سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :7

نثري نظم

اڄ جي سائنسي،

۽ ترقيءَ جي دؤر ۾،

سمونڊ سان ملندڙ،

دريائن جي ڇوڙ ۾،

روشنين جي دنيا اندر،

اَلائي ڪيترا ٿا،

وحشيءَ جي روپ ۾،

سنڌ جي هاريءَ سان،

۽ سندس نياڻيءَ سان،

نوري نماڻيءَ سان

صاحبه سڀاڳي سان،

چنبيليءَ جي گل جيان،

ٽڙندڙ ناريءَ سان،

رات جون رَل مليون ملهائي،

سنهڙيءَ لوڏ تي،

بکايل ڪتي جيان ڪريو ٿا پون،

ويتر ڪنهن قومپرست،

جي هانءَ ڦاڙ نعرن جي گونج ۾،

قاسم آباد،

نسيم نگر،

جي مظلومن جي مظلوميت کي،

ڪنهن مقامي هوٽل جي لائونج ۾،

محبت جي آڙ ۾،

چاپلوسيءَ جا ماسڪ،

منهن تي چاڙهيو وتن،

پر،

دريائن جا چاڙهه

سجاڳيءَ جي جهولي سان،

ظلمت جو انت آڻيندا،

سورج ديوتا،

آڪاش منجهان ڪني ڪڍي آ،

رلهي منهن تان لهڻ واري آ،

رڳي منهن ڌوئڻ جي دير آ..............!!!

سورج جي ڪرڻن سان!

 

آصف مٺياڻوي

وائي

 

ڪونج اسان وٽ ڪونه،

 اچي ٿي ڇاجي ڪري؟“

هو جو بم بکيڙا ٿيا ها

تنهن کان آئي پو نه.

ڪونج اسان وٽ ڪونه، اچي ٿي ڇاجي ڪري؟

امن سندو اهڃان اُهائي

تنهن کي ساريون ڇو نه.

ڪونج اسان وٽ ڪونه، اچي ٿي ڇاجي ڪري؟

ايندي ايندي امن آڻيندي

راڻا تنهن لئه رو نه.

ڪونج اسان وٽ ڪونه، اچي ٿي ڇاجي ڪري؟

جڳ سڄو آ ماندو تنهن لئه

”آصف“ کي ڀي اون،

ڪونج اسان وٽ ڪونه، اچي ٿي ڇاجي ڪري؟

 

وائي

 

ڪيڏي سونهن کڻي،

پري کان آئيا پکي

سائبيريا کان آئيا، ڪيڏو پنڌ هڻي

ڪيڏي سونهن کڻي،

پري کان آئيا پکي،

ڪينجهر منڇر مُند تي، برهه بات بڻي.

ڪيڏي سونهن کڻي،

پري کان آئيا پکي

ڪهڙي ڪجي ڪيتري، تن جي ڳالهه گهڻي

ڪيڏي سونهن کڻي،

پري کان آئيا پکي

آئيا ويا ڪينڪي، تن کي سنڌ وڻي

ڪيڏي سونهن کڻي،

پري کان آئيا پکي

تن جي سڪ ۽ سونهن جي، ”آصف“ ڳالهه ڳڻي

ڪيڏي سونهن کڻي،

پري کان آئيا پکي

 

روشن ناز ڌاريجو

آزاد نظم

مون کي لاهڻ ڏيو

هنن ڪوڙن درن ڪڙن جا ڳٽ

لاهڻ ڏيو مان هنن وڏين

بلند ديوارن جي سنهڙن سوراخن

مان آڪاش تي اڏرندڙ پکين کي ڪونه

ٿي ڏسي سگهان

مان به آسمان تي آزاد اڏامندڙ

پکين کي ڏسڻ ٿي چاهيان

او منهنجي امڙ! منهنجا بابا! منهنجا ادا!

هي لاهه منهنجي ڳچيءَ مان ريتن

رسمن جا ڇِپن جهڙا ڳرا

ڳٽ گهونگهٽ لاهي ڇڏ

ائين نه ٿئي جو ان کان اڳ مان هي

ريتن رسمن جا ڪوڙا کوکلا ڳٽ ٽوڙي

هي اونچيون ديوارون

اورانگهي اڏامي وڃان!

