سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :19

 

غلام مرتضيٰ ڌاريجو

سائنسي مضمون

وائي

 

توهان کاڌي جي ”وائي“ ٿيڻ بابت گهڻي ڪجهه ٻڌو هوندو، جڏهن ته کاڌي جي ”وائي“ ٿيڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جن ۾ ڪي اهڙا روڳي جيوڙا به اچي وڃن ٿا، جن کي بئڪٽيريا، فنجاءِ، وائرس، پروٽوزوا جي نالي سان سڏيو ويندو آهي ۽ اهي سڀ ان قسم جي بيمارين پيدا ڪرڻ جو سبب بڻبا آهن، جن کي اسين ”وائي“ جي نالي سان سڏيندا آهيون. وائي ڇو ٿي پيدا ٿئي؟ ان جا مکيه ٻه سبب ٿي سگهن ٿا: اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته وائي پيدا ڪندڙ جيوڙا انساني جسم اندر واڌ ويجهه ڪرڻ شروع ڪن يا ڪنهن کاڌي ۾ جڏهن موجود هجن، تڏهن ايتري واڌ ويجهه ڪري وڃن، جو ان سبب کاڌو زهريلو بڻجي وڃي ۽ پوءِ جڏهن اهڙو کاڌو ڪو فرد کائي وڃي ته اهو بيمار ٿي پوي.

اسان جي جسم ۾ ايتري به لياقت موجود ٿئي ته جڏهن کاڌي ۾ ڪي بئڪٽيريا ٿورڙي مقدار ۾ موجود هجن ته اهو انهن سان منهن ڏئي سگهي ٿو، جنهن لاءِ اسان جي جسم ۾ بچاءُ جا ڪهڙا طريقا موجود آهن، مثال طور معدي جا تيزاب ۽ آنڊن جا اهڙا ڪي ٻيا طريقا جن سان کاڌي رستي داخل ٿيندڙ اهڙا بئڪٽيريا تباهه ٿي وڃن ٿا.

پر جيڪڏهن ڪي بئڪٽيريا اهڙن طريقن کان بچي ويندا آهن ته پوءِ انهن کي ناس ڪرڻ جو ڪم اسان جو اندريون سرشتو ڪندو آهي، جنهن کي جسم جو دفاعي سرشتو به سڏجي ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو آهي، جڏهن ڪو فرد ان ساڳئي قسم جي روڳي جيوڙي سان اڳ ۾ منهن مقابل ٿيو هجي ۽ هن جي جسم ان لاءِ ڪا مدافعت پيدا ڪئي هجي.

پر اهڙين حالتن ۾ جڏهن ڪو فرد بئڪٽيريا گهڻي تعداد ۾ واپرائي ويو هجي. تڏهن سندس لاءِ اهو بنهه ممڪن هوندو آهي ته هو بيمار ٿي پوي، بنسبت ان فرد جي جنهن اهڙا بئڪٽيريا گهٽ تعداد ۾ واپرايا هجن، ساڳئي وقت  بيماري پيدا ٿيڻ جو مدار ان

ڳالهه تي به هوندو آهي ته اهڙو روڳي جيوڙو ڪيترو طاقتور آهي، جيڪڏهن اهو طاقتور آهي ۽ اهو گهٽ واپرايو ويو آهي ته اهو به بيماري پيدا ڪري سگهندو بنسبت انهن روڳي جيوڙن جي  وڏي تعداد جي جيڪي گهٽ طاقتور يا زهريلا ٿين، تنهن ڪري ان ڳالهه کان هوشيار رهڻ لاءِ ته جيئن اهڙا روڳي جيوڙا گهڻي تعداد ۾ واپرائي نه سگهجن، کاڌي کي يا

