سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :10

 

ثريا سوز ڏيپلائي

معاوضو

هاڻ وڃي هئو مئو  ٽري هئي! اڄ ختمو هو، ان ڪري ٻنپهرن جو ختمي جي ماني گهر، ڌڻين پاڻ ڪئي هئي، مانيءَ ۾ برياني، گوشت، نان ۽ زردو هئا، بلڪل اهڙي وٺ وٺان هئي، ڄڻ ڪا شادي هجي. ويجهيءَ مٽيءَ مائٽيءَ واريون ڇوڪريون آئي ويئي جي ڀرپور طريقي سان آجيان ڪرڻ ۾ لڳيون پيون هيون، ”آيا ويا“ به ائين مانيءَ کي  جُنبي پيا هئا ڄڻ اڄ ئي ملي آهي.

اوگرائي ڏيندي، ڏندن مان گوشت جون ڏهيون ڪڍندي،  پلٿي ماري ويٺل مايون سڪينه ۽ سندس ڇوڪرين ڏانهن نهاري، واري واري سان،  ”شاباس هجيس، چئي، کاڌو پيتو، بخش ڪرائڻ ۾ لڳيون پيون هيون. نيٺ، ڏک ظاهر ڪندي ويندي ويندي هڪ دفعو وري سڪينه جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪيندي ائين چوندي موڪلايائون ته ”ادي سڪينه، جس هجيئي، تو پاڻ ملهايو، جهڙو ڪر پٽ پرڻايو اٿئي، مائي، آهين همت واري، جوان پٽ ائين ظالمن جي هٿان مارجي ويو، اصل ويل  وهي ويو، ڄڻ هانءُ ٿو ڦاٽي. . . پر تون، ادي، گهڻي ڳاهه سان آهين.“

ٻي به ڪڇي:

”ادي، ههڙي ماني ته پاڻ غريب شادين ۾ به  ڪونه ڪريون، پر ويچاري سڪينه. . . .!“

۽ ويچاري سڪينه ته ائين بُت ٿيو ويٺي هئي، ڄڻ نه اکيون نه ڪَن کيس ته ڪا خبر ئي ڪا نه هئي ته هي سڀ ٿئي ڇا پيو، ۽ ڪري ڪير پيو؟ گهر ۾ ته وٽس نالو الله جو هو، ٻيو مڙيئي خير، خبر ڪانه هيس ته پنج ويلا مانيءَ جا ڪنهن ڪيا، ختمي جي ماني ڪنهن ڪئي، ايڏي ساري خلق ڪٿان اچي ٽُٽي، سندس پنهنجا ٻار ڪٿي آهن. اُنهن به ڪجهه کاڌو يا نه، کيس ته صرف در جو ٺڪاءُ ياد هو ۽ پاڙي وارا، جن جي هٿن ۾ سندس شهزادي جو لاش هو. رت ۾ ٻڏل، ڪلاشنڪوف جي برسٽن سان پرڻ ٿيل صبح جو سوير پنهنجيءَ ڊيوٽيءَ تي ويو هو، پنهنجيءَ قسطن تي ورتل سوزوڪيءَ ۾ - ۽ واپس آيو ته ايمبولينس ۾ - رت ۾ ٻُڏل، مک تي دهشت جا آثار . . .  ماڻهن جا هشام، گوڙ، آواز، پري ٿيو، اسان جو ماڻهو آهي. اسان قاتلن کي ڪونه ڇڏينداسين، اسان کي شهيد جو مشن پورو ڪري، سندس روح کي آرام ڏيڻو آهي. . . . سڀاڻي شهر ۾ مڪمل هڙتال ٿيندي.

قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ، شهيد جي يادگار قائم ڪرڻ لاءِ،

شهيد جي پونئيرن سان همدردي، ععاوضي جي گهُر، ۽ الائجي ڇا ڇا.

ڪنهن سندس شهزادي کي غسل ڏياريو؟ پر نه، شهيدن کي ته غسل ڪو نه ڏبو آهي. . . ته پوءِ هي سڀ آخر ڪنهن ڪيو؟

ڇا سچ پچ منهنجو برڪت شهيد ٿي ويو؟ ڪنهن کان پڇان؟

هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿي. سڀ پنهنجيءَ ۾ رڌل آهن. . .  پريان ڪنڊ ۾ بيٺل سوني، سندس اٺن ورهين جي نياڻي، به ڏانهن پئي نهاري، وک وڌائي ڏانهس اچي ٿي.

