سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :16

ترجمو: محمد رحيم ميمڻ

ساجده سلاجڪ Sadzida Silajdzic خاتون سفارتڪار بوسنيا جي طرفان پاڪستان ۾ سفير

 

بوسنيا خوبصورت ملڪ آهي. اهو ڪيترن دريائن جو ملڪ آهي. اسان جي ملڪ ۾ چار وڏا درياءَ آهن ۽ بيشمار ننڍا درياءَ آهن. بوسنيا جو نالو بوسنيا درياه پويان رکيل آهي.

هرزگووينا ملڪ جو هيٺيون حصو آهي. جيڪو ائڊريٽڪ جي ويجهو آهي. اهو علائقو خشڪ ۽ پٿريلو آهي.

بوسنيا جو هر شهر ماٿريءَ وانگر آهي. ۽ جبلن ۾ گهيريل آهي. اهو سچ آهي ته خوبصورت آهي پر ان سان گڏ اها پڻ حقيقت آهي ته سربين لاءِ سولو نشانو بڻيل آهي. جيڪي جيڏي مهل چاهين چونڊي نشانو بڻائي سگهن ٿا.

بوسنيا سوين سالن کان آزاد رهندو آيو آهي پر اسين غلام رهيا آهيون. بوسنيا جا رهندڙ ٽن مذهبي فرقن ۾ ورهايل آهن.

بوگومل جيڪو وحدانيت کي مڃيندڙ پراڻو فرقو آهي. پر جڏهن عيسائي آرٿوڊيڪس ۽ ڪئٿولڪ فرقن ۾ ورهائجي ويا. انهن مان ڪافي بوگومل پنهنجي پراڻي مذهب تي قائم رهيا، تنهن هوندي به ڪجهه مسلمان پڻ هئا.

15 صدي عيسويءَ ۾ ان وقت اوٽو مئن جي شهنشاهيت هئي ته اتي جا رهواسي مسلمان ٿيڻ لڳا. انهن مان سربن آرٿوڊيڪس ٿيا، ڪروٽن ڪئٿولڪ ٿيا ۽ بوسنين مسلمان ٿيا.

اوٽو مئن جي دؤر ۾ مسلمان تمام آرام سان هئا. ڇاڪاڻ ته ”اوٽو مئن“ڪنهن به فرقي تي مذهب جي بدلائڻ لاءِ زور نه وڌو.

اوٽو مئن جي نمائندن آخري سالن ۾ پاليسيون تبديل ڪيون، جنهن ڪري مسلمانن ۾ بي چيني وڌندي ويئي.

ان کان پوءِ 1878ع بوسنيا آسٽرو هنگرين جي تسلط ۾ هليو ويو. ان واقعي مسلمانن ۾ وڏو ڦيرو آندو خاص طور تي تعليمي سرشتو ڏاڍو متاثر ٿيو. گذريل 20 سالن کان مسلمان پنهنجا ٻار اسڪولن ۾ نٿا موڪلين. ان بدران ترڪي ۾ موڪلين ٿا. جيتوڻيڪ اتي وري ٻي ٻوليءَ جو مسئلو هو. آسٽرو هنگرين جي تسلط دوران به ٻئي فرقا آزاد هئا، ٻنهي جي سيڪريٽريٽ الڳ هوندي هئي.

بوسنيا ۾ هن وقت سرڪاري انگ اکرن مطابق %43 مسلمان آهن. % 30 سربن آهن. ڪروٽن اندازاً %20 آهن ۽ ٻيا %7 سيڪڙو آهن، اسان جو يقين آهي ته اهو  %7  سيڪڙو مسلمان آهن. جيڪو پنهنجو عقيدو ظاهر نٿا ڪن نه ته مسلمان %50 آهن. ان کان سواءِ اتي ٻين مذهبن جا ماڻهو به رهن ٿا. خاص طور تي يهودي جيڪي 15 صديءَ کان رهندا اچن پيا. اسان جو ايمان آهي ته امن پسند ماڻهو هڪ ٻئي جي عزت ڪندا آهن، جيڪي ٻين جي عزت نه ڪندا آهن، اهي دهشت پسندهوندا آهن.

بوسنيا جي مسلمانن کي هڪ ٻئي کان الڳ نٿو ڪري سگهجي اهو ئي ڪافي آهي ته اسين مسلمان آهيون. اسان اهو نٿا سوچيون ته اها ويڙهه اسان جي خلاف آهي. پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته يوگوسلاويا پهرين سربن ۽ ڪروٽن تي حملو ڪيو هو.