ته تمام گهٽ ٽمپريچر (5 ڊگريون س. گ) ٽمپريچر تي رکڻ گهرجي ڇو ته انهن ٽمپريچرن تي جيوڙن جي واڌ ويجهه ڪرڻ جي لياقت گهٽجي وڃي ٿي. پر جڏهن ٽمپريچر انهن ٻنهي ٽمپريچرن جي وچ تي هجي، تڏهن بئڪٽيريا تمام تيزيءَ سان واڌ ويجهه ڪن ٿا. ساڳئي وقت مشاهدن مان اهو به ڏٺو ويو آهي، ته ساڳئي قسم جو کاڌو ساڳئي وقت تي کائڻ سان، ڪي ماڻهو بيمار ٿي پوندا آهن ته ڪن تي اهڙو ڪو به اثر پيدا نه ٿيندو آهي.ان جو سبب ڪن مخصوص قسمن جا جيوڙا جهڙوڪ لسٽيريا آهي، جيڪو هڪ قسم جو بئڪٽيريا آهي. لسٽيريا عام طور تي صحتمند ماڻهن تي حملو نٿو ڪري، پر اهي فرد ان جو سولائيءَ سان شڪار ٿي پون ٿا، جن جو دفاعي سرشتو ڪمزور هوندو آهي، جهڙوڪ حامله عورتون، ننڍڙا ٻار ۽ اهي مريض جيڪي اهڙيون دوائون واپرائيندا آهن، جو ان سبب سندن دفاعي سرشتو دٻيل رهي ٿو.

کاڌي جي مختلف سببن مان وائي ٿيڻ جو هڪ سبب بوٽولزم (Botulism) به آهي.بوٽولزم هڪ قسم جي بئڪٽيريا آهي، جنهن جو پورو نالو ڪلوسٽريڊيم بوٽولينيم Clostridium Botulinum آهي.اها بئڪٽيريا اهڙي ماحول ۾ واڌ ڪري ٿي، جتي آڪسيجن نه هجي ۽ جيڪو زهريلو مادو پيدا ڪري ٿي، ان کي بوٽولينل ٽاڪسن (Botulinal Toxin) سڏبو آهي. جڏهن اهڙو کاڌو واپرايو وڃي، جنهن ۾ بوٽولينل زهر موجود هجي ته رت رستي جسم ۾ جذب ٿي تنتي اعصابن کي متاثر ڪري وجهي ٿو، جنهن سبب جيتوڻيڪ اهڙو فرد هوش ۾ رهي ٿو، پر تنهن هوندي به سندس ڪيتريون مشڪون ساڻيون ٿي وڃن ٿيون.

اهڙين حالتن ۾ جڏهن اهڙو زهر انهن تنتن تائين پهچي وڃي، جيڪي دل ۽ ساهه جي سرشتي سان لاڳاپيل آهن، تڏهن اهڙو فرد موت جو شڪار به ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ ڀانيو ويندو آهي ته اهو فطرتاً پيدا ٿيندڙ هڪ تمام طاقتور زهر آهي. ڪن پئٿالاجيسٽن جي اندازي موجب ته، بوٽولينل زهر جو رڳو هڪ گرام هڪ لک کان مٿي ماڻهن کي اجل جو شڪار بڻائي سگهي ٿو، جنهن جو وڌيڪ زور هن ڳالهه تي هوندو آهي ته اهو ڪهڙي طرح سان واپرايو وڃي.