”سوني، ڀاءُ ڪٿي امان؟“

ويران نظرن سان نهاريندي، ڌيءَ کان پڇي ٿي.

”ويٺو آهي امي. . . پر ادا برڪت ڪٿي آهي، امي؟“

سڪينه ڏانهس نهاري ٿي. نيڻن ۾ نير اَچن ٿا ڀرسان ويٺل زائفائون کيس پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿيون.

”امان، برڪت. . . . شهادت ماڻي. .  . خدا ظالمن کي پڄندو. . . “

”ويچاري نياڻي. . .  خبر ئي ڪا نه اٿس ته برڪت ته بر. . . ۾ ڇڏي ويو اٿن . . . هاڻ ڪير اٿن اوهي واهي؟ .  . . . الا . . . جوان پٽ! . .. ويچارو يتيم!“ سڄي گهر جو بار کڻيو ويٺو هو. . .“

يتيم ته برڪت ڏهن سالن جي عمر ۾ ٿيو هو. الائجي ڪيئن ريڙهي لڳائي، ٻن جوان ڀينرن، هڪ، معصوم ڀيڻ سونيءَ ۽ هڪ معصوم ڀاءُ جيڪو مس  پنجن سالن جو هو، تن جو بار سر تي کنيو هئائين. پاڻ پڙهڻ ڇڏي، اُنهن جو اسڪول وڃن پڪو ڪيائين. قسطن تي سوزوڪي وٺي ٻين جي ٻارن کي اسڪول پهچائي، گهر وارن لاءِ روزي ڪمائڻ جو بار کنيائين. . . .پر . . . هاڻ ٿيندو؟

”سڀ ڪجهه ٿيندو، بابا. . . خيال نه ڪريو. . . برڪت اسان جو ماڻهو هو، اسان جي پارٽي شهيد جي پونئيرن سان همدردي ڪندي، حڪومت کان سندس موت جي معاوضي ۽ سندس سوزوڪي، جيڪا پڻ دهشتگردن ساڙي ڇڏي، تنهن جي معاوضي جو به  حڪومت کان مطالبو ڪري ٿي.“

حڪمران پارٽيءَ جا ماڻهو آٿت ڏين ٿا. سڪينه بت بڻيل آهي. . . !

جوان ڀينرون خاموش آهن، ننڍڙو شفقت پيءُ جي شفقت کان هونئن ئي محروم هو. ڀائو جي شفقت کان به محروم ٿيوآهي. پر بي خبر آهي.

سوني ڪجهه ڪجهه سمجهي ٿي. سڀ گهر وارا آيل مهمان روز اخبارون پڙهن ٿا. گهر ۾ ماني به ٺهي پيئي، کير به اچي پيو، شفقت لاءِ بسڪوٽ به، پر ڀاءُ برڪت. . . .

اخبارن ۾ اعلان – شهيد برڪت جي پونئيرن لاءِ معاوضي جو اعلان- پارٽيءَ جو اڳواڻ پاڻ ڏيڻ ايندو. . . .

اڄ پارٽيءَ جا اڳواڻ آيا آهن. فوٽو گرافر آهن رش آهي. گوڙ گهمسان آهي. دير ئي ڪا نه ٿي. يڪا پنجاهه هزار! . . . ۽ سوزوڪيءَ جي معاوضي جو يقين. . . .

سڪينه جي اکڙين ۾ آلاڻ. . . اوچتو ڇرڪي ٿي: منهنجو شفقت ڪٿي؟“

هيڏانهن هوڏانهن ڳولا. . . . مايوسي . . . خوف . . . وري واويلا – وري ماڻهو. وري ايمبولينس. . ..

اسان جو ماڻهو هو . . . برڪت جو ڀاءُ، اسان جو ڀاءُ! معصوم ڪيئن مارجي ويو. . . گهٽيءَ  مان دهشتگرد ٺاٺا ڪندا هليا ويا – بس هليا ويا. . .

