سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :4

ماهتاب محبوب

لهر لهر زندگي . . . .

زيب النساءِ جي ٽنگ جو سور جيئن پوءِ تيئن ويو وڌندو. سنئين لڱي ٿيڻ لاءِ وڏا وس ڪيائين، ويندي شاڪُن ڏيارڻ تائين به وڃي پهتي، تان جو اچي کٽ داخل ٿي. بيٺي جو هرڪو، ڪرِئي جو ڪو به نه، جيان سڀئي جيڏيون سرتيون ڀڄي پري ٿيس. باقي رهي بخيل زليخا، تنهن جي ڄڻ الله جوڙ جوڙي، ۽ ”ڇُٽي لُولي ڪتڻ ڪڻون، ڪڏڻ لڳنس ٻال“ جي چواڻي اچي وٽس ديرو دمايو.

ڀانيائين ته ”هاڻ سور، درد، گلائون  غيبتون ٻڌڻ ڪاڻ هوءَ کيس نويڪلي ۽ واندي ملندي، سو طبيعت پڇڻ جي بهاني ٻئي ٽئين ڏينهن پئي چڪر ڏيندي هئي ته، ”ادي منهنجي لائق ڪا خدمت هجي ته ٻڌائيم.“

اڄ ته مرڳو ٻئي نمبر پٽ کي به اِن مزاج پُرسيءَ جي سعادت نصيب ڪرڻ لاءِ ساڻ کنڀي آئي، جنهن کي اَزل کنيو جو ڪرسي ريڙهي زيب جي ڀر ۾ ٿي ويٺو ۽ ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي وڏيرڪي نوع مان پڇيائين،

”ماسي ڪهڙا حال اٿوَ؟“

ابا بس اِهي جيڪي ڏسين پيو.“

هن لاپرواهيءَ مان وراڻيو. هڪ اڳ ئي ناچاڪ مٿان وري هر آئي وئي حال پُڇي پڇي کيس وڌيڪ بي حال ڪري رکيو. گهڙي کن رکي طارق کي غور سان ڏسندي چوڻ لڳي،

”ابا اِهو والو وري خير صلي ڪَن ۾ ڇو پاتو اٿئي؟“

هو اِن اوچتي حملي تي تِٿان پِٿان ٿي، ڪار چاٻيءَ سان ڪن کوٽيندي مرڪيو ته ماڻس وچ ۾ ٽپندي دفاع ڪيو، ”ائي زيب تنهنجي هيرَ نظر پئي آهي، ننڍي لاڪو ڪونه والو وڌومانس، نس لهي پئي هئس.“

”ائي هان! پر تنهنجا به انصاف  چئبا، هاڻ اِها به ڪا عمر آهي والي پائڻ جي. لاهي ڦٽو ڪريس، ”سوٽيل بوٽيل نوجوان، سڀاڻي جي سڱ بند ٿئيس ته ڪو ڏسندو ته ڇا چوندو....“

”لاهيانس وري ڪيئن. اڃا اهو ننڍي هوندي جو حساب بيٺو اٿس...“

”جي نٿي رهين ته سنهي ڪاٺڙي وجهيس. ڪن ۾، اُها ڏسبي ته ڪانه.“

”نه ڀيڻ، واليءَ جو پنهنجو سوڻ آهي.....“

”امان توهان جيسين ماسيءَ وٽ ويهو، آئون ٿورو شهر مان ڪم  لاهيو ٿو اچان.“ هو پنهنجا زِرَ ظاهر ٿيندا ڏسي، بهانو ڪري اُٿي کڙو ٿيو ۽ وٺي کڙين تي زور رکيائين، زيب ڀانيو ته ماءُ کي به ساڻ وٺي ويندو پر هوءَ ته ڄڻ اوکا پوکا لاهي  لت کوڙي ويهڻ ڪاڻ آئي هئي. رهندو هڪل ڪري پٽ کي چوڻ لڳيءَ.

”ابا بچيم، تون ڀل وڃي پنهنجا ڪم ڪار لاهي، ڪاڙهي ۾ نه وٺڻ اچجئيم، اڳو پوءِ سج لٿي اچجانءِ تيتر آءٌ  پنهنجي دلبر ڀيڻ جو روح ويٺي وندرايا“. اِهو ٻڌي زيب جو وس نٿي هليو نه ته جيڪر منهن مٿو پٽي خارن مان پاڻ کي رتو ڇاڻ ڪري وجهي ها. پر به چهري جا تاثرات ڪجهه اهڙا ٿي لڳا ڄڻ ڪاريهر ڏنگيو هجيس.

”بچي شال، اهو پُٽڙو چئي ۾ اٿم. ڏاڍو سدورو آهي. باقي صديق ته آهي ئي جوءِ جو مڄو. خبر اٿئي وري جوڻهس ڪهڙو فتنو کڙو ڪيو آهي؟ مون کي ڪجهه چوڻ جي همت نه ساري سگهي ته مڙس کي گماشتو ڪري اُماڻيائين، جنهن ساليءَ لاءِ طارق جو سڱ گهرڻ جي سفارش ڪئي .   “ زيب ڪجهه ڪڇڻ پڇڻ بنا رڳو بي وسيءَ مان سندس منهن ڏي ٿي نهاريو.

”هاڻ تون پاڻ اَمين ٿجانءِ ته صديق جي زال مون کي ڪهڙو ٺاريو آهي، جو وري ڀيڻس کي لاڏين ڪوڏين وٺي اچان. . . . سو مون ته پٽ کي ٺُپ جواب ڏيئي ڇڏيو ته ”مون کي پنهنجو ٻچڙو اِن لانگڙ لاهه خاندان ۾ ڪونهي پرڻائڻو. سون سريکي  ڀائٽي ويٺي اٿم، اهو ڪم اتي ڇو نه ڪريان. پنهنجي ماريندي ته به ڇانوَ ۾ ڇڏيندي. اُس ۾ ته ڪو نه اُڇليندي.“ اهو ٻڌي مڙس مڇرجي پيو چي، ”منهنجي زال وري ڪهڙو ڪنهن کي اُسن ۾ اُڇليو آهي.“ مون به تپي وراڻيو مانس، ”اي اُڇلي وڃي شڪل بڇڙي سسڻهين کي، اسان کي ڪوه لائي اُڇليندي.“ صديق جي سس جي ته ڳالهه ئي نه پڇ، اصل توبهه زاري. وڏي افلاطون رن آهي، بس ڀانئين ته سِيڻ ۽ ناٺي سندس جي حضوريءَ ۾ ڪنڌ نوايو بيٺا هجن، پر منهنجو موچڙو به نه چخيس.

لڳاتار يخيءَ سان زيب جي صبر جو پيمانو ڪنان تار ٿي ويو ته هن اُمالڪ ٻنهي هٿن سان کڻي مغز جهليو.

”ائي زيب ڇا ٿيئي، هير ته سولي هئين... . “

ايئن چوندي صوفا کان  کٽ تائين پهچڻ لاءِ ”هن ٽپو  ئي ڇڙو هڪ ڏنو ۽ اچي ٻيلهه ٿي ويٺس.

”اي الله، مون کي بخش ڪر، الائجي ڪهڙا ڪيتا پيو لوڙائين، . . . . او صبا . . . .هيڏانهن ته اچ“. هن وڏي واڪ ننهن کي سڏيو. جيستائين هوءَ پهچي ئي پهچي تيسين زليخا اڳتي وڌي زور زور سان پٺا مهٽڻ لڳس. اهو ڏسي هن عاجزيءَ سان چيو،

”ادي منهنجو هانءُ ٿو  ”منجهي، هينئر مون کي ڇڏي ڏيو.“

ايتري ۾ ننهڻس به ڊوڙندي آئي، ”چاچي ڇا ٿيو؟  ٺيڪ ته آهين!!“ هن پريشانيءَ مان پڇيو.

