سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :2

 

قرآن شريف ۾ عورتن جو ذڪر

 

انهيءَ وچ ۾ حضرت لوط عليه السلام جي قوم جيڪا نهايت بدڪردار هئي تن کي الله تعاليٰ جي ملائڪن مالڪ جي حڪم موجب عذاب ڏيئي هلاڪه ڪري ڇڏيو. انهيء هلاڪه ٿيندڙن ۾ حضرت لوط عليه السلام جي گهر واري پڻ هئي جيڪا پنهنجي قوم جي بدڪار ماڻهن سان ساز باز ۾ شامل رهندي هئي ۽ مڙس جي بي فرمان هئي. نتيجي ۾ الله تعاليٰ اهو فرق ڪونه رکيو ته هڪ پيغمبر عليه السلام جي زال آهي تنهنجو لحاظ ڪجي پر جيئن ته بدچال ماڻهن سان همدردي رکندي هئي تنهن ڪري هن دنيا ۾ ئي الله جي عذاب ۾ گرفتار ٿي وئي ۽ آخرت جو عذاب ان کان علاوه ڀوڳيندي.

حضرت يعقوب عليه السلام جا ٻارهن پٽ هئا ٻن بيبين جو اولاد- انهن مان حضرت يوسف عليه السلام نالي پٽ ڄمندي ئي ڄام هيو، جيڪو پنهنجي والد عليه السلام کي زيادهه ويجهو ۽ پيارو هو.

اها ڳالهه سندس ماٽيجن ڀائرن کي ناپسند هئي تن ڇا ڪيو جو هڪ ڀيري والد محترم کان اجازت وٺي(جيڪا حضرت يعقوب عليه السلام دل جي ناخوشيءَ سان ڏني) حضرت يوسف عليه السلام کي پاڻ سان گڏ جهنگ ڏي شڪار ڪرڻ جي بهاني سان وٺي ويا اتي کيس هڪ ڦٽل کوهه ۾ کڻي ڦٽو ڪيائون جتان کيس هڪ رستي ويندڙ قافلي وارن ڪڍي ورتو ۽ حضرت يوسف جي ڀائرن کي ڏهه ويهه درهم ڏيئي جند ڇڏايائون، قافلي وارن ڪنعان شهر (جيڪو حضرت يعقوب عليه السلام جو رهائش گاهه هو) کان کڻي وڃي حضرت يوسف عليه السلام کي مصر جي ملڪ ۾ بازار ۾ نيلام ڪري وڪڻي ڇڏيو ۽ خريدار ڌر هئي ان ملڪ جو عزيز يا وزير خزانه ۽ سندس زال بيبي زليخان حقيقت ۾ حضرت يوسف عليه السلام نهايت حسين جوان هو جنهن جو ان زماني جي ماڻهن ۾ مَٽُ ڪونه هو. کيس مائي زليخان هڪ رات جو خريد ڪرڻ کان اڳ خواب ۾ ڏٺو هو ۽ کيس ٻڌايو ويو هو ته تنهنجي هن سان شادي ٿيندي، مائي جڏهن خريد ڪرڻ وقت حضرت يوسف عليه السلام کي ڏٺو ته کيس خواب ۾ ڏٺل صورت جهڙو ئي لڌائين ۽ سندس سنڀال، تعليم ۽ تربيت شهزادن جهڙي ڪيائين، جڏهن حضرت يوسف عليه السلام ڦوهه جوانيءَ کي رسيو تڏهن مائي زليخان چيس ته مون سان شادي ڪر تڏهن حضرت يوسف وراڻيس ته اوهانجو مڙس اڃا حيات آهي ۽ هن جا مون تي احسان آهن، تنهن صورت ۾ آئون امانت ۾ خيانت ڪونه ڪندس. اهو معاملو ايترو وڌي مشهور ٿي ويو جو هر عورت جي وات ۾ اها ئي پچار هئي ته ههڙو انڌير جو زليخان پنهنجي غلام سان عشق پئي ڪري.

