سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :2

شهرت فنڪار کي کائي وڃي ٿي

سنڌي ڌُن سک وزيرن کي روئاري ڇڏيو

 

عابده پروين ۽ غلام حسين شيخ جو خاص انٽرويو

 

انٽرويو وٺندڙ ثمينه ميمڻ ۽ نجمه پنهور

 

سرتيون: عابده، توهان موسيقيءَ جي سکيا ڪنهن کان ورتي؟

عابده: پنهنجي والد استاد غلام حيدر خان کان، جيڪو پنهنجي دؤر ۾ موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو.

سرتيون: ڳائڻ جو شوق ڪيئن ٿيو؟

عابده: حڪم الاهي هو. ٻيو پيءُ جي سکيا به هئي، اُنهن جي محبت جو رابطو هوندو هو.

سرتيون: توهان پنهنجي فن (ڳائڻ) مان مطمئن آهيو؟

عابده: آرٽسٽ ڪڏهن به پنهنجي فن مان مطمئن نه هوندو آهي. الله جي ذات پرفيڪٽ آهي.انسان کي گهرجي ته جيڪو ان جي اردگرد ماحول آهي، ان کي اڳيان وڌائي ڪم ڪندو رهي.

سرتيون: اڄڪلهه ڇوڪريون ٽي. وي يا ريڊيو تي ڳائين پيون توهان انهن جي ڳائڻ کان مطمئن آهيو؟

عابده: هر علم کي سکيا جي ضرورت آهي، ٽي وي تي اچڻ کان پوءِ شهرت اُنهن جي مٿان حاوي ٿي وڃي ٿي. ۽ اُها شهرت فنڪار کي کائي وڃي ٿي. ان رڪاوٽ کي آرٽسٽ کي ئي ختم ڪرڻو آهي.

سرتيون: غزليات ۾ جيڪو سنڌي انگ توهان شامل ڪيو آهي اهو انگ دنيا ۾ ڪيتري قدر پاپولر ٿيو آهي؟

عابده: صوفين جي ڪلام ۾ وجد جي جيڪا ڪيفيت موجود هئي، اها ڳائڻ ۾ ڪيفيت نه هئي. جيئن گهڙولي آ. ان ۾ الڳ سان رنگ ڀريا. پر غزل ۾ جيئن توهان سنڌي ڌن آندي جيڪي مشهور ٿيا. اها چينج آئي آهي ته شاعريءَ ۾ جيڪا ڪيفيت آهي اها  ان جي موسيقيءَ ۾ وجد جي ڪيفيت ۾ ٿي ويئي آهي. ڳالهه اها آهي ته سنڌي سازن ۽ رنگن جي ڪري صوفي ڪيفيت پيدا ٿي آهي.

سرتيون: هينئر جيڪو ڊسڪو آيو آهي يا جنهن کي تيز موسيقي چئون ٿا ته اسان وٽ جيڪو فوق آهي يا جيڪو صوفيانه ڪلام آهي، تنهن کي اسان سنڌي ردم چئون ٿا اهو به تيز آهي. انهيءَ جي معنيٰ ته موسيقي وري پراڻي دؤر ڏانهن موٽي ٿي؟

غلام حسين شيخ: اسان وٽ سنڌي ردم ڪٿي به ايترو فاسٽ ڪونهي جيترو عابده پروين جو ردم فاسٽ آهي. پر اسان جو ڪلواڙو آهي ان ۾ سماع وارو رنگ محسوس  ٿئي ٿو. جنهن ڪلام ۾ ڪيفيت آهي اها ماڻهن جي دلين تي وڌيڪ اثر ڪري ٿي. سنڌي ردم ۾ جيڪو اثر آهي، اهو فطرت جي قريب آهي.توهان کي ٻين ردمن ۾ ايتري ڳالهه ڪا نه ملندي.