 

سنڌو قاضي

ٿورو ته اڳتي وڌڻ ڏي مون کي

 

ٿورو ته هلڻ ڏي مون کي

ٿورو ته اڳتي وڌڻ ڏي مون کي

 

ڄاڻان ٿي،

واسينگ وَسن ٿا هنن وستين ۾

۽ وحشين جو راڄ هتي

پر،

تپندڙ انهن صحرائن ۾

آسن جا ڪي گل ته هڻڻ ڏي مون کي

گونگن جي هن ڌرتيءَ تي

گيت ته ڪي چوڻ ڏي مون کي

بند ته ڪيا تو گهر جا سڀ دروازا

پر،

 

تيز هوائن ۾

آُڏري وينديون آهن ڇتيون،

ڇڏي سڀني بي ساکين کي

مون کي جنهن تي آهه يقين

تون به ان تي اعتبار ڪري

طوفان سان وڙهڻ لاءِ

جتن ته ڪرڻ ڏي مون کي

ها ٿورو اڳتي ته وڌڻ ڏي مون کي


 

 

نجمه پنهور

وائي

 

وکريا سپنا، هارجي ويو هانءُ،

ايڏو جلدي ۾!

ماڳ ته اڃا اڳتي هيو، وڇڙياسين تون مان،

ايڏو جلدي ۾!

پهرئين ئي ملاقات ۾، شڪ شڪن مٿان،

ايڏو جلدي ۾!

لڙڪ نه لاڙي سگهيس، موڪلايم جو توکان،

ايڏو جلدي ۾!

سال ڏکن ۾ گهاريم سک لمحن جيان،

ايڏو جلدي ۾!

تنهنجي ڏنل ويساهه ۾، ٻڏان ۽ تران،

ايڏو جلدي ۾!

ڪالهه چوائي مُڪائين مون ڏي، مون کي

وساري ڇڏيان،

ايڏو جلدي ۾!

ايڏو جلدي ۾!


 

 

حميره شمس شيخ

آزاد نظم

لڙڪن پنهنجن

اکين تان

پاڻ اگهي ڪجهه ته

چپن تي

مرڪ آڻيو

ڪجهه ته

ڪوماڻيل اداس

چهرن تي

نواڻ آڻيو

دل پنهنجيءَ کي

هرگز نه ڏسجو

ڇو جو دل ۾

درد هزارين هئا

هزارين آهن

دل ته آهي ئي

دردن کي

سانڍڻ لاءِ

دل جو

دردن وارو

دروازو بند ڪري

دنيا ۾

جيئڻ گهرجي

جيئڻو پوندو

 

غزل

 

اجهاڻا اجهاڻا ازل کان اجهاڻا

ٿري آهن اصل کان نماڻا نماڻا

 

ڏسي حال پنهنجو ڳوڙها ڇو ڳاڙيون

جهوپڙا مليا رب کان ڪکاڻا ڪکاڻا

 

منهنجا نيڻ آهن تو لئه اڃايل

مينهن ڌرتي تي ڪر تون وساڻا وساڻا

 

روئي ٿر جي نياڻي رب کان گهري

ڏي تون خوشين جا ٺڪاڻا ٺڪاڻا

 

ڏسي روئي خوشبو حال ٿر جو

مرڪندا ڪڏهن اي رب چهرا ڪوماڻا ڪوماڻا

 

حميره شمس شيخ

خدا ياد اچي ٿو

 

