سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :11

نسيم حيدري

گلان

 

هوءَ شيدڻ هئي، سندس ڀريل جسم ۽ اڀريل ڇاتيون جوانيءَ جو ڀرپور  احساس ڏيارينديون هيون، ننڍي هوندي کان هوءَ پنهنجي ماءُ سان گڏ ڳوٺ جي حويلي جنهن کي سڀ ”بنگلو“ چوندا هئا، ۾ ڪم ڪرڻ ايندي هئي. سندس ماءُ سان گڏ ٻيون به سندس ذات واريون پورهيت مايون ڪم ڪنديون هيون.

گلان ننڍي هوندي کان ماءُ جو هٿ ونڊائيندي هئي، جڏهن جوانيءَ ۾ پير پيس ته سڄي بنگلي ۾  هرڻيءَ جيان ڇالون ڏيندي هِنَ، هُنَ جو ڪم ڪندي وتندي هئي.

گهر جي هر ننڍي، وڏي جي وات ۾ گلان ئي گلان هو ”اِئي مرين! گلان ڪيڏانهن وئينءَ،“

گلان او گلان!

”ڳالهيون ڇڏ منجهند ٿي ويئي آهي.“

گلان!

وڃڻ وقت ڪراچي وارن مهمانن جا ڪپڙا ته ڌوئڻ لاءِ کڻي وڃجانءِ.“

اسان جو ڳوٺ ڏانهن وڃڻ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن خاص موقعي تي ٿيندو هو، گلان کي آئون هميشه رڌڻي ۾ ماني پچائيندي ڏسندي هئس، هڪ ته آڪهه وڏي ٻيو هميشه مهمانن جي ڀري لٿل.

گهر ۾ ٻن ٽن ڊاڪٽرن جي هئڻ ڪري مريض به سدائين وٽن هوندا ئي هوندا هئا، ٻين ڳوٺن مان به مريض اچي بنگلي ۾ رهي پنهنجو علاج ڪرائيندا هئا، محرم جا ڏهه ڏينهن ويجهن مائٽن جون فيمليون  وٽن اچي ترسنديون هيون. نياز نذر مطلب ته هر وقت کاڌو پيو هلندوهو. مولوين ۽ ذاڪرن جي الڳ ماني ته عام ماڻهن جي الڳ. ويچاريون پوڙهيون پورهيت ٿانوَ مليندي ۽ ڪم ڪندي ٿڪجي پونديون هيون، پر گلان پنهنجي جوانيءَ جي خون جي جوش ۾ ڪاٺين جي باهه تي مانين جا بٺن مٿان بٺا پچائيندي ٿڪ جو احساس نه ڏيکاريندي هئي.

ستت ئي مائٽن سندس شادي ڪرائي ڇڏي هڪ موالي ۽ پوڙهو مڙس مليس، هاڻ هو بنگلي ۾ ڪجهه گهٽ ايندي هئي، منجهس پهرين واري شوخي ۽ چستي نه رهي هئي. جيترو جلد هن جوانيءَ ۾ قدم رکيو، اوترو ئي جلد هوءَ پنهنجي جواني وڃائي رهي هئي، منهنجو جڏهن به ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هو، کيس هر ڀيري پهرين کان وڌيڪ ضعيف ۽ ڪمزور ڏسندي هيس.

هن ڀيري جڏهن ڳوٺ وڃڻ ٿيو، گلان مون کي نه فقط ڪمزور، سست ۽ نٻل نظر آئي پر پريشان ۽ منجهيل پڻ هئي. هوءَ رڌڻي ۾ ماني پچائي رهي هئي، آئون به سندس سامهون صندلي رکي وڃي ويٺس.

”گلان مون چيو.

”هون“ ورندي ڏنائين.

مون همدردانه لهجي ۾ چيو

”تو هي ڪهڙا حال ڪيا آهن،“ ”ڪا پيڙا،ڪو ڏک اٿئي اندر ۾“ مون سان سَل ته من آئون ڪا تنهنجي مدد ڪريان، ۽ ها، آئون تنهنجي ڪهاڻي پڻ لکنديس.

