سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :19

ماءُ جا ڌيءَ ڏانهن خط

سحر امداد

مٺڙي ڌيءَ!

آس اٿم ته خوش هوندينءَ.

اڄڪلهه توهان وٽ” امتحانن جي سيزن“ آهي. ورهين ”پڄاڻان اها“ ”سيزن“ اسان وٽ مزمان ٿي آهي. نه ته اسان وٽ ته ٻار هوئي بس هڪڙي سيزن هلندي هئي؛ داخلا جي سيزن؛ اسان کي ته ڄڻ اهو وسري ئي چڪو هو ته ”امتحان“ به ڪي ٿيندا آهن؟!

تو مان اهائي اميد اٿم ته گهڻي محنت ۽ لگن سان امتحانن جي ان مرحلي مان لنگهي پار پوندينءَ. زندگيءَ جي گهڻن ۽ وڏن امتحانن مان لنگهي پار پوڻ لاءِ اهي امتحان تياريءَ ۽ تربيت جا مرحلا آهن.

ڪاپيءَ جي آزار مان پار پوڻ لاءِ، شاگردن، استادن ۽ انتظاميا ٽنهي جيڪا جدوجهد ڪئي آهي، تنهن کي نه ساراهڻ ذيادتي ٿيندي. ان سموري جهد ۾ شاگرد يقينن وڌيڪ صبر آزما مرحلن مان گذريا آهن، جن کي اڳي ”ٿالهيءَ ۾ سجائي“ ڊگريون پيش ڪبيون هيون- هاڻي تن ساڳين ڊگرين کي حاصل ڪرڻ لاء کين پنهنجو ”نور نچوئڻو“ پيو آهي. پر مٺي! موتي انهن کي ئي ملندا آهن، جي اونهي ۾ اوهري ويندا آهن. علم جي اُڃ ته اُها اُڃ آهي، جنهن لاءِ لطيف سائينءَ جي هيءَ سٽ ئي چئي سگهجي ٿي؛ ”اُڃ سين اُڃ اُٿيار!“ ميوو مُند سارو پچندو آهي ۽ مٺاڻ ماڻيندو آهي. زوري پڪل ميوو سدائين ڦڪو ۽ بيسواد هوندو آهي. اهو قدرت جو قانون آهي. قدرت اسان کي پنهنجن اصولن ۽ قانونن ذريعي گهڻو ڪجهه سيکاريندي آهي؛ ”ته اسان کي به پنهنجي زندگي ڪن اصولن ۽ قانون تحت گذارڻ گهرجي؛ ان لاءِ لٺ ته نه گُهرجي؛ پر هٺ به نه گُهرجي.

.منهنجي مرضي!“ واري هوڏ جو انت ٻوڏ ئي آهي!

سڀاڻ جڏهن تون هڪ سال اڳتي وڌي ويندينءَ، تڏهن ان گذري ويل”ڪلهه“ تي هڪ اڇاتري نظر ضرور وجهجان، جيئن تون اهو ڄاڻي سگهين ته ان هڪ سال ۾ تو ڇا وڃايو ۽ ڇا پاتو؟  ۽ پنهنجي ڪالهه جو سمورو حساب ڪتاب پنهنجي ذهن جي بنديءَ ۾ محفوظ ڪري ڇڏجانءِ- ڇو ته جيڪي ماڻهو بنا حساب ڪتاب جي جيئندا آهن- سي زندگيءَ ۾ وڏا نقصان به سهندا آهن. بنان حساب ڪتاب جي زندگي گذارڻ جو مطلب آهي؛ بنا ڪنهن رٿابنديءَ({Planing} جي زندگي گهارڻ. اهو ته ائين آهي ته ڪوبه هوشمند انسان پنهنجو پاڻ کي لَهرن جي سپرد ڪري ڇڏي- ۽ پوءِ لهرون جتي وڻين تتي وڃي کيس سَٽين! اوڙاهه ۾ اُڇلين؛ يا پٿرن تي سَٽين يا ڪنارن ڏانهن نِين! تون سمجهي سگهين ٿي ته ڪوبه هوشمند انسان ڇا ائين ڪري سگهي ٿو؟

هوشمند انسان ته پنهنجي منزلن جو تعين ڪندو آهي ۽ انهن منزلن تائين رسڻ لاءِ جاکوڙيندو آهي. ان ڪري پنهنجي زندگيءَ جو بهتر نصب العين مقرر ڪيو ۽ سموري جدوجهد اوستائين پهچڻ لاءِ ڪيو.”ٻيون“ سڀ ڳالهيون اَجايون آهن!

تون ته ڄاڻين ٿي ته شطرنج اها راند آهي جنهن ۾ جسماني طاقت جي نه؛ پر ذهن جي طاقت جي ضرورت آهي. ان راند جو تعلق عقل سان ۽ ذهانت سان آهي ۽ ان لاءِ ”دُور- رس نظر“ درڪار آهي- جا پوري بساط کي پنهنجي نظر ۾ رکي، پر بنيادي طور تي اها راند صبر ۽ انتظار سيکاري ٿي ۽ جو ماڻهو صبر نٿو ڪري سگهي- ۽ انتظار سان جنهن جي پيٽ ۾ وَٽ ٿا پون؛ سو ڪڏهن به اها راند کٽي نٿو سگهي.