”امان ويٺي ويٺي مغز کي چڪر ۽ اکين اڳيان اوندهه اچي ويئي آهي. . .  الائجي ڇا ٿو ٿئيم. جهٽ ڪري ويليم جي گولي آڻي ڏي ته کائي ننڊ ڪريان. . . “

”ادي عذرا کي فون ڪريان ته ڊاڪٽر کي وٺي اچي. . . ؟“

”هاڻ مران ڪونه ٿي جو عذرا ڏي فون ڪندينءَ، ڪمزوريءَ کان پيو مٿو ڦري. آرام  ملندو ته پاڻهي ٺيڪ ٿي وينديس. . . تون ماسيءَ کي وٺي وڃي پاڻ ڏي ويهار جيسين آءُ ٻه گهڙيون ننڊ ڪري وٺان.“ هن زليخا مان پاڻ آجو ڪرائيندي چيو.

اُن ڏينهن ته جيئن تيئن ڪري هن پنهنجا بند خلاص ڪرايا پر ٻه ٽي ڏينهن نه گذريا ته اِجهو وري اَچي هُن ”جاڙا خان ڪتو جهلجهان مهمان آيا آهن“ جيان اسلام عليڪم ڪئي. ۽ جيئن ئي پٿلي هڻي ديوان تي ٿي ويٺي ته اوچتو چڙڙاٽ جو آواز ٿيو. زيب ته ڇرڪي ويئي پر هن جو به حياءُ کان منهن هارجي ويو. مٿان وري صبا، جيڪا سس لاءِ يخنيءَ جو پيالو کنيو پي آئي، تنهن بي اختيار کل روڪڻ لاءِ رئو کڻي وات ۾ وڌو.

زليخا کي پهريان ته ٽاهه پئجي ويو، پوءِ وڃي ساهه پيس ۽ کلي چوڻ لڳي،

”مڙيو ئي خير آهي، چولي جا چاڪ ننڍا هئا سي مئا ڦاٽي ڇيا. . .،

ٻيڙي ترئي، تو کي ڪهڙي ”ڪڏَ کنيو جو پيريءَ ۾ کڻي چاڪ ننڍا رکايهءِ. پنهنجو قد بت ته ڏسين ها. اهو ته ٿيو هٿ وٺي اَڪ سان پاڻ کنهڻ.“

”تو کي خبر ڪانهي زيب، اهو نئون فيشن نڪتو آهي.“

”مون کي ڇو نه خبر هوندي، جڏڙي ٿي آهيان انڌڙي ته ڪو نه آهيان جو اِها به خبر نه هجيم، پر فيشن اهو ڪجي جيڪو  ٺهي، نفيس نينگرين کي ٺهندا آهن، اِهي فيشن. تو مون جهڙيون ٿوٿان بلائون ڪٿان سوڙهن چاڪن ۾ ٺهنديون“.

”خير، هاڻ تون هلڻ کان هلاڪ اِهي ڪيئن ڀائين ها!!“ هن همدرديءَ مان کيس ساڙيندي ڳالهه جاري رکي. ”مون به ڪو نئينءَ مان ڪو نه ٺهرايا آهن، ويهه پنجويهه ورهيه اڳ جا سانڍيل ڪپڙا ڪڍي ڪري پاتا اٿم. اِها ته مون کي به سُڌ هئي ته اِهو فيشن رُلي پني نيٺ ورڻو آهي، سو پلش ۽ ڪمخاب جا اوچا وڳا ڪنهن کي ڏيئي ڇو برباد ڪريان ها.“

”سال به ته سنڀار زليخا، هينئر تون اڳ جهڙي ڪٿان هوندينءَ، ڏيئي ڇڏ نهڻين کي ته پائي سجايا ڪري.“

”اُن کي ڏيان تنهن کان تيلي ڏيئي نه ساڙي ڇڏيان. مون کي ساهه ڪونهي ڇا! هاڻ اهڙي به ويل ڪونه آهيان جو اِهي نه ٺهنم.“

”سدا پاءِ جيءُ پاءِ، ڪير اَرهو ٿيندو، پر سنڀالي اُٿندي ويهندي ڪر. ڪنهن ڪنهن کي پئي چاڪن جي چرڙاٽن جون سمهاڻيون ڏيندينءَ. . . “

”ائي زيب هاڻ ٺهيو، گهڻو ٿيو. . . “ هن لڄاري مرڪ  مرڪندي ڦڪائي وندرائي.

صبا، جا ايتري دير پيالو جهليو بيٺي هئي، تنهن تي نظر ويندي ئي سسڻس طنز مان چيو: ”امان تون وري ڪهڙا طعام کنيو بيٺي آهين؟“

”چاچي يخني آندي اٿم.“

”هڪڙو ته انهيءَ هانءُ تي ڳوڙهو چاڙهي ڇڏيو اٿم، جڏهن ڏس تڏه ڪِنَ جهڙي يخني  ٺهي رکي آهي.“

”آءٌ ته سوَ طعام ٺاهي کارايانءِ پر ڊاڪٽر جي جهل آهي ته ڳرا کاڌا نه ڏيندي ڪريان. ادي عذرا ئي ته ان يخنيءَ جي ترڪيب ٻڌائي ويئي آهي، ته رڳو اِها ٺاهي ڏيندي ڪريان.“ هن پيالو ڏانهس وڌائيندي چيو.

”عذرا جي هٿن مان ته ان ڏينهن شِيري موڪلائي وئي، جڏهن کان هن ڌارين جا کاڌا تجرباتي بنيادن تي پچائڻ شروع ڪري ڏنا آهن. اِن يخنيءَ کان ته  پنهنجي رٻ چڱي“ ڌيءَ تي ڇوهه ڇنڊيندي، هن ڪڙي منهن سان چمچو ڀري وات ۾ وڌو. ٻه ٽي چمچا مس کنيا هئائين. جو اُٻڙڪا ڏيندي، پيالو سيرانديءَ کان ٽپائي تي رکي ڇڏيائين.

”تو سان ته نسو رو ناحق آهي، زليخا همدرديءَ مان چيو.

”کِينئڻ بنا انسان جو ڪهڙو جيئڻ. . . ٻِن چمچڙن مان ڇا هَڏ تارون لڳندءِ. . . ٿورو ئي سهي، پر ڪجهه مانيءَ ڀور به ته پيٽ ۾ وجهندي ڪر.“

”ائي ادي کائڻ به ته ڏين نه، بُکن ۾ پاهه ٿي پئي آهيان. حياتيءَ تي ڪهڙو اعتبار، وڃڻو ته اڳ پوءِ آهي، کائي پي وڃان ته چڱو، پنهنجو ساهه ڇو سِڪايان. . . .“

”جائي ٿي چوين، هيڏي ڪر پيالو ته کائي سجايو ڪريان. هارئي کان پيتو چڱو آهي.“ زليخا، جنهن جون اکيون ڪنهن مهل کان اِن ڪوسڙي پيالي ۾ پيون هيون، پڪو منهن ڪندي چيو.

”اَچي وٺ“ زيب جيئن ئي ٽپائي تان پيالو کنيو، ته هن  اُمالڪ اڳتي وڌي اُهو کانئس ورتو  ته ڪٿي وري نه کائڻ شروع ٿي وڃي.

خالي پيالو ڏسي صبا ڏاڍي خوش ٿي ته سندس هٿ جي ٺاهيل يخني سسڻهس نوش جان ڪئي آهي، پر زليخا جي چپن تي رٻ جي ريهه ڏسي، قصو سمجهي ويئي.