سرتيون: جيئن روبينه حيدري آهي ٽوپي پائي ٿي، يڪتارو کڻي ٿي، بلڪل جهڙو جلال چانڊيو ويٺو آهي، ان ۾ اها ڪيفيت آهي، جيڪا عابده ۾ آهي؟

غلام حسين شيخ: اها ڪيفيت آهي. اهو علم آهي. علم ئي ته سنواريندو آهي. عابده ۾ اهو علم آهي، جيڪڏهن روبينه ۾ اهو علم هجي ها ته شايد اها ڳالهه پيدا ڪري سگهي ها.

سرتيون: توهان سڄي دنيا گهميا آهيو توهان جي ڪنهن محفل ۾ ڪو اهڙو يادگار واقعو جيڪو ٻڌائڻ چاهيو؟

غلام حسين شيخ: ها، لنڊن ۾ هڪ محفل ٿي محفل ختم ٿيڻ تي بي . بي. سي جي ميوزڪ ڊائريڪٽر سان جڏهن ملياسين ۽ پڇيوسين ته اوهان ڇا محسوس ڪيو. تنهن تي چوڻ لڳو ته مان ان سلسلي ۾ وضاحت سان نٿو ڳالهائي سگهان، پر ٿورو جيڪو مون محسوس ڪيو آ. اها ڳالهه اها آهي ته ويسٽرن ميوزڪ ۾ اهو قانون آهي ته سکيا کان وٺي پريڪٽس تائين جيستائين ماڻهو اسٽيج تي وڃي ٿو، جيسيتائين بيهي نه ڳائيندو ته، هو پنهنجا جذبا صحيح طرح سان ٻڌڻ واري تائين پهچائي نه سگهندو. جڏهن هو بيهي ٿو ڳائي ته ان جي موومينٽ مان خبر پوندي ته هو ڪهڙي ڳالهه پهچائڻ ٿو چاهي. چيائين مون اهو پهريون ماڻهو ڏٺو جيڪو ويهي ڳائي ٿو. ۽ ائين ئي جذبا پهچائي ٿو، جيئن ڪو بيهي پهچائي ٿو.

عابده: اُتي ويندا آهيون ته وڌ ۾ وڌ محبت ملندي آهي. انهن ۾ انسيت جو پهلو گهڻو آهي. هو وڌ ۾ وڌ محبت سان ٻڌن ٿا.

سرتيون: ڀلا توهان جيڪو ردم ۾ پڪواز ۽ طبلي سان گڏ دهل رکيو آهي اهو ماڻهن ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهي؟

غلام حسين شيخ: اهو ماڻهن ۾ گهڻو ڪامياب ٿيو آهي.اها نئين شيءِ رکي اٿئون. هينئر دنيا ۾ جيڪو لائوڊ ٽرينڊ هلي پيو اهو آهي لائوڊ ردم جو. اسان محسوس ڪيو ته دهل ۾ اها خاصيت آهي ته ردم کي لائوڊ ڪري. بجاءِ جو اسان ٻي شيءِ کي اپنايون. ان کان پنهنجي شيءِ کي اڳيان آندو. اڃا ان تي ڪم ٿيندو. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو بڪنگ ڪري فرمائش ڪن ٿا ته دهل واري کي ضرور آڻجو.اسان ٽي. وي تي ٿورو عڪس ڏنو آهي. ٽي . وي تي ڪڏهن فقير انهيءَ حال ۾ نچ نه ڏيکاريو آهي.

سرتيون: اسٽيج، فلم، ٽي وي ۽ ريڊيو ۾ توهان ڇا فرق محسوس ٿا ڪيو؟

غلام حسين شيخ: سڀني جو پنهنجو انداز آهي. ڪيسٽ جو رابطو ماڻهن تائين جلدي پهچي ٿو. ٽائيم به ملي ٿو ڳائڻ ۾. ٽي وي يا ريڊيو تي دل جي ڳالهه گهٽ ٿي چئي سگهجي. اسٽيج جو نام ڏکيو آهي اهو  پبلڪ جي اڳيان لائيو پروگرام ٿئي ٿو.