مائي زليخان اهو ٻُڌي هڪ محفل جو بندوبست ڪري اميرن وزيرن جي زالن کي دعوت ڏيئي گهرايو، کاڌن سان گڏ ميوا به موجود ڪرايائين جن سان هر هڪ عورت کي هڪ چاقو يا ڇُري ميون ڪپڻ لاءِ ڏنائين،پوءِ حضرت يوسف عليه السلام کي دعوت واري ڪمري ۾ سڏايائين هن جي اندر اچڻ شرط سڀ ڪنهن بي اختيار چئي ڏنو ته ”وقُلن حاش لله ما هٰذا بَشَرا اِن هٰذا الا مَلک کريم“ واهه واهه هي ڪوئي انسان ته  آهي ئي نه بلڪه ڪو معزز ملائڪ آهي ايئن چوندي چوندي توجه حضرت يوسف عليه السلام جي حُسن جي جلوي پسندي چاڪون ميون تي هلائينديون رهيون ۽ پنهنجا هٿ ڪپي وڌائون وقت جي حاڪم جي ڪن تي اها ڳالهه وڃي پهتي جنهن حضرت يوسف جي مرضيءَ سان کيس قيد ۾ بند ڪري ڇڏيو. هوڏانهن مائي زليخان جو مڙس به وفات ڪري ويو ۽ مائي حضرت يوسف عليه السلام جي فراق ۾ حيران پريشان روئندي رهي تانجو نظر کان ويهجي وئي،ڪيترا سال لنگهي ويا ۽ مصر جي بادشاهه هڪ ڀوائتو خواب ڏٺوجنهن جي تعبير واسطي اميرن، وزيرن، عالمن ۽ ڪاهنن کان پڇائون ڪيائين پر ورندي ڪٿان به ڪان مليس، بادشاهه جو هڪ خدمتگار جيڪو ڪنهن ڏوهه جي شڪ ۾ حضرت يوسف عليه السلام سان جيل ۾ ڪجهه ڏهاڙا گڏ گذاري آيو هو ۽ کانئس هڪ خواب جو تعبير معلوم ڪيو هئائين، جيڪو سچو نڪتو هو، تنهن بادشاهه کي ڏس ڏنو ته حضرت يوسف عليہ السلام کان خواب جو تعبير پڇو، حضرت يوسف عليه السلام وراڻيو تيستائين تعبير ڪونه ٻڌائيندس جيستائين جنهن ڏوهه ۾ بيگناهه مونکي سالن جا سال باند ڪري رکيو هو تنهن جي ڇنڊ ڇاڻ نه ڪندئو، بادشاهه هٿ ڦٽيل عورتن کي گهرائي پڇيو تن سڀني چيو ته يوسف عليه السلام بي قصور آهي بلڪه زليخان ئي قصوروار هئي. بادشاهه حضرت يوسف عليه السلام کي پنهنجو وزير خزانه يا عزيز مصر مقرر ڪيو ڇو ته بيبي زليخان جو مڙس فوت ٿي ويو هو، اتي رهي هن هر هڪ رعيتي ماڻهوءَ سان ڀلائي ۽ انصاف ڪيو تان جو بادشاهه گذاري ويو ۽ رعيت حضرت يوسف عليه السلام کي پنهنجو بادشاهه بڻايو هڪ ڏينهن حضرت يوسف عليه السلام جيئن بادشاهي شان شوڪت سان رستي تان لانگهائو ٿيو ته مائي زليخان کي فقيراڻي ويس ۾ نابينا ۽ بدحال اتي ويٺو ڏٺائين کيس ڏسندي ئي ڪهل اچي ويس ۽ زليخان جي جواني واري ساڻس محبت ۽ ڪيل ڀلايون سڀ ياد اچي ويس، رحم ۽ احسان منديءَ واري جذبي وچان مائي زليخان کي پاڻ سان گڏ سواريءَ تي چاڙهي وٺي ويو، جيئن ته حضرت يوسف عليه السلام بادشاهه سان گڏ وقت ۽ ان ملڪ جو پيغمبر هو تڏهن الله تعاليٰ کان دعا گهريائين جنهن جي برڪت سان مائي زليخان جوان ٿي پئي سندس اکين جي نظر موٽي آئي ۽ تندرست ۽ حسين ٿي وئي- پوءِ حضرت يوسف عليه السلام ساڻس شادي ڪئي ۽ منجهانئس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي تولد ٿيس.

اهڙي طرح بيبي زليخان رضي الله تعالي عنها جو خواب سچو ٿيو ۽ کيس سندس دلپسند مڙس مليو جيڪو بادشاهه ۽ پيغمبر عليه الصلوات والسلام ٿيو، سبحان الله وبحمده.

حضرت يوسف عليه السلام کان پوءِ حضرت ايوب صابر عليه السلام پيغمبر ٿيو جنهن حضرت يوسف عليه السلام جي نياڻي بيبي رحيمان رضي الله عنها سان شادي ڪئي، قدرت مالڪ جي جو حضرت ايوب عليه السلام جي مٿان آزمائشون اچي ويون جن ۾ سندس واپار جي سامان سان ڀريل ٻيڙا طوفان ۾ اچي ٻڏي تباهه ٿي ويا، سندس گهر جون ڇتيون ڪري پيون جنهن هيٺان سندس سارو ڪٽنب اولاد وغيره دٻجي مري ويا، پاڻ ۽ سندس بيبي رحيمان فقط وڃي بچيا، حضرت ايوب عليه السلام کي ڪوڙهه جو مرض ٿي پيو، جنهن سبب سندس بدن ۾ ڪيئان اچي پيا، علاج معالجي وارو به ٿڪي ڀڄي ويو ۽ شهر جي ماڻهن بيزار ٿي کيس ٻاهر ڪنهن جاءِ تي وڃي اڇلايو. ان حال ۾ به هو مالڪ جي عبادت ڪندو رهيو ۽ صبر ۽ شڪر سان وقت گذاريندو رهيو، سندس وفادار بيبي صاحبه پورهيو ڪري پنهنجي ۽ بزرگ مڙس واسطي کاڌي پيتي جو سامان آڻيندي هئي، هڪ ڏينهن مائي صاحبه کي پورهيو ڪونه لڳو تنهن ڪري هڪ شاهوڪار عورت کان اوڌر تي پئسا گهريائين پر ان ڪٺور عورت چيس ته اوڌر ڪونه ڏيندس پر روڪ ڏينديسيانءِ ان شرط تي ته پنهنجي مٿي جا سهڻا سونهري وار مون کي ڪتري ڏي. ان ڏيتي ليتي ۾ بيبي صاحبه کي گهر موٽڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ حضرت ايوب عليه السلام بک سبب بي حال ٿي چيو ته رحيمان اچي ته هڪ سؤ چهبڪ هڻندوسانس.

