سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :18

سوال اوهان جا جواب اسان جا

(آدارو ”سرتيون“ سانئڻ خيرالنساءَ جعفري جو بيحد ٿورائتو آهي، جنهن بيماريءَ جي حالت ۾ به اسان جو عرض اگهايو ۽ ”سرتيون“ جي پڙهندڙن لاءِ سوالن جا جواب ڏنا. اسان جي ڌڻيءَ در دعا آهي ته شال هوءَ چڱي ڀلي هجي ۽ وڏي ڄمار ماڻي. سرتين کي گذارش آهي ته هو پنهنجا سوال ڏياري موڪلين- ادارو)

 

نجمه شيخ- گمبٽ

س؛ ٻهراڙي جي عورت سماجي ٻنڌڻن ۾ ايترو ڇو ٻڌل آهي؟ ۽ جڏهن ته شهري عورت فيشن جي سمنڊ ۾ ٻُڏل آهي؟ کين ٻهراڙيءَ جي سماجي ٻنڌڻ  ۽ شهر جي فيشن جي سمنڊ کان ڪيئن نجات ڏيارجي؟

ج؛ ٻهراڙيءَ جي عورت وڌيڪ معتبر آهي جو هوءَ سمنڊ جي لوڻياٺي پاڻيءَ کان پري آهي. شهري عورت کي مردانيءَ جُتي پير ۾ پاتل آهي..... اُن کي هلڻو مسلسل هلڻو پوي ٿو. مرداني جُتيءَ سان صحيح رستي تي صحيح وقت تي منزل تي پڄڻ ڪيڏو ڏکيو آهي. هوءَ فيشن جو سهارو ان ڪري وٺي ٿي جو ڪٿي دشمن جي نظر پيرن ۾ پاتل مردانيءَ جُتي تي نه پوي.


 

 

شبم شيخ- گمبٽ

س؛ سماج تي جڏهن نظر وجهجي ٿي ته سماج بلڪل مختلف آهي. بنسبت ان تعليم کان جيڪا تعليم ڪتاب ڏين ٿا، سو سماج کي تعليم سان ڪيئن يڪجاءِ ڪجي؟

ج؛ ڏهن چڱن لکيل ڪتابن جي مقابلي ۾ جيڪڏهن هڪ فرد عملن وڌيڪ چڱو آهي ته آئون ڀانيان ٿي ته اُهو شخص ڏهن ڪتابن تي ڀاري آهي. افسوس اسان جي معاشري ۾ خود ڪتاب لکڻ وارا نظرياتي چڱا آهن..... پر عملي طور هو پنهنجن ڪتابن ۾ کنيل ڳالهين جي ابتڙ آهن.... خود تعليمي ادارن جا ٺيڪيدار – تعليم ڏيڻ وارا- منظم به ائين ڳالهين آهر” پاٺ پوڄا“ جا قائل آهن.... اهو ئي سبب آهي جو ڪتابي تعليم ۽ عملي ڪردار ۾ وڇوٽي آهي...... اسان جي ماڻهن ۾ پنهنجي نفس تي ضابطي جي ڪمي آهي نه رڳو ڪمي آهي بلڪه ”شگر“ جي مريضن وانگر آهي انهن جي غيرت ناموس يا ”پِٽي“ بنهه ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.... آئون سمجهان ٿي ته هر انسان رڳو سڄي ڏينهن ۾ هڪ دفعو پنهنجي نفس تي ضابطو آڻي رڳو هڪ ڪم ڀل اهو ننڍڙو ئي سهي............. ”چڱائي چڱائي لاءِ“ جي اصول تي ڪري ته ڪتابن ۽ سماج ۾ هم آهنگي ٿي پوندي.........

ياسمين کوکر- حيدرآباد

س؛ مان اوهان کان ڪهڙو سوال پڇان؟

ج؛ اهو سوال ڪري منهنجو اُهو طوطو ئي اوهان منهنجن هٿن مان اڏائي ڇڏيو....... جيڪو مون کي جوابن جا ڪارڊ کڻي ڏيندو هو. اُهو ڪهڙو سوال آهي جنهن جي جواب جي اوهان يا اسان کي خبر ڪانهي.... پر پوءِ به سوال ڪرڻ انسان جي فطرت آهي.

س؛ اسان جون سنڌي عورتون تعليم جي ميدان ۾ ايترو پٺتي ڇو آهن؟

ج؛ اسان جا مڙسالا وري ڪهڙا تعليم جي ميدان ۾ اڳتي آهن. بس مڙيئي هڪ ريس آهي ته ٻنهين مردن زالن مان ڪير ٿو وڌيڪ پٺتي وڃي..... هونئن عورتن جو تعليمي ميدان ۾ اڳيان نه اچڻ جو به بنيادي ڪارڻ مرد آهي.

س؛ اسان جا سنڌي ماڻهو اڃا تائين عورتن جي تعليم ۽ سروس ڪرڻ تي اعتراض ڪن ٿا، ڇا هن جديد سائنسي دور ۾ اهو صحيح آهي يا نه؟

ج؛ ”سائنسي دور“ پاڻ وٽ ته مروج ٿيندي نظر نٿوا چي. پاڻ وٽ ”ايمان“ تي زور آهي ۽ ڏوري مُٺ جي طاقت تي زور آهي. ڪَنن ۾ آڱريون وجهي اکيون بند ڪري زور سان نعرو هڻو ”زور لگاڪي هيا“ ..... ان نعري سان گهر ۾ گهڙيو ته ٻار ۽ زالون ڊڄنديون...... سو ڊپ ڊاءَ واري حالت ۾ سائنس جو ڪهڙو سوال.....