پنهنجن وڏن جو

پاليل غير

دهشت گرد جي روپ ۾

وات ڳاڙهي سان اچي ٿو

جنهن زمين تي

هن کي پناهه ملي

جنهن زمين جو هن

پاڪ پاڻي پيتو

جنهن زمين جو هن

اناج کاڌو

هي سرزمين جا

ماءُ جو درجو رکي ٿي

ان جيجل جي جهوليءَ ۾

گولي هلائي ٿو

ڪونڌر مري ٿو

جيجل کي ڪوسو واءُ لڳي ٿو

صدمو رسي ٿو

پوليس سڳوري اچي ٿي

پنهنجن کي ئي ٻڌي ٿي

اخبار خبر ڏئي ٿي

وَني لُڇي ٿي

جيجل روئي ٿي هنجون هاري ٿي

راڄ گڏ ٿئي ٿو لڙڪ وهن ٿا

جيءُ جهرن ٿا سڏڪا ٻُرن ٿا

چپ سُڪن ٿا، لِڱَ سڙن ٿا

دل ۾ باهه جا اُلا ٻَرن ٿا

بدلي وٺڻ لئه

ايڪو گهران ٿو

ڪوئي ساٿ نٿو ڏئي

ان مهل پاڻ کي

ڪمزور محسوس ڪيان ٿو

بيوس محسوس ڪيان ٿو

ان سمي مون کي بي انتها

خدا ياد اچي ٿو

 

ڊاڪٽر انعام آغا

احساس

 

ڪنهن تيز رفتار گاڏيءَ هيٺ چچرجي ويل

احساس

ٻوساٽيل ٻوساٽيل

احساس

Premature

Accidently abort ٿيل احساس

احساس

خنجر جي تيز ڌار تي چنبڙيل

احساس

موهن جو دڙو

احساس

تاج محل

احساس

.... کان بنگلي تائين پيڙهيل عورت –

احساس

بت نِما دماغ جا ٻالڪ

احساس بي وس

احساس بادل

ڇڙ وڇڙ بوند بوند

احساس آزاد، اندر ئي اندر

ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ڀتن تي ليڪيل

احساس جنم جنم

سَتي ٿيل

احساس

توکان پوءِ به جيئڻ ڪارڻ

مُئلَ احساس

 

ولي مخدوم

وائي

ٿڌڙيون هوائون،

تنهنجو ڄڻ سَنديشُ لڳن ٿيون

سج جي ڪرڻ جون،

ڪنواريون روشنيون،

تنهنجو ڄڻ سَنديشُ لڳن ٿيون

هيلَ به هولي تو بن

هِڏڪين تي هِڏڪيون،

تنهنجو ڄڻ سَنديشُ لڳن ٿيون.

*

 

آزاد نظم

ناريءَ جا لُڙُڪَ

ناريءَ جو نديءَ ڪناري

پاڻيءَ ۾ پٿرِين جو اُڇلڻُ

۽،

نيڻن مان لُڙڪن جو وهڻُ،

پوئتي پيل زندگيءَ جي ڀاونائن،

هُن کي نديءَ ۾ پٿرين،

اُڇلڻ لئه مجبور ڪيو،

وهندڙ نيڻن مان لُڙڪ،

پاڻيءَ ۾ ڪڏهن،

بڻجي ٿا وڃن،

گنگا،

ته ڪڏهن سِنڌُو.

 

مخفي ليئو

سِجُ،

سمنڊ مٿان،

پلپل پائي لِيئو،

پاڇي اوٽَ،

ڇانو ڳولهي؟


ولي مخدوم

آشيرُ وادُ

سُندر ۽ سهڻن هٿڙن ۾،

ڏياٽين جا ترورا،

ڏياريءَ جو ڏِڻُ،

بڻجي جَرڪيا،

پر

آلاڻ اکين تنهنجن جي،

ڏياريءَ کان دورانهين آهي،

ياد ڪيا تو پَڪَ سان هوندا،

اَبو اَمَڙ،

ڀائر ڀينَرُ،

سَٿَ سهيليون،

تون هانءُ نه لاهه چري،

ڪِرشن جي ڪِرِپا سان،

سَرهي هوندينءَ.

 

 

آزاد نظم

نُوري تنهنجي،

کُهنبي رئي ۾،

اَڄُ به ڪيڏي!

ڇِڪَ سمايل آ،

ڪينجهر ڇوليون،

تنهنجي دل سان,

آجيان ڪن ٿيون.