سئو فيصد ڳوٺاڻي لهجي ۽ انداز ۾ ورندي ڏنائين. ائي ادي، اسان جون ڪهڙيون ڪهاڻيون، ڪير اسان جي ڪهاڻي پڙهندو ۽ ٻڌندو يا ڪير پڙهندو ۽ ٻڌندو به کڻي ته ڪندو ڇا!!؟،

مون کيس زور ڀريندي چيو.

نه نه تو کي پنهنجي پيڙا، پنهنجو ڏک ۽ رنج ٻڌائڻو پوندو، هونءَ به اندر ئي اندر ۾ ڪڙهڻ ۽ پچڻ سٺو ناهي، ڪنهن سان حال اورڻ سان سڪون ملندو آهي، ۽ آئون ته تنهنجي گهڻي وقت کان . . . !

منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيائين.

ائي ادي، ”بيشڪ تون ته منهنجي سانئڻ آهين.“

توکي ته سڀ خبر آهي، ائين چئي گهري سوچ ۾ پئجي ويئي.

ٿوري ئي دير ۾ ٿڌو ساهه ڀريندي پنهنجي ڪهاڻي شروع ڪندي چيائين.

”منهنجو ننڍپڻ هتي هن بنگلي ۾ ڪم ڪندي گذريو آهي، جوانيءَ جا ڏينهن به هتي گذريا، عمر جا هي آخري ڏينهن به هن گهر ۾ ڪم ڪندي گذرندا ڪجهه گذري آ ڪجهه گذري ويندي.

مائٽن مڙس ڏنو به ته پوڙهو ۽ موالي، سڄو ڏينهن کٽ تي پيو ڪنجهندو ۽ ڪرڪندو هو، ان نڀاڳي جو بار به منهنجي ڪلهن تي وجهي ڇڏيائون.“

ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي، ڳيت ڏنائين مون کيس ڏٺو ته سندس اکين جي آلاڻ ۾ ڪيترائي افسانا لڪل هئا.

اندر جو ڏک جڏهن اچي نڙيءَ ۾ ڦاسندو آهي ته ان کي ڳيت ڏيڻ ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ مرحلو هوندوآهي.

اکين کي رئي جي ڪنڊ سان اگهندي چيائين ”منهنجو مڙس ٽي – بي جو مريض ٿي پيو، سڄو ڏينهن  کنگهه ڪان بيهندي هيس. آخر ۾ ته وات مان رت پڻ ايندو هيس، کيس ڪلهن تي کڻي آخري پساهن تائين اسپتالن جا چڪر هڻندي رهيس. سندس مرڻ کان پوءِ ڪنهن به مون رن زال جي سار سنڀال نه لڌي ٽن ڏينهن تائين گهر ۾ باهه نه ٻري، برادريءَ مان ڪو به پڇڻ نه آيو، بس اڳ به سڄو ڏينهن پورهيو ڪري ٻارن لاءِ شام. جو ماني ڳڀو کڻي ويندي هئس. هاڻ به ساڳي زندگي  آهي.

هڪ ڊگهو ساهه کڻي ٻاهر ڪڍندي چيائين ”منهنجو وڏو پٽ، بکن ۽ بيمارين ۾ مري ويو“ آئون پنهنجي پيار جي نشانيءَ کي بچائي نه سگهيس.“

”پيار جي نشاني“ مون حيرت کائيندي پڇيو.

”ائي ادي تو کان ڇا لڪائڻ“.

جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ماڻهوءَ کي ڪنهن ڳالهه جي نتيجي جي خبر ڪا نه پوندي آهي.“

منون، هن بنگلي ۾ پاڻي ڀرڻ ايندو هو، هو هڪ خوبصورت نوجوان هو. اسان جو  پاڻ ۾ پيار ٿي ويو، لڪي لڪي پاڻ ۾ ملندا هئاسين، اسان جي شيدي برادريءَ ۾ ٻي ڪنهن جاءِ تي شادي ڪرڻ جو سوچڻ به ناممڪن آهي، ٻئي مجبور ٿي پيا هئاسين.

