سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :8

نالو عاليه آغا                                  ڪهاڻيون

ڄم جي تاريخ؛ 15 جنوري 1972

هنڌ؛ سکر

تعليم؛ گورنمينٽ ڪاليج ۾ بي. اي فائنل ايئر جي اسٽوڊنٽ

لکڻ جي شروعات؛ 1991

پهرين لکڻي

سسئي

 

اسان چار ساهيڙيون ڪيفي شيزان ۾ گرم گرم ڪافيءَ جا ڍُڪ ڀري رهيون هيونسين . مون کان سواءِ منهنجين ٽنهي ساهيڙين عورتن جي حقن ۽ انهن کي پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا پاڻ ڪرڻ ۽ اهڙن ٻين ڪمن جي اُڪلاءَ لاءِ هڪ تنظيم ٺاهي آهي، جنهن جون پاڻ ئي ميمبر ۽ عهديدار آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن جي تنظيم ۾ مان به شامل ٿي ويندي آهيان. تنظيم جي ميمبرن جي کوٽ جو هڪ وڏو ڪارڻ اهو به هو، جو ڪنهن ٻيءَ ڇوڪري کي اسان سان مڪس اپ ٿيڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي هئي ۽ ٻيو ڪارڻ اهو هو جو هُو ان کي هڪ فضول ڪم ۽ پنهنجي زندگيءَ جي خوبصورت ترين دور کي انهن ڪمن ۾ وڃائڻ سمجهنديون آهن، شايد هو صحيح آهن يا اسين غلط يا وري اسان صحيح.

”مومل توکي خبر پئي ته سنجها اسان جي لاءِ اڄ ڪلهه ڇا مشهور ڪيو آهي. هن چيو آهي ته اسان اهو سڀ ڇوڪرن کي متاثر ڪرڻ جي لاءِ ٿيون ڪيون ۽ اسان ائين ڪري پاڻ کي ٻين کان الڳ ٿيون ڏيکارڻ چاهيون“ سونيا ڪافي ڪاوڙ منجهان چيو.

”شايد اسان لاءِ اهو سڀ چوندي هوءَ پاڻ کي وساري ويٺي آهي، هن کي پاڻ کي ته ڇوڪرن جي اڳيان اسٽائل هڻڻ ۽ پنهنجي پاڻ ڏي انهن جو ڌيان ڇڪائڻ کان سواءِ ته ٻيو ڪو ڪم ئي ناهي ۽ هن کي ته شايد اها به خبر ناهي ته هن جو نئون بواءِ فريڊ ڪلهه مون کي ڇا پيو چوي. مون جڏهن هن کان پڇيو ته مون توهان جي ۽ سنجها جي مڱڻي جي ڳالهه ٻڌي آ ته هن چيو ”ڀيڻ، مومل جهڙيون ڇوڪريون ڪجهه ڏينهن دوستيءَ لاءِ هونديون آهن ۽ مون کي انهي مهل هُن ڇوڪري کان وڌيڪ سنجها تي ڪاوڙ آئي.

هُن کي ڪهڙي پرواهه آهي! هوءَ وري ڪنهن ٻئي جي ڳولها ۾ لڳي ويندي، پر مون کي ته اچرج ٿيندو آهي، ته اُهي ئي ڇوڪرا جڏهن اسان سان گڏ ويهندا آهن ته هنن جي دل ۾ اسان لاءِ ڪيڏي نه عزت هوندي آهي.

”تون صحيح ٿي چوين پر سڀئي سنجها جهڙيون ته ناهن، نه ڪي اهڙيون چريون به هونديون آهن، جيڪي بنا ڪنهن شڪ جي انهن ڇوڪرن جي ڳالهين تي اعتبار ڪري پاڻ وڃائي ويهنديون آهن.“

”پر آخر انهيءَ جو حل ڇا آهي؟ ڇا ڪو ايجوڪيشن وارو سسٽم ختم ٿيڻ کپي؟“

”نه. انهيءَ جو نبيرو ڪو ايجوڪيشن جي ختم ٿيڻ سان نه ٿيندو، ڪيترين ئي گرلز ڪاليجن جي ٻاهران وڃي ڏس ته ڪيترائي ڇوڪرا دڪانن جي پاسن ۾ بيٺل يا انهن جي اندر ويٺل نظر ايندا آهن، منهنجي خيال ۾ ته انهيءَ جو حل ايستائين نه ملندو، جيستائين ڇوڪريون پنهنجي پاڻ کي مضبوط نه ڪنديون.“