 

عاليه آغا

باغي

جڏهن به ظالم

پنهنجي ظلم جي

ڪاري چادر وڇائيندا

تڏهن سنڌوءَ جا باغي

وطن تي پنهنجو

سر گهوريندا

سوري سجائيندا

ٻڌي مٿي تي پٽيون ڪاريون

ڳليءَ ڳليءَ گيت انقلاب جا

ڳائيندا

ڪيرائيندا اهي ڪوٽ ڪڙا

سُکيون ٿينديون مارئيون پنهنجيون

پنهنجو رت وهائي سنڌوءَ ۾

لهر لهر امرت بڻائيندا

شهيد جو نانءُ ماڻيندا

ٿيندي سنڌ ساري سائي

موٽندي ويل بهار سنڌوءَ جي

ٽڙندا گل عجب جهڙا

چانڊوڪي ٿيندي پوءِ پنهنجي اڱڻ ۾

پر ......

هي مان ڪهڙو خواب ڏسان ٿي

ڇا! باغي منهنجي در تي بيٺو آ

يا هُو اڃا سُتو پيو آ!!!

 

ڪاڪ محل

مان پنهنجي ڪاڪ محل

جي قيدياڻي

هو آ پنهنجي سپنن جو

قيدي

نه هو ٿو پنهنجي

سپنن کي ٽوڙي سگهي

نه

مان ئي پنهنجي ڪاڪ

مان نڪري سگهان.

 

آشا

وائي

دوکن جي دُورنگي دنيا ۾

هن جيون ڏاڍو ڀوڳيو آ

 

سچ سمورو ڪچ آ هِتڙي

هَر ڪَچ سَچَ ۾ ويڙهيو آ

هن جيون ڏاڍو ڀوڳيو آ

 

ڪهڙا ڏوراپا ڌارين کي

هت ويساهه پنهنجن ٽوڙيو آ

هن جيون ڏاڍو ڀوڳيو آ

 

سنڌوءَ ۾ ٻُڏي هو ڇا ڪندو

جنهن کي پنهنجن لُڙڪن لوڙهيو آ

هِن جيون ڏاڍو ڀوڳيو آ

هن جيون ڏاڍو ڀوڳيو آ

 

غزل

 

نه ڌڪار هٺيلا! روئي پوندا

جذبا هاڻ ساماڻا منهنجا

 

سنئين واٽَ ڏَسيان ٿو جاني،

ڀانءِ نه مَٺا سمجهاڻا منهنجا

 

تانگهه تنهنجيءَ ۾ رُلندي رُلندي

ساهه ٿي پيا ساڻا منهنجا

 

مان نه پر، لوڪ چوي ٿو

ٽَهڪ ڏکن هاڻا منهنجا

 

آشا جون هيڪلايون ڀرڻ،

اِيندين ڪڏهن راڻا منهنجا!

 

وائي

 

لهندڙ جوانيءَ جي، اڇن وارن ۾

سپنا رت روئن ٿا

موهن جي دڙي جي ڀُريل آبشارن ۾

سپنا رت روئن ٿا

شاهي حويليءَ جي اجڙيل جارن ۾

سپنا رت روئن ٿا

اکين، چپن جي آڇ، نچڻيءَ جي اشارن ۾

سپنا روئن ٿا

تنهنجي اوسيئڙي ۾ دل جي دوارن ۾

سپنا روئن ٿا

 

 

ملزم ٿري

ڪافي

پنهواريون پريت جون پالڙيون

ڳڻيان ڪهڙيون ڳڻن جون ڳالهڙيون

کٿيون کاهڙ ۾ ڪَتي اُنَ اُڻن پنهنجي کيتن سان گڏ کيٽ لُڻن

ڪي ڀاڳياڻيون وٺي مال ڀُڻن ڪن پيار منجهان نت نالڙيون....

 

ڏٿ روز چونڊي ڪن ڏوٿياڻيون گڏ قُوت جهنگل مان جهانگياڻيون

ته به شان وڏي سان سانگياڻيون توڙي اوڇڻ انگ اٻالڙيون....

 

ڀَلي سان ڀرم بُک ڀانئين ٿيون لُڏي ڪين ڪڏهن دل لاهين ٿيون

ايئن راڻا! روپ نپائين ٿيون ڪي سُورا ويرَ سچالڙيون....