اهڙو هڪ ٻي قسم جو بئڪٽيريا، جنهن سبب عام طور تي کاڌو زهريلو ٿي وڃي ٿو اها اسٽئفائيلو ڪوڪس آربوس (Stophylo CoccusAureus) آهي. هي بئڪٽيريا ڌڪن، زخمن ڦٽن ڦرڙين ۽ پڪريزي هنڌ کانسواءِ، صحت مند انسان جي نڪ ۽ ٻين هنڌن تي ٿئي ٿو. جيڪڏهن اها بئڪٽيريا کاڌي ۾ پيدا ٿي پوي ۽ اهڙو کاڌو واپرايو وڃي ته ان سبب هڪ اهڙو زهريلو مادو پيدا ٿئي ٿو، جنهن سبب، سخت الٽي، غشي ۽ دست ٿي پون ٿا. هي بئڪٽيريا لوڻي ۽ رڌل گوشت، کير مان تيار ٿيندڙ شين ۽ ڪسٽرڊ کانسواءِ اهڙن کاڌن ۾ پيدا ٿئي ٿو، جيڪي نالي ماتر رييفريجريٽرن ۾ رکيا وڃن ٿا، جو اهڙا ريفريجريٽر صحيح ڪم ناهن ڪندا يا جڏهن کاڌو مٿاهين ٽمپريچر واري حالت ۾ رکيو وڃي. ته ان قسم جون به بئڪٽيريا آهن، جيڪي کاڌي ۾ هجڻ واري حالت ۾، کاڌي کي ته زهريلو بڻائي نه سگهنديون آهن پر اهي جڏهن غلط کاڌي رستي جسم ۾ پهچن ٿيون ته اهي اتي تمام تيزيءَ سان واڌ ويجهه ڪري زهريلو مادو پيدا ڪن ٿيون. ڪالرا پيدا ڪندڙ جيوڙو اهڙي پاڻيءَ ۾ واڌ ڪري سگهي ٿو، جيڪو ڪلورينيشن جي عمل مان نه گذريو هجي پوءِ جڏهن ڪو فرد اهڙو پاڻي پيئي ٿو ته اهي روڳي جيوڙا آنڊن ۾ پهچي اتي زهريلو مادو پيدا ڪن ٿا. جنهن سبب سخت دست ٿي پون ٿا  نتيجاً اهڙو شخص سوڪهڙي جو شڪار ٿي پوي ٿو. اهڙين حالتن ۾ جڏهن ان سوڪهڙي جو ترت تدارڪ نه ڪيو وڃي ته اهڙو فرد موت جو شڪار به ٿي سگهي ٿو.

اهڙي هڪڙي ٻي بئڪٽيريا سالمونيلا ٽائفي (Salmonella Typhi) جي نالي سان سڏبي آهي، جنهن سبب ٽائفائيڊ بخار ٿي پوندو آهي. اها عام طور تي غليظ پاڻيءَ رستي واپرائي ويندي آهي. بعضي ورلي اها بئڪٽيريا انهن جانورن کي به بيمار ڪري وجهندي آهي، جيڪا اسان استعمال ۾ آڻيندا آهيون،جهڙوڪ ڪڪڙيون، آنا، رڍون ۽ ٻڪريون. ڀڳل آنا يا ڪڪڙين جو اهڙو گوشت، جيڪو صحيح طرح سان نه رکيو ويو هجي، تڏهن ممڪن هوندو آهي ته انهن تائين هيءَ بئڪٽيريا پهچي وڃي. ساڳئي وقت اهو به چيو ويو آهي ته ٽائفائيڊ مان تازو نوبنو ٿيل فرد به ڪجهه وقت لاءِ اهڙيون بئڪٽيريا خارج ڪندو رهي ٿو.

انهن مختصر ڳالهين مان توهان کي اها ڄاڻ حاصل ٿي هوندي ته اهي ڪهڙا جيوڙا آهن، جيڪي کاڌي رستي عام بيماريون پيدا ڪري وجهن ٿا ۽ انهن جي بچاءَ لاءِ ڪهڙا اُپاءَ وٺي سگهجن ٿا، تنهن ڪري ضروري ٿو سمجهيو وڃي ته اهڙين هاڃيڪار بئڪٽيريا کان بچڻ لاءِ کاڌي پيتي جي شين کي کڻڻ، رڌڻ ۽ رکڻ وقت جيڪي احتياط اختيار ڪيا وڃن، ۽ اهڙا ڪجهه اُپاءَ آهن ته جڏهن گوشت ٿڌو ٿي ڄمي ويو هجي ته ان کي گهڻي وقت ائين ڇڏي نه رڌجي، کاڌي کي تمام گهٽ ٽمپريچر تي رکيو وڃي ۽ جڏهن ريفريجريٽر مان کاڌو ڪڍي استعمال ڪرڻو هجي، تڏهن ان کي چڱي وقت تائين گهڻي ٽمپريچر تي گرم ڪري استعمال ڪجي.

 

سحر امداد

ماءُ جا ڌيءَ ڏانهن خط

 

مٺڙي ڌيءَ!