ساجده منظور- ڄامشورو

س؛ عورتون آزادي ڇا لاءِ ٿيون گهرن؟

ج؛ ان لاءِ ته ويهه عورتون گڏجي هڪ مرد کي اغوا ڪري سگهن.. پوءِ ڏسو ڪيئن نه ٿي برابري ٿئي....

س؛ ٻهراڙي جي عورت جا مسئلا ته شهري عورتون حل ڪرڻ لاءِ سوچين ٿيون، شهري عورتن جا مسئلا ڪير حل ڪندو؟

ج؛ اُنهن جا مسئلا الله حل ڪندو....... ڏٺو ڪونه اَٿوَ اڄ ڪلهه بس رڪشائن ۾ مايون هٿن ۾ تسبيح کڻي پيون گهمنديون آهن.

نصرت پنهور- ڄامشورو

س؛ ورڪنگ وومين جي اسان جي سماج ۾ ڪهڙي حيثيت آهي؟

ج؛ منهنجي خيال ۾ تمام چڱي حيثيت آهي. جيئن ڊرائنگ رومن ۾ شوپيس جي اهميت هوندي آهي.

سپي- ڪراچي

س؛ سروس ڪندڙ عورتون گهر کي وقت ڏئي سگهن ٿيون؟

ج؛ جيڪا عورت اصلي منهنجو مطلب آهي”جينئن“ آهي. اُها ٻنهين شين کي وقت ڏئي سگهي ٿي. باقي جيڪا عورت ”او- رت“ آهي اُها گهر توڻي سروس سڀني کي رت ڪري ڇڏيندي.

عظميٰ پنهور- حيدرآباد

س؛ پهرين نظر ۾ ڪنهن جي نفسيات جي پرک توهان ڪري سگهنديون؟

ج؛ پهرين نظر ۾ آئون ڪنهن کي نظر تائين نه هڻي سگهندي آهيان...... 45 سالن تائين پاڻ کي ئي نه پرکي سگهي آهيان.....

ناهيد سولنگي- مورو

س؛ اڄ جي دور ۾ عورت جو ڪهڙو بنيادي مسئلو آهي؟

ج؛ پهرين تعليم..... ٻي شادي..... منهنجو مطلب آهي ته ”پهرين شادي.“

سعديه ميمڻ- ڪراچي

س؛ اڄ جي سماج ۾ به عورت سان ڏاڍايون ٿين ٿيون. ڇو؟

ج؛ ڇو جو عورت ڪمزرو آهي...... ڪمزور ڏاند تي مڇر گهڻا ٿيندا آهن، عورت کي نفسياتي طور Vitamin B وانگر ڪا مضبوطيءَ جي دوا رکڻ کپي.

زرينه ميمڻ- ڪراچي

س؛ مرد جي نفسيات ۾ ڪڏهن تبديلي ايندي؟

ج؛ جڏهن مرد جي پهرين ماءُ ۽ پوءِ زال مرندي.....

ممتاز پنهور- ڄامشورو

س؛ قول ۽ فعل ۾ تضاد ڇو آهي؟

ج؛ قول محض نظريو آهي، جڏهن ته فعل ميدان عمل آهي.... ميدان جنگ ۾ عمل جي جيت ٿيندي آهي. نظرين جي نه........

مختيار ناريجو- ڄامشورو

س؛ ٻهراڙيءَ جي عورت آخر ڪيستائين ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسبي رهبي؟

ج؛ تيسين جيسين هن کي شعور نه ايندو، تعليم نه ملندي...

افروز نياز- ڄامشورو

س؛ توهان جي نظر ۾ محبت جو مفهوم ڇا آهي؟

ج؛ ڪنهن مخصوص انسان سان ڪنهن مثبت جذبي جي تعلق کي شايد محبت چئي سگهجي ٿو.

فريده شاهه- حيدرآباد

س؛ ڇوڪريءَ کي مائٽن جي پسند سان شادي ڪرڻ کپي يا پنهنجي پسند سان؟

ج؛پاڙيوارن جي پسند کي اهميت ڏيڻ گهرجي. اهي ئي صحيح نقاد هوندا آهن.

نازيه ميمڻ – ڪراچي

س؛ هوشيار ٻارن کي ڪلاس ۾ اڳيان ويهاريو ويندو آ ۽ گهٽ ذهين ٻارن کي نظر انداز ڪيو ويندو آ، آخر ڇو؟

ج؛ بي انصافيءَ جو ٻج اتان کان ئي ڇٽيو ويندو آهي.

منور سلطانه- ڪراچي

س؛ منهنجو مڙس به شادي ٿو ڪرڻ چاهي مون کي اولاد به آهي، پوءِ هُن سان گڏ رهان يا کيس ڇڏي ڏيان.

ج؛ گڏ رهو. ابليس کي جي آزادي ڏبي ته هو الائي گهڻا خالي گهر برباد ڪندو. گڏ گڏ هئڻ جي ڪري ڪجهه ته Check رکي سگهبو نه.....

مارئي صالح- ڪراچي

س؛ عورت جو ڪهڙو روپ وڌيڪ وڻندڙ آهي؟

ج؛ عورت هر حال ۾ وڻندڙ آهي بشرطيڪه هن ۾ مردن جهڙيون خصوصيتون نه هجن.....

رشيد لغاري- ٽنڊو ڄام

س؛ اڄ جي پڙهيل عورت به مرد جي پرماريت جي شڪار ڇو آهي؟

ج؛ ڇوجو بنيادي طرح اسان جو سماج هڪ ڪمزور جانور جهڙو آهي. اُن ڪمزور جانور تي مرد مڇرن جو مارو آهي. سو عورت جو وارو به بيماري جي ور چڙهيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com