ڪڙيون ڪساريون دوائون ۽ پرهيزي پٽڙا کاڌا کائي، زيب کي اصلوڪي کاڌي جو سواد ئي وسري ويو هو. نه ته ڪو وقت هو جو پاڻ اهڙا ته کاڌا تيار ڪندي هئي جو هٿ پيا ٽُڪبا هئا، جهڙي تهڙي جي پڪل کاڌي تي ته اک ئي ڪو نه ٻڏندي هئس. زليخا لاءِ ته خاص طور هوءَ چوراڄي ۾ ويهي چوندي هئي، ”الله دشمن کي به انهيءَ مَرچوٺ جي هٿ جو مڪروهه کاڌو نه کارائي“. سا ان ساڳي زليخا آڏو ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي اُميد رکي چشڪا وٺندي نماڻي ٿي چوڻ لڳي،

”ماريئي ڊاڪٽر جي چئي ۾ اچي پٽ ۽ ننهن ته ڪجهه کائڻ ئي نٿا ڏين. جڏهن کان کٽ داخل ٿي آهيان، تڏهن کان ڦڪا بي سوادي کاڌا کائي زبان جو ذائقو ئي مري ويو اٿم.  چهرو کاڌو کئڻ ڪاڻ پئي سِڪان. . . .ڪنهن ڏينهن لِڪ ڇُپ ۾ کٽڙا ڏاڙهون ٻرڪيل ڪو پَلي جو پلاءُ ته رڌي کارائيم.“

ڀيڻ ڪهڙيون ٿي ڳالهيون ڪرين، دريائن جو پاڻي ئي سُڪي ويو. ڪٿان آيا پلا! ڪڏهن ڪو ملي به ٿو وڃي ته اُهو گوادر جو سڪل پادر جهڙو پلو! جنهن ۾ نه مزو نه سواد. کائن سان ماڳهين خارشيءَ جون بيماريون ٿيو پَون، رت ڦِٽيو پئي ته ڇِتو ڇاپاڪو به اچو چهٽي. ڏسي وائسي ته توسان اها دشمني آءُ به ڪو نه ڪنديس.“

”توبهه، جي اهڙا حال آهن ته وڃي ”سک ۾ پئي کِکِو پلو. . . “ هن موڙو ڏيئي چيو. ”ڀلا ڪڏهن گوشت جو نرم پلاءُ رڌين ته گرانهن ذرو پاسيرو ڪري مون لاءِ به  کنيو اچجانءِ.“

ائي زيب گوشت جو ته نالو ئي نه وٺ، جڏهن کان مئل گڏهن، گهوڙن جا گوشت ڏٺا ٻڌا اٿئون، تڏهن کان ائين ڪو نه ڏٺو اٿم. دال ڀاڄيون ڪيو پيا گذر ڪريون. . . “

”ائي ڀيڻ ڀلا کٺڙي مڱن جي دال ئي رڌي کاراءِ. . . ان لاءِ به ته سڪان پئي. . . .“

”هائو . . . ڇو ڪين، دلبر ڀيڻ آهين، منهنجي،ڇو نه کارائيندي سانءِ، پر جي منهنجي صلاح مڃين ته اِها دال  ڪمزور آنڊن لاءِ چڱي نه اٿئي. بيماري ۽ بک ۾ هيرَ تنهنجو هاضمو ڪٿي سَگهو هوندو جو اِها کائينديءَ، پيٽ وگهي پاڻ کي ڪوه مارين.“

لڳاتار انڪار ٻڌي هن کي چڙ ته ڏاڍي لڳي پر دل جو سور دل ۾ رکي کڻي چپ ڪيائين.

کيس ماٺ ڏسي، زليخا ”حجائتي ڪُتي حجري ۾. . . “ جيان لوڪ گِلا جا بند کولي ڇڏيا ۽ بيمار جو رت ولوڙڻ واري فرض ادا ڪرڻ ۾ جنبي ويئي، ويرم کان پوءِ هميشه جيان هن تي ٿورو ٿڦيندي چوڻ لڳي،

”ادي مون لائق ڪا خدمت هجي ته ٻڌاءِ. . . “

زيب جا اڳ ئي ڀڳي پئي هئي. اهو ٻڌندي ئي هن جي صبر جي انتها ٿي ويئي، ڪڪ ٿيندي اُڇل مان وراڻيائينس،

”ادي دانگي کڻي منهن تي گهمائيم! ”نه کاڌي نه پيتي ”مٺيان لڳن هينئڙي.“ مون بيمار کي جهڳوري وئي آهين. اهڙو ڪو رونشو ٿي آيو اٿئي جو هِتان هُتان اَچو چئين ته ”ڪهڙي خدمت ڪريانءِ!“ ”ڪهڙي خدمت ڪندينءَ؟ پهرين پاڻ کي ته سنڀال  ڇپ!!“

”ائي مائي دڙين ڪوه ٿي، چيومانءِ به ڇا؟“

زليخا حيران پريشان ٿيندي چيو.

”اڃا ٻيو ڇا چوندينءَ، هانءُ ڦاڙي رکيو اٿئي مون بيمار جو! جڏهن اچين رت ولوڙي، نڀاڳ جا ٿڌا ساهه اچيو منهنجي مٿان ڀرين. . . “

زور زور سان جوش واري ڳالهائڻ جو آواز ٻڌي صبا رڌڻي مان  نڪري آئي. ٻارن جو ولر به پويان لڳو آيس ته ڪپڙن ڌوئڻ واري مائي پڻ سونٽي ڦٽي ڪري، کنجيل ورن سان تماشو ڏسڻ لاءِ صفحي ڏي ڪاهي پئي ۽ ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ۾ واڱڻائي مهارون ڪڍي واڇانئن جيان هِن هُن جي منهن ڏي نهارڻ لڳي. پوءِ ته ڄڻ مَهي ولوڙو ٿي ويو.

”اي الله منهنجي توبهه،“ زليخا ايڏو جوش ڏسي دهلجي ويئي ۽ صبا ڏي منهن ڪندي چيائين، ”ڏنگي پئي ڏنگي، هن حال کي اچي رسي آهي ته به زبان اُها ئي ڏينڀوءَ جا ڏنگ!“

”ڪهڙن حالن ۾ ٿي رسائيم، الله پليندءِ پنهنجي پلڻي.“ زيب جوابي ڪارروائي جاري رکندي وراڻيو.

ورچين ڪوه پئي، آءٌ وڃان ٿي وڃان. . . “

”الله کي پرتيئنءَ. . .. “ هن اکيون ڍڪي ڇڏيون. معاملو وڌندو ڏسي صبا مڙسي ڪري اڳتي وڌي آئي، ۽ زليخا کي ٻانهن مان جهلي ٻي پاسي وٺي آڻي ويهاريو، ۽ پاڻ ريفريءَ جا ڪم نهايت خوبصورتيءَ سان انجام ڏيندي. ساڌن سان به سنمک ته پئنچن سان به پوري جيان ٻنهي هنڌن سرخرو ٿيو ٿڌي پاڻيءَ جا گلاس پي پياريا. ڏٺائين ته ٻئي هچائون بلڊ پريشر جون مريض، ڪٿي منجهائن ڪا اُبتي ٿي ڪري پئي ته ڪير پيو ٿانيڪو ڪندن. مڙس ماڻهو ٻاهر ويل، مٿان وري فون به خراب. کيس ساه تڏهن وڃي پيو جڏهن زليخا جي موٽر جو هارن وڳو ۽ هوءَ ڀُڻ ڀُڻ ڪندي دلدل وانگر جهومندي در طرف وڃڻ لڳي.

. . .    . . . . . . .

جڏهن کان زليخا اچڻ ڇڏيو ته زيب به ڪجهه سامت ۾ آئي. هوڏانهن ڊاڪٽر به صلاح ڏني ته کيس ٿورو هلڻ چلڻ جي ڪوشش ڪرائي وڃي ته جيئن رت چڱيءَ طرح گردش ڪري سگهي. وري جو هلڪي ڦلڪي ماني کائڻ جي موڪل مليس، تنهن ڄڻ مئل ۾ ساهه وجهي ڇڏيو. گهر وارن به کيس نفسياتي طور تي پاڻ ڀروڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي.

ساڳيءَ جاءِ تي هڪ حالت ۾ ويهڻ ڪري هوءَ ٿڪي، ته گهڙي لاءِ هوريان هوريان کٽ تان اٿي صفحي جا ٽڙيل پکڙيل سامان سولا ڪرڻ لڳي.