اوچتو ئي الله تعاليٰ ياد اچي ويس جنهن کي ٻاڏائي چيائين ته بار الاها مون کي شيطان ڇُهي ويو آهي جنهن سبب بيماري ۽ تنگي هاڻي بي حال بڻائي ڇڏيو آهي تون رحم فرماءِ هڪدم مالڪ جل جلاله جي رحمت جوش ۾ اچي ويئي ۽ حڪم ٿيس ته جتي ويٺو آهين اتي ڌرتيءَ تي لٺ مار ته هيٺان مٺي ٿڌي پاڻيءَ جو چشمو ڦاٽي نڪرندو جنهن مان ٻُڪ ڀري پيءُ به ۽ منجهائنس غسل به ڪر.

حضرت ايوب عليه السلام رب تعاليٰ جي حڪم جي تعميل ڪئي ته سندس سموري بيماري گم ٿي وئي،چاڪ چڱو ڀلو ۽ جواب ٿي پيو سبحان الله وبحمده.

سندس بيبي صاحبه به ايتري ۾ اچي پهتي جنهن مريض مڙس جي جوان ماڻهوءَ کان جاچ ڪئي تنهن چيس ته آئون ايوب آهيان جيڪو الله تعالي جي مهربانيءَ سان چڱو ڀلو ٿي پيو آهيان مائي صاحبه کي پڻ پاڻيءَ مان وهنجاريائين ۽ پاڻي پياريائينس ته اها پڻ جوان ٿي پئي.

وري حڪم ٿيس ته هڪ سؤ تيلين جي هڪ ٻهاري ٻڌ ۽ اها ٻهاري بيبي صاحبه کي هَڻ ته تنهنجو هڪ سؤ چهبڪن هڻڻ جو انجام پَڙي پوندو. ان جي به تعميل ڪيائين،الله تعالي جي فضل ۽ ڪرم سان سندس ٻڏل ٻيڙا سمنڊ مان سهي سلامت نڪري اچي ڪناري لڳا، مري ويل اولاد الله تعالي جيئرو ڪري موٽائي ڏنس ۽ وڌيڪ ٻيو اولاد عطا فرمايائينس، اهڙا آهن مالڪ جا رنگ جيڪو شاهه مان گدا ڪري ۽ فقير کي بادشاهه ڪري تنگي ۽ بيماري به اهو ٿو ڏئي ۽ لاهي به پاڻ ٿو. وَ تُعِز من تشاءَ وتُذِل من تشاءَ بِيَدِکَ الخَيرَ عليٰ کل شيءَ قدير.

اسان جو نبي سڳورو حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ڄمندي ئي يتيم هو ۽ پنهنجي ڏاڏي ۽ چاچي سڳورن جي سرپرستيءَ هيٺ پليو هو  پر کيس ڪابه تعليم ڪونه ڏني وئي هئي، سندن طبيعت مبارڪ جو لاڙو نيڪي ۽ خدا ترسيءَ ڏانهن هيو ۽ هر دم آسمان ڏانهن پيا نهاريندا هئا ته من ڪو هٿ وٺندڙ ملي جيڪو روحاني رستي ڏانهن رهنمائي ڪري، مڪي مڪرمه ۾ جيڪي ماڻهو رهندا هئا سي بت پرستي، وهم پرستي ۽ ٻين براين جي مهاڄار ۾ ڦاٿل هئا جن جي صحبت کان پاسيرا  ٿي پاڻ سڳورا جبلن جي غارن ۾ وڃي ويهندا هئا ته ڪنهن طريقي سان قلبي اطمينان حاصل ٿئي اتي ويٺي ويٺي الله پاڪ جي هيڪڙائي جو تصور ڪري عبادت ڪندا هئا ۽ وري موٽي گهر ايندا هئا.

حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم هڪ ڏينهن دستور موجب جيئن حرا جي غار ۾ ويٺا هئا ته حضرت جبرائيل عليه السلام فرشتو وٽن آيو ۽ کين پنهنجي ڀاڪر ۾ جهلي سيني سان ملائي چوڻ لڳو ته الله تعالي جي نالي سان سندس طرفان موڪليل پيغام واريون آيتون پڙهه حضور صلّي الله عليہ وآلہ وَسَلّم  جن وراڻيو ته آئون پڙهيل ڪونه آهيان تڏهن فرشتي وڌيڪ زور سان سندن سيني مبارڪ کي ڀاڪر ۾ جهلي چيو ته پڙهه سورت علق شريف جنهن جا شروعاتي لفظ هيا ته ”بسم الله الرَحمٰن الرحيم، اقرا بسم ربک الذي خلق خلق الانسان من علق اقرا و ربک الاڪرم الذي علم باالقلم و علم لانسان مالم يعلم“ يعني الله تعالي جي نالي سان شروع  جيڪو نهايت رحم وارو ۽ مهربان آهي، پڙهه انهيءَ پالڻهار جي نالي سان جنهن ڪائنات جوڙي ۽ انسان کي رَت جي دڳ مان خلقيائين پڙهه ۽ تنهنجو پالڻهار اهو آهي جنهن قلم سان (لکڻ) سيکاريو ۽ انسان کي اهو سمجهايائين جيڪو نه ڄاڻندو هو.

حضور جن صلعم اها سورت مبارڪ قرآن پاڪ جي ٻُڌي سمجهي فرشتي جي معرفت ياد ڪري ورتي ۽ ايتري ۾ فرشتو غائب ٿي ويو، نبي ڪريم صلعم جن ڊنل ۽ دهشت زدهه ٿي گهر ڏانهن وريا ۽ اُتي پنهنجي بيبي سڳوري حضرت خديجته الڪبريٰ رضي الله تعالي عنها کي چيائون مونکي ڪو ڪپڙو يا چادر اوڍايو جو مون کي تمام گهڻو ڊپ پيو ٿئي پنهنجي جان جو.

بيبي صاحبه حضور جن کي آٿت ڏيئي فرمايو ته اوهان نه ڊڄو  ڇو ته اوهان هر انسان ۽ خدا تعاليٰ جي مخلوق جا خير خواهه آهيو تنهن ڪري جنهن مالڪ اوهان کي منتخب ڪري پنهنجو پيغام موڪليو آهي اُهو اوهان کي اڪيلو يا بي راهه ڪونه ڇڏيندو، بعد ۾ بيبي صاحبه حضور جن صلعم کي پنهنجي سؤٽ ورقه بن نوفل وٽ وٺي وئي جيڪو حضرت ابراهيم عليه عليه السلام جي دين جو عالم هو، ان کي جڏهن حضور صلعم جن سمورو احوال ٻڌايو ان بزرگ فرمايو ته اهو ڪلام خدائي آهي ۽ اهو فرشتو اهو ئي آهي جيڪو الله تعاليٰ جا پيغام سڀني پيغمبرن ۽ نبين سڳورن کي پهچائيندو رهندو آهي، اوهان دل ننڍي نه ڪريو ۽ ڏسجي ائين پيو ته اوهان کي مالڪ جلشانہ پنهنجو رسول صلي الله عليم وآله وسلم چونڊيو آهي ۽ پنهنجو پيغام اوهان کي موڪليو اٿس.

وقت گذرندي گذرندي حضور جن کي قرآن پاڪ جون وڌيڪ آيتون ۽ سورتون وحي جي ذريعي جبرائيل عليه السلام پهچائيندو رهيو جن جو پرچار ۽ پيغام حضور جن مڪي شريف ۾ پڙهندڙ خواهه ٻاهران ايندڙ ماڻهن کي ڪندا ۽ پهچائيندا رهيا اهو چوندا رهيا ته پاڻ الله تعاليٰ جا مقرر ۽ منتخب ٿيل رسول، نبي ۽ پيغمبر آهن پنهنجو پيغام اهو پئي ٻڌايائون ته عبادت فقط الله تعاليٰ جي ڪريو، ساڻس ڪنهن کي شريڪ نه ڪيو، هر برائي کان بچو، نيڪي ڪيو ۽ ثوابن بابت پڇاڻو يا حساب ڪتاب رب العالمين وٺندو تنهن لاءِ تيار ڪيو.

اهي ڳالهيون ٻڌي بت پرست بي سمجهه مڪي شريف جا مشرڪ حضور صلعم جا دشمن ٿي پيا ۽ کين يا مٿن ايمان آڻڻ وارن مؤمنن تي سختيون ڪرڻ لڳا ايتري قدر جو انهن کي بيت الله شريف ۾ بيهي نماز پڙهڻ کان به روڪڻ لڳا، حضور صلعم جن جي مارڻ واسطي به منصوبا گهڙڻ لڳا ۽ کين جسماني ايذاءَ ڏيڻ لڳا، جيستائين حضرت بيبي خديجه رضه ۽ حضور جن جو چاچو ابو طالب زندهه هئا، تيستائين اعلانيه مشرڪ مڪي جا حضور جن سان اٽڪڻ کان پرهيز ڪندا هئا، پر وفات کان پوءِ ظاهر ٿي حضور جن سان دشمني جو اظهار ڪرڻ لڳا.