س: عابده جون چار ڪئسٽون صوفيانه ڪلام جون آهن. انهن ۾ جيڪو ردم آهي. مثال طور ايک نقطه يار پڙهيا، شاهه مست دا والي، اسٽيج تي عابده کان ڪو نه ٻڌا ان ۾ شاهه به آهي ته بلي شاهه به ته سچل به ته مهر علي شاهه ۽ محمد  بخش ته اهو به ردم آهي. اهو به  ٻولن جي  ڪري. اندر جي ڪيفيت تي اثر ڇڏي ٿو. ڇا اهو سافٽ ردم آهي؟

غلام حسين شيخ: لائوڊ ردم اهو سافٽ ردم سڏبو اهو پوئٽريءَ جي ڪري ٿئي ٿو اهو ردم پوئٽريءَ تي به  ڊپينڊ ڪري ٿو اها ڪهڙي سر تي پوئٽري آهي. لائوڊ ردم اڪثر انهن شين ۾ ڏبو جيڪي ٿورو تيز هجن يا صوفيانه انداز ۾ هجن. باقي غزل ۾ دهل ڪونه آڻبو.

عابده: صوفيانه ڪلام سنڌي غزل ۽ ڪافي ۾ دهل ڪونه ايندو.

غلام حسين شيخ: انهن لاءِ ڪلام ڳولڻا پوندا آهن.

عابده: پر جيڪا وجداني ڪيفيت آهي، ان ۾ دهل کي شامل ڪيو ويندو. جيئن تيري عشق نچايا کرڪي تهيا تهيا ان ڪيفيت ۾ اسان کي اهو هو ته بابا بلي شاهه ڪيئن نچيو هوندو، ڪيئن رقص ڪيو هوندو.

غلام حسين شيخ: هن ڪلام کي ڌن ئي هينئر ملي آهي.  پنجاب ۾ هن ڪيفيت کي محسوس ڪندي ڪنهن ڳايو ئي نه آهي. پهريون دفعو هن کي ڌن ملي. ڪنهن به انٽيليڪچوئل کان پڇندؤ ته اهو ئي چوندو ته هن کي ڌن ئي هاڻ ملي آهي.

سرتيون: توهان انڊيا جي ڳالهه ڪئي خاص طور پاڪستان جتي اسان رهون ٿا. عابده جيڪو ڳائي ٿي سا برصغير ۾ ٻولي  سمجهي وڃي ٿي سچل يا بلي شاهه ته انهيءَ حيثيت ۾ اسان توهان کي ننڍي کنڊ جي نمائنده به چئي سگهون ٿا. ته اهو ٻڌايو ته هي جيڪي به ڳايو ٿيون اهو ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهي.

غلام حسين شيخ: اسان هاڻ  وياسين چنديگر پنجاب جو ڪيپيٽل آهي، اُتي گرونانڪ جو ڪلام ياد ڪيو هئوسين. ان خيال سان ته اتي سکن جو ملڻ ٿيندو اسان سليڪٽ ته ڪيو هيو پر ڌن ان جي ذهن ۾ نه هجي ته ڪهڙي ٺاهجي. انهن وٽ جيئن وايون ڳائبيون اچجن ٿيون. تيئن نه ڳائبو ته ڏوهه ۾ شامل ٿيندو. اسان وٽ سنڌي ڌن ۾ گرونانڪ جي باني آندي ته چيف منسٽر چيو ته توهان کي گرو نانڪ جي باني اچي ٿي. عابده چيو ته اسان وٽ سنڌي ڌن آهي. جڏهن اسان انهن کي ٻڌائيسين ته چار پنج سک  منسٽر هجن اهي روئن پيا ۽ چون پيا ته گرو نانڪ کي اسان ائين نه ٻڌو آهي، جيئن توهان اڄ ٻڌايو آهي.سنڌي ردم ۾ اهڙو ڪو پوٽينشل آهي، جنهن معاملي ۾ استعمال ڪجي ٿو اتي فٽ ٿي وڃي ٿو.