شايد، منهنجن مائٽن کي ڪا اسان جي باري ۾ کڙڪ پئجي ويئي ۽ هنن منهنجي جلد شادي ڪرائي ڇڏي. پاڻ کي جڏهن هڪ پوڙهي شخص جي ڪمزور ٻانهن ۾ ڏٺم، تڏهن اندر جا سڀ خواب ٽٽي پيا، بدنامي جي ڊپ کان ڪجهه ڪڇي نه سگهيس، هڪ بي جان جسم جيان، پاڻ کي ان شخص جي حوالي ڪري ڇڏيم، جنهن کي منهنجي من ڪڏهن قبول نه  ڪيو.

محنت مزدوري مان جيڪي چار پئسا ملندا هئا، اهي به ان ۾ ختم ٿي ويندا هئا، جيستائين زندهه هو، کٽ تي ويهاري کارايومانس ڪنهن به ڪم ڪرڻ جي ته منجهس سگهه نه هئي. سندس بيماريءَ جو علاج ڪندي ڪندي، اهو مئو مرض مون کي به لڳو آهي.

مون کي ڇا مليو؟ مرض ۽ محرومي.

منهنجو وڏو پٽ، ڪنهن کي ڄاڻ نه هئي ته هو ڪو ”منون“ مان هو، بکن ۽ بيمارين ڪري مري ويو، آئون پنهنجي پيار جي ان نشانيءَ کي بچائي ۽ سنڀالي نه سگهيس.

منون کي ان جي خبر آهي؟ مون پڇيو.

رازدارانه انداز ۾ چيائين، ”ها، کيس هر ڳالهه جي خبر آهي. ڪڏهن ڪڏهن هتي ايندو آهي، گهڻو اسرار ڪندو آهي ته آئون ساڻس گڏجي رهان، ڀرواري ڳوٺ ۾ سندس گهر آهي، سندس ننڍي نيٺي زال ۽ ٻار به اٿس، پر سندس زال سان دل نٿي لڳي.“

پوءِ تو ڇا سوچيوآهي؟ مون کانئس سوال ڪيو.

سوچڻ ڇا؟ پر اعتماد لهجي ۾ چيائين.

ايترن سارن ٻارن جي ماءُ، ڌيءَ، ذري گهٽ اچي جوان ٿي اٿم، جيڪا ٿوري گهڻي عزت اٿم سا به وڃايان، ٻي جي ڪلهن تي پنهنجن ٻارن جو بار بڻجي وڃان. عورت ٿي ڪري ٻي عورت تي ظلم ڪريان، مون کان اهو نه ٿيندو، گذري ويندي باقي. . . .!!

اچانڪ ماما وڏو رڌڻي ۾ آيو ۽ گلان جي اکين ۾ آلاڻ ڇڏي آئون ٻاهر نڪتس.

ٿورا ڏينهناڳ آئون پنهنجي ماسيءَ جي گهر ويس، انهن جي ويهڻ واري ڪمري ۾  ڪجهه تحفا ويڙهيا پيا هئا، مون پنهنجي ماسات کان پڇيو، هي تحفا ڪنهن لاءِ آهن.

”گلان جي ڌيءَ جي شادي آهي، ان لاءِ، ماسات وراڻيو، مون حيرت ۾ رڙ ڪندي چيو گلان جي ڌيءَ! پر هوءَ ته اڃا ننڍي آهي“

ڀلا ڪنهن سان شادي پئي ٿئيس.

ماسات ورندي ڏني.