سڪينه بت بڻيل . . .. ماڻهن ۽ ماين جو ڀڻڪو. ”الا ويچاري بدنصيب!“

سوني مُرڪي ٿي. هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ٿي. ماءُ ڏانهن اچي ٿي. اٺن سالن جي معصوم هوائن ۾ بريانيءَ جي خوشبو – زردي جي سرهاڻ – قورمو . . . سوني مُرڪي ٿي.

”اما، روءَ نه. . . وري ماڻهو ايندا. فوٽو نڪرندا دعوتون ٿينديون ۽ . . . ! اٽڪي ٿي:

مايون ڏانهس نهارين ٿيون.

اٽڪندي، وري ڳالهائي ٿي:

”. . . ۽ امي، . . . . وري به معاوضو ملندو نه!“

 

عذرا سرور ڪنڌر

ڄار

 

آسمان ڪڪرن سان ڀريل هو. ڊسمبر مهيني جي سردي پنهنجي عروج تي هئي. ٿڌي هوا جو هر جهوٽو جسم مان سيسراٽيون ڪڍيون پيو ڇڏي. پر ايڏي ٿڌ به زندگيءَ جي چرپر کي ٿڌو ڪونه ڪيو هو.

هڪ پاسي پڪوڙن سموسن جي خوشبوءَ، ته ٻئي پاسي ڇولن ۽ ڪبابن جا اسٽال، ڪٿي چانهه پيئي پيتي وڃي ته ڪٿي وري ايڏي سردي باوجود ڪوڪ ۽ فنٽا تي ڪاهه.

عائشه ۽ سيمي هر اسٽال تي رکيل شين کي حسرت ڀريل نظرن سان ڏسي، وري اڳتي ٿي وڌيون، اسٽالن تي مختلف شيون رکيل هيون. جيئن: ڪنهن تي گج، هرمچ تي ڀريل ڪپڙا، ته ڪنهن اسٽال تي وري پشاوري جتيون ۽ زريءَ تي ٺهيل ڪوٽيون، جنڊيءَ جو سامان ۽ ڪاشيءَ جا ٺهيل سهڻا ٿانوَ.

هر ڪا پنهنجي پسند ۽ پڄندي آهر خريداري ڪري رهي هئي.

”الا . . . ڪيڏي نه سردي آ، دل ٿي چوي جيڪر چانهه پيون،“ سيمي سيءَ ۾ ڪنبندي چيو.

”ها“ سيءُ ته مون کي به ڏاڍو پيو ٿئي پر پاڻ وٽ ڪرائي (ڀاڙي) جيترا پئسا مس آهن. عائشه ڀيڻ کي ٻانهن کان پڪڙي اڳتي هلندي چيو. ننڍڙي ڀيڻ ٻيهر مڙي کاڌي پيتي جي شين کي ڏٺو.عائشه جي اندر جي پيڙا اکين ۾ لهي آئي، جنهن کي ڀيڻ کان لڪائڻ لاءِ هو اکين کي کنهڻ جي بهاني اگهي رهي هئي.

سيمي سيءَ کان ڏڪي رهي هئي. ڀلا رڳو سوئيٽر ڪٿي ٿو ايتري سيءَ جو ڌڪ جهلي. کيس مينا بازار گهمڻ جو ڪيڏو نه شوق هو ۽ ڪيترين منٿن کان پوءِ ماڻس اجازت ڏني هئي.

”سيمي مون وٽ ايترا پئسا ڪونه آهن جو اوهان کي ڀاڙي لاءِ ڏيان، هي ٻه ٽي ڏوڪڙ آهن، جن مان گهر جو خرچ هلائڻو آهي. ماڻس پلاند مان وٽيل سٽيل ٻه ٽي نوٽ ڪڍندي چيو.

”بس امان! اوهان رڳو اجازت ڏيو پئسا ڀلي نه ڏيو.“ سيمي ماءُ کي منٿ ڪندي چيو.

”ڪهڙي  سون جي کاڻ لڌي اٿئي“ ماڻس ڏکاري لهجي ۾ چيو.