منهنجو والد بوسنيا ۾ پيش امام هو. اهو ئي منهنجو پس منظر هو جو آئون اسلامي سڃاڻپ جي معاملي ۾ تمام حساس هئس، جيتوڻيڪ اهو وقت اهڙو هو جو پاڻ کي مسلمان سڏرائڻ ڄڻ نانگ جي ٻر تي پير رکڻ برابر هو. انهن سان ٻئي درجي جي شهريءَ جهڙو سلوڪ ڪيو ويندوهو.

اهو وقت هو ڪميونسٽن جي حاڪميت جو، ڪيترائي مسلمان اننهيءَ دؤر ۾ ڪميونسٽ ليگي ميمبر طور ڪم ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته سڀ استاد ڪميونسٽ هوندا هئا. انهن جي تعاون کان سواءِ استاد يا ڊاڪٽر ٿيڻ ناممڪن هوندو هو.

بوسنيا ۾ تمام ٿوري تعداد ۾ صنعت آهي.

ان ڪري بوسنين سچا پچا ورڪر هئا، انهن صرف ڪم ڪرڻ ئي سکيو هو. آئون پڙهائيءَ جي دؤران به ڪم ڪندي هئس، بوسنين ڪم لاءِ جرمن، سئزرلينڊ هجرت ڪري ويا.

بوسنيا ۾ آئون پرائمريءَ کان اسڪول ۾ ويندي هئس، جتي سربن ۽ ڪروٽن ٻوليون استعمال ڪيون وينديون هيون، جتي اٺن سالن تائين پڙهايو ويندو هو. سربن ۽ ڪروٽن سائرلڪ رسم الخط استعمال ڪندا هئا، جڏهن ته بوسنين لاطيني رسم الخط استعمال ڪندا هئا.  يوگوسلاويا ۾ تمام وڏي پئماني تي سائرلڪ ٻوليءَ ۾ اشاعتون ٿينديون هيون، جنهن ڪري سائرلڪ سکڻي پوندي هئي.

پر جڏهن آئون سيڪنڊري تعليم مڪَمل ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عراق ويس مون سان منهنجي ڀيڻ پڻ گڏ ئي، جتي مون ”عرب ٿيالاجيءَ“ ۾ ڊگري حاصل ڪئي ۽ اتي جي مقامي نوجوان قانوندان سان شادي ڪئي. جنهن هاڻ بوسنيا جي شهريت حاصل ڪئي آهي۽ مون پنهنجو نالو مسلمانن جي تهذيب مطابق رکيو.

اها ڪا نئين ڳالهه بوسنيائي عورتن لاءِ نه آهي ته هو ٻاهرين ملڪن جي باشندن سان شادي ڪن. اسان وٽ 4 يونيورسٽيون ۽ 40 فئڪلٽيون آهن. ڪيترا ئي ٻاهريان ماڻهو پڙهڻ لاءِ اچن ٿا. خاص طور تي فلسطيني گهڻا آهن، جيڪي شاديون ڪري رهن پيا ۽ مسلم  مفادن لاءِ وڙهن پيا. اهو سندن مسئلو آهي. آئون ڇا ٿي چئي سگهان. مون کي اميد آهي فلسطين جي لاءِ ڇاڪاڻ ته ”جنهن سان رب تنهن سان سڀ“ پر اسان کي ٻاهرين سان ڪو به تعصب نه آهي نه وري اسان جي والدين کي، اهي صرف چاهين ٿا ته مسلمان هجي.

مون ڏهه سال لبيا ۾ ۽ ڏهه سال ترڪيءَ ۾ گذاريا آهن. آئون پاڻ ملڪ کان ٻاهر رهندڙ  مزدور آهيان. تنهن هوندي به آئون سال ۾ هڪ دفعو ڪڏهن ڪڏهن ٻه يا ٽي دفعا به  پنهنجي خاندان سان ملڻ لاءِ ايندي آهيان.

مون لبيا ۾ پهرين پڙهائڻ شروع ڪيو جڏهن مون کي پهريون ٻار ٿيو ته مون ڏيڍ سال موڪل ورتي. جڏهن منهنجو ٻار ڏيڍ سال جو ٿيو ته مون سوچڻ شروع ڪيو ته مون ڪجهه نه ڪيو آهي سو مون پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ شروع ڪئي جڏهن اها مڪمل ٿي ته آئون واپس پنهنجي ڪم تي آيس.