”سندن برادريءَ جو ڪو وڏي عمر جو پوڙهو  مرد آهي“

مون کي گلان تي ڪاوڙ اچي ويئي،

گلان ائين ڇو ڪيو؟ پنهنجي ننڍي ۽ معصوم ڌيءَ کي هڪ پوڙهي جي حوالي ڇو ڪيائين؟ کانئس ڪهڙي ڏوهه جو بدلو ورتائينس؟ پنهنجو حشر ڏسي پوءِ به ائين ڇو؟ ڇا ان تسلسل کي ٽوڙي نه پئي سگهي؟

 

اشرف آصف

محاورتي ڪهاڻيون – روسي چوڻيون

 

پوليس هن کي پڪڙي ٿاڻي ۾ آڻي اڳتي ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ پڇا ڳاڇا شروع ڪري ٿي پوليس جي ڳالهائڻ جو انداز سخت ۽ جابرانه آهي، جيڪو گهڻو ڪري گارين تي ٻڌل هوندو آهي. پوليس هن کي رات جو دير تائين گهٽين ۾ آواره گردي ڪندڙ جي هجڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي.

صوبيدار: (مڇون وٽيندي) اڙي نالوڇا اٿئي؟

جوابدار: سائين ”جمع“ پر ماڻهو مون کي ”جمن“ چوندا آهن.

صوبيدار: ڪٿي رهندو آهين اڙي جمنئ

جمن: سائين اوهان جي بادشاهيءَ ۾ هن ئي ننڍڙي شهر ۾ رهندو آهيان.

صوبيدار: (ڏنڊو اڀو ڪندي) اڙي ڪهڙو ڪم ڪندو آهين؟

جمن: سائين نه ڪو چور چڪار آهيان نه ڦورو، مزدوري ڪري پيو پاڻ ۽ پنهنجي پوڙهي ماءُ پيءُ کي کارائيندو آهيان.

صوبيدار: بئنڪ ۾ گهڻا پئسا اٿئي؟

جمن: سائين ٽڪو به ڪو نه.

صوبيدار: ملڪيت ڪهڙي اٿئي؟

جمن: سائين مڙئي خير.

صوبيدار: هن وقت تو وٽ ڇا هي؟

جمن: سائين مون کي ڪامريڊ به چوندا آهن. هن وقت منهنجي کيسي ۾ ٽڪو به ڪونهي. ڪپڙن جو به هيءُ هڪڙو ميرو جوڙو آهي. بوٽ به ڦاٽل آهي.

صوبيدار: اڙي نڀاڳا بس تو وٽ اهو ئي آهي؟

جمن: جي سائين رُوس وارا چوندا آهن ته ”مونوٽ جو ڪجهه آهي، سو ساڻ کنيون ٿو وتان.“

 *  * * * *  *

وڏيرو پنهنجي ٻنين جي سار سنڀال لهڻ لاءِ اڪيلو گهمندو وتي ٿو. اوچتو هڪ رڇ ڪنهن جهنگ مان تيز رفتاريءَ سان ايندي مٿس حملو ڪرڻ وارو آهي ته،

وڏيرو: (رڙيون ڪندي) بچايو، بچايو.

خانڻ پنهنجي ڪلهي تي پنهنجي تيز ڦرواري ڪهاڻي کنيون پنهنجي ٻنيءَ تان ويندي رڇ کان اڳ ۾ ئي وڏيري جي ڀر ۾ پهچي وڃي ٿو.

خانڻ: (وڏي آواز ۾) سائين پهتو، پهتو.

پوءِ خانڻ رڇ کي ڪهاڙي سان ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏي ٿو ۽ رڇ مري وڃي ٿو.

وڏيرو: (اطمينان جو ساهه کڻندي) خدا کڻي خير ڪيو پر!؟

خانڻ: ڀوتار پر ڇا؟

وڏيرو: ڏهه مڻ ڏنڊ اٿئي.

خانڻ: سائين مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو مون ته اوهان کي بچايو آ!

وڏيرو: (ڪاوڙ مان) اڙي تو کي ڪهاڙي به هڻڻ نه ٿي اچي.