سرتيون: اردو غزل ۾ سنڌي موسيقيءَ جو ڪيتري قدر ميلاپ ٿيو آهي؟

عابده: اصل ۾ ڳالهه ائين آهي ته اهي ٻه طاقتون آهن. هن فوڪ جي طاقت هڪڙي غزل جي ٽريڊيشن جي پنهنجي طاقت آهي، جن به اهو تجربو ڪيو آهي،انهن مان سمجهو ته مهدي حسن پهريون ماڻهو آهي، جنهن غزل جي دنيا تي پهريون تجربو ڪيو. پر برڪت علي ۽ ٻين به ڪيو. اڳ ۾ به غزل پئي هليا. هندستان ۾ سڀني غزل ڳايا، پر مهدي حسن پهرين ڳايو. ڇو ته هي  آيو هو راجستان مان، سو هن اردو غزل کي عجيب و غريب ڌنون ڏنيون، جيڪي هن طرف جون هيون، ۽ اُهو انداز ماڻهن کي الاهي وڻيو. ٻه طاقتون ئي مليون اهڙي نموني ٿوري ڪوشش غلام محمد ڪئي. هن به ٿوري ڪوشش سان غزل کي پنجابي فوڪ سان ٽچ ڪيو، هن کي به شهريت ملي. ان مان ثابت ٿئي ٿو، ته جڏهن هڪ طقت ٻئي طاقت سان ملي ٿي ته شاهڪار ٺهي ٿو.

غلام حسين: عابده پهريون ماڻهو آهي، جنهن سنڌي موسيقيءَ کي غزل جي گائيڪي ۾ پيش ڪيو. ان جي نواڻ عجيب اٽريڪشن محسوس ٿي ٿئي.

عابده: اسان سنڌي ردم کي چينج ڪيو ته ان ۾ فريشنيس وڌيڪ اچي وئي مثال طور جيئن:

رمزون رسڻ جون يار تو

سچ چئو سڄڻ ڪنهن کان سکين

انهيءَ سان ملندڙ جلندڙ، انهيءَ راڳ مان سنڌيءَ جو عڪس وٺي ٺاهيو ويو آهي جيئن:

ڪل چودوين کي رات تهي

شب بهر رها چرچا تيرا

سرتيون: ڪافي عرصي کان پوءِ حيدرآباد ۾ توهان ڳايو توهان کي ڪيئن لڳو؟

عابده: ڏاڍو سٺولڳو، مون ته اتي چيو به هو ڪافي عرصي کان حيدرآباد ۾ وري راڳ جو ماحول ختم ٿي ويو هو. مان چوندي آهيان. موسيقيءَ جي فضا امن جي فضا آهي. اهو ئي اسان جي صوفين جو منسلڪ رهيو آهي. اهڙي طرح اسان کي امن ڦهلائڻ کپي ڇو جو ميوزڪ ۾ ايترو فورس آهي، جو ان کي بي غرض ٻڌڻ اچن ٿا .انهن ۾ سواءِ محبت ونڊڻ جي ڪا غرض ئي نه هوندي آهي.

سرتيون: ڪا اهڙي محفل جيڪا، توهان جي ياد ۾ شامل هجي.

غلام حسين: اسان وٽ سنڌي ۾ گهڻيون ئي فنڪارائون ٿيون، جيئن مائي جيوڻي، مائي الهه رکي. مطلب ته گهڻيون مايون آهن. اسان وٽ توهان ڏٺو هوندو ته عورت ۽ مرد جي راڳ ڳائڻ ۾ وڏو فرق محسو ٿيندو آهي. مرد جي ڳائڻ ۾  ڄڻ مردانگيءَ جو انداز آهي. اسان وٽ جيڪي به عورتون ڳائڻ واريون آيون انهن جو انداز مختلف هو. انهن جو انداز مردانه  نه هو. ڇو ته انهن جي انداز ۾ نفاست آهي. جنهن ۾ ٿوري ڪمزوري آهي، جيئن مرد ڪنهن ڪم ۾ جنبي وڃي، تيئن عورت هٿ نه ٿي وجهي. اهو الله جي طرفان آهي. اها طاقت مردانگيءَ جي ڳائڻ ۾ علم وڏو پاور آهي. عورت جي ڳائڻ ۾ اُهو علم نه هو. عابده پهريون ماڻهو آهي، جنهن مردانه انداز ۾ ڳايوآهي. ائين لڳندو آهي ڄڻ مرد پيو ڳائي. عابده غلام حسين جي ڳالهه سان اتفاق نه ڪندي چيوته نه مان ائين ته صوفي مرد ۽ عورت ۾ شامل نه آهي. صوفي جيڪو ڪم آهي، اها وجد جي ڪيفيت آهي يا الله ڏي محبت هجي.