سيمي ڊڪندي اندران پنهنجو ڀانڊارو کڻي آئي، جنهن مان ٽوٽل ڏهه رپيا نڪتا، ”ڏهه رپين تي ٿيون مينا بازار گهمڻ وڃو.“

”بس نه وڃو: ماڻهس ڪاوڙ ۽ ڏک واري انداز ۾ حڪم ڏيئي ڇڏيو.“

”نه . . . نه . . . مان مينا بازار ضرور وينديس.“ سيمي ٻاراڻو هٺ ڪندي چيو.

”ٺهيو امان. . . توهان به کڻي اجازت ڏيو“ ويچاريءَ کي ڪيڏو نه شوق آهي. ٻن ڏينهن کان ٻارڙي منٿون ڪري رهي آهي.“

عائشه سيميءَ جي معصوميت تي ترس کائيندي اٿي کڙي ٿي.

”امان رڳو گهمي اينداسين. کائينداسين ڪجهه به نه.

عائشه پنهنجون خواهشون ڪپڙن سبڻ ۾ ئي سبي ڇڏيون هيون، پر سيمي جو ڏک برداشت نه ٿيندو هئس. نيٺ ماڻهس ڪرڪندي وڃڻ جي اجازت ڏني.

مينا بازار ۾ هڪ جيڏين کي رنگ برنگي ڪپڙن ۾ ڏسي عائشه جون ڄڻ سڀ حسرتون ڪر کڻي اٿي پيون. وري جو سيمي شين کي ڏسي کائڻ جي فرمائش ڪئي ته سندس ڇهه ئي ڇڄي پيا.

مينهن جي ڦڙ ڦڙ پوڻ ڪري، سيءَ به ڪليون پئي ڪڍيون.

عائشه لڙڪن ڀريل اکين سان آسمان ڏانهن ڏٺو. ڄڻ اهو به سندن بيوسيءَ تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو هجي.

برسات کان بچڻ لاءِ ٻئي ڀينر هڪ اسٽال جي ڪنڊ ۾ وڃي بيهي رهيون. اتي هڪ اڌڙوٽ عورت جيڪا ڏسڻ ۾ ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي زال پئي لڳي،  سا سندن ويجهو آئي.

ڏاڍي همدرديءَ مان سيميءَ کي چيائين، ”ايڏي سرديءَ  ۾ ڪو چڱو ته سوئيٽر پائي اچين ها!“

”ٻيو ڪو نه اٿم؛ سيمي معصوميت سان چيو. ”جيڪڏهن نمونيا ٿي پوئي ته. . . .

”پوءِ ڇا ڪيون ڀلا“ عائشه ڏکويل لهجي ۾ چيو.

هن سوال ڄڻ عائشه جي ڏکويل دل جو بند کولي وڌو.

اها خاتون کين پاڻ سان گڏ چانهه واري اسٽال تي وٺي ويئي، چانهه ۽ سموسن جو آرڊر ڏيئي عائشه کان سندن گهر جي باري ۾ پڇڻ لڳي.

عائشه کي جو ايترو قرب مليو سو بيگم  ظفر (ان خاتون) کي  پنهنجي گهر متعلق سڀ ڪجهه ٻڌايائين“

بيگم ظفر ڏاڍي غور سان سندن ڏک ڀريون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي. وڃڻ وقت عائشه کي ڀاڪر پائيندي چيائين، ”ڌيءَ سمجهيو ته اوهان جا ڏکيا ڏينهن ويا، مون کي پنهنجي ماءُ وانگر سمجهه. ڪا به ضرورت پوئي ته بنا حجاب مون وٽ هلي ايندي ڪر.“ هي منهنجي گهر جو پتو آهي. ڪارڊ ڏيندي چيائين ۽ ڪافي نوٽ عائشه کي ڏيئي رواني ٿي ويئي.

پهرين ته عائشه پئسن وٺڻ کان انڪار ڪيو پر بيگم ظفر جي گهڻي اسرار تي اها  رقم ورتائين. پئسا ڏسي سيمي ته خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپي. عائشه ۽ سيمي هاڻي پنهنجي پسند جون شيون خريد ڪرڻ لڳيون.

پهريون دفعو عائشه محسوس ڪيو ته، دولت واري زندگيءَ جو لطف ئي ٻيو آهي. اڄ تائين هن جيڪا زندگي گذاري هئي ان ۾ نه ڪا خواهش هئي نه ان جي پورائي لاءِ جاکوڙ.