عورت جو پهريون ڪم آهي، ٻار جي پرورش ۽ تربيت ڪرڻ. اڳواڻ مرد هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن جي جسم جي بناوت اڳواڻن جهڙي هوندي آهي ۽ عورت گهر جي راڻي آهي. جيتوڻيڪ مرد اڳواڻ آهن، پر اهي ٻارن جي پرورش ڪري نٿا سگهن. باوجود مرد مضبوط، حوصله مند هئڻ جي هڪ ڏند جو سور به برداشت نٿا ڪري سگهن.

جڏهن ته الله تعاليٰ انهن کي ٻارن جي پيدائش جي تڪليف کان به آجو رکيو آهي. عورت ڪم تڏهن ئي ڪندي آهي، جڏهن هو چاهيندي آهي.

منهنجو خيال آهي ته گهرو ڪم ۽ ٻار جي پرورش هڪجهڙو ڪم آهي.پر عورت ٻار تي وڌيڪ ڌيان ڏيندي آهي. هن وقت عورتون ڪم به ڪري، رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته اها اقتصادي ضرورت بڻجي ويئي آهي. پر آئون نٿي سوچيان ڇاڪاڻ ته عورت کي ڪم ڪرڻ کان پوءِ ڪيترين شين جو خيال رکڻو پوي ٿو، جنهن ڪري هن جي پگهار جو وڏو حصو گهر کان ٻاهر خرچ ٿيو وڃي. جيتري قدر منهنجي ذات جو تعلق آهي ته مون ڪم ڪيو آهي، جيتوڻيڪ هميشہ اهو سولو نه رهيو آهي ۽ آئون هميشہ ٿڪل رهندي هئس، 24 ڪلاڪ گهر جي ڪم، ٻارن ۽ ٻاهرين ڪم لاءِ تمام ٿورا آهن.

آئون هميشہ ٻين عورتن کان مختلف رهي آهيان. منهنجو والد چوندو هو ته تو کي ته ڇوڪرو ٿيڻ کپندو هو. ڇاڪاڻ ته منهنجا گهڻا ئي مشغلا هوندا هئا. مڪينڪ جو ڪم ۽ بجليءَ جوڪم جيڪو گهر ۾ ضرورت پوڻ تي آئون پاڻ ڪندي هئس.

مون هميشہ گهر ۾ ويهي ڪري اهو محسوس ڪيو هو ته پهرين ٻار کان پوءِ مون ڪجهه نه ڪيو. مون کي چار ٻار آهن، هڪ ڇوڪرو ۽ ٽي ڇوڪريون. جنهن مان ٻه جاڙا ٻار آهن،جيڪي 16 سالن جا آهن. سڀ پاڪستاني نظر ايندا آهن. والدين جو مختلف قومن هئڻ ڪري، مون لبيا ۾ پهرين استاد پوءِ طبي مشن جيڪا بوسنيا کان لبيا ۾ موڪلي ويئي  ان ۾ ڪم ڪيو. جنهن کان پوءِ مون ترڪي ۾ چمڙيءَ جو واپار ڪيو، جيڪو ترڪيءَ کان بوسنيا ۽ عرب ملڪن ۾ موڪليو ويندو هو. مقصد اهو ته پئسا ڪمايون جنهن جي سخت ضرورت آهي ۽ اسان کي سکڻو آهي ته جيئن زندهه رهي سگهون. ان ڪري ٻارن جي هوندي به مون پوسٽ گريجوئيشن ڊگريون حاصل ڪيون ٻي ڊگري فارسي ۾ آهي، جيڪا ترڪيءَ مان حاصل ڪئي.

هينئر بيشڪ بوسيني عورتن جي حالت مختلف آهي. لڙائي هلي رهي آهي. اسين هنگامي حالتن مان گذري رهيا آهيون.

جڏهن کان بوسنيا آزادي حاصل ڪئي آهي. سربن جي حملن ڪري ڪافي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن آئون ترڪيءَ ۾ هئس ته مون کي چيو ويو ته تون ترڪيءَ ۾ اعزازي سفارتڪار طور ڪم شروع ڪر. ڇاڪاڻ ته آئون اتي ڪافي وقت کان رهيل هئس. منهنجا ڪافي ماڻهن سان تعلقات هئا ۽ ويندي ترڪي جو صدر مون کي ذاتي طور تي سڃاڻندو هو. منهنجو ڀاءُ ڊاڪٽر حارث سليجه بوسنيا جو وزير خارجه آهي. جيستائين جنگ بند ٿئي تيستائين مون پنهنجو واپار بند ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته آئون پنهنجو وقت واپار جي باري ۾ سوچڻ تي وڃائڻ نٿي چاهيان.