ايتري ۾ صبا اندر ايندي چيس،

”اِهو ڇا ٿي ڪرين چاچي! مشڪل سان سور ٺاپريو آهي ته وري هل هلان شروع ڪري ڏني اٿئي.“

”امڙ ٽنگون ساهڻ جي ته ڊاڪٽر به موڪل ڏني آهي.“

”پاڻ کي هلاڪ ڪرڻ لاءِ ته نه چيو اٿس، اهي ڪم پاڻهي پيا ٿيندا تون  هٿ ڌوئي هلي ويهه ته آءُ نيرن کنيو ٿي اچانءِ.“

صبا هنڌ تي اخبار وڇائي، ٻه گلابي اُڦراٽا، چٽڻي آمليٽ ۽ چانهه جي ڪوپ سوڌو سڄي ساري ٽري آڻي سَس جي اڳيان رکي.

”بس چاچي؟“

”امڙ آءُ ڪو ايترو کائيندس ڇا، مون لاءِ ته ٻه گرنهن ئي کوڙ هئا. اجايو کڻي ايڏيون هلاڪيون ڪيئي.“

”مڙئي خير آهي چاچي، بچي پيو ته ٻار کائي ڇڏيندا.“ هن رئي سان نراڙ تان پگهر اُگهندي چيو ۽ رڌڻي ۾ وڃي پنهنجو تخت طائوس“ سنڀاليو.

هيڏانهن زيب اچي مانيءَ کي ورتو، اک ڇنڀ ۾ اڦراٽا بيدا چٽ ڪري  چانهه مان ڪوسڙيون سُرڪيون ڀريندي نڙي سرلي ڪري، ننهن کي ٿانون کڻڻ لاءِ سڏيو، جيڪا خالي ٿانوَ ڏسي عجب مان پڇڻ لڳي، ”چاچي جهٽ ۾ ماني کائي ڇڏيئي.. . “

”ڪٿي امان، اڌ ماني ته تنهنجا ٻار کائي ويا. ڪجهه ٻليون رنون پاسو وٺيو ويٺيون هيون، تن ٽڪر ئي زهر ڪري رکيو.اک ڏنڀائي انهن کي به ڏيندي پي آيس. مڙئي ٻه ڀور کڻي کاڌم. ڪٿي ٿي ماني وڻي، اهو ذرو به دل جي مٿان ٻوجهو ٿي بيٺو اٿم.“

”چاچي تو ضد ڪيو تڏهن کڻي اڦراٽا پچايم نه ته تنهنجي لاءِ هلڪو کاڌو چڱو هو، ڳري کان ته هونءَ به ڊاڪٽر جهليو اٿئي.“

”ائي امان تڏهن مون وري ڪو ڳرو به کاڌو ڇا! تنهنجا ٻار ئي وئيل جو ٽڪر آهن، سموري ماني ڳڙڪائي ويا، مون کي ته بدناميءَ جو ٽڪر پيو ملي، بکون لنگهڻ ڪاٽي اهي حال ٿيا اٿم. اڃا منهنجو کاڌو پيو ڪُڏي، شاباس اٿئي.“

”چاچي تنهنجي کائڻ مان اسين ڪو ارها ته ڪو نه آهيون، سدا ويٺي کاءُ پر. . . .“

ايتري ۾ در تي ڪار بيهڻ جو آواز آيو ته ٻارن هُل ڪري ”پڦو آئي پڦو آئي“ جو وٺي ناچ وڌو. ”اڙي ابا ماٺ ته ڪريو. . . . “  زيب کين ڇنڀيندي ننهن کي مخاطب ٿي، ”امان ڪنوار، اِها رلي ته ڇڪي مٿان وجهيم. . . .“

”چاچي ڇڏ رليءَ جي پچر، اڳ ئي ايڏي گرمي لڳي پيئي آهي. . . “

هاڻ هوءَ  ننهن کي ڇا ٻڌائي ها ته اهو رليءَ وارو  پوز کيس ڌيءَ جي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ ٺاهڻو هو. جيسين ڪجهه چئي ئي چئي، تيسين عذرا اچي ورانڊي تائين پهتي، ٻي ڪا واهه نه ڏسي هن ٽنگ تي ڇڪي کڻي رئو  ٻڌو ۽ اکيون  ٻوٽي پاسو ورائي پئجي رهي، ننهڻس مام ۾ مرڪندي ٻاهر اچي نڻاڻ سان کيڪر ڪئي.

”ڏي خبر ڀاڄائي، امان جي طبيعت ڪيئن آهي“؟

”الله جو شڪر آهي. اڳي کان گهڻو بهتر آهي.“

ايتري ۾ صفحي اندران زيب جي چنگهڻ جو آواز آيو. عذرا ميوات جي ٽوڪري ڀاڄائيءَ جي حوالي ڪندي بيتابيءَ مان ماءُ ڏي هلي آئي ۽ کيس ڀاڪر وجهي ڳراٽڙي پائيندي پيار مان چيو، ”امان ٺيڪ اهين نه؟“

”امان کي کڻي نڙيءَ تي ننهن ڏيو ته جند ڇُٽي پئيوَ. ٽنگ جي سور ماري ڇڏيو اٿم، گهڙي کن لاءِ فرحت اچي ٿي، وري ڪو کڙڪو يا ٻار ٻچي جي دانهن ڪوڪ ٻڌان ته يڪدم ٽنگ وٺجو وڄيم. ڄڻ ته قيمو پيو ڪُٽجي يا مرچون پيون لڳن. . . .“

”امان چاڪ ٿي وينديءَ الله تي رک، اسان جي هوندي اجايا فڪر نه ڪندي ڪر.“

”رب توهان کي وڌائي ويجهائي، پر اِهو جيئڻ به ڪهڙو جيئڻ جو سڄو ڏينهن کٽ تي پئي آهيان. . . .اندر ۾ ڄڻ دري آئي پئي اٿم. اڳي اخبار يا رسالو کڻي پڙهندي هئس پر هاڻ انهيءَ سان به مغز ٿو ڦري. . . “

”اهو به شڪر جو هلڻ چلڻ جهڙي ته ٿي آهين. ريڊيو، ٽي . وي ڀر ۾ رکيا اٿئي، انهن سان ئي کڻي روح وندرائيندي ڪر.“

”انهن ۾ وري ڇا رکيو آهي، هاڻ اِن درجي تي رسيا آهن جو جڏهن کول تڏهن نڀاڳين سُنڍين ۽ ڪِينئن جا ڪلام ويٺا ڳائين، سو ان سوران ڏسان ئي ڪو نه ماڳهين دل ڪچي ٿي پئي اٿم.“

”امان هروڀرو ائين ته ناهي، ٻيا به ڪيترائي پرگرام آهن.“

”اهي مئا الائي ڪڏهن ايندا آهن، آءٌ ته جڏهن به ٽي . وي کوليان ته منهنجي نصيب ۾ اهي ئي سنڍيون ۽ ڪينئان!“

”امان پوءِ ويچاري ماسي زليخا سان اجايو کڻي ڦٽايئي، ٻئي ٽئي ڏينهن اچي روح وندرائي ويندي هيئي.“

اِها هچا وري ڪو اُنهن سُنڍين کان گهٽ هئي ڇا،يخي هڻي روئڻا روئي رت ست ئي نپوڙي ويندي هئم. جڏهن ٽري آ تڏهن وڃي ڪا سسي کڻڻ جهڙي ٿي آهيان ته منهن پاڻي به پيو اٿم.“

”ها ادي چاچي سچ ٿي چئي،“ صبا کلندي چيو. ”الائي ڪهڙا لائوڊ نڙيءَ ۾ فٽ ڪرايا هئائين، جو مون تائين به آواز پيو ٻڌبو هو. آءُ پاڻ ڇتي ٿي ٻارن مان ڪسرون ڪڍندي هئس. معمولي کيٽو به ٻاڪر ڪُٽو ٿي لڳندو هئم. ڪڏهن ٻوڙ ۾ لوڻ گهڻو پئجو وڃي ته ڪڏهن مرچ.“

”منهنجي ٻچڙي پهريائين ڇو نه ٻڌايئي، جي تو سان اهڙا ويل هئا ته اڳ ئي ڊوهي ڪڍانس ها.“

زيب پيار مان چيو.