سرتيون: ڪيسيٽ ڪلچر يڪو آيو آهي. ان ۾ چيٽنگ ٿئي ٿي. ڪافي ڪن پيا. هنڌي فلم اچي ٿي ته هن جا گانا ڳايا وڃن ٿا. انهن جي ڪا معنيٰ آهي؟

عابده: الله هر ماڻهوءَ کي نعمت بخشي ٿو، انسان پوري دنيا آهي پاڻ پنهنجي ڪُني به  ته ڪجهه وجهي نه. ڪٿي هن دنيا ۾ ڏيڻو به آهي ته وٺڻو به آهي. دنيا خالي ڪونهي. سکڻ لاءِ ته پوري ڪائنات پئي آهي، موسيقي سکڻ واري ڳالهه  ۾ جڏهن پروسيجر گهٽجي ٿو ته پوءِ ماڻهو اهي حرڪتون ڪري ٿو. موسيقيءَ ۾ سکڻ ۾ تڪليف ته ٿيندي، هن پروسيجر کي جاري رکجي، استادن سان ملجي سکڻ لاءِ عمر جو قيد ڪونهي. ان تي هڪ ڳالهه ذهن ۾ آئي ته هڪ هنڌ ويٺا هجون، جميل نقش جيڪو دنيا جو مڃيل ماڻهو آهي، ان ڳالهه ڪئي ته انهن کان ڪنهن پڇيو ته توهان کان پوءِ ڪو پينٽنگ ۾ اچي رهيو آهي، ته چيائين ڪنهن سطح تي اچي، جڏهن هن کي لائين ملندڙهوندي آهي ته ان مهل ڇڏي ٿو وڃي. ائين نه هئڻ کپي، ميوزڪ ۾ ڪو ماڻهو جيڪڏهن نه آيو ته آرٽ ختم ٿي ويندو، سڀ ختم ٿيندو. هر انسان انسپائريشن ميوزڪ مان وٺي ٿو، هي سڀ شاخون آهن، هن کي بچائڻو آهي. هو اندر ۾ جهاتي پائي، ان کان ڪو به انڪار ڪونهي ته هن ڪائنات ۾ هر انسان کي ڪنهن نه ڪنهن خوبيءَ سان مالا مال ڪيو آهي. ڪنهن کي به خالي ڪو نه موڪليو اٿائين: اتي سڀ ڪنهن جي ڳنڍڙي ۾ لعل آهي.

سرتيون: توهان جي شاگرديءَ ۾ ڪو آيو؟

عابده: مان پاڻ اڃا مڪتب ۾ آهيان، مان ته ڪجهه نه آهيان.

ڪهڙي منجهه حساب،

هوئڻ منهنجو هوت ري.

سرتيون: ڪنهن توهان کي چيو هو سيکارڻ لاءِ؟

عابده: اسان جي لائيف جي ڪنهن حصي ۾ اُهو پروگرام آهي ته ميوزڪ جو اسڪول کوليون، اڪيڊمي قائم ڪيون.

سرتيون: جيئن اسان وٽ سچل اڪيڊمي آهي، سڀيتا ڪلچرل اسٽڊيز آهي، سنڌالاجي آهي.