 

ائين آهن روز اپارن ۾ خوش ماروئڙيون ته به مارن ۾

توڙي ڏوٿين ڏيهه ڏڪارن ۾ پنهنجي ساڻيهه منجهه سَٻالڙيون....

پنهواريون پريت جون پالڙيون

ڳڻيان ڪهڙيون ڳڻن جون ڳالهڙيون


 

 

 

 

امداد حسيني

 

ڪيڏارو

 

ميندي ميهڙ شهر جي، هٿرن تي لايانءِ،

ڳڀرو اڄ ڳايانءِ، ڳَهڻي جهڙي ڳيچَ ۾،

 

اوري، آءُ ته ماءُ، ڏيئي چُمي نراڙ تي،

سدائين ساڻيهه جو، سانڍج سِر سوداءُ،

گُل گُلابي گهاءُ، لَلاٽَ تي ته لَلهنگَ جي،

 

مَرسا مَرڪي جوءِ، ويهي سرتين سَٿَ ۾،

ڪانڌ جنهين جو پوءِ، پُرزا ٿي ڀِڙ  مٿي،

 

مَر ساروءِ جوءِ، گهر جي انڌي ڪنڊ ۾،

مُنهن مِهڻي جي پوءِ، ڪانئر جنهن جو ڪانڌ ٿيو!


 

 

بانو محبوب جوکيو

 

ڪانڌين ڪنڌ ڳري ويا

(گهڻو وقت اڳ موالين واري هن قصي کي ٻڌڻ ۽ متاثر ٿيڻ کان پوءِ ان واقعي کي هن ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي رنگ ۾ پيش ڪيو اٿم.(ب-م))

هوٽلون، اسپتالون سدائين ڀريون پيون هونديون آهن ۽ جت، ڪٿ وسيون پيون هونديون آهن، پر هڪ ٻي به جڳهه هوندي آهي جيڪا وسي پئي هوندي آهي. سنڌ ۾ موالين ۽ جوارين جا اوتارا مان به تازو، تازو انهن ڏينهن ۾ اڌرجي پيو هئس، سڌريل ته هونئن به ڪونه هئس بقول بابي جي. پر انهن ڏينهن ۾ اڌرجي ڪجهه سرس ويو هئس.

ماسٽر چندر چيو ته؛”سائيءَ جو يار ٿيندين ته سدائين باغ بهار هوندين.“ سو موالين جو به جيڪو يار ٿيندو سو پاڻ کي باغ سمجهندو هو، مون به سمجهيو هو ۽ جيئن چون  ته ”پنج ئي آڱريون گيهه ۾... ائين اسان موالي سنگت سوڌو ڀنگ ۾.“

اوتار جيڪو هئو ته سڀني جو هو نه هئو ته ڪنهن جو به نه هئو،سدائين ڀريو پيو هوندو هو، پٽ تي اهي ئي اڊڙيل رلهين جا ٽڪر جن مان اڊڙيل ڌاڳن ۽ نڪري آيل لِههَ واريون اڳڙيون مٽيءَ ۾ ڀڀوت، اسان جي مستقبل جيان اسان جي پيرن هيٺان ليٿاڙبيون هيون، اهي ئي ڊالڊا جا ڊٻا جن تي سؤ ته گُهپ ٿي ويا هئا ڌڪن لڳڻ سبب، اهي ئي ڏنڊا ڪونڊا ۽ ڏنڊي ۾ گهنگهرو، گهوٽڻ ويل اهڙو پيو آواز نڪرندو هو ڄڻ ڪا ڳائڻي ڇيرون پائي پئي نچي. نشي ۾ الوٽ، اهي ئي بيهودا، بيهودا چرچا، اهي ئي واڦيل جملا جن جو نه سر نه منڍ- مون کي خبر نه هئي ته انهن موالين ۾ ڪيترا عادي، موروثي يا گادي نشين موالي آهن، ڪيترا ٽُوٽ، شوقين ۽ ڪيترا مصيبتن جا ماريل آهن، مون کي بس اها خبر هئي ته مان انٽر ڪرڻ بعد نه ته پوليس شعبي ۾ وڃي سگهيس(ڇو ته بقول امان جي ته پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ ڪوبه فرق ناهه. ٻيو ته امان جو اهو به چوڻ هو ته جيئن ”گيهه پچي ٿئي وهه“ ائين پوليس وارا ٽريننگ جون سختيون سهي نه صرف هنن جي اندر جو انسان فوت ٿي وڃي ٿو پر هو اهڙا ته ظالم ٿا ٿي پون جو هنن آڏو ڪو ماضي يا حال جو ڪو ظالم حڪمران به نه) باقي رهي ڳالهه ته ان کان سواءِ ٻي نوڪري ڇو نه ڪيم ته ان جو سبب ٻڌو. انٽر جي صلاحيت تي بلڪه ائين چئجي ته ڊگري تي اڄڪلهه پٽيوالي ملي ته به غنيمت پر ڏهه هزار ڀري ڪير؟ ڏهن هزارن ۾ نوڪري ڪيان به ته ڏهه هزار ڪٿان اچن!

