سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون سيپٽمبر 2006ع

گلبدن جاويد

 

 

 

سرتيون شاهه لطيف چئي

 

هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراهَ،

اَچي وڃي وِچَ ۾، تَمِاچيءَ جي ساءَ،

لَڳي اُتَرَ واءَ، ڪِنجهرُ هِندورو ٿِئي.

(سُر ڪامود – داستان ٻيو)

 

 

 

 

 

 

سوچ ويچار

پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪنيڪي!

انگلستان جي مشهور شاعر ۽ ناٽڪ نويس شڪسپيئر چيو آهي ته ”هي دنيا هڪ اسٽيج آهي، جتي هر ڪو اداڪار (انسان) پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري هليو وڃي ٿو.“ اهڙيءَ طرح جيسين هي جهان دائم ۽ قائم آهي تيسين اهو چرخو هلندو رهندو. هڪڙا پيا ايندا ته ٻيا پيا ويندا. ”لالڻ لوءِ، ڪي اڳي ڪي پوءِ“. پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته هر انسان اهو ڄاڻڻ باوجود ته هي دنيا چئن ڏينهن جو کيل آهن پوءِ به ٻئي انسان جي رَت جو پياسو ٿيو پر گهمي. ۽ ايتري حد تائين جو ڍڳي کي تڪبير (سير) وجهندي ڪاسائيءَ جا به هٿ لرزندا هوندا، پر انسان انسان کي ڪُهندي (قتل ڪندي) دير ئي نٿو ڪري. پوءِ اهو ڪوس ڪوڙي غيرت جي نالي تي هجي، دولت جي لالچ تي هجي يا طاقت جي زور تي هجي. جڏهن اهڙين حالتن تي گهرائيءَ سان سوچجي ٿو ته اندر ٽٽي اڌ ٿي ٿو پوي! انسان جيڪو ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ شرف وارو آهي ان جا اهڙا ڪلور ۽ ڪرتوت!! انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو الميو هوندو، جو ڌرتي جنگ جو ميدان بڻيل آهي، امن جي نالي تي بي قصور انسان پيا مارجن!

بهرحال حالتون ڪهڙيون به هجن اچوته سڀئي گڏجي هن ڌرتيءَ تي امن، شانتي، سک، خوشحالي قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪريون. اچو ته دنيا جي عظيم شاعر شاهه سائين جي ڏسيل واٽ تي عمل ڪريون ۽ سندس فلسفي ۾ پناهه وٺون:

هو چونئي، تون مَ چؤ، واتان وَرائي،

اَڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،

پاندَ ۾ پائي، ويو ڪيِني وارو ڪينَ ڪي.

ظالم ڪيڏو به طاقتور هجي پر ان جو انت ضرور اچي ٿو. ”سرتيون“ سيپٽمبر 2006ع جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي، پرچو ڪيئن آهي؟ اوهان پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪنديون/ڪندا. ٻيو ته خط/ تبصرا جلدي موڪليو ته مهرباني ٿيندي! ڪيترين ڀينرن ۽ ڀائرن جا خط / تبصرا پهتل آهن، جيڪي دير سان ملڻ جي ڪري في الحال نه هلي سگهيا آهن.

- گلبدن جاويد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com