ماحول خوشگوار ٿيندو ڏسي عذرا ماءُ کي چيو،

امان تنهنجي ٽنهي ڏهٽن جي طهر جي خوشي ٿا ڪريون، وڏا راڄ ايندا، سو تو کي به هلڻو آهي.“

”آءُ بيمار زال ڪٿي پئي راڄن ۾ گِهلبس.

جيئني بچنئي ڀاءُ ڀاڄائي ٻارين ٻچي ويٺا اٿئي، انهن کي وٺي وڃ.“

”ادي لالي به ته ايندي نه؟“ صبا ڀرون چاڙهيندي نِڻاڻِ کان پڇيو ته زيب، جنهن کي پنهجي ننڍي ڌيءَ جي نازڪڙي طبيعت ساري پئي هئي، تنهن وچ ۾ ٽپند ي چيو، ”ٻڌو مائي، لاليءَ کي ڪهڙي کٽي کنيو آهي جو پنهنجون پڙهايون ڇڏي ڪراچيءَ مان سيڙهجي ايندي طهرن جو ڀت کائڻ. خبر به اٿئي ته ننڍي لاڪر اهڙن ڪاڄن ۾ وڃڻ کان روح ڦرندو اٿس.“

ڀاڄائيءَ جي سامهون اهو بي عزتاڻو جواب ٻڌي عذرا ماءُ تي هلڪو  ڏمرندي چيو،

”لالي به ته تو مون جهڙو ماڻهو آهي، ڪوه ڪاف مان ڪانهي آئي. تو ئي هيڪاندا لاڏ کڻي مغز ڦيرايو اٿس جو اجايا نخرا ۽ سُڃي سيٽ سکي پيئي آهي.“

”آئي هاڻ ٺهيو، ننڍڙي ڀيڻ اٿئي، ڇو پئي ڌمرجين.“ ماءُ مرڪندي چيس.

”ها رکو روح. ڀل نه اچي،  پر تو کي اڄ ڪيئن به ڪري مون سان هلڻو پوندو.“

”ڇو ٿي بيمار جو مڙهه رولين، مون کي کڻي ڇڏ.“

توکي ته هلڻو ئي آهي امان. تنهنجا قدم سڀاڳا سڳورا، تون اسان جي جنت. . . تو بنا اهو ڪاڄ ڪيئن ٿيندو. ماڻهو نه کلندا اسان تان.“

”پر امان. . . “

”پر ٻر ڪجهه نه ٻڌندس، بابي مرحيات کان پوءِ تون ئي ته اسان جي ڇپر ڇانوَ آهين . . . .“

”آئون سڙيل ڪانڊيري ڪاٺي، ڪهڙو ڇپر ۽ ڪهڙي منهنجي ڇانوَ. . . .“

”امان ايئن ته نه چئو، تون ته اسان جي جيئري جنت آهين. . .

مون وٽ ڪا به تڪليف نه ٿيندءِ. نويڪلو ڪمرو هوندءِ، کٽ چڙهيو پئي حاڪماڻا حڪم هلائجانءِ.“

جواب ۾ زيب ڪجهه چوڻ بدران رڳو ڪنڌ هيٺ ڪري، هائوڪار ڀري هلڪي اوڳرائي ڏني، ته خدمت گذار نُنهن ڪنهن ماهر لسانيات جيان ان اوڳرائيءَ جو مطلب سمجهندي، سسس لاءِ ضروري سامان ۽ دوائن جو ٿيلهو تيار ڪرڻ ۾ لڳي ويئي.

. . . . . . . . . . . . .

سڄو اڱڻ زالن ۽ ٻارن سان سٿيو پيو هو. تر ڇٽڻ جي جاءِ نه هجي. شيشم جهڙين لنگهياڻين دهلن تي سهرا پئي ڳاتا ته گڏ ناچ به ٿي ڪيا. . . . راڻا هليو آ هليو آ ڪار ۾،

تو لاءِ سُهرو بيٺو آ انتظار ۾،

سس سدوري آهي سيج وڇائي،

سالي سنهڙي ڏاوڻ لائي،

او راڻل هليو آ . . . .

هليو آ ڪار ۾.  .

راڻو مرڪي آيو سينگار ڪري،

او پيار ڪري. . . .

او پيار ڪري. . . . . . .

راڄ جي وچ ۾ وڇايل بخمل جي هنڌ تي شيشي ۽ ستارن سان جرڪندڙ گاديلين ۽ طول ويهاڻن کي ٽيڪ ڏيو عذرا جا ٽئي پٽ، گهوٽن جيان سينگارجي موڙ ٻڌي، سرگس تي نڪرڻ لاءِ تيار ويٺا هئا. زالن اڳتي وڌي کين هار ٿي پارايا ته ڪن وري اهي سولا ڪري پارائڻ جي بهاني زوريءَ ويڊيو ڪئمرا جي زد ۾ اچي، ڪئمرا مين کي ڊسٽرب ٿي ڪيو.

”اڙي هن پوڙهيءَ کي ته پاسي ڪريو!“ هڪ وايون بتال زال کي سامهون ايندو ڏسي ڪئمرا مين رڙ ڪئي. هڪ کي دانهون رڙيون ڪري پاسي ڪن ته ٺڪ  چار ٻيون به الائي ڪهڙن ڪنڊن مان نڪري سامهون اچو بيهن. ٻارن جي مووي نڪرڻ جو ته ڇڙو نالو هو.

راڙو راڙ لڳي پئي هئي، بنهه شاديءَ جهڙو ڏيک هو ته ڏيتيءَ ليتيءَ واريون رسمون به ساڳيون هيون، خاندان جي زالن کي هڪ ٻئي ۾ روا وڳا ورهائيندي ۽ هار پارائيندي ڏسي ڪئمرا مين لائيٽ مين کي ڪاڄ تي تبصرو ڪندي چيو،

”مصيبت آهي، فنڪشن به ڪجي وري ايڏو سارو ڏجي به“.

”اوڳاڙي به ته ٿيندي نه“ هن وراڻيو.

”وڳا ته ائين پيون جهٽائين، ڄڻ ڀِت تي ڇيڻو ٿيون اُڇلين يا محتاجن ۾ خيرات ٿيون ويراهن. . . .

هوڏي هوڏي، سامهون ڪنڊ ۾ لائٽ وجهه. . . اهو سين محفوظ ڪرڻ جهڙو آهي، وڳو اُڇلجي مليو اٿس تنهن تان مائي وڙهي پيئي.“ ڪئمرا مين کلندي چيو.

”يار ڇڏ کڻي، اهڙي رڪارڊنگ ڪندين ته چڙي پوندءِ“.

”چڙندا وري ڇو، اسان کي رڪارڊنگ لاءِ سڏرايو اٿن، سينسر لاءِ ته نه.“

زيب انهيءَ سموري ڌمال کان آجي ٿيو صاف سٿري نويڪلي ڪمري ۾ سامهون ٽپائيءَ تي جگ گلاس ۽ بسڪوٽن جا بنڊل رکي نوريءَ کان زور پئي ڏياريا، جنهن کي عذرا خاص طور سندس سار سنڀال لهڻ لاءِ ات ڇڏيو هو، ڇوريءَ جو سمورو ساهه ٻاهر ٽنگيل ڏسي، زيب گهڙي کن لاءِ کيس موڪل ڏني ته ڀلي وڃي روح وندراءِ، پر هوءَ اهڙي نِرهه وئي جو اڃا توڻي نه موٽي هي.

. . .    . . .    . . . .

در کلڻ جي چيڪاٽ تي زيب ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو، ڀانيائين ته نوري هوندي، ايتري ۾ چپن تي گهاٽي نارنگي سرخي لڳل هڪ جواڻ جماڻ شيدڻ وارن ۾ ڊگهو کنڀ اٽڪائي اندر ليئو پائيندي پڇيس.

”ممون اِتي ته ڪانهي آئي؟“

”ڌيسان مَم، منهنجو هانءُ ڦاڙي رکيئي، ڪهڙي ممون؟“ هن دڙڪي مان چيو.