پهرين امان جو خيال هو ته هوءَ مون کي پرڻائيندي ۽ منهنجي مٿي تي موڙ ڏسندي اها سندس خواهش هئي پر اسان ۾ ڇوڪرين تان ٽڪا (بلڪه نوٽَ چئجن ته بهتر رهندو) وٺڻ جو رواج ائين عام جام ٿي ويو آ جيئن اڄڪلهه نوڪريون ٿيون وڪامجن ۽ نوڪرين ۽ ڇوڪرين جي به قيمت داڻي، داڻي جي حساب سان گڏ، گڏ هلي پئي پر......... ڇوڪري جي پچر ڇڏي امان چيو؛ ”منهنجي آخري اميد آهي ته توکي نوڪري ۾ ڏسان“ پر ڏهن، ٻارهن هزارن جي پٽيوالي لاءِ ڳالهه ٻڌي اها امڙ جيڪا منهنجي جوان ڀيڻ کي ڏسي چوندي هئي ته اڳ ۾ وڏڙا چوندا هئا ته ”مولا! ڌيءَ ڏين ته ڪا واهه به کولجان ڌيءَ هجي ته ان لاءِ ور به خلق نه ته ڌيءَ هجي ئي نه.“ اها پوءِ چوندي هئي ته پٽ هجي ته ويهه، ٽيهه هزار هجن ئي هجن، ڇوڪري ۽ نوڪري لاءِ“

پر گهڻن ڏينهن کان پوءِ امان منهنجي بجاءِ منهنجي ڀيڻ جي شادي ڪئي، ڏهه هزار وٺي، چوندا آهن ته ”ڌيءَ تان پئسو حرام هوندو آهي ۽ حرام شيءِ هونئن ئي حرام ٿي ويندي آهي.“ اسان جو به اهو پئسو حرام ٿي ويو ريڙ، گيڙ ۾ ئي! ان لاءِ نه ته نياڻي تان ورتو هئوسين پر ان لاءِ به ته نوڪري جي آسري تي ڏنل پئسو هونئن ئي ريڙ گيڙ ٿي ويندو آهي، ڏناسين پئسا جنهن ۾ ٿوم ڏٺيسين نوڪري وٺي ڏيڻ لاءِ. ڪجهه عرصي کان پوءِ چئه، چوان کانپوءِ پئسا موڪليا ۽ جواب – جن پئسن مان به هزار، ڏيڍ  چٽ چي؛ ”ڀاڙي،ڀتي ۾ لڳو وس ته پنهنجي پاران ڏاڍو ڪيو“ ڀاڙي ڀتي لاءِ وري ڪنهن ٻئي ورتا ۽ دلاسا، موٽ ۾ جواب ۽ چڱن خاصن پئسن جي  چتي لٿل چي؛ ”ڀاڙي، ڀتي ۾ لڳو.....“ ڀاڙو، ڀتو ڇا ٿيو ڄڻ ٻاهرين ملڪ مان ڪو ”لاش“ کڻائي پئي آيا. نيٺ ڌڪا، ٿاٻا کائي ڪجهه دوستن جي دلاسن ۽ همدردين جي اوٽ وٺي اوتاري تي پهتس.

