هاڻ هن دل جي شيسي جون ايتريون ڪرچيون ۽ ايترا ٽڪر ٿيا آهن جن جو جوڙڻ محال نه پر ناممڪن آهي، مان هن کي ڪا سزا ڏيڻ نٿي چاهيان منهنجي قسمت ۾ جيڪي لکيل هو سو مون لوڙيو بقول شاهه سائين رح

ڊڪي پئي ڊوڙي، لکيو پئي لوڙي.

باقي توهان جا احسان، آئون سڄي زندگي، لاهي نٿي سگهان، هن نفسا نفسي جي دور ۾ توهان جنهن پنهنجائپ جو اظهار ڪيو آهي. هن جو الائي ڪهڙو ڏوهه هو جو هن کي ايڏي اذيت ناڪ آزمائش ۾ گذرڻو پيو. ان لاءِ لفظن ۾ توهان جو ٿورو ادا ٿي نه ٿو سگهي، توهان جي دعائن سان هاڻي مان همت ۽ حوصلي سان زندگي بسر ڪندس پاڻ لاءِ نه پنهنجي ضعيف والدين ۽ ننڍن ڀيڻين، ڀائرن لاءِ ۽ انهن شاگردن ۽ شاگردن لاءِ آب حيات ٿيندس جن کي علم جي اڃ آهي.

محمد يوسف ۽ گهر جي ڀاتين جي دلين وٽان، هنجو حوصلو، ڏسي ڪجهه بار ۽ بوجهه گهٽ ٿيو ٻئي ڏينهن زينيءَ کي، خوش قسمتي سان جهاز ۾ Seat ملي وئي هوءَ باوجود شاهد لاءِ نفرتن جا ڀنڊار پلوَ ۾ ڀري وڃي پر هن کي اها به خوشي هئي ته هن اهڙي قابل نفرت ۽ ڌڪاريل انسان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو. هاڻ هوءَ آزاد هئي ۽ هُن رنجشن ۽ اَذيتن جي آزارن کي اوڙاهن ۾ ساڙي ڇڏڻ جو عزم ڪيو جڏهن زينيءَ مون کي اها سڄي ڳالهه ٻڌائي ته منهنجي دل ٻڏي ويئي چؤطرف گهُٽ محسوس ٿي اکين اڳيان اوندهه انڌڪار ڇانئجي ويو، مون کان برداشت نه ٿيو ۽ مون اوڇنگارون ڏيئي رنو، سوچيم ته آخر هن معصوم جو ڪهڙو ڏوهه مون کي اطمينان ان ڪري به ٿيو ته زيني پنهنجن غمن کي ڪافي حد تائين برداشت ڪري چڪي هئي، پر هنجو پيءُ ته ڌيءَ جي باري ۾ سوچي سخت بيمار ٿي پيو ۽ ماءُ جيڪا فالج جي مريض هئي سا ويتر وڌيڪ بيهوشي جي اٽيڪ جي شڪار ٿي ويئي، سڄو ماحول غمزده هو.

جيئن ئي ماحول تي آيل ڪارا ڪڪر هٽيا، زينيءَ جي طبيعت بهتر ٿئي ۽ مثبت سطح تي آئي. يونيورسٽي به کلي، هن ڪلاس وٺڻ لاءِ پنهنجي هوش حواس کي مجتمع ڪيو، مضمون جو نئين سر مطالعو ڪري، چهري تي خوشگواري آڻي،ڪلاس ۾ داخل ٿي، پر هن محسوس ڪيو ته اڃا به هن جي قدمن ۽ هن جي جسم ۾ لرزش آهي عذابن جي سفر ۽ جهازن جي سفر جو اثر باقي آهي. هن جيڪو ليڪچر ڏنو ان ۾ هوءَ جذبات جي جنون ۾ گرفتار هئي. هوءَ پاڻ کي ان  کان آجو نه ڪري سگهي هئي. چيائين،