اهو ٻڌي شيدڻ در پٽيل ئي ڇڏي ڏائيءَ مان وڃڻ لڳي ته هن پويان رڙ ڪري چيس، ڇوري در ته ٻيڪڙي وڃ.“ پر هوءَ راڄ ۾ گم ٿي چُڪي هئي، زيب هوريان اُٿي در ورائڻ جا سانباها ٿي ڪيا، پر کيس اِها مهلت ئي نه مِلي جو هڪ زال چار ٻار وٺي، توائي حالت ۾ ڪوٺيءَ اندر ڪاهه ڪئي ۽ ڪلهي تي ستل ٻار کي گلم تي سٽيندي بنا ڪجهه ڪڇڻ پڇڻ جي وٺي باٿروم ڏي ڀڳي. تيتر هڪ ٻار ٻئي کي ڄُنڊن کان جهلي گاريون ڏيندي وڙهڻ شروع ڪيو، ته  چوٿون وري اِها صورتحال ڏسي هيانءُ ڦاٽيون دانهون ڪري روئڻ لڳو. زيب جي ته ڄڻ ميس ئي مري ويئي. سوچڻ سمجهڻ جون صلاحيتون پل کن لاءِ کسجي ويس. سمجهه ۾ ئي نه پي آيس ته هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي. هوش تڏهن آيس، جڏهن ڪمري ۾ ڪڙي تيل جي ڪِني ڌپ ڀوپال جي زهريلي گئس جيان پکڙجي ويئي. ڀانيائين ته ڪو ڪڙي تيل جو کوه هن ڪوٺيءَ ۾  نڪري آيو آهي، پر ترت ئي ٻارن جا چِڪاٽ مٿا ڏسي ڳالهه کي سمجهي ويئي.

ٻارن جي ماءُ باٿروم مان باهڙجي نڪتي ۽ ڌم ڌم ڪري ٽنهي ٻارن تي مُڪن، بُجن ۽ گارين جو وسڪارو شروع ڪري ڏنائين، ”ڇورا ڏاڏهين مُئي َٿو ڇا جو ويٺا آهيو پار ڪڍي روئڻ؟“

جيئن ته زيب پاڻ به هڪ ڏاڏي هئي، تنهن ڪري سندس ڏاڏڪي رڳ ڀڙڪي اٿي ۽ دڙڪي مان چوڻ لڳي،

”مائي ڇو پئي ٻارن سان مٿو هڻين، وٺي وڃين ٻاهر. . . .“

پر هو اهو دڙڪو اڻ ٻڌو ڪندي کيس آلو هٿ ڏيڻ ڪاڻ اڳيان وڌي آئي.

”ائي ماسي تون جيجي عزرا جي ماءُ آهين نه. . .. ؟“

”هون.“

ٻڌو اٿم ٽنگ ۾ حساب اٿئي. . . .“

”حساب ته ڪونهيم، سور اٿم.“ هن بي رخيءَ مان وراڻيو.  ”ڪاري ڪڪڙ جا چنبا ڪاڙهي پيئڻ سان ٽنگ جو سور لهي ويندءِ“. مائي غسل خاني وارا آلا هٿ پنهنجي سٿڻ سان اُگهندي چيو.

هڻڪندڙ نينگر ٻنهي جي ڳالهائڻ جو فائدو وٺندي ٽپائيءَ تي رکيل بسڪوٽن جي دٻي تي لامارا هنيو، زيب جو ته هنياءُ ئي سڙي ويو، ٻارن جي ماءُ پنهنجي ڳالهه کي ڪو به وزن نه ملندو ڏسي، سمجهي ويئي ته مائيءَ جو ساهه بسڪوٽن ۾ ٽنگيل آهي، تنهن پٽ کي  بجو هڻي، بسڪوٽن جو بندل ڦريندي چيو:

”نپٽا باهه لڳا، بي سورو ويهڻ ڏيو ٿا. رک بسڪوٽ ته هڻاءِ، نه کلو.“

بسڪوٽ واپس ورندا ڏسي زيب جي چهري تي سانت جي هڪ لهر اُڀري آئي،  پر ٻي ئي پل ٻار بنڊل کسجڻ تي وٺي رانڀاٽ ڪيا. . . . مون کي ڏي. . .. “

”ڇورا تنهنجا وري ڪٿان آيا، اهي جيجيءَ جا آهن. ڏي نه ته وڙهندءِ. ڪوئن واري ڪوٺيءَ ۾ بند ڪندءِ. . . .آءٌ توکي ٻيا وٺي ڏيندس، اِهي ڪنا آهن، ڌپ وارا. . . .کائڻ سان تيڪون ٿي پوندءِ. . . !

بسڪوٽن مان ايڏا عيب  نڪرندا ڏسي، هن هٿ وڌائي بنڊل مائيءَ جي حوالي ڪندي چيو،

”اچي مائي هي دٻو کڻ. مون پچر ڇڏي اِنهن جي، پر الله کي مڃو گوڙ نه ڪريو، مون بيمار جو مغز ٿو ڦاٽي، انهيءَ سوران ته راڄ ڇڏي هن ڪوٺيءَ ۾ اچي پئي آهيان. . . .“

”بس ماسي تون بي اوني ٿي ويهه، آئون ٽنهي ڇورن کي بُجو هڻي ٻاهر وٺيو ٿي وڃان، باقي اِهو ننڍڙو اِتي ستو پيو اٿئي، ان جو مڙيوئي خيال رکجانءِ. . . آئون وريو ٿي اچي ڏسانس.“

زيب ڪجهه چوڻ بنا پڇتاءُ وارو ٿڌو ساهه کڻي ويهاڻي جي ٽيڪ تي آهلجي پئي.

ڌيءَ ته هُل هنگامن ۾ غرق ٿي  منهن به ڪو نه ڏيکاريس، باقي نُنهن. سا هڪ ٻه ڀيرو سڌ سماءُ لهي پنهنجي دلجاءِ ڪئي، جو رات ئي موٽي گهر ڏي وڃڻو هئس. جڏهن ته زيب کي ڌيءَ سان انجام موجب ٻه ٽي ڏينهن اِت ئي ترسڻو هو.

جيئن شام گهري ٿيندي پئي وئي، تيئن گوڙ ويو ٿي وڌندو. ماڻهوءَ مٿان ماڻهو پي ڪريو. ڪوٺيءَ جو در کليل ڏسي زالون بنا روڪ ٽوڪ اندر اچڻ وڃڻ لڳيون.

”ائي ادي تون آئي آهين ڇا!! خوش ته آهين؟! ٽنگ جي تڪليف هاڻي ته ٺيڪ اٿئي نه!! هڪ مائي ذري گهٽ پاڻ زيب مٿان اڇلائيندي  وڏو  ڀاڪر پائي پڇيس.

”هائو ڀيڻ، ڌڻيءَ جي مهرباني آهي. . . “ هن هانءُ تي وڏو ٻوجهه محسوس ڪندي وراڻيو.

”ادي، هيءُ منهنجي اٺين ۽ ننڍي پٽ جي ڪنوار اٿئي“. آيل مائي پنهنجي ڀر ۾ بيٺل هڪ نوجوان نينگريءَ جي سڃاڻ ڪرائي.

”. . . . . . “

”ماسي خوش آهين؟“ ڪنوار کيس کيڪاريندي چيو.

”ادي، تون ته اتي ٿانيڪي ٿيو ويٺي آهين. ٿورو هن ڇٻي جو ڌيان رکجانءِ. زالن جي محشر ۾جي ڪٿي گم ٿي ويو ته ڏچي ۾ اچي پوندس.“

مائي هن جي کٽ جي پاسي ۾ کجيءَ جي ڦڙهن وارو وڏو ڇٻو رکندي چيو.

”رک. . . .“ هن وڌيڪ ڪجهه نه ڳالهايو.

مائي ننهن سميت اڃان ڪمري مان نڪتي ئي مس ته ٻي زال لنگهي آئي.