ڪٿي پڙهيو هئم ته ”........ ۽ وڏن ماڻهن جو پاڻ ۾ ڏاڍو ويجهو رشتو يا واسطو هوندو آهي.“ ائين مون محسوس ڪيو، موالين جي اوتارن، جوا جي اڏن تي پوليس جا به پنڌ هوندا هئا ۽ انهن جو به ڪو رشتو ضرور هو، سڀ راضي هئا، بس هڪڙو ئي هئو جو وڏو ڀنگ جو وٽو پي اٿڻ ويل اها ڌمڪي ضرور ڏيندو هو ته ”سٺو نه ٿا ڪيو! هي جاءِ هاڻ خالي ڪيو نه ته خير نه سمجهو!........“ وغيره ۽ ويندي ويندي ڀنگ جي وڏي وٽي پيئڻ کان علاوه خرچي ائين وٺندو هو يا موالي کيسي ۾ وجهندا هئس ڄڻ هو اهو ٻار هجي جيڪو گوڙ ئي خرچي سبب ڪندو هجي. پوءِ هن جا چپ سبجي ويندا هئا.

نالي ۾ موالي هئا، نشي ۾ الوٽ، پر رکي، رکي پوليس وارن کي چاچي چئي اهڙي ته چهنڊري پائيندا هئا جو ٻُڏڻ جو مقام هوندو هو پر هو گوڏا، گوڏن سان ملايو پيا جهوٽا کائيندا ۽ کلندا هئا ۽ پوءِ پوليس وارو هر ڀيري ٿيڙ کائيندڙ قدمن سان ويندي ويندي ساڳي ڌمڪي ڏيندو هو.

نيٺ موالين کي به آيو جوش ته ٻيلي! ايترو ڪجهه وس آهر ڏيونس ٿا باقي اڃا ڪهڙي ڌوڙ وجهونس! سو ڇا ڪيائون جو سنگت سان صلاح ڪيائون ته ڪا اهڙي سيکت ڏيونس جو وري ته ڪو مٿو نه هڻي، نيٺ اچي هڪ ٺاهوڪي مارڪٽ تي ئي همراهه ڪک، پن ٿي لڙهي ويو.

هاڻ ڇا ڪجي؟ همراهه ته اڦٽ مري ويو! سو اسان موالين صلاح ڪئي ته ٻيلي! ثواب جو ڪم آهي هن جي ڪفن، دفن جو انتظام ڪجي.

پر اڃا عقل ڪجهه سجاڳ هو صلاح ڪئيسين ته هينئن ته ڀيڻسان سڳ سوڌو پڪڙباسين سو ڪا ترڪيب سوچيون جنهن سان نانگ به مري ته لٺ به بچي.

آخرڪار ڪجهه گناهه جو بار هلڪو ڪرڻ خاطر مُردي کي وهنجاري سهنجاري ڪفن پهرائي کٽ تي سمهاري ٿياسين ڪانڌي، ڪنهن کي به خبر ناهه هوندي ته ڪير ڪنهن جو ڪانڌي ٿيندو- سو ويچاري مرحوم سپاهي کي خواب، خيال ۾ به نه هوندو ته موالي سندس ڪانڌي ٿيندا. اسان جيڪي به موالي هئاسين لاش کي ڪلها ڏيندا، رومالن، انگوڇن سان منهن اڌ ڍڪيو هانو ڦاڙ رڙيون ڪندا رستي تي نڪري آياسين، پنهنجي سوچيل سمجهيل ترڪيب تي عمل ڪرڻ خاطر گهٽيون،گهاٽ لتاڙيندا روئندا ۽ لاش کي روليندا هلندا رهياسين، اتفاق سان شهر ۾ قبرستان به گهڻا هئا ۽ ٻيو ته شهر ۾ موالين جو ايترو اٿڻ، ويهڻ به نه هو بس گهر، اوتارو ۽ اهي انهن جا ٽڪاڻا سو جا گهٽي پئي آئي اسان سڀ ان ۾، اهڙي ريت ڪلاڪ اڌ ڪلاڪ واري، واري سان ڪلهو ڏيندا، هلندا، روئندا رهياسين.