گهڻا ماڻهو اهو الزام هڻندا آهن عورتون ورڪر  پنهنجو ڪم جيڪو انهن کي ڏنو وڃي ٿو. ان تي ڌيان نٿيون ڏين. جڏهن ته منهنجو ڪم سفارتڪاري آهي ۽ آئون اهو پسند نه ڪنديس ته منهنجو خاندان انڌيري ۾ رهي. منهنجي خواهش آهي ته حالتون اجازت ڏين ته جيئن وڌ کان وڌ عورتون ڪمن سان منسلڪ ٿين. ڇاڪاڻ ته انهن جو مسئلو آهي سخت دهشت خوف ۽ ڏکيون حالتون جيڪي ڪم ڪرڻ نٿيون ڏين. جيتوڻيڪ انهن حالتن جو هي هڪڙو حصو آهي، جنهن تي ماڻهو شايد اعتبار نه ڪن، پر اندازن 20000 ماڻهو اذيت گاهن ۾ آهن جن مان 11 سربيا مونٽينگرو ۾ آهن.

جيتوڻيڪ اسان يو. اين کي ان بابت ٻڌايو پر اهي پهرين اعتبار نه پيا ڪن، پر جڏهن فرينچ ۽ يهودي صحافين کي ڪئمپ جو ڪجهه نظارو ڏيکاريو ويو، تڏهن انهن تسليم ڪيو ته نازي ڪئمپون ته اڄ به موجود آهن.

اسان ٻڌو ته اندازن 50000 بوسنين عورتن جي بي حرمتي ڪئي ويئي آهي. ڪجهه چون ٿا ته انهن جو تعداد انهن کان به وڌيڪ آهي.جڏهن مون هڪ عورت کان پڇيو ته ان ٻڌايو ”مون سوڌو اندازن 350،000 عورتن کي بي حرمتيءَ جو شڪار ڪيو ويو آهي، جيڪي 7 سالن کان  70 سالن تائين آهن. ان ڳالهه جو اذيت ناڪ پاسو اهو آهي ان کي باقاعده منصوبي تحت ڪيو پيو وڃي ائين به ڪونهي اهي واقعا حادثاتي طور تي ٿين ٿا؟ پر جيئن بوسنين کي خوار ۽ خراب ڪيو وڃي.

ٿي سگهي ٿو ته توهان ٻڌو هجي ٻه سراجيوو ماڻهو اهڙي عمل کي دهرائڻ جي ڪوشش ۾ قابو ڪيا ويا. اهي صرف ٻه ماڻهو نه آهن اهي ته صرف دنيا اڳيان شاهدن طور آهن. جڏهن ته اهي صرف بوسنين جا ڏوهاري ڪو نه آهن پر اهي سڄي انسان ذات جا ڏوهاري آهن.

اهي ٻئي ماڻهو اعتراف ڪن ٿا ته اسان 16 عورتن جي بي حرمتي ڪئي جڏهن 6 ٻارن کي ماريو سين. وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙن ڪمن جا اسان کي سالار طرفان حڪم مليل هئا. ڪيتريون عورتون ڪئمپ ۾ رکيون وڃن ٿيون. انهن جي ان وقت تائين بي حرمتي ٿيندي رهي ٿي، جيستائين اهي حامله نٿيون ٿين. حامله ٿيڻ بعد انهن کي ڪئمپ مان ٻاهر ڪڍي چيو وڃي ٿو ته ”وڃو وڃي سربن کي ڄڻيو! اهي ٻار اسان جا ٻار هوندا. اسان جو يقين آهي ته قيامت جي ڏينهن ٻارن کي پنهنجي ماءُ جي نالي سان پڪاريو ويندو. اسان جا ٻار جنگ ۾ مارجن پيا اهي ٻار به اسان جا آهن. پر ڪيتريون عورتون ذهني ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيو وڃن ايتري قدر جو انهن کي جيڪي احتياط ڪرڻ کپن، اهي به ڪو نه ٿيون ڪن، ويندي ٻارن کي  پالڻ ته ٺهيو پر ڏسڻ به برداشت نٿيون ڪن. اسان کي ڪيترن ماڻهن طرفان آڇون آيون آهن ته اهي ٻار اسان کي ڏيو، اسين انهن کي پاليون ٿا ۽ اسان کي اميد آهي ته اهڙن ٻارن پالڻ جهڙا ٿي وينداسين. اسان سوڊان رليف ايجنسيءَ جي مدد سان ڪجهه بندوبست ڪيوآهي پر هن موقعي تي اسان اهو نه چاهينداسون ته سڀ ٻار ملڪ کان ٻاهر موڪليون، صرف اهي ٻار موڪليون جن جون مائرون تمام گهڻي ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار آهن.

