سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون جنوري - فيبروري 1993ع

نگران:امداد حسيني

وکر سو وِهاءِ، جو پئي پُراڻو نه ٿِيي

ويچِيندي وِلاتَ ۾، ذرو ٿي نه ضاءِ

سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳَہِ جہِ جي اُبَهين.

 

 

تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَهِجو تُرَهو

اونهي ۾ آڻي، ڪونَ ڏيندُءِ ڪو ٻئو!

 

سنڌ ۾ عورتن جي خريد ۽ فروخت، رڍن ۽ ٻڪرين وانگر ٿيندي هئي ۽ اڃان به ٿئي ٿي. نه رڳو ايترو پر ڪن ڪن ايراضين ۾ جڏهن ڪنهن مرد کي پنهنجي مخالف سان پلئه ڪرڻو هوندو آهي تڏهن ان جو آسان طريقو اهو هوندو آهي ته هو پنهنجيءَ ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ جي سري ڪهاڙيءَ سان ڪپي، پنهنجي مخالف تي الزام رکندو آهي ته هو ”ڪارو“ آهي ۽ واجب القتل.

سنڌ جي انگريز فاتح،سر چارلس نيپيئر سنڌ جي تڏهوڪن حاڪمن سان ڏاڍائي ڪري جيڪي به سياسي معاهدا ۽ عهدناما ٽوڙيا  ۽ سندن حرمسراءِ ۾ ڦرلٽ ڪئي، سي سڀ وارداتون ڏکوئيندڙ آهن، پر هڪ خير جو ڪم به ڪيائين، سو هيءُ ته سنڌ جي فتح ڪرڻ کان پوءِ جيڪي پهريان پهريان فرمان جاري ڪيائين تن ۾ اهو به هو ته؛

”اي سنڌ جا باشندؤ! اوهان جنهن بيدردي سان پنهنجين عورتن کي قتل ڪريو ٿا، ان جو ڪٿي به مثال ڪونهي. اوهان پنهنجين عورتن تي رڍن ۽ ٻڪرين جيترو به ترس نٿا ڪريو! جيڪڏهن اڄ کان پوءِ اوهان مان ڪنهن سنڏي عورت تي هٿ کنيو آهي ته مان اهو هٿ ڪپي ڇڏيندس!“

نيپئر جو سڄو فرمان مون کي ياد نه آهي پر پڙهڻ وٽان آهي. گهڻا سال اڳ مون Sindh in forties ڪتاب ۾ پڙهيو هو. نيپئر جي انهن اکرن ۾ اسان کي اڻويهين صديءَ جي سنڌي معاشري ۾ سنڌي عورت جي مظلومانه حيثيت معلوم ٿئي ٿي. ان کان سؤ سال پوءِ، هاڻي به فقط گذريل ڏهن – ٻارهن سالن ۾ سنڌي اخبارن ۾ عورتن جي قتل جا واقعا گڏ ڪبا ته چڱو خاصو ڪتاب ٺهي پوندو. جنهن جي پڙهڻ سان لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويندي.

(غلام رباني آگرو؛ ”سنڌي عورت“ (”مهراڻ“، 3/ 1989)

 

ســــــــــــــــرتــــــــــــــــيــــــــــــــــــــون

قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو لاڏاڻو هڪ دور جي پُڄاڻي

سنڌ، سنڌي قوم، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو محسن سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين، سروري جماعت جو روحاني اڳواڻ حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ 12 جنوري 1993ع تي 74 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ گذاري ويو.

اِنا للهِ وَانا عليہ راجعون

مخدوم صاحب جي وفات سان هڪ تاريخي باب جي پڄاڻي ٿي وئي، اهو دور جنهن ۾ سنڌ ڪڏهن سُک ڏٺا ۽ ڪڏهن ڏُک؛جن جو مخدوم صاحب نه صرف اکين ڏٺو شاهد هو، بلڪه پنهنجي ڀرپور صلاحيتن، ذات، ڏانءَ سان سنڌ جي ان ڏک، سک واري دور ۾ پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو.

مخدوم صاحب جي وفات تي جتي لکين مريد سوڳوار آهن، اتي سنڌ جو ادب ۽ ثقافت، ٻولي ۽ سماج پڻ پنهنجي هڪڙي هڏ ڏوکيءَ کان محروم ٿي ويو آهي.

مخدوم طالب الموليٰ صاحب پنهنجي پوري زندگي نه رڳو سنڌي ٻولي، ادب ۽ سنڌ جي سياسي سماجي جاڳرتا لاءِ وقف ڪئي پر پيري مريديءَ واري روايتي ماحول کان پڻ پري رهيا. ٽماهي ”سرتيون“ جي حوالي سان به مخدوم صاحب جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، سندن ئي هدايتن تي ”سرتيون“ جو اجراءَ ٿيو. ”سرتيون“ جي هر پرچي لاءِ پاڻ پنهنجو ڪلام ڏيندا هئا. قبله طالب الموليٰ جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ ثقافتي شانداز خدمتن تي اسين کين خراج تحسين پيش ٿا ڪريون ۽ ڌڻي در دعا ٿا ڪريون ته سندن پونئرن ۽ سنڌي عوام کي الله تعاليٰ انهيءَ صدمي سهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

65 ڏينهن جي ڪنوار رفيعه

سرتيون جي هن ئي پرچي ۾ اخباري خبرن تي مشتمل ڪجهه صفحا ڏنا اٿئون، ”ههڙا هاڃا ٿين....“ جي عنوان سان، اهي سرخيون سچ پچ ته سرخ آهن، ريٽي رت جهڙيون سرخ! لڱ ڪانڊاريندڙ، تازو دادو جنهن کي پير علي محمد راشديءَ کان وٺي تابش بخاريءَ تائين جادو سڏيو آهي. ۾ اهڙو دکدائڪ ۽ نندڻ جوڳو سانحو ٿيو آهي، هڪ نو ورنيءَ کي، جنهن جي هٿن تان ميندي به نه لٿي هئي، ان جي وَر رت ۾ وهنجاري ڇڏيو! جنهن کي لاڏين ڪوڏين پنهنجي پسند سان پرڻجي آيو هو، اُن کي ڄڻ هن سيڄ تي سمهاري ڇڏيو هو! هميشه لاءِ! سدائين لاءِ! شاديءَ کان اڳي به انهيءَ 65 ڏينهن جي ڪنوار جي ڪردار کي پرکيو ويو هوندو! پوءِ آخر هن ۾ اهڙي ڪهڙي وڏَ هئي! هن جو ڪهڙو ڏوهه هو! هوءَ پڙهيل ڳڙهيل هئي. ڇا اهو ئي هُن جو ڏوهه هو؟! هوءَ نوڪريءَ ۾ هئي، ڇا اها ئي هُن ۾ وَڏَ هئي!؟ جو کيس ايڏي بي درديءَ سان خون ڪيو ويو! پڙهيل ڳڙهيل ته هن جو مڙس به هو! نوڪريءَ ۾ ته هو پاڻ به هو! پوءِ هن اهو انسانيت کان ڪريل ڪم ڇو ڪيو؟ ڇا رڳو ان ڪري ته بندوق هن جي هٿ ۾ هئي! اسين ”سرتيون“ جو هيءُ پرچو پنهنجي انهيءَ شهيد سرتيءَ کي ٿا ارپيون.

_ادارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com