ان راند جو هر قدم زندگيءَ کان موت تائين جو قدم آهي. ان ڪري هر قدم ڏاڍو سوچي، سمجهي ۽ سنڀالي کڻڻو آهي. ان راند ۾ پرائي مُهري مارڻ کان پنهنجو مُهرو بچائڻ وڌيڪ اهم آهي. زندگي به ائين ئي آهي. وک وک سوچي سمجهي ۽ سنڀالي کڻڻي آهي، اُٻهرائي، تڪڙ، ٿوري به ٻاراڻيءَ جي ڪري، سموري زندگي ڳاراڻي ۾ ڳارڻي پوندي. محض هڪڙي غلط چال ۽ مات پنهان آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته زندگيءَ جون فتحون ۽ شڪستون محض ڪا بساط جي بازي ناهن!

زندگيءَ ۾ ڪڏهن به؛ ڪوبه؛ اٻهرو قدم نه کڻج. تنهنجي تعليم ۽ تربيت ۾ اسان پنهنجي وسئون ڪونه گهٽايو آهي. زندگيءَ جي سمورين هيٺاهين مٿاهين، لاهين چاڙهين کي سمجهڻ جو شعور توکي بخشيو اٿئون. ڀلي ۽ بُري جي تميز سيکاري اٿئون. اونداهن رُخن ۽ روشن رُخن کي پرکي سگهڻ جو شعور بخشيو اٿئون. جو ظاهر آهي؛ سامهون آهي؛محض سو ئي سڀ ڪجهه ناهي؛ پر جو باطن آهي ۽ لڪل آهي سوئي وڌيڪ اهم آهي اسان توتي ويساهه ڪيو آهي ته توکي به اکيون پوري اسان تي ويساهه ڪرڻ کپي، زندگي چند جذباتي لمحن ۽ لمحاتي ڪيفيتن کان وڌيڪ قيمتي آهي. زندگي فقط ”اڄ“ ناهي. زندگي ”سڀاڻ“ به آهي. ان”سڀاڻ“ جو انتظار ڪر. اها سڀاڻ جڏهن سونيون روپيون گهنٽيون وڄائيندي؛ ست رنگا گُل ورکائيندي اچي تڏهن وَڌي ان جو آڌر ڀاءُ ڪج.

اهو يقين رکج ته تون اڪيلي ناهين. اسين توسان گڏ آهيون ۽ تنهنجون ٻل آهيون.

زندگيءَ جي هر موڙ تي توکي سُرخرو

۽ فتحمند ڏسڻ جي آرزو مند

تنهنجي امڙ


 

 

پارس عباسي جي ڪلام جي مجموعي”ريشمي آواز“ بابت امداد حسينيءَ جي راءِ.

ويجهڙائي ۾ شاعريءَ ۾ ڪيترائي نوان آواز اُڀريا آهن. مڌم، مڌر ۽ سچا آواز انهن آوازن ۾ هڪ آواز پارس عباسيءَ جو به آهي”ريشمي آواز“ چوڙين جي جلترنگ جهڙو مڌر ۽ مڌم آواز؛

توڙي هوريان گيت لکون

چوڙيون ڇڻڪن ڇَن ڇَن ڇَن

 

هن وٽ پنهنجون نج تشبيهون آهن؛

اُڀ ۾ پتاشو آن تون ڄڻ

تار ڀانءِ ته ٽانگر ول

سنڌو هئي ڪنهن سينڌ جيان

شفق تي ڄڻ سنڌور هيو

 

64 صفحن جي هن مختصر مجموعي”ريشمي آواز“ ۾ اهڙا ڪيترائي وري پڙهڻ ۽ ياد رکڻ جهڙا شعر ست رنگن پيُرن جيان پکڙيا پيا آهن.

اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ته ويجهڙائي ۾ ادب ۾ جيڪا نئين کيپ آئي آهي، اُها هير جي تازي جُهوٽي جيان آهي،انهيءَ نئين کيپ ۾ پارس موضوع،لهجي، ٻوليءَ ۽ جذبي جي لحاظ کان منفرد به آهي.

پارس تنوير عباسيءَ جي ڌيءَ آهي ۽ جيڪا هن لاءِ يقينن هڪ فخر جي ڳالهه آهي،پر ساڳئي وقت هوءَ پنهنجي شعرن جي حوالي سان الڳ سڃانپ به رکي ٿي ۽ اها تنوير لاءِ به فخر جهڙي ڳالهه آهي.

 

پارس عباسي جو نالو اسان پڙهندڙن لاءِ ڪو نئون نه آهي، هن سرتيءَ جي شاعري اسان جي سرتيون ۾ به ڇپيل آهي. اسان پارس عباسي جي ڪتاب”ريشمي آواز“ مان ڪجهه چونڊ شعر ڏئي رهيا آهيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com