عائشه ۽ سيمي مينا بازار گهمي گهر پهتيون ته ماءُ کي پهرين ئي ان نيڪ عورت جي باري ۾ ٻڌايو.

ماڻهس ڪجهه دليل ويڙهائي نيٺ بيگم ظفر جو خدا ترسي جو ٻڌي مطمئن ٿي ويئي. ۽ سوچڻ لڳي ته بيگم ظفر سان ملي ڪنهن سلائي جي اسڪول ۾ نوڪري وٺان. جيئن نياڻين جو وقت سان بار لاهي سگهان. عائشه جي عمر جي ته ڪيترين ئي ڇوڪرين پنهنجا گهر وڃي وسايا هئا.

عائشه جيڪا پنهنجي غربت ۽ مفلسيءَ تي اندر ئي اندر ۾ جهڄندي هئي، تنهن کي هاڻي بيگم ظفر اميد جو ڪرڻو نظر اچڻ لڳي.

ڪيترا دفعا عائشه ۽ ماڻس بيگم ظفر ڏانهن وڃڻ لاءِ سنبريون پر وڃڻ نه پيو ٿئين. آخر هڪ ڏينهن جرئت ڪري  حميده ڌين کي وٺي بيگم ظفر جي ڏسيل پتي تي گهر پهتي.

بنگلو نهايت شاندار هو. چوڪيدار کين ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو ڊرائينگ روم جي سجاوٽ ڏسي سندن وات ئي ڦاٽي ويا.

بيگم ظفر اچي ساڻن ڏاڍي قرب سان ملي، ايترو قرب ۽ اڪير ته اڄ تائين حميده کي پنهنجي سڳي ڀيڻ کان به نه مليو هو. حميده پنهنجي اچڻ جو مقصد بيگم ظفر کي ٻڌايو.

ڪجهه غور و فڪر ڪرڻ کان پوءِ بيگم ظفر نهايت ئي خلوص ۽ پنهنجائپ سان کين پاڻ وٽ رهڻ جي آڇ ڪئي، بيگم طفر ٻڌايو ته، سندس مڙس بزنس جي سلسلي ۾ گهڻو ڪري ٻاهر رهندو آهي. ايڏي وڏي بنگلي ۾ پاڻ اڪيلي رهي ٿي، ڏينهن ته مصروفيت ۾ گذريو وڃي پر رات جو اڪيلائي جو احساس رهي ٿو، ان ڪري جيڪڏهن توهان مون وٽ اچي رهندؤ ته منهنجي لاءِ ڏڍ ٿي پوندو.

بيگم ظفر جي آڇ ٻڌي حميده کي پنهنجي ڪنن تي يقين ئي نه پيو اچي. عائشه ۽ سيمي ته خوشيءَ ۾ ڪپڙن ۾ ئي نه پيون ماپن.

حميده کي سوچ ۾ گم ڏسي بيگم ظفر وري چوڻ شروع ڪيو ”ڏس ڀيڻ مون عائشه کي پنهنجي ڌيءَ ٺاهيو آهي ۽ تو کي مان ڀيڻ سمجهان ٿي. مون کي توهان ۾ ڪا لالچ ڪانه آهي مان ته توهان جي ڀلائي لاءِ، چئي رهي آهيان. ايڏي خوبصورت تنهنجي ڌيءَ آهي پر اڃا تائين سندس شادي نه ٿي آهي. سيمي ويچاري تعليم کان محروم آهي، ڇا تون چاهين ٿي ته عائشه جي جواني ائين ڏک ۽ پريشانيءَ ۾ ڳري وڃي. هونئن به زندگيءَ تي ڪهڙو ڀروسو تنهنجي اک ٻوٽجڻ کان پوءِ ڪير هن جي سار لهندو.

بيگم ظفر جون اِهي ڳالهيون ٻڌي حميده جي دل ٻڏڻ لڳي. هن پنهنجي ماضيءَ ۽ حال تي نظر وڌي، جتي سواءِ محرومين جي ٻيو ڪجهه به نه هو. هن سوچيو ”هاڻي جڏهن خدا اسان تي مهربان ٿيو آهي ته ان جو ويهي شڪريو ادا ڪيون.