Students ڇا زندگي هڪ  سفر ناهي؟! سفر ته آهي پر ڏاڍو اڻانگو سفر آهي، توهان ته اڃا سکيو ۽ آسودو سفر پيا ڪريو جنهن ۾ توهان کي سڀني جو ساٿ آهي ماءُ پيءُ جو Protection Love Care پر اڳيان هلي توهان کي ڪافي ڏکيا پيچيده سفر، منهنجو مطلب آهي مسڪلات، ڏک ڏاکڙا اذيتون نفرتون ڏسڻيون پونديون، توهان ڪهڙا به سٺا هجو پر دنيا توهان کي غلط سمجهي بي قدري به ڪندي ڌڪاريندي به پر توهان کي متوازن رهڻو آهي، منهن ڏيڻو آهي ۽ fight ڪرڻي آهي پنهنجا حق وٺڻا آهن.“ اهو ڳالهائيندي زينيءَ محسوس ڪيو ته هنجو ڳلو ڀرجي آيو آهي ۽ چهري تي تپش، اکين ۾ ڳوڙها هن يڪدم پاڻ کي ضبط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ فائيل کڻي تڪڙي ٻاهر هلي آئي.

سندس ڪلاس جو هڪ ڇوڪرو هن جي اها ڊانواڊول حالت ڏسي پريشان ٿي ويو، پريشان ته سڄو ڪلاس هو، پر آصف جيڪو Top Studendt ۾ شمار ٿيندو هو ۽ تمام ذهين ڇوڪرو هو، سو همت ڪري زيني جي اڳيان اچي چيائين ”excuse“ زيني ڪنڌ مٿي ڪري نهاريو. چيائين ”جي“ آصف چيو ”مئڊم توهان جي طبيعت ٺيڪ ناهي، پاڻي جو گلاس کڻي اچان.“

زيني فورا  پاڻ کي سنڀاليو ۽ سوچيو ته يقينا هوءَ پاڻ تي قابو پائڻ ۾ ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي آهي جواب ڏنائين ”آصف، تون“ پاڻي! نه، نه، ضرورت ناهي Thank you آصف چيو ”ها مئڊم، توهان جي انداز گفتگو مان محسوس ڪيم ته يقينا ٺيڪ نه پيا محسوس ڪريو.“ زينيءَ چيو آصف مان ٺيڪ آهيان، ها البته ميلبورن جو سفر بيحد طويل ۽ ٿڪائيندڙ آهي، غالباً ان ڪري ائين ٿيو اڃا مون کي آرام جي ضرورت آهي. O.K، آصف توهان وڃي پنهنجو ٻيو Period ڪريو مان بلڪل ٺيڪ آهيان ۽ ها مهرباني توهان جي ۽ هوءَ گهر هلي آئي. ٻن ڏينهن جي موڪل کان پوءِ هوءَ يونيورسٽي ويئي پنهنجن سڀني colegues سان ملي پر تمام جلديءَ ۾ ڪٿي سڀني جي سوالن جو شڪار نه ٿي وڃان، ڪلاس ۾ وئي محسوس ڪيائين ته اڄ هوءَ پوري توازن ۽ تازگي سان Subject سمجهائي رهي آهي سڀ Students متوجه آهن ۽ ڪي نوٽس پيا وٺن. پر آصف جي چهري تي سواليه تاثر هو. جيئن ئي ڪلاس ختم ٿيو هوءَ پنهنجي چئمبر ۾ آئي ۽ اکيون بند ڪري مٿو ڪرسيءَ جي پشت تي رکيائين ته آواز آيو.

”مان اچي سگهان ٿو“

زيني فورا اکيون کولي دروازي ڏانهن ڏٺو آصف موجود هو. زينيءَ هن کي سڏ ڪري، سامهون پيل ڪرسي تي ويهڻ جو اشارو ڪيو ۽ چيائين،

آصف اڄ جي ليڪچر جي متعلق ڪا مشڪلات آهي؟

آصف ٿورو هٻڪيو ”جي مئڊم اهڙي ڳالهه ناهي ها آئون توهان جي ڪالهوڪي پريشاني  جي ڪري سوچ ۾ هئس. ۽ ها مون سوچيو مئڊم کان طبيعت به پڇان.“