بيبي خديجه رضي الله عنها جي وفات بعد حضور جن ٻيون شاديون ڪيون جن ۾ گهڻو ڪري سڀني سواءِ بيبي عائشه رضي الله عنها جي رنڙ عورتون هيون جيئن ته حضور جن وٽ دنيوي مال متاع جمع ٿيل ڪونه هوندو هو تنهن سبب سندن مالي حالت غريباڻي هئي ايتري قدر جو ڪڏهن هڪ ويلي تي ڍؤ ڪري ماني کائڻ واسطي به راشن ڪونه هوندو هين، ان تي سندن بيبين خواهش ڪئي ته جنهن صورت ۾ جنگين ڪندي جيڪي ملڪ فتح ٿين ٿا اُتان جيڪو مال غنيمت جو اچي ٿو ان مان اسان اهل بيت سڳورين کي ڪجهه سرس حصو ڏيو جو اسانکي انتظار نه ڪڍڻو پوي ۽ تنگي نه ڏسڻي پوي.

حضور صلعن جن جي طبيعت مبارڪ تي ان جو ڏاڍو ڳرو اثر ٿيو ڇو ته سندن درياءَ دل سخاوت جي حساب سان پاڻ سڳورا ڪجهه بچائي رکڻ جا عادي ڪونه هيا ۽ توڪل مالڪ جي سان جيڪي هوندو هون سو سوالين ۽ مسڪينن کي عنايت ڪري ڇڏيندا هئا ۽ فڪر ڪرڻ لڳا جنهن سبب جن بيبن سڳورين دال روٽي جي گُهر ڪئي هئي تن وٽ  اچڻ وڃڻ بند ڪري ڇڏيائون، يڪدم قرآن پاڪ جون آيتون وحي ذريعي آيون جن جي ذريعي بيبين سڳورين کي الله تعاليٰ فهمائش ڪرڻ فرمائي ته رسول الله صلي الله عليم وآله وسلم کي ذهني پريشاني ۾ نه وجهو نه ته اوهان کانئس طلاق وٺي الڳ ٿي وڃو، پوءِ مالڪ جلشانه پنهنجي نبي سڳوري کي اوهان کان بهتر بيبيون پرڻائيندو جن ۾ دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿيڻ جون انيڪ خوبيون هونديون جيڪي الله تعاليٰ جي نبي صلي الله عليم وآله وسلم جي شايان شان ۽ کيس دلپسند هونديون انهيءَ تنبيهه کان پوءِ سڀني بيبين سڳورين حضور صلي الله عليم وآله وسلم جن کان معافي گهري ۽ الله تعاليٰ جي آڏو توبه استغفار ڪيائون.

ڪجهه وقت بعد حضور صلعم جن جي زوجه اطهر حضرت بيبي عائشه رضي الله تعاليٰ عنها جيڪا اڃا ننڍي ڄمار جي هئي سا ڪنهن سفر ۾ حضور جن سان گڏ عمرو ڪرڻ وئي هئي جتان موٽندي رات جو قافلي ڪنهن هنڌ ٽڪي رات گذاري. اُسر مهل حضور جن قافلو تيار ڪري اُسهيا پر بيبي صاحبه اٿي سنڀار ڪئي ته سندس هار گم هو، جيئن ته محترمه جي سمجهه اڃا ٻاراڻي هئي تنهن ڪري قافلي جي رواني ٿيڻ جوفڪر گهٽ ٿيس ۽ هار ڳولڻ ۾ لڳي وئي. انهيءَ وچ ۾ جيئن ته بيبي صاحبه جو اُٺ جنهن تي پاڻ سوار ٿيندي هئي تنهن تي سندس غلام ڏولي يا ڪجائو جنهن ۾ بيبي صاحبه پردو ڪري ويهندي هئي سو اُٺ ڪاهي روانو ٿيو، بيبي صاحبه ڳوليندي هار لڌو پر قافلو روانو ٿي پري نڪري هليو ويو هو تنهن ڪري پاڻ سڳوري پَٽ تي ويهي رهي، ايتري ۾ قافلي جو هڪڙو مسافر جيڪو پوئتي رهي ڪريل يا رهيل شين جي ڳولا ڪرڻ تي مقرر ٿيل هو، تنهن جي نظر بيبي صاحبه رضي الله عنها تي پئجي وئي ۽ کيس اُٺ تي ويهاري پاڻ سان وٺي هليو، جڏهن قافلو مديني شريف پهتو ۽ بيبي صاحبه جي پچار ٿي ته پنهنجي ڏوليءَ ۾ موجود ڪونه هئي ۽ بعد ۾ پهتي ته رسول الله صلي الله عليم وآله وسلم ۽ مسلمانن جي مخالف منافقن بيبي صاحبه جي متعلق اُبتيون سُبتيون چه ميگوئيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ مٿس تهمت هڻڻ لڳا جنهن سبب حضور صلعن جن ڏاڍا پريشان ٿيا ۽ بيبي صاحبه سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيائون بيبي صاحبه به پنهنجي ضد تي اٽڪي بيهي رهي ته مونکي پنهنجي حق ۽ صداقت تي هجڻ بابت ڪجهه به چوڻو نه آهي بلڪه منهنجي بريت ۽ حقانيت متعلق قرآن پاڪ جون آيتون نازل ٿينديون. سبحان الله وبحمده جلد ئي الله تعالي وحي نازل فرمائي جنهن ۾ فرمايائون ته ڇا اوهانکي اها خبر نه آهي ته حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم الله جو رسول آهي جنهن جي بيبي سڳوري ڪا عام هيٺانهين درجي جي عورت ٿي سگهي ٿي ڇا؟ قرآن پاڪ جي آيتن جي متن عربي جي معنيٰ هيٺينءَ ريت آهي.