تنهن هوندي ڪافي ڏينهن حميده بيگم ظفر جي آڇ تي غور ڪندي رهي ۽ آخرڪار دل  من هڻي پنهنجو گهر ڇڏيائين. اهو گهر جتي هوءَ ڪنوار بڻجي آئي هئي ۽ اتان ئي هن جو جنازو کڄڻو هو.

بيگم ظفر سندن ڏاڍو گرم جوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کين رهڻ لاءِ ڪمرو ڏنو. سيمي کي سٺي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ عائشه کي پڙهائڻ لاءِ گهر ۾ ٽيوشن ماسٽر رکيو ويو. پنج درجا سنڌي جا ته هوءَ پڙهيل هئي.

بيگم ظفر سماجي سرگرمين جي ڪري گهڻو وقت گهر کان ٻاهر گذاريندي هئي ۽ حميده جو وقت نوڪرن تي نظرداري ڪندي يا ٽيليفون رسيو ڪندي گذرندو هو. عائشه ته ٺاهه ٺوهه ۽ سينگار کان واندي ئي ڪا نه ٿيندي هئي. هوءَ ماءُ کان وڌيڪ بيگم ظفر جي چوڻ ۾ هوندي هئي. حد کان وڌيڪ پئسو ۽ آزادي ملڻ ڪري، عائشه ۽ سيمي شرم ۽ حياءَ کي جهالت ۽ ڄٽپائپ سمجهڻ لڳيون. هنن کي هر وقت هيءَ سبق ڏنو ويندو هو ته جيترو ٿي سگهي پنهنجي حسن ۽ سينگار سان ٻئي کي بيوقوف بڻائجي. زندگيءَ کي باوقار نموني گذارڻ لاءِ دولت جو هئڻ. ضروري آهي.

بيگم ظفر جڏهن ڏٺو ته عائشه هاڻي پوري طرح سندس رنگ ۾ رنڱجي چُڪي آهي ته هڪ ڏينهن کيس پاڻ سان دعوت ۾ وٺي ويئي. عائشه لاءِ اهو پهريون اتفاق هو. بيگم ظفر پنهنجي هٿن سان عائشه کي تيار ڪيو. ڪاري ستارن سان جهرمر ڪندڙ ساڙهي عائشه جي حسن کي چار  چنڊ لڳائي ڇڏيا، پهريون دفعو عائشه کي پنهنجي حسين هئڻ جو احساس ٿيو، دعوت ۾ عائشه سڀني جي نظرن جو مرڪز هئي.

ان دعوت ۾ بيگم ظفر هن جي ملاقات جاويد سان ڪرائي، جيڪو شهر جي نامور سيٺ جو پٽ هو ”هيلو جمي ڪهڙا حال آهن. خوش ته آهين نه“ هن سان مل منهنجي ڀاڻج عائشه آهي. بيگم ظفر تعارف ڪرائيندي چيو.

Hello How Are You

جمي عائشه ڏانهن هٿ وڌائيندي چيو پهرين عائشه ٿورو گهٻرائي پر پوءِ بيگم ظفر جي اشاري تي جاويد سان هٿ ملايو.

بيگم ظفر عائشه کي جاويد وٽ ڇڏي پاڻ ٻئي پاسي هلي ويئي.

ان رات عائشه دير تائين جاڳندي رهي. خوشيءَ ۾ کيس ننڊ نه پئي اچي، هن جي زندگيءَ جو اهو پهريون تجربو هو، جو کيس هڪ خوبصورت ۽ دولتمند ماڻهوءَ جي ڪمپني نصيب ٿي هئس، جيڪو سندس حسن جي تعريف ڪندي ٿڪجي نه پيو، حميده به پنهنجي ڌيئرن جي قسمت تي خوش هئي، ۽ بيگم ظفر جا ٿورا دل ئي دل ۾ ڳائيندي رهندي هئي.