زينيءَ وراڻيو ڀلا اڄ ليڪچر ڏيڻ وقت مان ٺيڪ نه پئي لڳس ڇا؟

آصف وراڻيو

نه مئڊم ائين ناهي بس منهنجي دل چيو ته مان توهان کان پڇان توهان منهنجو ايئن اچڻ Mind  نه ڪيو هوندو“

زيني کلي جواب ڏنو ”نه آصف توهان اسان جا شاگرد آهيو اگر ڪابه Difficulty  ٿئي هڪدم مون  ڏي هليو اچ باقي مان بلڪل ٺيڪ آهيان ڪو مسئلو ناهي؟!

آصف ڪجهه مطمئن ٿيو ۽ انهيءَ قدمن سان واپس هليو ويو.

اهو حال احوال اڪثر، هر ملاقات ۾ زينيءَ ڪچهري ڪندي ٻڌائيندي هئي. هڪ دفعي ٻڌايائين ”صوفيه هيءَ زندگي!! وري ٽهڪ، ڏيندي چيائين ڪهرا ڪهڙا نه روپ ۽ عجيب منظر ٿي ڏيکاري“

صوفيه وراڻيس ”محترمه هاڻي ڪو دل ٽوڙيندڙ روپ نه ٻڌائجاءِ“ اڳئي تنهنجي لاءِ آئون پريشان آهيان.“

زينيءَ جواب ڏنو اڙي بابا اهڙي ڪا ڳالهه ناهي مزي جي ڳالهه آهي! خبر اٿئي، ڇا ٿيو، اڄ جيئن ئي آفيس ۾ داخل ٿيس ۽ وڏو رئو لاهي ويڙهي ڪرسيءَ تي پئي رکيم ته وري excuseme آيو.

مون چيو ”ڪير، تون آصف جو نالو  excuseme ته نه رکيو آهي.

زينيءَ چيو اڙي ها صوفي ”آصف هو ، مون ٿوري حيراني سان نهاريومانس ڇو آصف خير ته آهي؟‍!“

مئڊم توهان چيو هو نه ته difficulty هجي ته پڇجو ”زيني چيو “ پر آصف تون ڪلاس ۾ سوال ڪرين ها نه؟! مئدم، اندر اچين سگهان ٿو ؟! زينيءَ جي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري هن چيو!! زينيءَ جي اجازت تي اندر اچي آصف چيو ”مئڊم اهو سوال تيستائين ته وسري وڃي ها ۽ ها هيءُ توهان جي صحت جي خوشيءَ ۾ گل به ڪومائجي وڃي ها، هن هڪ خوبصورت شگفته گلاب جو گل زينيءَ جي فائيل تي رکندي چيو.“

زيني آصف جي انانداز تي گهٻرائجي ويئي حالانڪ هوءَ آصف جي استاد هئي ۽ هن کان 10 سال وڏي پر زينيءَ کي آصف جي گل ڏيڻ جي حرڪت نازيبا لڳي، پر برداشت ڪري آصف کي چيائين.

آصف توهان جي مهرباني، منهنجو ايترو خيال رکو ٿا، پر آئنده توهان اها تڪليف نه ڪجو، توهان تي بيشمار ذميواريون اچڻيون آهن توهان بيجا ڪمن ۾ وقت نه وڃايو صرف پنهنجي مقصد جي حصول لاءِ محنت ڪريو.“

آصف مهرباني چئي تڪڙو ٽڪڙو روانو ٿي ويو ۽ 2 ڏينهن ڪلاس ۾ حاضر نه رهيو، زينيءَ جون اکيون هروڀرو هن جي غير حاضري کي محسوس ڪنديون رهيون. شام جو جڏهن صوفيه سان ملاقات ٿيس ته سڄي حقيقت حال ٻڌايائينس. صوفيه چيس اڙي زيني يار تون به چري آهين. هر روز هڪ خوبصورت گل ملئي ها آفيس معطر ٿي وڃئي ها، آخر تنهنجو شاگرد آهي.“

زينيءَ جواب ڏنو، صوفيه، پر نه هنجي نظرن ۾ ڪجهه عجيب ئي تاثر هو!!