”بيشڪ جيڪي ماڻهو پاڪ دامن بي خبر مؤمن عورتن تي تهمت لڳائيندا آهن تن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت آهي ۽ انهن لاءِ قيامت جو وڏو عذاب آهي. انهن جيڪي ڪمايو هو تنهن بابت سندن زبانون، هٿ ۽ پير جڏهن مٿن شاهدي ڏيندا ۽ الله تعاليٰ کين انصاف سان سندن پورو پورو بدلو ڏيندو ڇو ته الله تعاليٰ هر حقيقت کان واقف آهي. پليت زالون پليت مردن لائق آهن ۽ پليت مرد پليت زالن لائق- پاڪ زالون پاڪ مردن لائق ۽ پاڪ مرد پاڪ زالن لائق آهن. جيڪي ماڻهو انهن تي تهمت لائن ٿا، اُهي ان کان پاڪ آهن ۽ سندن واسطي بخش ۽ سڳوري روزي آهي.

مؤمن مڙسن کي چئو ته پنهنجين اکين کي هيٺ ڪن ۽ پنهنجين اُگهڙن کي بچائيندا رهن، اهو انهن لاءِ ڀَلو آهي ۽ جيڪي ڪندا آهن تنهن کان الله تعالي واقف آهي ۽ مؤمن عورتن کي چئو ته پنهنجيون اکيون جهڪيون ڪن ۽ پنهنجي اگهڙن کي بچائينديون رهن ۽ پنهنجي سينگار يعني زيورن جي نمائش نه ڪن پر انهن مان جيڪي ظاهر ٿيڻ ضروري آهي جيئن هٿ ۽ پير سي معاف آهن ۽ جڳائين ته پنهنجين چادرن کي پنهنجين گريبانن تي لاهي ڇڏين ۽ پنهنجن مڙسن، پيئرن، سهرن، پيٽ ڄاول ۽ مڙس جي پٽن، ڀائرن، ڀائيٽن، ڀاڻيجن يا انهن نوڪرن ۽ نوڪرياڻين يا انهن بي سمجهه ٻارڙن يا تمام پوڙهن جيڪي سندن خدمتگار هجن تن کان سواءِ ٻين سڀني جي اڳيان پنهنجو سينگار پڌرو نه ڪن ۽ پنهنجن پيرن سان زيور هن لاءِ نه چمڪائين ته سندن سينگار مان جيڪي ڳجهو آهي سو ڄاتو وڃي، اي مسلمانو اوهين سڀئي الله تعاليٰ جي اڳيان توبه ڪريو ته من اوهين بخشيا وڃو، انهن آيتن لهڻ کان پوءِ حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن بيبي عائشه رضه الله تعالي عنها جن وٽ اچڻ وڃڻ لڳا ۽ ساڻس اڳي کان به وڌيڪ پيار ۽ سندس احترام ڪرڻ لڳا.