انهي جو هڪ وڏو ڪارڻ اهو به آهي ته اسان جي نئين جنريشن ۾ پنهنجي پاڻ تي ۽ پنهنجي فيلنگس تي ڪنٽرول ڪرڻ جو مادو بلڪل گهٽ آهي. منهنجي خيال ۾ انهن کي انهيءَ ڳالهه جو ڌيان رکڻ کپي، ته هر شيءِ پنهنجي وقت تي ٿيندي سٺي لڳندي آهي. ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ پڙهڻ ئي سونهي ٿو، نه ڪي اهي ڳالهيون.“

”پر انهن کي اهو سڀ ڪير سمجهائي؟ حيرت ته انهن ڇوڪرين تي ٿيندي آهي، جيڪي اڄڪلهه جي زماني ۾ بيوقوف ٿي وينديون آهن!“

هو ٽيئي هڪ نه ختم ٿيندڙ بحث ۾ الجهي ويون هيون ۽ مان شيخ اياز جو ڪتاب”ڀؤنر ڀري آڪاس“ چوٿون ڀيرو پڙهي رهي هيس. مون کي اهو ڪتاب ڏاڍو وڻندو آهي. مان ڪتاب پئي پڙهان، ته سونيا، اوزا ۽ مومل جو ڳالهائڻ هڪ دم بند ٿي ويو ۽ مون پڙهندي پڙهندي ئي چيو؛

”ڇو ڀلا توهان جي بحث کي اهو ڪوما ڇو لڳي ويو؟“

”سسئي منهن ته مٿي ڪر.“ مومل سسئيءَ کي ٺونٺ هڻندي چيو.

سسئي مٿي ڏٺو. سامهون چار ڇوڪرا اندر اچي رهيا هئا ۽ چار ئي چڱا سمارٽ هئا.

”واهه ڪافي هئنڊسم آهن.“ اوزا ڪمنٽ پاس ڪيو.

”ڇا ته ڇوڪرا آهن!“ سونيا جي چوڻ تي سسئي هن ڏي ورائي ڏٺو. هو هڪ عدد فيانسي جي مالڪ هئي، پر تڏهن به هر هڪ ڇوڪري تي تبصرو ڪرڻ هن جي عادت هئي.

”ٽي ته مڙئي آهن. باقي چوٿون چڱو متاثر ڪرڻ وارو آهي.“ مومل کلندي چيو.

”توکي ته بس عادت آ سڀني ۾ نقص ڪڍڻ جي! چارئي سٺا آهن.“ اوزا جي چوڻ تي سڀئي کلڻ لڳيون. هوءَ جلدي سيريس ٿي ويندي هئي.

مومل جي پوائنٽ آئوٽ ڪرڻ تي سسئي چوٿين ڏي غور ڪيو، ڪڻڪائي رنگ تي هن جي فرينچ ڪٽ ڏاڙهي ڏاڍي ٺهي پئي، هن جي اکين ۾ هڪ عجيب گهرائي هئي، جيڪا هڪ ئي نظر ۾ ٻئي کي پنهنجي پاڻ ڏي متوجه پئي ڪري.

”ڇو سسئي تون پئي ڏسين! تون ته گهٽ ئي ڪنهن کي منهن مٿي ڪري ڏسندي آهين، پر اڄ ڏسڻ سان غور به ڪرين پئي! خير ته آهي نه“. سونيا لفظن کي دٻائي دٻائي چيو.

”توهان جي چوڻ تي ئي ڏسان پئي. نه ته مون کي ڪوبه شوق ناهي.“ سسئي هلڪي مرڪ سان وري ڪتاب کوليو.

اسان کي پنهنجي طرف نهاريندي ڏسي هو ڇوڪرا به آهستي آهستي پنهنجي اصل رنگ ۾ اچڻ لڳا ۽ کلي کلي اسان ڏانهن گهورڻ لڳا.