خوش هجين شال

توکي خط لکڻ ته ويٺي آهيان. پر ڳالهيون ايڏيون گهڻيون آهن، جو سمجهه ۾ نٿو اچيم ته ڇا  لکان ۽ ڇا نه لکان! سياست، ادب، تعليم، ثقافت، صحافت جنهن پاسي نهاريو هڪڙو رونشو لڳو پيو آهي. هر ڪو پنهنجا نمبر وڌائڻ جي چڪر ۾ ورتل آهي. ان سموري صورتحال ۾ (آڱرين تي ڳڻڻ جيترا) پڙهيل ڳڙهيل ۽ حساس ماڻهو عجيب ”گومگو“ (چئومَ چئو)  جي عالم۾ آهن. چئون ته ڪنهن کي چئون؟ لِکون ته ڪنهن جي لاءِ لکون! پڙهي ڪير ٿو؟ پر جي پڙهي به ٿو ته، ڇا ٿو پڙهي؟! ۽ جي پڙهي ٿو ته به، ڪڙهي ڪير ٿو؟ ”پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ“ جو فرق لطيف سائينءَ کان وڌ خوبصورتيءَ سان ٻيو ڪير ٿو سمجهائي سگهي:

”پڙهيو ٿا پڙهن؛ ڪڙهن ڪين قلوب ۾.“

اسان وٽ اڄڪلهه صورتحال اها آهي ته جيڪي نه ڪو ٿا پڙهن، نه ڪو ٿا ڪڙهن ۽ نه ئي ڪجهه ڄاڻن ٿا سي مُفتي بڻجي ويا آهن ۽  فتوائون صادر پيا ڪن. پر اهو ”مفتي“لطيف سائينءَ وارو ”مفتي“ ناهي – جنهن کي اندر ۾ ويهاري.

”قاضي ڪاڻيارو“ نه ٿيندو آهي. انهن مفتين جو ڪعبو قبلو ”سنڌ جي عظيم فاتح محمد بن قاسم جي نالي“پويان آهي ۽ سنڌ جي ڪنهن مائي اهڙو لال اڃا ڄڻيو ئي ناهي جو ”لعل به لڀي ۽ پت به رهي“. اسين ڪير ٿيندا آهيون ڪنهن کي اهو چوڻ وارا ته پنهنجا قبلا درست ڪيو“. اسين رڳو پنهنجا قبلا ئي درست رکون ته، اهو ئي ڪافي آهي. اڳي جيڪو ڪجهه به نه ڪري سگهدو هو، سو ”ليڊر“ بڻجي ويندو هو. ائين اسان جي سياست ٻيو ڪو به ”ازم“ نه پر رڳو Dadaism  بڻجي ويئي. ائين سياسي آکاڙو ”داداگيرن“ لاءِ ڦلدائڪ ”جاءِ پناهه“ بڻجي ويئي. جتي ٺونشا هڻڻ، لتون هڻڻ، ڄاڙي ڀڃڻ، ڄڀ پٽڻ، ڪن مهٽڻ، اکيون ڪڍڻ، ڄنڊا پٽڻ، ڄنگهون ڇڪڻ- ويندي راند راند ۾ ماري ڇڏڻ، جهڙا نيڪ ڪم انگڙي هڻڻ ۽ ڌوٻي پٽ هڻڻ وانگر ”عين راند“ آهن. عام ماڻهو سياستدان جي نالن تي سٽو کيڏندا آهن. ۽ سٽو کيڏي اهڙي ته سَٽ کائيندا آهن جو ذري گهٽ مڻڪو ئي ڀڄي پوندو آهي - ۽ مڻڪو ڀڳل پِنگلو عوام رڳو ”مٿا ڳڻڻ“ جي ئي ڪم ايندو آهي.باقي ان سٽي ۾ ”پئون ٻارنهن“ ته وري به سياستدان جو ئي ٿيندو آهي جو ان سموري ڪاروبار ۾ مُوڙي سيڙاهيل هن جي ئي آهي.