خانڻ : (حيرت ۾) ڀوتار سو وري ڪيئن!

وڏيرو: رڇ جي کل ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيئه. ”منهنجو عاليشان بوٽ تو وڃائي ڇڏيو.“

*  * * * * *  *

 رچرڊ: (وڊڪا جو ڍُڪ ڀريندي) اڙي جوزف تو مون لاءِ ماسڪو ۾ ايٽم بم، هائڊروجن بم، ڪيميائي هٿيار، جراثيمي هٿيار، ايٽمي ميزائيل، ايٽمي آبدوزون گڏ ڪري رکيون آهن.

جوزف: (حيرانگيءَ جو تاٿر ڏيندي) مون اهي هٿيار تولاءِ گڏ ڪونه ڪيا آهن پر تو اهڙا ئي هٿيار مون لاءِ گڏ ڪري رکيا آهن.

رچرڊ: (اعتماد سان وڊڪا پيئندي) سنهن گاڊ جو تو لاءِ نه.

جوزف : (معصوم حيرت مان) پوءِ اهي هٿيار اسان ٻنهي وٽ ڪنهن لاءِ آهن؟

رچرڊ: (تڪڙ ۾) ڪنهنجي به خلاف ڪونه آهن.

جوزف: پوءِ انهن هٿيارن جي ضرورت ڪهڙي ۽ اربين رپيا انهن هٿيارن جي ٺاهڻ  تي خرچ ڪرڻ ۾ فائدو ڪهڙو؟

رچرڊ: آئون به ان خيال جو آهيان، مسٽر جوزف.

جوزف: (مسڪررائيندي) اسان روسين جي هڪ چوڻي آهي ته: ”هزار دفعا ٻڌڻ کان هڪ ڀيرو ڏسڻ بهتر آهي.“

اي. بي لنڪن: اسان وٽ ايترا ته ايٽمي هٿيار آهن جن جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي. مسٽر لينن، هاڻي تون مون کي اهو ٻڌاءِ ته جيڪڏهن ٽين عالمگير جنگ لڳي ته ان ۾ ڪهڙا هٿيار استعمال ڪيا ويندا.

جي اولينن: مون کي اها سڌ ڪانهي ته ٽين جنگ عظيم جيڪڏهن لڳي ته ان ۾ ڪهڙا هٿيار استعمال ڪيا ويندا، پر مون کي چڱي طرح پڪ آهي ته

”چوٿين جنگ عظيم ۾ ماڻهو لٺين ۽ ڪهاڙين سان وڙهندا.“ (مون هي چوڻي جڳ مشهور روسي رسالي اسپوتنڪ تان وٺي ان کي ان ريت استعمال ڪيو.)

خروشچوف هڪ جذباتي ۽ جوشيلو سابق سوويت يونين جو اڳواڻ هو. هو اسٽالن جو سخت مخالف هو. هڪ تقريب۾ هن اسٽالن جي خلاف ڳالهائيندي چيو ته

”اسٽالن وڏو جابر، ظالم ۽ بي رحم حاڪم هو هن اڳيان ڪير ڪڇي به ڪو نه سگهندو هو. سندس دوست به کانئس ڊڄندا هئا.“

پولٽ بيوري جي هڪ ميمبر اهي لفظ  ٻڌي هڪ  ننڍڙي پني تي اهو لکيو ته ”تو ان وقت ڇا پئي ڪيو؟“ مقرر خروشچوف ڏي موڪليو. هال ۾ سناٽو ڇانئجي ويو، خروشچوف چِٽَ پڙهي ٿورو سوچ ۾ اچي ويو پر وري پاڻ سنڀاليندي چيائين ته:

”آئون ان وقت اهو ڪري رهيو هيس جيڪو اوهان هاڻي منهنجي دور ۾ ڪري رهيا آهيو. (هيءُ  آخري جملو اسپوتنڪ تان وٺي هن رنگ ۾ آندم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com