هاڻي بيگم ظفر جي گهر به اهڙيون دعوتون ٿينديون هيون، جن ۾ شهر جا مشهور ماڻهو ايندا هئا، ڪڏهن عائشه جاويد سان ڪمپني ڪندي هئي ته ڪڏهن ارشد سان گهمڻ ويندي هئي. اهڙين دعوتن ۾ سيمي جي سهيلين کي به گهرايو ويندو هو.

عائشه جي دوستيءَ جو حلقو وسيع ٿي ويو روزانو نوان نوان گهمڻ جا پروگرام ٺهندا هئا ۽ اهي پروگرام بيگم ظفر Suggest ڪندي هئي ۽ هر پروگرام ۾ عائشه نئين ماڻهوءَ سان ڪمپني ڪندي هئي.

هڪ ڏينهن عائشه کي شاپنگ ڪندي سندس ننڍپڻ جي سهيلي نازو ملي،

”عائشه تون!“ نازو حيرت ۽ خوشيءَ  جي گڏيل احساس سان عائشه کي ڀاڪر پائيندي چيو.

”ڪهڙي دنيا ۾ آهين؟ جڏهن کان پاڙو ڇڏ يئي وري ڀلجي به ياد نه ڪيئي. ها ڀلا اسين غريب ياد ڪيئن اينداسين. هاڻي ته تون وڏو  ماڻهو ٿي ويئي آهين.“ ڇو ته عائشه جي پوشاڪ مان سندس وڏ ماڻهپو ظاهر  پئي ٿيو.

”چڱو تون ٻڌاءِ ته اڄ ڪلهه ڇا پئي ڪرين؟“

عائشه نازوءَ کان پڇيو.

”ها توکي ته ٻڌائڻ ئي وسري ويو.“

ڏسندي چنڊ انور جي شادي آهي.

”انور جي شادي . . . ! ڪنهن سان . . . ! عائشه حيرت سان نازو ڏانهن ڏسندي پڇيو.

”مون سان نازو شرمائيندي چيو.

عائشه کان ٽهڪ نڪري ويو.

”تون ايندينءَ نه؟“ ڏس تو وڃڻ وقت واعدو ڪيو هو ته مان جتي به هونديس، تنهنجي شاديءَ ۾ ضرور اينديس، جڏهن کان تاريخ مقرر ٿي ته مان اهو سوچي پريشان ٿيندي هئس ته توکي ڪيئن ٻڌايان! تنهنجي گهر جي ته اسان کي خبر ئي ڪا نه آهي. شڪر آهي جو تون ملي وئينءَ هاڻي ضرور اچجانءِ نه ته مان تو کان ڪاوڙجي وينديس.

”مان ضرور اينديس.“ پنهنجي پياري سهيلي جي خوشيءَ ۾ نه اچان اهو ڪيئن ممڪن آهي.

عائشه نازو کي يقين ڏياريندي چيو. ايڏي عرصي ۾ پهريون دفعو هن کي پنهنجو پراڻو پاڙو ۽ اتي گذاريل هڪ هڪ پل ياد اچڻ لڳو. نازو ۽ انور جو پيار به  ڪيڏو نه سچو هو آخر هڪ ٻئي کي حاصل ڪيائون. نازو ڪيڏي نه خوش پئي ٿي. هن کي نازوءَ جي خوشيءَ تي ڄڻ حسد ٿي رهيو هجي.هوءَ پنهنجي اندر ۾ عجيب بي قراري محسوس ڪرڻ لڳي. هن کي ائين لڳو ڄڻ هن پاڻ کي دولت (پئسي) جي ڄار ۾ ويڙهي ڇڏيو هجي جتان کيس ڪڍڻ لاءِ ڪير به ڪو نه هو. پري پري تائين منزل جو ڪو نشان ڪو نه پيو نظر اچي. چؤطرف بيابان . . . حسن، دولت بي جا آزادي پر ڪو به پنهنجو ڪو نه هو، جنهن سان حال اوري سگهي. هن کي مرد، جن سان ڪمپني ڪندي هئي. سڀ ڀؤنر محسوس ٿيڻ لڳا. کيس مستقبل جي تنهائين کان ڊپ ٿيڻ لڳو.

اها سڄي رات عائشه اکين تي ڪاٽي. سندس ذهن تي جاويد ۽ ارشد جون ڳالهيون هٿوڙن وانگر لڳي رهيون هيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com