اڄڪلهه ان Dadaism به پنهنجا ”وشال“ پر پکيڙيا آهن ۽ ادب + صحافت به ان جي ”ڦلدائڪ جاءِ پناهه“ بڻجي ويئي آهي. پر ادب ته هاڻ اسان وٽ رهيو ئي ناهي. بس رڳو ”بي ادب“ رهجي ويا آهن. ها باقي ”ادب جمع (+) صحافت“ يعني ”ادب نما صحافت“ يا ”صحافت نما ادب“ ئي آهي، جيڪو ”ٻين ٽين روپئي“ وڪامجي ٿو ۽ مانيءَ مهل ”دستر خوان“ جو ڪم ڏي ٿو. پر ان ”ٻين ٽين روپئي“ ۾ وڪامجڻ واري شيءَ ۾ ”اَگهامجڻ“ واري جو ملهه ”هزارن“ ۾ هوندو آهي. پراڻن قسن جي ٻوليءَ موجب ”اشرفين ۾ تُرندا آهن. اُهي! سياسي آکاڙي ڪنهن به آکاڙي ۾ جيڪي ”داؤ پيچ“ هڻبا آهن، سي سڀ هتي به اختيار ڪيا ويندا آهن. يعني: ڄنڊا به پٽبا آهن، ته اکيون به ڪڍبيون آهن، انگڙي به هڻبي آهي ته  ڄنگهون به ڇڪبيون آهن. ائين اسانوٽ جيڪي ”داداساز“ فيڪٽريون Convert ٿيون هيون ”ليڊر ساز“ فيڪٽرين ۾ تن ”سرمايه ڪاريءَ“ لاءِ نئون ”ميدان ماريو“ آهي. ۽ هاڻي ”دادن“ (”دادا“ جو جمع آهي ”دادن“. ”غريبن جي ورثي“ جو  بي ضرر ولين ”دادن“ ناهي!) جي نئين تازي کيپ تيار ٿي لٿي آهي. ميدان ۾ جا پنهنجي قلم جي نوڪ جنهن جي وڻين دل ۾ ٽُنبين؛ جنهن جي وڻين اک ڪڍن؛ جنهن کي وڻين ننگو ڪن؛ جنهن کي وڻين ٽنگ پروڻ ڪن [۽ پوءِ وڻين ته (. .. . جو وڻين ته- پنهنجي ”خامه فرسائيءَ سان ڪين کي سڀ ڪجهه“ ۽ مٽيءَ جي ذري کي آسمان جو تارو ڪري ڇڏين) وڻين ته پاڻ ئي ان تي پار ڪڍن ۽ روئن.] ڪنهن به مسڪين ۽ شريف جي ته پُڇڻ ۽ ڪُڇڻ جي جاءِ ئي ناهي (هتي ته وڏا وڏا پيا ”پڇ لوڏ“ ڪن) ڇو ته شينهن کي ڪير چئي ته: ”تنهنجي وات ۾ ڌپ!“ پر به ”چئو مَ چئو“ پر ڌپ ته آهي ني! ڪجهه چوڻ يا نه چوڻ سان ڀلا، فرق پوي ٿو ڪهڙو؟ ان ڪري ئي ته مان چُپ آهيان! ۽ ان تي مون کي هرو ڀرو به امداد حسينيءَ جو هڪ ”ٽيرو“ هانءُ تي هُري آيو آهي. جنهن کي نه لکڻ سان به گهڻو فرق نه پوندو ليڪن . .  .تون ٻڌ (پڙهه) ضرور:

مان چُپ آهيان

ته انهيءَ جو مطلب

تون سچو آهين. ناهي! الاءِ ته توکي منهنجي ڳالهه پلئه پئي به ڪين ”امي جي ڳالهه وانگر“ ”ڏسو ماڪوڙو ڍڍر پيٽ ۾“. تون پنهنجي ڪجهه ٻڌائي. تنهنجي ڳالهه مون کي ضرور سمجهه ۾ ايندي. ڇو ته اولاد جي ڳالهه مائٽ سمجهندو آهي.

تنهنجي امڙ.

 

اَڻَ چُندَنِ مَ چَؤ، چُندَنِ چيو وِسارِ

اَٺَئي پَهَر ادبَ سِين، پَرِ اِهائِي پارِ

پايو مُہ مُونَنِ ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ

مُفتِي منجِهه وِهارِ، ته قاضِي ڪانيارو نه ٿِين.

- شاهه

 

جيل مان آزاد ٿيندڙعورتن لاءِ ڪراچيءَ ۾ عارضي پناهه گاهه ٺهندي

تجارت، ملازمت ۽ زرعي پيشي وارين عورتن جي تنظيم طرفان ٿيل مشاعري ۾ فيصلو

 

رپورٽ؛ فاطمه حسن

 

تجارت، ملازمت ۽ زرعي پيشي وارين عورتن جي تنظيم، عورتن جي مشاعري جو انتظام ڪيو، جنهن ۾ سنڌي ۽ اردوءَ جي ڪيترين ئي شاعرائن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو.