”ڌوڙ پئين.“ مومل ڪاوڙ مان چيو.

”مئا ڪيڏا سٺا پيا لڳن، پر اندران نڪتا اهي ئي ٽرڙا.“

”توهان به ڏسو اڃا چتائي“ ائين ڏسندؤ پوءِ فري نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندو!“ سسئي ڪتاب بند ڪري هڪ ٻيو ڪتاب کوليو.

”مئڊم چوين ته ائين پئي ڄڻ پاڻ اکيون بند ڪري ويٺي هُئينءَ.“ اوزا چِڙندي چيو ته سسئي ٽهڪ ڏئي کلي پئي.

پوءِ ٽيئي وري ڪنهن بحث ۾ لڳي ويون. هو ڇوڪرا به لفٽ نه ملڻ تي پاڻ ۾ لڳي ويا.

ڏهه پندرهن منٽ مس گذريا هئا، جو مان ڪتاب ۾ ڪجهه نوٽ ڪرڻ جي لاءِ مومل کان پين وٺندي منهن مٿي ڪيو، ته ڏٺم هو ڇوڪرو جيڪو سڀني کان الڳ نظر اچي پيو سو مون ڏي گهور ڪري ڏسي رهيو هو. مون جلدي ۾ مومل وارين ڏانهن ڏٺو، هو پنهنجي ڳالهين ۾ لڳل هيون، سونيا پنهنجي فيانسي جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي رهي هئي ۽ هن جي چهري تان ڦُٽندڙ گلابي رنگ انهي ڳالهه جي شاهدي ڏئي رهيو هو ته کيس وري فيانسي جي ڪا تازي فون آئي هئي ۽ هو اُهي سڀئي ڳالهيون مومل ۽ اوزا کي ٻڌائيندي کلي رهي هئي ۽ مان وري ڪتاب پڙهڻ لڳس.

ڪجهه وقت گذريو ته مون کي پنهنجا چيلهه کان به هيٺ لڙڪندڙ وار تنگ ڪرڻ لڳا، ته مان انهن کي ٻڌڻ لاءِ هٿ مٿي ڪيا ۽ وري سامهون نظر پئي، ڏسان ته اهو ڇوڪرو اڃا تائين مون ڏانهن ڏسي رهيو هو. مون کي الائجي ڇو هن جي گهرين اکين کان الجهن ٿيڻ لڳي. مان ايتري سهڻي ته هيس به ڪونه، جو ڪو هڪ ڀيرو ڏسي منهنجي عشق ۾ مبتلا ٿي وڃي! پر سڀني جي چوڻ پٽاندر منهنجي چهري ۾ ڪشش ڪافي آهي، خير جيڪي ڪجهه به آهي، پر هي مون ڏانهن ائين ڇو پيو ڏسي؟ مان انهيءَ الجهن ۾ هيس ته مومل جو سڏ ٿيو؛

”هاڻي هلڻ کپي سڄو آسمان ڪارن ڪارن ڪڪرن سان ڀرجي ويو آهي، ٿوري دير ٿي ته امان ڏاڍي پريشان ٿيندي.“ مومل جي چوڻ تي اسين وڃڻ لاءِ اٿيونسين.

الائجي ڇو هن جي ٽيبل اڳيان لنگهندي مان ڏاڍي ڪنفيوز ٿي ويس، ڪيفي شيزان کان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ به منهنجا هٿ ڏڪي رهيا هئا، خبر ناهي مون سان ائين ڇو پيو ٿئي! انهيءَ کان پهرين به ڪيترن ئي ڇوڪرن سان ملڻ ٿيو هو، پر اڄ هن جي اکين ۾ الائجي ڇا هو.

”مون کي ڪزن جي لاءِ ڪتاب وٺڻا آهن،هلو ته پهرين Book Shop تي ٿا هلون.“

اوزا جي چوڻ تي اسان سڀ هن جي ڪڍ Book Shop ۾ داخل ٿيونسين.