اسان جي رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي بيبين سڳورين کي رب تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ مختلف هنڌن تي هيٺينءَ ريت مخاطب ٿي فرمايو آهي ته ”جيڪڏهن اوهين الله تعاليٰ ۽ سندس پيغمبر صلعم ۽ آخرت جي گهر يعني بهشت گُهرو ٿيون ته بيشڪ اوهان مان نيڪ بختن لاءِ الله تعالي وڏو اجر تيار ڪيو آهي. اي پيغمبر جون بيبيون اوهان مان جيڪا پڌري بي حيائي ڪندي تنهن کي وڌائي ٻيڻو عذات ڪيو ويندو ۽ اهو الله تعاليٰ تي آسان آهي ۽ اوهان مان جيڪا الله تعاليٰ ۽ سندس پيغمبر صلعم جي تابعداري ڪندي ۽ چڱا ڪم ڪندي تنهن کي سندس اجر ٻه ڀيرا ڏينداسين ۽ ان لاءِ عزت واري روزي تيار ڪنداسين، اي پيغمبر صلعم جون بيبيون اوهين ڪي ٻين زالن جهڙيون نه آهيو جيڪڏهن اوهين الله تعاليٰ کان ڊڄو ٿيون ته ڪنهن ڌارئي ماڻهو سان ڳالهائڻ ۾ هيٺانهين نه ڪريو ڇو ته جنهن جي دل ۾ بيماري آهي سو متان طمع ڪري ۽ چڱو سخن ڳالهايو ۽ پنهنجن گهرن ۾ رهو ۽ پهرينءَ جاهليت جي سينگار وانگر سينگار نه ڪريو ۽ نماز قائم رکو ۽ زڪوات ڏيو ۽ الله تعاليٰ جلشنانہ ۽ سندس پيغمبر صلعم جي فرمانبرداري ڪريو، اي پيغمبر صلعم جا گهروارؤ الله جلشانہ رڳو هي گهرندو آهي ته اوهان کان پليتي دور ڪري ۽ ته اوهان کي چڱي طرح پاڪ ڪري ۽ اوهانجي گهرن ۾ جيڪي الله تعاليٰ جي آيتن ۽ دانائيءَ جي ڳالهين مان پڙهيو وڃي ٿو سو ياد ڪريو بيشڪ الله تعاليٰ لطف ڪندڙ خبر رکندڙ آهي.

ان کان پوءِ الله تعاليٰ جلشانہ جيڪي به نيڪ عمل ڪرڻ وارا مرد ۽ عورتون آهن جن جو تفصيل سان ذڪر 22 سيپاري قرآن پاڪ جي ٻئي رڪوع ۾ آهي تن سان واعدو فرمايو آهي ته انهن سڀني لاءِ الله تعاليٰ بخشش ۽ وڏو اجر تيار ڪيو آهي، وري فرمايو ويو ته الله تعاليٰ جلشانہ ۽ سندس پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم ڪنهن ڪم بابت اوهانکي حڪم ڪري تڏهن ڪنهن مؤمن ۽ مؤمنياڻيءَ کي انهيءَ پنهنجي ڪم ۾ ڪو اختيار هجڻ نه جڳائي ۽ جيڪو الله تعاليٰ جلشانہ ۽ سندس پيغمبر صلعم جي نافرماني ڪندو سو بيشڪ پڌري ڀُل ۾ ڀُلو. نعوذ باالله منها.

ٻي جاءِ تي قرآن پاڪ ۾ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم کي رب تعاليٰ ارشاد فرمايو ته اي پيغمبر صلعم تو وٽ جڏهن مؤمن زالون اچن ته سندن بيعت هن شرط تي قبول ڪر ته ڪنهن کي الله تعاليٰ سان شريڪ نه ڪنديون.

زنا نه ڪنديون، پنهنجي اولاد کي قتل نه ڪنديون ۽ نڪي اهڙي ڪوڙي تهمت آڻينديون جنهن کي پنهنجن هٿن ۽ پيرن سان ٺاهيو هجين ۽ نڪي چڱي ڪم ۾ تنهنجي نافرماني ڪنديون تڏهن سندن بيعت قبول ڪر ۽ سندس واسطي الله تعاليٰ بخشڻهار مهربان کان بخشش گُهر.

ٻئي هنڌ آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم ماکيءَ مان ٺهيل شربت پنهنجي هڪ بيبي سڳوريءَ وٽ وڃي پيتو پوءِ وري ٻي بيبي صاحبه جن وٽ ويو ته ان مائي صاحبه چين ته اوهان جي وات مبارڪ منجهان بدبوءِ پئي اچي تنهن تي حضور جن فرمايو ته اهڙي بدبوءِ واري شيءِ مان وري ڪڏهن به نه واپرائيندس پر اها ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪج.

اها ڳالهه ان بيبي سڳوري ڪنهن ٽين بيبي سان ڪئي ته حضور جن هيئن واعدو ڪري ويا آهن ته اڳتي اهڙو شربت ڪونه پيئنداسين، ان تي الله تعاليٰ جبرئيل عليها السلام موڪلي رسول الله صلعم کي فرمايو ته پنهنجين بيبين کي خوش ڪرڻ واسطي حلال شيءِ کي پاڻ تي حرام نه ڪيو، تڏهن پاڻ ان بيبيءَ کي چيائون ته اوهان اسانجي تاڪيد جي باوجود راز ڇو کوليو، بيبي سڳوري عجب ۾ پئجي حضور جن کان پڇيو ته اوهان کي ڪنهن ٻڌايو تڏهن وراڻيائون ته ان الله تعاليٰ اسان کي واقف ڪيو جيڪو هر ڳالهه کان واقف ۽ خبردار آهي ان بعد الله تعاليٰ پاڻ بيبين سڳورين کي مخاطب ٿي ڪري هدايت ڪئي ته اي رسول الله صلعم جون بيبيون! اوهين پيغمبر صلعم کي ايذاءَ ڏيڻ واسطي سازشون نه ڪيو ڇو ته الله تعاليٰ سندس مان وارو ملائڪ جبرئيل عليه السلام ۽ ٻيا ملائڪ توڙي صالح مؤمن سندس ڀرجهلا آهن، وڌيڪ فرمان مبارڪ آهي ته اي ايمان وارؤ پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر ڀاتين کي انهيءَ باهه دوزخ جي کان بچايو جنهن جو ٻارڻ جا ٻل ماڻهو ۽ پٿر هوندا، جنهن باهه تي سخت طبع زبردست ملائڪ مقرر آهن، جيڪي کين الله تعاليٰ حڪم ڪندو آهي تنهن جي نافرماني نه ڪندا آهن بلڪه تعميل ڪندڙ آهن شال الله پاڪ جل جلالہ اسان سڀني کي ان دوزخ جي باهه کان پناهه ۾ رکي. آمين.