مشاعري جي صدارت سنڌي ٻوليءَ جي سڄاڻ اديبا ۽ نامياري شاعره سحر امداد ڪئي، جڏهن ته مهمان خاص اردوءَ جي برک شاعره محترمه فهميده رياض هئي. مشاعري شروع ٿيڻ کان پهرين ”تجارت“ ملازمت ۽ زرعي پيشي وارين عورتن جي تنظيم جي صدر محترمه شميم ڪاظمي تنظيم جا اغراض و مقاصد ٻڌائيندي چيو ته: اسان جي تنظيم بي سهارا عورتن لاءِ تمام جلد ڪراچيءَ ۾ هڪ عارضي پناهه گاهه ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جتي جيل مان آزاد ٿيندڙ عورتن ۽ ٻين سفيد پوش عورتن کي ٿوري مدت لاءِپناهه ڏيئي سگهجي. جيستائين انهن کي سندن وارثن تائين پهچائي. سندن زندگي ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ لاءِ کين آماده ڪري سگهجي.

هن ٻين فلاحي ادارن کي گذارش ڪئي آهي ته انهيءَ مقصد جي پورائي لاءِ پلاٽ يا عمارت ڏني وڃي ته جيئن: هن پروجيڪٽ کي عملي صورت وٺرائي سگهجي.

هن وڌيڪ چيو ته، اسان جي تنظيم بلڪل غير سياسي آهي. هن جو مقصد عورتن جي حوصله افزائي ڪرڻ آهي، بغير ڪنهن تعصب ۽ لاڀ جي.

هن مشاعري ۾ سنڌيءَ ۽ اردوءَ جي شاعرائن جو گڏجي ويهڻ هن تنظيم جي پهرين ڪوشش آهي.

هن مشاعري ۾ اسان اها به ڪوشش ڪئي آهي ته اسان جي صوبي جي نوجوان شاعرائن کي به پنهنجي ادبي ذوق کي ظاهرڪرن جو موقعو ڏنو وڃي.

ان کان پوءِ جامع ڪراچيءَ جي شاگردياڻين شائسته زيديءَ ”اسان جي ادب ۾ شاعرائن جو حصو“ جي عنوان تي هڪ مقالو پڙهيو. هن پروگرام جي ڪمپيرنگ جا فرائض اردوءَ جي معروف شاعره فاطمه حسن سرانجام ڏنا.

 هن مشاعري ۾ هيٺين شاعرائن شرڪت ڪئي.

بلقيس اعظم النساءِ، ذڪيه زيبا عابدي، غزل جعفري، شميم شيخ، ثروت زهره زيدي، نعيمه حسن نگار، شبنم گل، نگهت افتخار، سعديه مريم، نجمه خان، پروين جاويد، فاطمه حسن، گلنار آفريدي، فصاحت نسيم، سيمي لکنوي، شاهده حسن، عطيه خليل، خورشيد بانو شمع، فهميده رياض، سحر امداد.

 

عورتن لاءِ سٺا سڌارا آڻيو

 

ڪراچي ۾ ڇنڇر ڏينهن 93،5،29 تي هڪ سيمينار ٿي گذريو،  جنهن جو موضوع هو ”عورتن جي خلاف محاذ آرائي“ . جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته عورتن جي حقن لاءِ آئيني، مذهبي سڌارا آندا وڃن.

ان مذاڪري جو اهتمام (I.C.N) انٽرنيشنل ڪميونيڪيشن نيٽ ورڪ وارن (W.A.R) وار اگيئنسٽ ريپ  = زوري زنا خلاف جنگ جي تعاون سان I.C.N جي آڊيٽوريم هال ۾ ڪيو.

