سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :16

مستقل صفحا

تحرير: انيلا شاهه بخاري

هيپي برٿ ڊي ٽو صنم

صنم جي سالگره

ويٺي ويٺي خيال ٿيو ته ڇو نه ڪا پڪنڪ پارٽي وغيره ڪريون. پڪنڪ پارٽي ملهائڻ لاءِ پئسن جي ضرورت هئي، پر پئسا ڪٿان اچن؟ اوچتو نفيس کي خيال آيو ته ڇو نه صنم جي سالگره ملهايون ۽ سمورو خرچ صنم کان ڪرايون. پر صنم جي سالگره ته مارچ ۾ ٿيڻي آهي، هينئر فيبروري ۾ ڪيئن ملهايون؟ نفيس جي انهيءَ ڳالهه تي مون چيو ته مارچ ۾ ته رمضان جو مهينو آهي، سالگره ڪيئن ملهائبي؟ فون ڪري صنم کي چيوسين ته تون پنهنجي سالگره هڪ مهينو اڳي ڪري ڇڏ ته مزو اچي ويندو، صنم راضي ٿي وئي ۽ ٻن ڏينهن اندر سالگره ڪرڻ جو فيصلو ٿيو.

21 فيبروري تي صبح کان دعوتون ڏيڻ شروع ڪيون سين ته شام جو صنم جي سالگره آهي، ڪنهن کي به اعتبار نٿي آيو ته صنم جي سالگره هڪ مهينو اڳ پئي ٿئي ۽ اُها به اڄ ئي شام جو. ڪن ته اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪن مڙيو ئي هاڪار ڪئي. شام جو صنم، ارم، فهميده، نازنين، نائله ۽ مونا سالگره ملهائڻ لاءِ گهر پهچي ويون. باقي ٻيو ٿيو خير ......! اسان ٻن ڀيڻن کان سواءِ ٻيو ڪو ماڻهو ڪو نه هو. حالت اها ٿي جو سالگره جو نه ڪيڪ آيل هو، نه ميڻ بتيون، نه هار گل ۽ سوکڙيون.

جڏهن صنم وارا گهر پهتا ته اسان کي به هينئر پڪ ٿي ته اڄ ئي صنم جي سلاگره آهي. ادا ظهير کي ڊوڙايوسين ته وڃي هڪ سهڻو خوبصورت تحفو ”گُڏو“ وٺي آيو. ادا سهيل کي موڪليوسين ته وڃي هار وٺي اچي، ادا رياض ڀڳو سو وڃي جيجان، ثميرا ۽ روبينه کي وٺي آيو، آپا شگفته وئي سا عابده، صدف ۽ ناهيد کي وٺي آئي. آنٽي رضيه کي موڪليوسين، باجي گلشن کي وٺي آئي. اوڏي مهل ئي گلدستا اچي ويا. مارڪيٽ مان فروٽ آيو، هاڻي سالگره جون ميڻ بتيون ڪٿان نه ملن. آخرڪار هڪ دڪاندار کي دڪان کولرائي ميڻ بتيون گهرايون سين، ٽيپ رڪارڊر ته گهر ۾ اڳي ئي آهي، ان کي زور سان وڄايوسين ته پاسي وارن گهرن جي ڇوڪرين فرزانا، فرحانا ۽ نجما جا ڪَن کڙا ٿي ويا، پڇيائون ته ڇا آهي؟ ٻڌايوسين ته صنم جي سالگره آهي. دعوت نه هجڻ ڪري نه آيون.

جڏهن رات جا ڏهه ٿيا ته باقي رهيل فوٽو گرافر جي ڪمي به پوري ٿي. مجيد سومرو فوٽوگرافر به اچي نڪتو، ٽيبل تي ڪيڪ رکيوسين. ميڻ بتيون ٻريون. صنم هار پاتا، ڪيڪ ڪٽيو ۽ مخصوص تاڙين جي تال ۽ سُر ۾ ڪورس ۾:

هيپي برٿ ڊي ٽو يو

هيپي برٿ ڊي ٽو صنم

ڳايوسين. صنم کي سالگره جون سوکڙيون مليون. پوءِ اسان سڀني بازار مان گهرايل سامان – صوف، زيتون، ڪيلا، چيوڙو، سنبوسا، پان سوپاريون، آئيس ڪريم کائي صنم جي سالگره ملهائي. اهڙي طرح هڪ مهينو اڳواٽ ملهايل صنم جي سالگره اسان لاءِ عيد کان اڳ عيد جهڙي خوشي آندي.