اوزا ڪائونٽر تي بيهي ڪتاب وٺڻ لڳي. مومل ۽ سونيا به هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳيون. ته مان به هڪ ڪتابن سان ڀريل شيلف اڳيان وڃي بيٺس؛ پر الائجي ڇو خيال گهڙي گهڙي هن ڏانهن ئي هليو ويو!

مان انهيءَ سوچ ۾ ئي هيس ته مومل سڏ ڪيو؛”هليا سسئي!“

هو سڀ هڪ هڪ ڪري ٻاهر نڪرڻ لڳيون، ته مان به انهن جي ڪڍ لڳس.

پر مان جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته ڪو هڪ دم ئي منهنجي اڳيان اچي ويو. مان پنهنجو پاڻ سنڀالي نه سگهيس ۽ ڪنهن سان زور سان ٽڪرائي پيس.

”توهان!“ هي اُهو ئي هو.

منهنجو مٿو هن جي کاڏي لڳڻ سان سُور پيو ڪري.

”اوهه مس پليز، مون کي معاف ڪجو. مون اهو ڄاڻي واڻي ڪونه ڪيو، توهين هڪ دم سامهون اچي ويا!“

”ڪائي ڳالهه ناهي“ مان اهو چئي هن جي پاسي مان لنگهندي اڳتي هلي آيس.

”ستيش هل.“ هن کي پنهنجي دوست سڏيو.

”هي ڪنهن سان ٽڪر ٿي ويو؟“ اوزا مرڪندي چيو.

”خير سَسئي بندو آهي زبردست“ سونيا تبصرو ڪيو.

”ها ڪيفي ۾ به الائجي ڪيتري دير تائين سسئيءَ ڏانهن پيو تڪي“. اوزا وري چيو.

مان گهٻرائجي ويس. تنهن جي معنيٰ ته هنن به اها ڳالهه نوٽ ڪئي هئي.

”اڙي بابا هاڻي هلو کڻي“. مومل اڳتي وڌندي چيو.

اسين سڀ ڪار ۾ ويٺاسين ته مومل ڪار اسٽارٽ ڪئي، مون منهن ورائي پويان ڏٺو هو اڃا تائين اتي ئي بيٺو هو مون ڏانهن نهاري رهيو هو. مان هڪدم منهن ورايو، ڇو جو ڪنهن کي ائين ڏسڻ جو حق مون کي نه هو.

 

گهر ۾ ڪا انڊين فلم پئي هلي. جيڪا انهيءَ ڳالهه جو ثبوت هئي ته بابا ۽ ادا سائين وارا گهر ۾ نه آهن؛ ڇو جو انهن جي گهر ۾ هئڻ تي فلم يا ٽي وي ته ڇڏيو، پر ڪنهن کي به وڏي سڏ ڳالهائڻ جي به طاقت نه هوندي آ.“

مان به انهن سان گڏ ويهي رهيس، گهر ۾ سڀئي ڪافي فريلي نموني سان هلي رهيون هيون. گهڻن ڏينهن کان پوءِ ايتري آرام ۽ سڪون سان ويهڻ جو موقعو مليو اٿن.

منهنجي دماغ جون رڳون سور ۾ ڦاٽڻ لڳيون. خبر ناهي الله سائينءَ ماڻهوءَ ۾ ان جي سهڻ کان به وڌيڪ صبر جو مادو ڇو ٿو پيدا ڪري! پر مان آخر ڪيستائين ٺاهه ڪريان. شايد اسان سنڌ ديس جون ڌيئر ماءُ جي پيٽ مان ئي لفظ ٺاهه سکي اينديون آهيون. نه ته شايد هنن کي مرد جي هن دنيا ۾ جيئڻ جو هق به نه هجي! پر مان به ٿڪجي پئي آهيان، ڪيستائين مان ٻن الڳ الڳ طرح جي ماحول ۾ پاڻ تي خول چاڙهي هلان؟ پر شايد ماڻهو ڏاڍو سخت آهي ۽ وري اسان جهڙن گهرن جون عورتون ائين گونگيون هونديون آهن ۽ انهن جي وات مان نڪرڻ وارا اکر”جي سائين“ تي اچي ختم ٿي ويندا آهن. شايد هو ٻيو ڪوبه اکر نه ٿيون ڄاڻن. شاديءَ کان پهرين پيءُ ۽ ڀاءُ جي حڪم جون غلام شاديءَ کان پوءِ مڙس جي ۽ پوءِ پُٽ جي غلامي! ڪاش، هو انهيءَ لفظ کان اڳتي به ڪجهه ڄاڻي سگهي. ننڍپڻ کان ئي هن جي هٿ ۾ گڏي ڏئي، هن جي ننڍڙي دماغ ۾ اها ڳالهه ويهاري ويندي آهي، ته توهان جي سوچ ۽ لوچ هن گڏيءَ ۽ چئن ديوارين کان باهر نه وڃڻ کپي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ مرد کي ننڍپڻ کان ئي هٿ ۾ بندوق ڏئي، انهن تي اهو ظاهر ڪيو ويندو آ، ته هو هر شيءِ جا مالڪ آهن ۽ هي گهر جون عورتون به ڍورن ڍڳن وانگر انهن جي ملڪيت آهن!