”ائي ماسي تون هت. . . .؟“

”ڇو امان آءُ گدوءَ ۾ هجان ها ڇا؟“

”نه ماسي نه. . . . “

”ته پوءِ. . .. .“

”ماسي هي چادري ۽ پرس پاسي ۾ رکي اٿئي، خيال رکجانس، وڃڻ مهل کڻي ويندس.“ زال ڪنڌ ورائڻ کان سواءِ ڪمري مان هلي ويئي.

زيب جي سڄي کٽ پرسن، چادرين، برقعن ۽ ٽوڪرين سان ڀرجي ويئي، جن زالن کي گهڻو گوڙ نٿي وڻيو ۽ مٿان گرميءَ به ٿي ستايو ته اُهي  ٿڌو نويڪلو ڪمرو ڏسي ان ۾ گهڙي ٿي پيون. ڪي ڄاڻ سڃاڻ واريون وري ڪچهري ڪرڻ لاءِ ٽوڪريون ۽ ڇٻا ٿيلها پرتي کسڪائي، کٽ جي پاسن ۾ سوڙهيون سنگهڙيون ٿي چڙهي ويٺيون ويچاريءَ زيب جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون. سور جي ٽاڙهن چپن تي ايڏيون ته خشڪيون چاڙهي ڇڏيس جو سمورو جڳ اوتڻ کان پوءِ به تارونءَ جي تونس نه لٿي هئس، پر صبر کان ڪم وٺندي مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ جيان چپ ڀيڙي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيائين، اوچتو ڪنهن جي سڏڻ تي هن منهن مٿي ڪيو ته سامهون ماسات جي زال بچائي، چار پنج برقعا هٿن ۾ جهليو نماڻا نيڻ کنيو بيٺي هئي ۽ ڏاڍي ايلاز مان چوڻ لڳي،

”ادي هي کٽ جي هيٺان رکان، ڪير کڻندو ته ڪونه؟“

”مائي ڪنهن کي وئيل پوندو جو ڍونڍ جهڙا برقعا کڻندو، جتي سڄي راڄ جا سامان سنڀاليان ويٺي، اِتي اهي برقعا به منهنجي  اکين تي،“ هن طنز سان وراڻيو. ڦٽا ڪر کڻي کٽ هيٺان....“

رهيل ڪسر پوري ڪندي هڪ مائي ٽي بسترا کڻي اچي هيٺ سٽيا، اهي وڇائيندي ڏسي زيب دهلجي ويئي، چيائينس، مائي تون سڄي جهان کي ڇڏي هت آئي آهين. هنڌ وڇائڻ؟

هوءَ ڪجهه چئي ئي چئي تنهن کان اڳ وڏي ڌماڪي سان ڪوٺيءَ جو در کليو ته عذرا ڳيچ ڳائيندڙ لنگهياڻين جي ٽولي جي اڳواڻي ڪندي، سس ۽ نڻاڻ سميت ويڊيو ڪئمرا واري  ٻن مڙسالن سوڌو اندر ڪاهي پئي. . . . ڇيرن جي ڇمڪار ۾ زيب مٿان تاڙين جا ڦهڪا پئي پيا جنهن سان ڪنن تي تاڙيون چڙهي ويس. هُن ڳيتن ڏيڻ تي ائين کڻي زور رکيو ڄڻ جهاز تي چڙهي هجي. ڪئميرا جي روشنيء به سڌو اچي تارن ۾ پيس،  هن اکيون  چنجهيون ڪري جيسين پاڻ کي جائتو ٿي ڪيو تيسين سيڻ سڄڻ اڳتي  وڌي گلن جا هار پارائيندي وڏي حب مان چيس، ”ڀيڻ ڏهٽن جون مبارڪون هجنئي. . .. “

”خير مبارڪون، شال ڌڻي لايا سجايا ڪندوَ، اِنهن مان ڪيچ ٿيندوَ.“

نينگرن جي پڦين به کيس مبارڪون ڏيندي هار وڌا ته ٻه  ٻه قيمتي وڳا به آڻي ڀر ۾ رکيا، زيب انهن کي دعائون ڪندي جيئن ئي ڳچيءَ کي هارن کان آجو ٿي ڪيو ته زريءَ جي سنهي تند، ڪنڌ ۾ ايڏو کڻي چهڪ ڏنس جو سور کان سيسراٽ نڪري ويس، عذرا، جيڪا ڪئمرا آڏو پوز ٺاهي ماءُ سان  ڳل ڳل ۾ ڏيو ويٺي هئي، تنهن سرٻاٽن ۾ چيو،

”امان تڪڙ ڇو ٿي ڪرين، پيا هجنئي هار، ڏس ته فلم پئي نڪري، اسين وڃون پوءِ لاهجانءِ، تڏهن هن انهيءَ سور کي به اَمر الاهي ڄاڻي کڻي ماٺ ڪئي. ڪشادو ڪمرو، رش سببان سُسي صابڻ داڻي ٿي پيو، تنهن ۾ وري مختلف برانڊن جي پگهر جي ڪُرو ڌپ وايو منڊل کي تهائين زهريلو ڪري رکيو. ٻين جي ته کيس خبر نه هئي جو شايد ته خوشيءَ ۾ سنگهڻ جي حس ئي سمهي رهي هئن، پر کيس اچي ڪسبري ورايو ۽ انهيءَ جهوراڻيءَ ۾ جهرڻ لڳي ته ڪٿي ”پگهر پائزن“ نه ٿي پئيس.

رڪارڊنگ هلندي به ڪيترين ئي زالن ٽنگ جي سور جا تفصيل پڇي علاج جا ڏس ٿي ڏنس ته ڪن وري پيرن فقيرن جا آستان ٿي ڏسيس. اها ته الله کڻي سندس ٻڌي جو اوچتو لائيٽ هلي ويئي ۽ زالون دانهون ڪندي، انڌي هاٿيءَ جيان لشڪر لتاڙينديون وٺي ٻاهر ڀڳيون. دير ئي ڇڙو نڪرڻ جي هئي جو لائيٽ وري اچي جرڪو ڪيو.

. . . . . . . . . . . .

رات جا ٻارنهن اچي ٿيا. . . . اڃا ته قافلي جيڏي رات پئي هئي.

”الا ڪيڏيءَ مهل اِها رات گذرندي ته وڃين پنهنجي ڪکن ڀيڙي ٿيان. منهنجي ته پاسن جون هڏيون به پيون ٽڙڪن. . . .“ هن بي وسيءَ مان سوچيو. ايتري ۾ عذرا کي ايندو ڏسي کن لاءِ ڄڻ کيس ساهه پئجي ويو. هوءَ تڙ تڪڙ ۾ ڪنڊ وٽ رکيل ڪٻٽ کي، اڳٺ ۾ ٻڌل چاٻين سان کولي، گهور لاءِ نوٽن جا ٿها ڪڍڻ ۾ ايڏي ته مگن هئي جو ماءُ ڏي ڌيان ئي نه ڌريائين، ته هن پاڻ ئي چيو،

”اما عذرا، آءُ ته اصل اچي اڙي آهيان، زالن ڪُکون ئي ڀڃي ڇڏيون اٿم، مون کي ته گهر موڪلي ڏي. . . “ عذرا جيڪا  پاڻ هل هلان ۾ اڌ مئي ٿي پيئي هئي ۽ چهري تي توائي نشان طاري هئس، تنهن اِن ڳالهه تي ماءُ کي ڪجهه اهڙين نظرن سان ڏٺوجو ويچاري سُسي ويئي.

رات جو پويون پهر هو. زيرو بلب جي روشنيءَ ۾ هن جي کٽ جي چؤطرف وڇايل بسترن تي ٻار ۽ زالون ٿڪجي ٽٽجي ساڻا ٿي اگهور ننڊ ۾ ستل هئا. . . .هن جي اکين ۾ ننڊ ته نه هئي، سوچن جو ساگر هو، جنهن ۾ ساري رات هوءَ اُڀرندي ٻڏندي رهي.