صوفيه وراڻيو ”اوه، بس تون سڀني جي اکين کي پڙهندي آهين، ادي هو توکان الاهي ننڍو آهي“ ”صوفيه مون کي اعتبار ناهي رهيو!! مون کي هر ڪنهن جي پاڇي کان به ڊپ ٿو ٿئي.“

هڪ ڏينهن زيني جڏهن گهرجي اڱڻ ۾ ويهي ڪنهن ڪتاب جو مطالعو پئي ڪيو مئن گئٽ جي بيل وڳي زيني ڇاڪاڻ دروازي جي ڀرسان هئي يڪدم اٿي در مان کوليائين زيني حيران رهجي ويئي جڏهن ڏٺائين آصف هو. آصف! تون منهنجي گهر تي!! ها مئڊم معاف ڪجو، اصل ۾ ڳوٺان مٺائي جا پئڪيٽ آيا هئا. هڪڙو پئڪيٽ ته دوست کائي ويا ٻئي کي جڏهن کولڻ چاهيم توهان جي تصوير اڳيان اچي ويئي ميڊم معاف ڪجو مون سوچيو ڳوٺ جي مشهور مٺائي آهي توهان لاءِ کڻي اچان آصف جي مُنهن تي منٿ جو تاثر  ڏسي ۽ لٿل مُنهن ڏسي زيني محسوس ڪيو جڏهن هزار دفعا پاڻ کي منهنجي دروازي تي پهچڻ جا حيلا ڪيا هوندا آخرڪار پُر عزم ٿي اچي ويو!! هوءَ سوچڻ لڳي هاڻ ڇا ڪريان؟! آخرڪار زينيءَ هن جي مايوس چهري تي مهربان ٿي هن کان مٺائي جو پئڪيٽ وٺي ڇڏيو. ايتري ۾ زينيءَ جو والد به اچي ويو، آصف سلام ڪيو ۽ خدا حافظ چئي هليو ويو.

زينيءَ چيو بابا هيءَ منهجي ڪلاس جو سٺو ۽ ذهين شاگرد آهي گهر ۾ ڪا خوشي هئس مون کي به مٺائي ڏيئي ويو، بابا کي ڪيئن ٻڌائي ته آصف هرو ڀرو ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش پيو ڪري زيني ٻئي ڏينهن به جڏهن ڪلاس ۾ ويئي ته هن ليڪچر دوران محسوس ڪيو ته آصف جون نظرون مستقل زينيءَ جي چهري تي مرڪوز هيون، زيني الجهاءُ ۾ اچي ويئي اڌ ليڪچر ڏيئي، شاگردن کي چيائين ته ”ڪاپي کولي فلاڻي ٽاپڪ تي پنهنجا تاثرات لکي ڏيکاريو“ پاڻ ڪرسيءَ تي ويهي ڪتاب کولي پڙهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪيائين نظر کڻي مٿي ڏٺائين ته آصف هال جي ٻاهر پيو نهاري، ڪجهه منٽن کان پوءِ زينيءَ سڀني کان ڪاپيون ورتيون ۽ واپس اچي چئمبر ۾ ويٺي!! هوءَ حيران هئي ته آصف ڇو پيو اهڙيون فضول حرڪتون ڪري آصف جي ڪاپي جا Pages کولي ڏٺائين قطعي خالي هئا اگر لکيل هو ته صرف اهو ته ”مئڊم Excuseme پر توهان کي هڪڙو عرض آهي ته هميشه گلابي رنگ ۽ ان سان مئچ ٽاپس پايو.“ جيئن اڄ پاتل اٿو. ”آصف“

زينيءَ پنا کڻي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڊسٽ بن ۾ وجهي ڇڏيا پٺيان آواز آيو.

Excuse me ۽ آصف زينيءَ جي سامهون بيٺو هو.

زيني ڪاوڙ ۾ اٿي چيو آصف تون حد ٽپڻ جي ڪوشش نه ڪر.

تڪڙي تڪڙي هلي ويئي.