آخر اهو سڀ ڪيستائين هلندو؟ ڪاش مان پنهنجي سوچ تي عمل ڪري سگهان! پر نه منهنجا ته پر ئي ڪپيل آهن ۽ مون کي خبر آهي ته جيستائين هي وڏا ٿيندا اوستائين مان ڪنهن نه ڪنهن انڌي کوهه ۾ ڪري پوندس، خبر ناهي هن جهان ۾ خوشي ايڏي مهانگي ۽ ڏک ايترو سستو ڇو آهي.!

”سسئي ايتري دير کان ڇا پئي سوچين؟“

منهنجي وڏي ڀيڻ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو دل ۾ آيو ته چوانس تنهنجي ۽ پنهنجي ڪانئرتا جو سوڳ پئي ملهايان.

سسئي منهن ورائي پنهنجي ڀيڻ کي ڏٺو.

هن جي وارن ۾ ڪٿي ڪٿي چانديءَ جون تارون پئي ظاهر ٿيون ۽ هن جي منهن تي ڪنهن وڏي طوفان کان پوءِ ڇانيل سانت جهڙا پاڇا هئا.

”ڪجهه به ناهي ادي،“

”پوءِ ائين ڇو ويٺي آهين؟ اُٿ وڃي وهنجي سهنجي اچ، خبر ڪونه اٿئي ته علي شير اچڻ وارو آهي! ايترن سالن کان پوءِ هو اچي ٿو سو به پرين جي ديس کان توکي هن حال ۾ ڏسندو ته هن تي ڇا اثر پوندو!“

سسئي هڪ وار وري پنهنجي ڀيڻ ڏانهن ڏٺو.

”ادي ڇا توکي ڪاوڙ ڪونه ٿي اچي؟ ڏهه سال پهريون جيڪو حق توکان ڦريو ويو هو، اڄ اُهو مون کي ملي رهيو آهي! ادي، توکي مون کان چَڙ يا ساڙ به ڪونه ٿو ٿئي!“

”چري مان پنهنجي حق جي تلافي توکي آباد ٿيڻ ۾ پائي وٺنديس ۽ جي تون چڙ يا ساڙ جي ڳالهه ٿي ڪرين ته مٺي اُهي جاهل ماڻهو هوندا آهن، جيڪي ڳالهه ڳالهه تي چڙ کائيندا آهن يا ساڙ ڪندا آهن، اهي ٻئي جهالت جون وڏيون نشانيون آهن.“

سسئي پنهنجي دل ۾ سوچيندي ئي رهي، تنهن جي معنيٰ ته سونَ جو مڙس پڙهيل لکيل جاهل آهي، جو هر وقت چِڙ ڪندو آ؟ چوويهه ڪلاڪ سونَ کي جاهل عورت جا خطاب ڏيڻ کان سواءِ هن کي ٻيو ڪوبه ڪم ناهي، خبر ناهي اڳتي علي شير مون سان ڇا ڪندو؟ شڪر ٿيو ادي وڏي جو تون سَتي ٿيل آهين! شايد سونَ جي چوڻ مطابق تون ڏاڍي خوش قسمت آهين! ”ادي،ا سان ڪيڏيون نه بدقسمت آهيون!“