آخر ۾ قصو ان بدنصيب جوڙي زال ۽ مڙس جو قرآن پاڪ جي سورت لهب ۾ ذڪر ٿيل آهي،جنهن بابت حقيقت اها آهي ته مڪي شريف جي مشرڪن ۽ بت پرستن جن اسانجي سڳوري رسول الله صلعم جن جي آندل پيغام کي پٺيءَ پويان اڇلي سندن مخالفت پئي ڪئي ۽ ساڻن بي انتها برائي ۽ دشمني ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ٿي ڇڏيائون،ا نهن مڪي جي سردارن مان حضور جن جي ٻين عزيزن کان علاوه سندن چاچو ابولهب به هو جيڪو پنهنجي مخالفت ۾ حضور جن جي خلاف هر انهيءَ نئين آيل ماڻهوءَ کي جيڪو مسلمان ٿيڻ ايندو هو تنهن کي حضور جن خلاف ڀڙڪائي بدظن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو تنهن تي الله تعاليٰ جي ذات پاڪ کي جوش آيو ۽ لهب صورت نازل فرمايائون،ابو لهب کان سواءِ سندس زال پڻ حضور جن سان برائي ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏيندي هئي، ايتري قدر جو حضور جن جي لنگهڻ وارن رستن تي ڪنڊا وڇائي ڇڏيندي هئي.

سورت لهب جو مضمون هي آهي ته ”ابو لهب جا هٿ ڀڳا ۽ پاڻ به هلاڪ ٿيو، سندس مال ۽ جيڪي ڪمايائين تنهن کانئس الله تعاليٰ جو عذاب نه ٽاريو، ڇيڻي واري باهه ۾ سگهو ئي پوندو ۽ سندس زال جيڪا ڪاٺين جي ڀري مٿي تي کڻندڙ آهي تنهن جي ڳچيءَ ۾ کاٻڙ جو نوڙ پيل آهي، جيڪي الله پاڪ جلشانہ فرمايو سو سچ ٿيو ۽ ٻنهي زال مڙسن جو موت به ائين ٿيو جيئن سورت پاڪ ۾ فرمايو ويو.

الامان ولحفيظ- شال رب پاڪ پنهنجي رضا سان هلائي ۽ سندس ڏمر ۽ عذاب کان پناهه ڏئي. آمين


 

 

اوچتو هُن کي اچي ڳوڙهو لڳو

۽ پکي بولاٽيون کائي ڪري پيو گهاهه تي،

۽ انهيءَ گهايل پکيءَ جي ساهه تي،

ڪَهل باغائيءَ نه آئي ۽وڌيو گهر ڏانهن کانڀاڻي کڻي،

ٿي ٻِرَي جت باهه جا هُن کي وڻي،

۽ وَنيءَ جي سونهن کي اُن ۾ ڏٺائين چاَهه سان،

ٻارڙا مانيءَ مٿان ويٺا هيا تن کي چُميائين چَاهه سان،

پوءِ ننڍڙي ڌَيئَڙي ڇاتيءَ لڳائي ساههَ سان

هو وري ويساههِ سان،

زندگيءَ ۾ گرم جوشيءَ سان ائين گم ٿي وَيو،

ياد هن کي ڪونه هو ڄڻ باغ ۾ هُن ڪجهه ڪيو،

هن اِهو ڄاتو نه ٿي جيڪو پکي ڦٽڪي ڪريو،

گيت تنهن ڳاتا پئي وڻ تي ته هو ڦهه ٿي ڪريو

۽ اهو آواز جيڪو آسمانن تي پُڳو،

اوچتو چُپ ٿي ويو،

هن اهو ڄاتو نه ٿي اُن کي به آکيرو هيو،

۽ جتي آنا اڃا تائين نه ڪنهن ڦوڙيا هُيا،

۽ اُهي هُن جئن پَکي ٿيڻا هيا،

زندگي ٿيڻا هيا

گيت تن جا ڳائجي ساڳي خوشي ٿيڻا هُيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com