آصف پورو مهينو يونيورسٽي نه آيو هڪ مهيني کان پوءِ آيو ته بلڪل مريض جهڙو منهن پئي لڳس. زينيءَ هن کي ايترو ضعيف ۽ بيمار ڏٺو ته افسوس ٿيس. چيمبر ۾ اچي آصف کي سڏايائين پڇيائينس.

”ڇو آصف طبيعت ٺيڪ ناهي ڇا؟!“ ان کان پهرين جو آصف جواب ڏئي اکين مان زار و قطار ڳوڙها جاري ٿي ويا، زيني حيران ۽ پريشان ٿي ويئي!!

زينيءَ چيو آصف ٻڌاءِ ڇا مسئلو آهي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو اٿئي. ۽ ها تون هاسٽل ۾ ڇو رهيل آهين، وڃ گهر جي ماحول ۾ صحيح ٿي ويندين.“

آصف اٿيو ۽ چيائين ” Ok مئڊم توهان جي مهرباني هڪڙي ڏينهن آصف زينيءَ جي آفيس ۾ آيو ۽ چيائين معاف ڪجو مئڊم ويهڻ جي اجازت آهي.“

ها ها ڇو نه ويهه آصف اڄ تون طبيعت ۾ بهتر پيو لڳين پنهنجو خيال رکندو ڪر زينيءَ چيس.

آصف ڪرسي تي ويهڻ کان پوءِ زيني جو سراپا ڏسندو رهيو، زينيءَ چيو ”ڇو آصف اڄوڪو ڪلر نه وڻيو ڇا؟!“ ”نه مئڊم معاف ڪجو هڪ ڳالهه چوڻ جي اجازت ڏيندا.“

ڪا اجائي ڳالهه نه ڪجانءِ بيمار ماڻهو کي دڙڪو نه ٿي ڏيئي سگهان آخر ته منهنجو شاگرد آهين ۽ استاد کي هميشه مهربان ئي رهڻو آهي.“

مئڊم توهان جا هٿ ڏاڍا خوبصورت آهن منهنجي ڀيڻ expert آهي، انهن خوبصورت هٿن تي اگر مهندي لڳائي ته ڇا سهڻا ٿي پون. مون کي مهندي رتڙا هٿ ڏاڍا وڻندا آهن.“ مئڊم مون کي معاف ڪجو ۽ هو تقريبا آفيس مان ڊوڙندو ٻاهر نڪري ويو ان کان اڳ جو زيني ڪجهه چوي.

زيني سوچيو ڪنهن کي حال ٻڌائي بيمار مائٽن سان ڪهڙي ڳالهه ڪري زيني پنهنجو مٿو جلي ويهي رهي ۽ چيائين ”يا خدا هي ڇوڪرو يا پاڻ چريو آهي يا مون کي پاڳل پن ۾ پهچائڻ چاهي ٿو.“

شام جو هوءَ صوفيه جي گهر ويئي هن کي گوشائتو ويهاري، هن کان پڇڻ لڳي ”صوفي ٻڌ منهنجي قسمت ۾ هي نئين مونجهارو ڪهڙو آيو آهي جنهن کي نه سر نه منهن آصف بيشڪ سٺو ڇوڪرو آهي بيحد ذهين به!! هميشه مهذب شاگردن ۾ شمار ٿيندو آيو آهي. اڃا نه ڪنهن منزل تي پهتو آهي هو بلڪل پاڳلن جهڙيون حرڪتون ٿو ڪري. مون کي خطرو آهي ته هو ٻين ڇوڪرن ۽ استادن ۾ پنهنجين حرڪتن جي ڪري بدنام نه ٿئي ۽ منهنجي پوزيشن به خراب نه ڪري، مان ڇا ڪريان هڪ ته امان جي حالت خراب تر ٿيندي وڃي بابا کي روز سنهو بخار ٿو رهي، ضعيف ٿيندو وڃي.