عابده: جيئن سنڌالاجي آهي. اتي ڇا پيو ٿئي، اڄ کان پندرهن سال اڳ شاهه لطيف جي ڪلام کي رڪارڊ ڪيو ويو هو. اهو ائين ئي پيو آهي. ڪم ٿئي نه پيو، اهي ٽيپ رکي رکي سڙي ويندا، اڃا رليز نه ٿيا آهن. توهان ڳالهه ٻڌو ٿا، ماڻهو ته اها ڳالهه سمجهن ئي ڪونه ٿا. هن جي اهميت ڇا آهي.

غلام حسين: جيڪو نظام شاهه اسان کي پخشيو آهي، ان جي حفاظت ٿئي ئي نه ٿي. رواج ۾ اچي نه، ماڻهن جي اُچارڻ ۾ اچي نه، اهو راڳ اچارين.

عابده: جيئن منڌ پيئندين مون اهو ڪلياڻ ۾ آهي پر اسان ڪلياڻ ۾ ڳايو ئي نه آهي. اسان ان کي ڪوهياري ۾ پيا ڳايون، اهو قصو ڪيئن هلندو بس جيئن سولوٿو لڳي تيئن پيا ڳايون. جيڪڏهن نظام کي پابند ڪيو وڃي، موسيقيءَ سميت ڇو ته نظام سکيا جو آهي، موسيقيءَ جا ڪتاب هوندا آهن، هي موسيقيءَ کان به وڌيڪ ڪتاب آهن ڇو جو اسان کي پوئٽري ملي ٿي. اسانجي اديب هن تي کُلي ڳالهايو ئي نه آهي. نه ئي ڪنهن لکيو آهي. ماڻهن جي ذهن تي به ڳالهه ڪيئن وڃي.

سرتيون: اديب به ته ان ساڳي گپ ۾ گپي پيو آهي؟

عابده: اديب ۽ عالم هڪڙي ڳالهه آهي، ڇو جو عالم گهڻا عامل ٿورا،عامل ڪو هڪڙو ئي نڪرندو. جيئن شاهه لطيف اهڙا ماڻهو عمل ڪرڻ وارا هوندا آهن. هر ڪو ماڻهو نٿو  ٿئي.

غلام حسين جي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته، اديب ئي سڀني ڳالهين کي چيڪ ڪرڻ وارو آهي، اهو لکي ٿو. احساس ڏياري ٿو ته اهو غلط پيو ٿئي، غلط کي نندي ٿو ۽ صحيح کي ساراهي ٿو. اهو نه پيو ٿئي.

سرتيون: توهان لکو شيخ صاحب.

غلام حسين: اسان ميوزڪ  جا ماڻهو ميوزڪ تي ئي لکي سگهنداسين.

سرتيون: توهان جي ٻارن ۾ ڀلا موسيقيءَ جو چاهه آهي؟

عابده: ٻارن ۾ چاهه آهي پر الله جي مرضي آهي ٽيلينٽ ٿيو آهي.

سرتيون: توهان ڀلا پنهنجي والد صاحب کان سواءِ ٻيو ڪنهن کان سکيو؟

عابده: مان پنهنجي والد صاحب کان سکيس ۽ ٻيو شيخ صاحب جا دڙڪا هر وقت ناياب آهن، دڙڪن لاءِ سڪندي آهيان، جيئن نه ڪبوتر پنهنجي ٻچي کي  داڻو کارائيندو آهي. تيئن هر وقت شيخ صاحب مون سان مهرباني ڪئي آهي، منهنجي رهنمائي ٿي آهي. رهبر هميشہ گڏ آهي. الله جي طرفان نعمت عطا ٿي آهي، جنهن جي مان لائق نه هئس.

امداد حسيني، نجمه پنهور ۽ ثمينه ميمڻ: عابده پروين ۽ شيخ غلام حسين  جا تمام گهڻا ٿورائتا آهن، جو پاڻ هتي بورڊ آفيس ۾ آيا ۽ اسان کي پنهنجو قيمتي وقت ڏنو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com