” نه مِٺي تون ته وڏن ڀاڳن واري آهين! الله سائينءَ جي ڪرم سان تون هيترو سارو پڙهي آهين! ٻڌائي ڀلا تو کان پهرين خاندان ۾ ڪا اسڪول ڪاليج وئي هئي ڇا؟ ڪا ڇوڪري ائين ٻاهر ويندي هئي ڇا؟“

”ادي، تو کي ڪهڙي خبر ته هن علم ۽ شعور مون کي ڀوري ڇڏيو آآ“

”پر اها دين به تنهنجي ڪري ٿي جو تون انهيءَ مهل منهنجي لاءِ ڪو اسٽينڊ نه وٺين ها، ته اڄ مان الائجي ڇا هجان ها!“

”مان اهو سڀ پنهنجي لاءِ ڪيو هو سسئي، ڇو جو مان پنهنجو ڏک ته سهڻ جي طاقت رکان ٿي، پر مان تو کي يا شهزاديءَ کي ائين نه ڏسي سگهان ها...“ علي شير تمام سٺو ڇوڪرو آهي ايترو پڙهي لکي آيو آ ٻاهران!“

سسئي سوچ ۾ پئجي وئي، علي شير ٻاهران بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊگري وٺي آيو آ، پر هتي اچي ٻنيون ٿو سنڀالي، جي اهو ئي ڪم ڪرڻو هيس ته ٻاهر وڃڻ جو ڪهڙو فائدو؟

”وري ڪهڙي سوچ ۾ پئجي وئي آهين؟“

”ڪجهه به نه“ سسئي اتان اٿي وئي.

خبر ناهي اڄ ڇا پيو ٿئي! گهڻن ڏينهن کان پوءِ وري دماغ تي ٽينشن وڌي ويو آ. ائين ئي هن جو ڌيان انهيءَ ڇوڪري ڏانهن هليو ويو، هو ڪير هو؟ مون کي ائين ڇو پيو ڏسي؟

سسئي ڪيتري دير انهيءَ لاءِ سوچيندي رهي، زندگيءَ جي راه ۾ ستيش جي نالي سان هڪ نئون ڏک منهنجو منتظر هو. جي مون کي انهيءَ جي ڄاڻ هجي ها ته ڪڏهن به ان جي سامهون نه اچان ها؛ پر شايد اهو منهنجي نصيب ۾ لکيل هو، انهيءَ ڏينهن کان پوءِ مان اڪثر ڪيفي شيزان ۾ ستيش کي ڏسندي هيس، مون کي اتان وڃڻ مهل هميشه ڪڏهن بيري هٿان يا وري ستيش جي دوست ذريعي گل ضرور ملندو هو. جيڪا باهه منهنجي من کي وڪوڙي رهي هئي. اُها سندس من ۾ به ٻري وئي هئي، پر شايد منهنجي ۽ پنهنجي وچ واري ڀِتين جو حساب ڪندي هن مون سان ڪڏهن به ڳالهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي.

انسان ڪيڏو نه مجبور آهي ۽ ريتون رسمون انهيءَ کي اڃا وڌيڪ مجبور ۽ بي وس ڪري ڇڏينديون آهن! شايد هي انسان تي پنهنجي اهميت ظاهر ڪرڻ چاهينديون آهن ۽ انسان کي سندس ئي هٿان شڪست ڏينديون آهن ۽ انهيءَ هار ۾ وڏو هٿ انسان جي پنهنجي خواهش جو به هوندو آ، جن جي پوري ٿيڻ جا امڪان هوندا ئي ناهن، جي خواهشون ۽ سپنا پورا ٿي وڃن ته پوءِ زندگيءَ ۾ ڪا تمنا ئي نه رهي ۽ جي زندگيءَ ۾ ڪا تمنا نه رهي ته پوءِ ته زندگي نه رهندي!