صوفيه هِن کي تسلي ڏيڻ خاطر کلي چيو اگر منهنجي هٿن جي ڪير تعريف ڪري ته آءٌ ته خوش ٿيان ۽ وري مفت ۾ ڪير ڀيڻ وٺي اچي ميندي لڳرائي ته پيسا به بچي پوندا نه!!

زيني خارن مان اٿي، ته ”صوفيه ڀاڪر پائي ويهاريس زيني ايتري جلدي ڇو ٿي ڪاوڙجين.“

مذاق ڪري توکي موڊ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪيم ڀلا ٻڌ الله سائين سڀني کي دل جو پيمانو عطا ڪيو آهي، ان ۾ محبت ۽ الفت جي جذبات جا رنگ آهن، ٿي سگهي ٿو تو ۽ تنهنجي اندازن هن جي دل تي اثر ڪيو هجي. هر انسان کي حق آهي ته جذبات جو اظهار ڪري.“

زينيءَ چيو ٺيڪ آهي پوءِ مان resigen ٿي ڪريان اسان ٻنهين جي جند آزاد ٿيندي.

”صوفيه چيس ها سڄي خاندان کي روٽي رزق کان محروم ڪر پوءِ تون نوڪري ڀلي ڇڏ، اهو قبول اٿئي؟!“

تون صبر ڪر وقت هر مرض جو مرهم آهي، هر ڳالهه سيٽ ٿي ويندي حالتن وري نئون ورق ورايو، گهر واري جي بدليءَ جي ڪري آءٌ اسلام آباد هلي ويس.

اتي مون کي زينيءَ جي شاديءَ جو ڪارڊ مليو، ۽ ڪنهن سان؟! آصف سان مون گهر واري کي ڏاڍي حيرت سان ٻڌايو هن جواب ڏنو ”آصف جو عشق سچو هو نه! ۽ هن کي منزل مراد ملي ويئي، پنهنجي ڪاوشن ۾ ڪامياب ٿي ويو، مون پنهنجي گهر واري کي منٿ ميڙ ڪري راضي ڪيو ۽ اسان حيدرآباد ڪجهه ڏينهن لاءِ روانه ٿياسين.

شام جو امان جي گهر اچي، امان جن کان سڄو احوال پڇيم ته هيءَ اڻ ٿيڻي ڳالهه يعني زيني ۽ آصف جي شادي ڪيئن decide ٿي امان جن ٻڌايو ته آصف، جان ٽوڙ ڪوشش ڪئي زينيءَ کي ۽ سندن مائٽن کي راضي ڪرڻ جي، زينيءَ جو والد سخت ناراض ٿيو، هن کي اڳئين تجربي جي تلخي اڃا نه وسري هئي، پر جڏهن زينيءَ حامي ڀري ته هو مجبور ٿي ويو. مون امان کي چيو، ”امان توهان زينيءَ کي ڪا صلاح به نه ڏني، امان چيو ها، مون چيومانس ته هو عمر ۾ توکان ننڍو آهي، جڏهن تون وڏي عمر جي ٿيندينءَ ته هو توکان ننڍو ۽ جوان جماڻ هوندو ٿي سگهي ٿو ته هو توکي ڇڏي ٻي شادي ڪري.“ زينيءَ جواب ڏنو، امان مون ته نصيب جي بازي سمجهي صبر ڪري ڇڏيو آهي هاڻ ته عذابن سهڻ جي عادت اٿم، اگر بازي ابتي ٿي ٿئي ته اها منهنجي قسمت!!

پوءِ خبر پئي ته اڄ ئي زينيءَ جي هلڪي ڦلڪي مينديءَ جي رسم آهي، امان منهنجي لاءِ وڳو تيار ڪرائي ڇڏيو هو، مون وڃي ميندي جي رسم ۾ شرڪت ڪئي ڪمري ۾ جڏهن داخل ٿي هئس ته واقعي زينيءَ جا هٿ اڇا اڇا مهنديءَ جي نقش نگارن سان سهڻا پئي لڳا ۽ خبر پئي ته آصف جي ڀيڻ ئي ميندي لڳائي هئي، هاڻي هو انتهائي خوشحاليءَ سان خوشگوار زندگي پيا گذارين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com