لڄالٽ وڏو مسئلو ٿي ويو آهي ويندي ڇوڪرا ۽ مرد به بچيل نه آهن. اسان کي اهڙن مرڪزن جي ضرورت آهي، جيڪي اهڙن متاثرن کي ٻيهر بحال ڪرڻ ۾ مدد ڪن. اهڙا مرڪز  پناهگير ڪئمپ ۾ به ٺاهي سگهجن ٿا.

ويجهڙائي ۾ آئون ڪجهه عورتن سان مليس، جيڪي متاثر هيون، انهن چيو اسان کي ان ڳالهه جو خوف نه هو ته ماريندا، بلڪه ان ڳالهه جو ته اهي ڪئمپ ۾ وٺي جيڪي سلوڪ ڪن ٿا.

بهرحال لجھالٽ وڏو مسئلو آهي. اسان جا ٻار ڪيترو ان ڳالهه جي مدافعت ڪندا. اسان ماڻهن جو معيار تماماوچو رهيو آهي، اسان سٺو ڪمايو آهي ۽ اسان ڪڏهن به بکيا نه رهيا آهيون، جڏهن ته هاڻ اسين بکيا آهيون، اسان کي نفسياتي بيمارن ۽ معذورن جي مسئلن سان منهنڏيڻو پوي ٿو، پر تنهن هوندي به اسان جا ماڻهو پري ڀڄي وڃڻ نٿا چاهين. هيءَ اسان جي ڌرتي آهي. منهنجا وڏا اتي 70 جي ڏهڪي کان رهن پيا. مون ڪافي دٻاءُ وڌو ته توهان ملڪ ڇڏي هتي اچو. پر انهن چيو ته ”اسان جو گهر“جيتوڻيڪ هيستائين ممڪنآهي ته سربن جي هٿان ڦرجي به چڪو هجي.

مستقبل ۾ اسين وانس اوون پلان قبول ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته اسان نٿا چاهيون ته بوسنيا ورهائجي وڃي. باوجود ان جي ته ڪروٽن پنهنجي نقشي مطابق انهن علائقن مان بوسنين جي صفائي ڪري رهيا آهن. مجبوراً اسان اهو منصوبو قبول ڪيو ته جيئن موجود قتل عام بند  ٿئي پر سربن اڃا به ان کي نٿا قبولين.

اسان اهو قبوليو ته سڀ گروهه گڏجي رهون جيتوڻيڪ مان ان تي اعتبار نٿي ڪريان ته مسلمان ملڪن ۾ غير مسلم حاڪم هجي. ڇاڪاڻ ته حاڪم ڪڏهن ڪڏهن پيش امام به هوندو آهي، جيڪو الله تعاليٰ جو فرمان آهي. جيڪو هر مسلمان اڳواڻ کي ايمانداريءَ سان ثابت ڪرڻو پوندو. هن وقت اسان جو انحصار دوست ملڪن تي آهي. اسان ننڍڙا جديد سفارت. خانه انهن ملڪن ۾ کولي رهيا آهيون. انهن ۾ هڪ سفارتڪار. هڪ ڪائونسلر ٻه ٽي مقامي ڪلرڪ رکي پنهنجو ڪم هلائي رهيا آهيون. اسان جي مدد ڪيترن پاڪستانين به ڪئي آهي. خاص ڪري بوسنين جي دوستن. شروعات ۾ ماڻهو بوسنيا جي باري ۾ گهٽ ڄاڻندا هئا ته بوسنيا به ڪو آهي. ڇاڪاڻ ته ميڊيا تي سربن جو ڪنٽرول آهي. نه وري اسان کي پرچار ڪرڻ ڏني ويئي، نه اسان وٽ ڪيسٽون ۽ ڪتاب هئا. اسان کي ته اها به خبر هئي ته بوسنين جي باري ۾ ڪيتريون اشاعتون نڪري رهيون آهن. دنيا مان ترڪي خاص طور تي ۽ پاڪستان اسان جي مدد ڪن ٿا ۽ ٻيا اسلامي ملڪ پڻ مدد ڪن ٿا، ان سان گڏوگڏ انهن جو ورتاءُ پڻ ساراهه جوڳو آهي. ماڻهو اسان کي خط لکي پڇن ٿا ته اسان توهان جي ڪهڙي قسم جي مدد ڪري سگهون ٿا؟ باوجود ان جي ته غريب ماڻهو آهن.

گذريل سال پاڪستان اڌ ڪلاڪ ۾ 35 ملين ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن سال O.I.C گڏجي 65 ملين ڏيڻا ڪيا آهن ۽ پاڪستان 5 ملين ڊالر ڏيڻا ڪيا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com