محترمه موني محسن ايڊيٽر فرائيڊي ٽائيمس لاهور، ”جنگ ۾ عورتن جي لڄالٽ“ جي موضوع تي ڳالهائيندي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ جنگ ۾لڄالٽ جو طريقو پراڻو آهي، پر ان جي لاءِ اڃا تائين ڪو به قانون نه ٺاهيو ويو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته تمام وڏي تعداد ۾ لڄالٽ جي باوجود به سرڪاري طرح ان کي تسليم نٿا ڪن.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته بوسنيا ۾ سرب فوجون مسلمان عورتن سان جيڪي ويل وهائي رهيون آهن. اهو هڪ پراڻو جنگي هٿڪنڊو آهي. جيئن پنهنجي دشمن جي حوصلي کي ٽوڙجي ۽ شرمندو ڪجي. هن ان ڳالهه جو مطالبو ڪيو ته جنگ ۾ لڄالٽ کي جنگي ڏوهه طور جنيوا ۾ منظور ڪرڻ گهرجي. هن مسلسل لڄالٽ جا واقعا جيڪي بوسنيا، ڪشمير، فلسطين ۽ ٻين هنڌن تي ٿي رهيا آهن. انهن جي مذمت ڪئي.

ان کان اڳ فرنٽيئر پوسٽ جي فيچر ايڊيٽر بينا سرور جيڪا هيومن رائيٽس (انساني حقن جي ڪميشن جي) ميمبر پڻ آهي. ان ”عورتن خلاف اليڪٽرانڪ ميڊيا تي محاذ آرائي“ جي موضوع تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ هميشہ  اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پنهنجي نظرين ۽ خيالن لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي، ۽ انهيءَ پاليسيءَ تحت تمام غلط نموني سان سٺي ۽ خراب عورت جو تصور ڦهلايو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته جيئن ميڊيا ۾ عورتون گهٽ آهن. سڄو ڪنٽرول مردن جو آهي. ان ڪري عورتن جي مسئلن کي ايتري اهميت نٿي ڏني وڃي. عورتن جي لڄالٽ جي واقعن ۽ انهن کي جهڙيءَ طرح ميڊيا تان پيش ڪيو وڃي ٿو ان تي پڻ هن تنقيد ڪئي. محترمه نوشين شوڪت ”حدود آرڊيننس  تي ڳالهائيندي چيو ته 14 سالن کان ڪنهن به گورنمينٽ هن قانون کي بدلائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.

نيوز لائن رسالي جي ايڊيٽر محترمه نفيسه شاهه ”ڪارو ڪاري“ جي موضوع تي ڳالهائيندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ عمومن ۽ سنڌ ۾ خصوصاً ڪاروڪاري جي رسم جي آڙ ۾ ڪيترين ۽ بيگناهه عورتن جو قتل ٿي رهيو آهي. هن انهن جا تفصيل پڻ ٻڌايا.

آغا خان يونيورسٽيءَ جي نفسياتي ڪلنيڪل سبجيڪٽ جي پروفيسر ڊاڪٽر رفعت زمان عورتن جي نفسياتي ڇڪتاڻ جي موضوع تي ڳالهايو.

جڏهن ته آخر ۾ ڊاڪٽر ثنا نعيم نوڪرين جي دوران عورتن تي جنسي تشدد جي موضوع تي ڳالهايو.

 

انساني حقن جي لتاڙ

 

29 مئي 1993ع تي RAHAT (تشدد جي شڪار ٿيلن جي بحاليءَ جي مرڪز) جي سيڪريٽريٽ ۾ ٻن ڏينهن جو هڪ سيمينار ٿي گذريو. جنهن جو موضوع هو ”انساني حقن جي لتاڙ“ انهيءَ سيمينار ۾ ملڪي ماڻهن کان سواءِ غير ملڪي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. هن ۾ چيو ويو ته: توهان انسان ذات جي خلاف غير انساني رويي  بابت ڇا چوندا ۽ اسان کي اهڙا اُپاءَ وٺڻ گهرجن، جيئن ستايلن جي موقعي تي مدد ڪري سگهون.