خبر ناهي ته منهنجي دل ڪنهن ستيش جي خواهش ڪري وڌي. اها خبر هوندي به ته واريءَ جون ماڙيون ٺهنديون ته ڏکيون آهن، پر ڊهنديون جلدي آهن. تڏهن به مان واريءَ جي ماڙي ٺاهي رهي آهيان ۽ مون کي ڄاڻ آهي ته اها ماڙي ٺهڻ کان پهريان ڊهي پوندي؛ ڇو جو علي شير جو نالو منهنجي نالي سان پهريان لکجي ويو آهي.

”سسئي، سسئي“ مومل جي رڙ هن کي پنهنجن خيالن مان ڪڍيو.

”تون ڪيڏي مهل آيئين؟“

”مون کي ته ڪيتري ئي دير ٿي وئي آهي، پر تون آهين ڪٿي اڄ ڪلهه، ڏاڍي بور ٿي پئي آهين، گهر کان نڪرين ئي نه ٿي!“

”نڪرندي ته آهيان.“

”ڪاٿي بابا، اسان ته تو کي سواءِ ڪيفي شيزان جي ٻئي ڪنهن به جاءِ تي نٿا ڏسون، ۽ مان ڄاڻان ٿي ته اهو به تون سونيا جي زوريءَ وٺي وڃڻ تي وئي هوندينءَ، ٻه ڏينهن اڳ به مون تو کي اتي ئي ڏٺو هو، ڀاءُ وڏو مون سان گڏ هو، ان ڪري تو وٽ نه آيس، پوءِ ڀلا هاڻي هلون!“

”چڱو اُٿ ته جيجل کان پڇي اچون“ سسئي اٿندي چيو.

”جيجل ۽ ادا کان مان اڳ ئي پڇي آئي آهيان.“

”ادا کان!“

”ها، ڇو ڀلا ايترو وقت ٿيو آهي تنهنجي ۽ منهنجي دوستيءَ کي ڇا ادا کي اڃا تائين اسان تي اعتبار نه ايندو!“

”جي هلين ٿي ته پهريون هل ته ڪيفي شيزان مان ڪافي پيئنداسين، پوءِ ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي هلنداسين.“ سسئي هئنڊ بيگ کڻندي چيو.

مومل هن کي ڪجهه عجيب نظر سان ڏسي اُٿي بيٺي.

پنهنجي مخصوص جاءِ تي ويهڻ کان پوءِ سسئي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو.

اڄ هو هن مهل تائين نه آيو هو.

”ستيش کي ٿي ڳولين نه؟“

سسئي، مومل جي ڳالهه ٻُڌي گهٻرائجي وئي.

ايتري ۾ ستيش جو هڪ دوست جيڪو هميشہ هن سان گڏ نظر ايندو هو، سسئي جي ڀرسان آيو ۽ پنهنجي جيڪٽ جي پاڪيٽ مان هڪ گل ڪڍي سسئي جي هٿ ڏانهن وڌايائين.

”مس سسئي، هي ستيش ڏنو آ توهان جي لاءِ.“ هو گل سسئيءَ جي هٿ تي رکي هليو ويو.

ڳاڙهو گلاب جو گل هن جي هٿ ۾ ڏڪي رهيو هو.

”اهو سڀ صحيح ناهي سسئي!“ ڇا توهان ٻنهي ڪڏهن هڪ ٻئي سان ڳالهايو آهي؟“

سسئي ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.

”ته پوءِ هي سڀ ڇا آهي؟ تون پان سان گڏ هن کي به دوکي ۾ رکي رهي آهين! ڇا تو کي خبر ناهي ته تون مڱيل آهين ۽ اهي سڀ ڳالهيون ته پري، پر ڇا تو کي اها به خبر ناهي ته تنهنجو واسطو ڪهڙي فيملي سان آهي!“

”مان ڄاڻان ٿي“

”ته پوءِ پاڻ سان گڏ هن جي زندگي ڇو ٿي خراب ڪرين؟ تون اهو به نه ٿي سوچين ته جي هو سيريس ٿي ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو!“

”اهو سڀ منهنجي وس ۾ نه هو!“

”اهو تنهنجي وس ۾ هو سسئي، جي تون هتي اچڻ پنهنجو معمول نه بڻائين ها، ته جيڪر هو انهيءَ راهه تان موٽي وڃي ها ۽ اڃا به وقت ويو ناهي سٺو اهو آ ته انهيءَ قصي کي اتي ئي ختم ڪري ڇڏ“ هوءَ وري سمجهائڻ لڳي.

