سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :14

دعا ممتاز

وارن جي حفاظت ۽ مختلف اسٽائل

وار عورت جي سونهن هوندا آهن ڪنهن زماني ۾ جنهن عورت جا وار وڏا هوندا اها خوبصورت سمجهي ويندي هئي پر جيئن جيئن دنيا ترقي ڪئي آهي تيئن عورتن جي فيشن، ميڪ اپ ۽ هيئر اسٽائيل ۾ به فرق اچي ويو آهي.

اڄ ڪلهه ته ڊگهن وارن جا اسٽائل ٺاهڻ مشڪل آهي. خاص ڪري جڏهن وار سلڪي هجن. اسين توهان کي ٻڌايون ٿا ته وارن جو هڪ نئون ۽ منفرد اسٽائل جيڪو توهان جي شخصيت کي منفرد ڪري ڇڏيندو. توهان جي شخصيت جي مطابق آهي يا نه اُهو توهان فيصلو ڪريو؟ جيڏڪهن گهر ۾ يا آفيس ۾ تمام گهڻيون مصروف رهو ٿيون ته پريڪٽڪل واش اينڊ ويئر اسٽائل توهان تي ٺهندو ڇو ته انهيءَ سان وار سٺا به رهندا ۽ وقت به گهٽ لڳندو.

ڪجهه استائيل اهڙا به هوندا آهن جن کي بار بار ڪٽنگ پرمنگ يا ڪلرنگ جي ضرورت پوندي آهي. جيڪڏهن توهان جو بجيٽ گهٽ آهي ته توهان وڏا وار رکو جيئن توهان کي روز روز سيلون تي وڃڻو نه پوي.

وارن جي پڇڙين جي ڪٽنگ ڪرائيندا رهو جيئن انهن جا ٻه مُنهن نه ٿين.

جيڪڏهن توهان جا وار خشڪ آهن يا انهن جا ٻه مُنهن آهن، يا ڪلرنگ جو گهڻو استعمال ٿيل آهي ته هفتي ۾ هڪ ڀيرو گرم تيل سان انهن کي مالش ڪريو. ٿورو ناريل جو تيل يا زيتون جو تيل کڻي گرم ڪريو ۽ وارن جي پاڙن ۾ هلڪي هلڪي مالش ڪريو. ان کان پوءِ پنهنجي مٿي کي ڪنهن پلاسٽڪ سان ڍڪي ڇڏيو، پوءِ گرم پاڻيءَ سان وارن کي ڌوئو. توهان ڏسنديون ته توهان جا وار صحتمند ۽ چمڪدار نظر ايندا.

1. وارن کي سلجهائي ڪلپ لڳايو يا پوني ٽيل جي شڪل ۾ ٺاهيو. وارن جي هڪ چڳ کليل رهڻ ڏيو.

2. پوني ٽيل جي مٿان جوڙي جو هڪ رنگ لڳايو.

3. پوني ٽيل مان هڪ حصو وار کڻي انهن کي جوڙي جي رنگ جي چوڌري ويڙهي پِنن جي مدد سان انهن کي فڪس ڪريو.

4. پوني ٽيل کان ٻاهر نڪتل وارن جي چوٽي ڪريو، هاڻ چوٽي ڪيل وارن کي جوڙي جي چوڌاري پِنن جي مدد سان فڪس ڪريو.

جڏهن به توهان ڪنهن پارٽي يا شاديءَ ۾ وڃو ته اهڙو اسٽائل ٺاهيو جيئن گليمرس نظر اچي جيڪڏهن توهان ڪا گيم وغيره کيڏو ٿيون ته توهان پنهنجي وارن جي ڪٽنگ ڪرايو جيئن کيڏڻ وقت توهان کي ڪا پريشاني نه ٿئي.

توهان پنهنجي وارن کي احتياط ۽ آرام سان ڌوئو جيئن وار ٽٽن نه! ڪريم کان سٺو آهي ته توهان هلڪو ڪنڊيشنر استعمال ڪريو جيئن توهان جي وارن جون پاڙون مضبوط ٿين، وڏن وارن لاءِ ٻه شيون ضروري آهن. هڪ چمڪ ۽ ٻئي صحت توهان جا وار وڌيڪ ڊگها هوندا ته اهي منجهندا رهندا. پنهنجي وارن جي سونهن کي دائم ۽ قائم رکڻ لاءِ اهڙو شيمپو استعمال ڪريو جو وارن کي نرم ۽ حفاظت سان ڌوئي جيئن انهن جون پُڇڙيون خشڪ نه رهن ڇو ته وڏن وارن لاءِ اها هڪ عام شڪايت آهي.

اها ڪوشش ڪريو ته وار ڌوئڻ کان پوءِ ڇڏي ڏيو ته پاڻهي سڪي وڃن.

 

رڌ پچاءُ

رابيلا حميد

عيد براد تي هر گهر ۾ مٺو رڌبو آهي، شب معراج ۽ شب برات تي شام جو مٺو رڌي هر گهر ۾ ورهايو ويندو آهي.

ڪجهه ماڻهو نيرن تي به سيرو پوريون شوق سان کائيندا آهن.

پوريون:

پوريءَ جي لاءِ اٽي جي بدران ميدو ڪتب آندو ويندو آهي.

ميدي ۾ گيهه، لوڻ، جيرو ۽ ٿوري مٺي سوڍا وجهي هلڪي گرم پاڻيءَ سان ڳوهيو ۽ ننڍڙا پيڙا ٺاهي، ويلي گرم گيهه ۾ تري وٺو.