دستاويزي مرڪز جي اهميت تي روشني وجهندي مقررين ٻڌايو ته هن مرڪز جو ڪم آهي متاثرين جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ ۽ انهن جي بچاءَ لاءِ اپاءَ وٺڻ، انڪري اسان کي هن مرڪز مان ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي. ان ڳالهه جي اهميت کي مد نظر رکندي هڪ مرڪز Voice against tortur (VAT) (تشدد جي خلاف آواز) جو مرڪز اسلام آباد ۾ کوليو ويو آهي. اهو پنهنجي نوعيت جو واحد ادارو آهي، جيڪو ڏکڻ ايشيا ۾ پهرين اسلام آباد ۾ کوليو ويو آهي. هن جي مکيه مقصدن تي روشني وجهندي ٻڌايو ويو ته هر قسم جي تشدد جي خلاف معلومات حاصل ڪرڻ ۽ انهن کي عام ڪرڻ، ماڻهن کي ٻڌائڻ ته تشدد ڪير پيو ڪري ۽ وري انهن تنظيمن کي پڻ ٻڌائڻ جيڪي تشدد خلاف ڪم ڪري رهيون آهن. جيئن: ستايلن جي مدد ڪري سگهجي.

انهيءَ شعبي کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.

(1) لئبرري (2) اخباري ڪٽنگس (3) ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا اوزار هٿ ڪرڻ ۽ انهن جي مدد وٺڻ.

ڪجهه مقررين ٻارن جي جبري پورهئي تي ڳالهائيندي چيو ته ڏکڻ ايشيا جنهن ۾ پاڪستان اچي وڃي ٿو اتي ٻارن کان پورهيو ورتو ويندو آهي ۽ انهن تي تشدد پڻ ڪيو ويندو آهي. پوءِ سڌي طرح هجي يا اڻ سڌيءَ طرح. اهڙا هزارين خاندان آهن، جيڪي ستايل آهن. پوءِ چاهي والدين قيد هئڻ جي صورت ۾ يا نسلي  يا فرقي وارانه متڀيد جي ڪري يا پوليس جي غير انساني سلوڪ جي ڪري. ٻارن جو هڪ گروهه ٻيو  به آهي، جن جو تعلق مهاجر ڪئمپن سان آهي. پوءِ افغاني هجن، ايراني، ڪشميري بوسيني يا صومالي جا ٻار هجن.

مقررين وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ جتي مهاجرن جو تعداد گهڻو آهي اتي %75 ٻارن کان مزدوري جو ڪم ورتو وڃي ٿو.

پوءِ اهو زمينن جو ڪم هجي يا بٺن تي هجي، غاليچن جو ڪاروبار هجي يا دڪانن ۽ چانهه جي هوٽلن تي هجي. نه صرف ايترو پر ناقابل برداشت موسم ۽ وقت به وڌيڪ، جڏهن ته مزدوري تمام گهٽ ڏني وي ٿي.

تشدد خلاف آواز ۾ هڪ منصوبي جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جو نالو (Pcic) پروجيڪٽ چلڊرن ان ڪرائس تڪليف ۾پيل ٻار ٺاهيو ويو جنهن جو ڪم آهي، تحقيق ڪرڻ جيڪو گڏيل نمائندن تي مشتمل هوندو. اهو ٽن حصن ۾ ورهايل هوندو.

(1) خبر ڏيڻ وارو (2)  انگ اکر گڏ ڪرڻ وارو (3) سڃاڻپ ڪرڻ ۽ انهن جي مدد ۽ علاج ڪرڻ.

هن سيمينار ۾ هيٺين مقرين شرڪت ڪئي.

(1) ڊاڪٽر محبوب مهدي (2) محترم عالمگير (3) ڊاڪٽر مبارڪ جمال مهدي (4) محترم البرٽ ڊيوڊ پاڪستان. (5) پروفيسر الزبيٿ مارسلينو فلپائين. (6) اڪرم چوڌري بنگلاديش. (7) ڊاڪٽر ڀوگيندار شرما نيپال. (8) ڊاڪٽر ڪوهستاني افغان. (9) ڊاڪٽر محترم بصرا شيليزي افغان. (10) مسٽر ناصح عبدالله عابد ڪرد. (11) ميڪيند ايسٽ ٽمر محترم اينٽينو. (12) محترم سوايو جين سريلنڪا. (13) محترم پراڌان ڀوٽا ۽ (14) زاوا محترم ثمينا جن شرڪت ڪئي.

[ڊان اخبار جي ٿورن سان]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com