صبح جا اٺ اچي ٿيا پر اڃا ڪنهن اک نه پٽي هئي. ايتري ۾ زورن ڏيڻ واري نينگري نوري، مٿو کنهندي چانهن جو ڪوپ کڻي ظاهر ٿي کيس ڏسندي ئي زيب شڪايت مان چيو،

”شاباس هجئي، شام کان جو گم ٿي آهين، هينئر شڪل ڏيکاري اٿئي.. . “

”جيجي، اِهي خوشيون ۽ ساٺ سوڻ ڪي  روز روز ٿوروئي ڏسبا آهن“. هن اوٻاسي ڏيندي وراڻيو. ”فلم پي نڪتي ته لنگهياڻين مون کي به کڻي نچڻ ۾ شريڪ ڪيو سڄي رات سهرا ڳائي، ساڻي ٿي الائي ڪيڏيءَ مهل وڃي ستي آهيان. هينئر به ادي بورچي زوريءَ اچي اٿاريو ته چانهه کڻي وڃان، جنهن لاءِ جيجي عذرا رات ئي کيس چئي ڇڏيو هو.“

”تنهنجي جيجيءَ جي وڏي مهرباني، اها چانهه کڻي وڃ، مون کي هينئر ڪو نه ٿي وڻي، تون جلدي وڃي رڪشا ڪري اچ. . . .“

”ائي جيجي ڪاوڙجي پئينءَ ڇا؟ اجهو ڊريوَر به ڄاڻ آيو، تنهن سان موٽر ۾ وڃجانءِ؟“

”آءُ جيئن چوانءِ تيئن ڪر.“ هن اهڙيءَ ته رعب مان چيو جو نوريءَ جا نشا ئي لهي ويا.

جيئن فلمن ۾ هلڻ کان هلاڪ معزور، ڪنهن اوچتي صدمي يا خوشيءَ مان جڏن واري ڪرسي ٿڏي ٽپو ڏيئي اٿي کڙا ٿيندا آهن، تيئن زيب جي ٽنگن ۾ به اهڙي غيبي طاقت اچي ويئي، جو بنا ڪنهن هَم تم جي نوريءَ کان ٿيلهو کڻائي، گلم تي ستل زالن ۽ ٻارن کي لتاڙيندي اچي رڪشا ڀيڙي ٿي.

”آءُ گڏجي هلانءِ جيجي. . . “

”تون اِتئي مُئي پئي لنگهياڻين سان نچڪا ڪر.“

”جيجي عذرا ٻڌندي ته ڏاڍي ڪاوڙبي ته امان کي هيڪلو ڇو وڃڻ ڏنئه. . . .“

”ڀل ته پئي ڪاوڙجي،“ هن کانئس ٿيلهو کسيندي چيو.”رڪشا وارو به پنهنجي ٻچن جهڙو اٿم، پاڻهي سنڀالي هلندو.“

اهو ٻڌي رڪشا واري ناس جي وڏي پچڪاري ٻاهر اُڇلي ۽ مڇون ڦڙڪائيندي فرمان برداريءَ مان چيو،

”هائو امڙ تون بي فڪر ٿي ويهه.“ ۽ گهرڙاٽ ڪري رڪشا اسٽارٽ ڪئي، جيڪا زوڪاٽ ڪندي دونهان ڇڏيندي ماڳ ڏي رواني ٿي.

مڄاڻ ته ان مهل زليخا جي موٽر به اچي اُتان لنگهي، تَنهن جو زيب جي جهلڪ ڏٺي ته پٽ جو ڪلهو پٽيندي چوڻ لڳي،

”اي ابا صديق،  اي ڏس ته سهي!“

صديق جو اسٽيئرنگ تان ڌيان هٽڻ سبب گاڏي زگ زيگ ٿي  ڪنٽرول مان نڪرڻ تي هئي جو هن سنڀالي ورتي.

”امان گهڻا ڀيرا چيو اٿمانءِ ته هلندي گاڏيءَ ۾ ڪلهي مان نه پٽيندي ڪر. ڪنهن ڏينهن مارائيندينءَ.“

”اي ابا ڏمرجين ڪوه ٿو، اهو ساڄي پاسي ڏس ته ”رڪشي“ ۾ ماسهين زيب ته ڪا نه پئي وڃي. . . اگهي زال سگهو ساه ئي نٿي کڻي سگهي، خير ته آهي جو صبح سان ائين هيڪلي ننڌڻڪي ٿيو پئي رڪشن منجهه رلي. جلدي ڪر، موٽر ورائي هلي اڳ وٺيس....“

”هائو برابر“ صديق، ڪجهه فاصلي تان ويندڙ رڪشا کي گهوريندي چيو. ”لڳي ته ماسي پئي پر دل نٿي مڃي.“ ان سوچ ويچار ۾ رڪشا ڪافي اڳتي نڪري ويئي، ته هو ڪار کي تيز ڪري، هارن جي يڪي پان پان سان رڪشا پويان ڪاهي پيو. هوڏانهن زيب جو ساهه هيٺ مٿي هو. . . .

”الائي هيروئن جي سمگلنگ جي شڪ ۾ ٿي جهلجان يا اغوا جي ڏوهه ۾ ٿي ڦاسان. . . وري سوچڻ لڳي، ”ڪٿي ڌاڙيل نه رڪشا کي ڦري آيا هجن. . . پر اهڙا ڪهڙا ڀينگيا ڌاڙيل هوندا جو گاڏيءَ هوندي ايندا رڪشا کي ڦرڻ. . . مون وٽ آهي به ڇا. . . اِهو دوائن جو ٿيلهو هڻندي مان منهن ۾. . . وڃي ڇائي پائين. . . .“ هن پاڻ کي ڏڍ ڏنو.

زيب جيڪا ڪنهن وقت اخبارن ۾ ڌاڙيلن، اغوائن، ۽ سمگلنگ جون خبرون ڏاڍي ڌيان سان پڙهندي هئي، تنهن جي ذهن ۾ فوري طور تي اهڙا خيال اچي سگهيا.

رڪشا بيٺي ته زليخا ڪار جي دريءَ مان سسي ڪڍندي زيب کان پڇيو،

”ائي زيب، تون وري هت ڇا پئي ڪرين....“

کيس  ڏسندي ئي سور جي زوردار لهر زيب جي ٽنگ ۾ اُڀري. . . .

”ڏوڙ پئي پايان. . .. “ هن دل ۾ پڄرندي سوچيو. ”هت به ڏائڻ ڪو نه ڇڏيو.“ پر ٻاهران وراڻيائين، ”آئون ته ڪاڄ تان پئي موٽان، تون صبح ساڻ ڪيڏانهن ڌڪا کائڻ نڪتي آهين. . . .“

”پر بيماريءَ ۾ هيکلي! نه ڪو اوهي نه واهي!!“ زليخا سندس سوال اڻٻڌو ڪندي حيرت مان چيو.

”هيڪلي ڪٿي آهيان، رڪشا وارو جو ساڻ اٿم،“

”ائي هيٺ لهه ته موٽر ۾ ٿانيڪو ڪري ڇڏي اچانءِ، . . . پيٽرول چُڪي جي پرواهه نه ڪر، تو کان ڪو وڌيڪ اٿم ڇا، ضعيف زال آنڊائي نڪري پيا هوندءِ رڪشا ۾. . . تون ڀل ته مون کي دڙين، بڇڙو ڪرين پر توسان منهنجو سِر لڳي، ٻٽيهه دليون اٿم. . . . منهنجي قربن کي تو اڃا سُڃاتو ڪينهي. . . “

”ادي تنهنجون مهربانيون، هاڻ چوواٽي تي ايڏا چاهه ڏيکاري اجائي ٽريفڪ نه  ميڙ، منهنجو فڪر نه ڪر، گهر کي ويجهو اچي رسي آهيان. . . . . “ هن رڪشا واري کي اڳتي هلڻ جو اشارو ڪندي چيو.

”چڱو تون گهر هل ته مان به مارڪيٽ مان سيڌو سڙو وٺي، صديق حوالي ڪري اجهو ٿي اچانءِ.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com