”ڏس سسئي، مان ڄاڻان ٿي ته تون پنهنجي گهر جي ماحول سان ايڊجسٽ نه ٿي ڪري سگهين پر سسئي ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ کي پنهنجي مرضيءَ خلاف به گذارڻو پوندو آهي، ڪهڙي خبر ته علي شير جو مائينڊ پنهنجي ماحول کان چئينج هجي! آخر هو ايترا سال آمريڪا ۾ رهي آيو آهي ۽ منهنجي خيال ۾ تون هن سان هڪ سٺي زندگي گذاري سگهين ٿي.“

مومل جي سمجهائڻ جو مون تي ڪافي اثر ٿيو ۽ ڪيفي شيزان کان ٻاهر نڪرڻ مهل اهو گل ٽيبل تي رکي هلي آيس.

هاڻ مان هڪ خالص مشرقي ڇوڪريءَ جيان پاڻ کي علي شير سان گڏ زندگي گذارڻ لاءِ تيار ڪرڻ لڳيس.

”سسئي سسئي“ شهزادي هن کي زور سان سڏڻ لڳي.

”ادا وڏو تو کي سڏي رهيو آهي“ شهزادي اهو چئي ڊوڙندي هلي وئي.

سسئي کي پنهنجي اها ننڍي سئوٽ ڏاڍي پياري هئي ۽ ادي وڏيءَ جو ته هن ۾ ساهه هو، سسئي اهو سوچيندي هيٺ آئي، جڏهن بابا سائينءَ جي ڪمري ڀرسان لنگهي ته علي شير جو آواز ٻڌي اُتي جو اُتي بيهي رهي.

”چاچا سائين توهان منهنجي ڳالهه جو جواب نه ڏنو“.

”پُٽ، ڪنهن حد تائين تنهنجي ڳالهه صحيح آهي، جي احمد پنهنجي مرضيءَ سان شادي نه ڪري ها، ته مان ته شهزاديءَ کي پنهنجي نُنهن بڻائڻ جو سوچيو هو.“

”چاچا سائين، ڳالهه اڃا به وئي ڪونهي ۽ هونئن به احمد جي اُها زال ته الڳ آهي ۽ هن ڪڏهن هتان جو منهن به نه ڪيو آ، سٺو ته اهو ٿيندو جو احمد پنهنجي نالي واري وٺي، ڀلا اسان وٽ ته جوان ٽن ٽن نڪاحن کان پوءِ به اچي پنهنجي نالي واري کڻندا آهن. احمد ته وري به هڪ نڪاح ڪيو آ، ۽ نه ته ٻي صورت ۾ مون کي شهزاديءَ جو حق بخشائڻو پوندو، ڇو جو مان نه ٿو چاهيان ته پنهنجي زمين ٻين جي هٿن ۾ اچي“.

سسئي ٻيو ڪجهه به ٻڌي نه سگهي هن جي دماغ ۾ ته رڳو شهزاديءَ جو چهرو اُڀري آيو ۽ ڪنن ۾ مومل جو آواز گونجڻ لڳس ته علي شير ايترا سال ٻاهر رهي آيو آهي، هو ڪجهه ته پنهنجي ماحول کان چئينج هوندو.

نه مومل نه هنَن ۾ ڪا به چئينج ڪا نه ايندي! ڀلي آمريڪا ۾ رهن يا ڳوٺ ۾!

هن کي ائين محسوس ٿيو ته پيرن هيٺان زمين جي جاءِ ڌٻڻ وٺي ڇڏي هجي. ۽ هي جبل جيڏيون ڀتيون هن ڏانهن وڌنديون پيون اچن ۽ نڪرڻ جو ڪو به رستو ڪو نه ٿي سُجهيس ۽ هوءَ ڄڻ انهيءَ ڌُٻڻ ۾ هيٺ پئي ٿيندي وڃي ۽ ڪو به نه هو جيڪو هن کي اُنهيءَ ڌُٻڻ مان بچائي سگهي، نه ادي وڏي، نه مومل ۽ نه ئي.......

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com