مِٺا اڦڙاٽا:

اٽو:             هڪ ڪوپ

ميدو:          هڪ پاءُ

پيڪنگ پائوڊر:       ٿورو

کنڊ:                   اڌ ڪوپ

بيضو:                 هڪ عدد

کير:                    هڪ ڪوپ

گيهه:                  هڪ ڪوپ

ترڪيب: ميدو، اٽو، کنڊ، بيضو، کير ۽ بيڪنگ پائوڊر کي مڪس ڪري ڳوهي وٺو، جيترا به پيڙا ٺهن انهن کي تئي تي گيهه وجهي تري وٺو. مٿان ماکي لڳل بادام پستا هڻو، هاڻ کير سان چانهن سان يا جيلي سان کائو.

سيرو:

سوجي:         هڪ پاءُ

گيهه:          هڪ پاءُ

کنڊ:           هڪ پاءُ

ڦوٽا، بادام، پستا، ڪشمڪش، چانديءَ جا ورق.

ترڪيب:

هڪ ديڳڙيءَ ۾ گيهه گرم ڪري ڦوٽا وجهي هاڻ اُن ۾ سوجي وجهي ڀُڃو ۽ هلڪو ڳاڙهو ڪري، اُن ۾ ٻه ٽي گلاس پاڻي ۽ کنڊ وجهي ملائيندا رهو جڏهن سوجي گيهه ڇڏڻ لڳي ته خشڪ ميوو وجهي لاهي وٺو ۽ چانديءَ جا ورق مٿان هڻو، سوجيءَ جو سيرو تيار آهي.

 

مُرملا – گانٺيا – سڱر ٺاهڻ:

بيسڻ کي پاڻيءَ ۾ ڳوهي لوڻ، مرچ ملائي سخت ٺاهجي، پوءِ ڪڙاهيءَ ۾ گيهه يا تيل وجهي باهه تي چاڙهي هڪ پُرڻ ۾ ڳوهيل مصالحي وارو بيسڻ وجهي سيون ڪڍي تيل ۾ تريندا پوءِ آهستي آهستي ڪڍي رکو.

پڪوڙا ٺاهڻ:

جن ڀاڄين مان پڪوڙا ٺاهبا آهن، پٽاٽا، گوبي، ڪچالو، مُوري، بيهه، واڱڻ، پالڪ، ساوا مرچ، انبڙي ۽ بيضن جا پڪوڙا.

جنهن ڀاڄيءَ جا پڪوڙا ٺاهڻا هجن انهيءَ جا وڏا وڏا ٽڪر ڪري لوڻ مرچ ۽ کٽاڻ هڻي، بيسڻ ۾ ٻوڙي گيهه يا تيل ۾ ترجن.

ترڪيب:

بيسڻ جي پڪوڙن لاءِ هڪ پاءُ بيسڻ، چار ساوا مرچ ڪٽيل، ساوا ڌاڻا ۽ ڦودنو ڪٽيل، لوڻ، ڳاڙها مرچ، کٽا ڏاڙهون پيٺل، سڄا سڪل ڌاڻا، مٺي سوڍا اڌچمچو سڀني کي بيسڻ ۾ ملايو ۽ هڪ عدد بيضو ڀڃي اُهو به بيسڻ ۾ گڏايو ڪجهه دير بيسڻ کي رکي ڇڏيو. هاڻ گيهه يا تيل ڪڙاهي ۾ گرم ڪري هلڪي باهه تي پڪوڙا تريندا وڃو.

پڪوڙن سان چٽڻي ضروري آهي. ان لاءِ هڪ پيالي ۾ گدامڙي پسائي رکو، هاڻ ساوا ڌاڻا، سائو ڦودنو، ساوا مرچ ۽ جيرو ملائي ڪُٽي گدامڙيءَ جي پاڻي ۾ ملايو سائي چٽڻيءَ سان پڪوڙا پيش ڪريو.

نمڪ پارا:

شيون: ميدو پاءُ، کنڊ اڌ پاءُ، جيرو هڪ چمچو، گيهه اڌ ڪلو، مٺي سوڍا ٿوري.

ترڪيب:

پهرين ميدي ۾ کنڊ وجهي اٽي وانگر پاڻيءَ سان ڳوهيو. هڪ پيالي گيهه جي به وجهو ته نمڪ پاران سٺا ٿيندا، پوءِ مانيءَ وانگر ميدي کي ويليو، هاڻ ڇريءَ سان ڦارون ڪري هڪ ڀيرو وري ڇريءَ سان آڏيون ڦارون ڪٽيو هاڻ ڪڙاهيءَ ۾ گيهه کي ٽهڪايو. هاڻ آهستي آهستي نمڪ پاران وجهو هلڪا بدامي رنگ جا ٿين ته لاهي وٺو.

ميدو پاءُ، گيهه اڌ سير، قيمو ڏيڍ پاءُ مرچ مصالحا ضرورت اهر. پهرين پاڻيءَ ۾ قيمو اُٻاريو، قيمو ڳري وڃي ته ان ۾ مرچ مصالحا وجهو ۽ ٿورو ڀڃي پوءِ لاهي رکو.

ميدي کي اٽي وانگر ڳوهيو، پوءِ ٻه مانيون ويلي هڪ ماني پليٽ ۾ لاهي رکو ٻي ماني ويلي ان جي مٿان قيمو وجهي ڇڏيو. ۽ پوءِ ٻي ماني مٿان رکي بند ڪريو، هاڻ هڪ گلاس سان ننڍا ننڍا گول ڪري ٽڪيون ٺاهيو، ۽ گرم گيهه ۾ تريو، ۽ ڪنهن به چٽڻي سان پيش ڪريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com