آهستي آهستي اسان واري ميڙ ۾ اضافو ٿيندو پئي ويو، ثواب خاطر ڪافي ماڻهو اسان جي ميڙ ۾ شامل ٿيا ۽ پڇڻ به لڳا ته مرحوم اسان جو ڇا ٿيندو هو؟ ڇا ڪندو هو؟ ڪير هو؟ وغيره، وغيره پر اسان تيئن روئون- جواب ڏيون ڇو ٿا! ثواب خاطر ڪلهي ڏيڻ وارا به کوڙ مڙي آيا ۽ مرحوم بابت پڇڻ لڳا پر اسان منهن ڏئي ڳالهايون ڇو ٿا. بس روئڻ ۾ پورا جيئن هو پڇن تيئن اسان جا ٻيٻراٽ، سڏڪا.

اهڙي ريت آهستي آهستي هڪ هڪ ڪري اسان سڀني کڻي کِسڪَ سورت پڙهي ۽ رازداري سان کسڪندا وياسين ڪنهن گهٽيءَ، ڪنهن موڙ تان.

شام اچي ٿي لاش پيو رُلي ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي قبرستان  پورڻو آهي ۽ ڪير ميڙ مان لاش جو وارث آهي، ڪو هجي به ته ظاهر ٿئي، آخر قبرستان ڳولهيائون ته من! ڪٿ قبر کوٽيل هٿ اچي ته لاش کي سڪارتو ڪجي! پر جا ڄائي ئي نه سا نانيءَ مهانڊي ڪيئن. قبر کوٽيل لڀي ڇو ٿي!

ڪاري وارا ڪک ڏسي وري ويچارا ٻئي قبرستان ۾ اچن، پوليس وارن جو ڏٺو ته ڀيڻسان! صبح کان اهو لقاءُ لڳو پيو آهي، هر هن رستي کان ٿا وڃن هر هن رستي؟ آخر ماجرا ڇاهي!

نيٺ ”هاڙهه! هوڙهه!“ ڪندي پڇا ڳاڇا ڪئي، لاش جو منهن کولي ڏٺائون ته حيران ٿي ويا ته هي ته سندن ئي ماڻهو آهي پر هي مُئو ڪيئن؟ ڪنهن کي خبر هجي ته ڪو ڏَسي- نيٺ ثواب خاطر ڪلهي ڏيندڙن تي نظر پين- ”نيڪي ڪر! گناهه لازم“ سو کين وڃي ٿاڻي ۾ ويهاريائون.

اچي مون کي پنهنجي ڦرڦڻيءَ ورتو ۽ ڊپ ٿيم ته ڪهڙو وقت! متان به پڪڙجي پوان- هڪ لمحي ثواب خاطر ڪلهو ڏيندڙن تي قياس به ڏاڍو پئي آيو پر ڪري ڪجهه نه سگهيس، مٿان وري ڏوهه جو بار اچي پيو ته چين آرام ڦٽي ويو، خواب ۾ به پئي ڏٺم ته ٻين سان گڏ مان به پڪڙجي پيو آهيان.

ڪنهن واتان ٻڌو هئم ته ؛ ” اگر ڪو ڏوهي هجي پوءِ کڻي خوني، قاتل ڇو نه هجي! پوليس ۾ هليو وڃي ته ڍڪجي ويندو.“

سو مون به ان ڪري پوليس ۾ هٿ، پير هڻي، ڪوشش ڪرائي نوڪري ورتي ۽ هاڻ جڏهن مان ترقي ڪري چڱو عهدو حاصل ڪري وڌو آهي تڏهن به مان ان واقعي کي وساري نه سگهيو آهيان. اگر کڻي وساريان به ته ڪيئن؟ جو اهي ثواب خاطر ڪلها ڏيندڙ ماڻهو جن جو اڃا تائين ڪوبه فيصلو ناهه ٿيو ۽ بنا فيصلي ۽ سزا جي جيل ۾ مفت سزا ڪاٽي رهيا آهن، سي منهنجي نظرن تي هر وقت چڙهندا آهن اهي جن جو ڪوبه ڏوهه ناهه  ۽ منهنجو ڏوهه منهنجي ورديءَ ۾ دٻجي ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com