 

سحر امداد جي آٽو گراف بُڪ تان

 

(”سرتيون“ جو هيءُ مستقل صفحو آهي. هن ڀيري اسين سانئڻ سحر امداد جي ”آٽو گراف بُڪ تان“ سان هن صفحي کي سنيگاري رهيا آهيون. سرتين کي ان ڏس ۾ سَڏ ٿا ڏيون، ته هو هن صفحي ”آٽو گراف بُڪ تان آٽو گراف اسان کي ڏياري موڪلين. اصل جي فوٽو ڪاپي به ڏياري موڪلينديون ته وڌيڪ سٺو.

_ ادارو

 

زندگي گهارجي مرڪي مرڪي

زهر ۾ کنڊ ملائي ڇڏجي

تنوير عباسي

17/10/69

*

سج سڀاڻي جا ڪري سائي ساميءَ روءِ

شيخ اياز

16/2/69

*

ڄامشوري جي اڄوڪي سانوري شام جي نالي

ولي رام ولڀ

10 آڪٽوبر 1986ع

 

دوست شال ملندا رهن:

مراد علي مرزا ڄامشورو

8 – 10 -86ع

*

اڄوڪي شام آغا سليم جي نانءُ

شوڪت شورو

86-10-8

*

پيار مان

ڏاڍي پياري سحر لاءِ

آغا سليم

86/10/8

*

سنڌ اسان جي ماءُ آهي

امر جليل

70-5-9

*

ڪنڊا مون پيرن ۾، توڻي لک لڳن

آڱر آڱوٺي نه مِڙي ڇِپون پير ڇنن

ويندي ڏانهن پرين، جُتي جات نه پائنيان

(شاهه)        

امداد حسيني

80. 5 . 9

*

Dear Sahar Nigar

Books are the light

Houses in th ocean of life

May you have Opportunities

to search your mind.

Yours,

Relaea Baji

 

*

جو تون چوپڙا راند رهين ها،

مات مٿان تون مات سهين ها،

پوءِ تون منهنجو ڀيد لهين ها –

پوءِ تون منهنجو ڀيد لهين ها

(قمر شهباز)

70/5/9

*

ڀڳو آءٌ نه چُئان، ماريو ته وسهان،

ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سڪيندي سونهان

ته پڻ لڄ مران، جي هونسِ پُٺ ۾

(شاهه)

غلام علي الانا

9-5-70

*


 

*

ڌرتيءَ جي پريت کان وڌيڪ

ٻي ڪا پريت ڪانهي

ظفر حسن

86/10/8

*

سحر تنهنجي ڌيئڙي جيئي شال سدا

شيخ اياز

28-2-91

*

تهذيبن جا هانوَ ڇڄن پيا

امن جي منزل – صديون روئندي

باغن ۾ بارود کِليو جي

خوشبوءَ جي دل – صديون روئندي

سرڪش سنڌي

91-2-28

*

مت سنو گر برا ڪهي ڪوئي

مت ڪهو گر برا ڪري ڪوئي

روڪ دو گر غلط چلي ڪوئي

بخش دو گر خطا ڪري ڪوئي

سيَّده ڪاظمي

69-5-8

*

 

ڏکويُنِ اهڃاڻَ

مٿي سَڳرَ پنڌڙا.

(شاهه)

ابراهيم

(محمد ابراهيم جويو)

28/2/1991

*

فيض احمد فيض

69-1

*

قتيل شفائي

28 . 10 . 31

*

Z.A Bokhari

*

Seek knowledge from Cradle to grave

N. Rasal

67. 6. 22

*

دريا خان ۽ دودو ٿيندين

جرنيل ٿيندين جوڌو ٿيندي

گولي تنهنجي در جي گولي

سنڌي ٻولي قومي ٻولي

استاد بخاري

 14. 2. 1970ع

منهنجي سامهون ويٺو آهين

ڇا ٿو چاهين؟

شمشيرالحيدري

1991.2.14ع

*

جنهن قوم جياري،

عوام اجاريو،

تنهن پاڻ اجاريو.

استاد بخاري

28-3-1991

حيدرآباد

*

سنڌڙي منجهه رهي ٿو ٻوليءَ سان ٻيائي ڪرين

سَٽون سنگهارن جون سگهندين ڪين سَهي

ويندئي وَر لهي – جي وَر چڙهئين وڻجارن جي

خواجه قلب

14 فيبروري 71

*

مرلي ڌر جيٽلي

19. 4. 86

*

آئون سنڌ وطن جو

سانگي آهيان

سرويچ سجاولي

71. 2. 16

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com