سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1993ع

مضمون --

صفحو :3

ٽامس مور جي مثنوي ”لاله رخ“ تان ورتل هڪ داستان

                                  مراد علي مرزا

مڙيا مٿي مچ

 

بحر عمان جا پکڙيل ڪنارا ۽ سرسبز ٻيٽ چنڊ جي چانڊاڻ ۾ پنهنجي سموري سونهن کي نروار ڪيو بيٺا هئا، چؤڌاري چپ چاپ ۽ سڪون هو. البت سمنڊ جي  ڇولين جو نرم ۽ نازڪ آواز ان ماٺيڻي ماحول ۾ رکي رکي ٻڌڻ ۾ پئي آيو. وقت آڌي رات ٽپي اڳتي وڌيو هو. هرمزيه شهر جو والي ۽ حاڪم ابوالحسن العربي پنهنجي محل ۾ آرامي هو، پر هن جي اڪيلي ۽ بيحد پياري ڌيءَ ڪنهن اڻڄاتل خوف ۽ پريشانيءَ کان بيقرار پنهنجي ڪمري جي دريءَ وٽ بيٺي هئي. هن اتان پري سمنڊ جي مٿاڇري تي اڀرندڙ ۽ لهندڙ ڇولين کي گهوري پئي ڏٺو. ان پَرِيءَ چهري ۽ روشن جبين مُنڌ جي سونهن  ۽ سوڀيا جي هر هنڌ هاڪ هئي، هن جو نالو هنده هو. هن جا ڊگها ڪارا وار سنديس ڪلهن تي پکڙيا پيا هئا، جن تي چانڊوڪيءَ جا اولڙا پئي نظر آيا. سنديس اکين مان انتظار پئي ليئا پاتا ۽ هن جي منهن مان مَنَ جي مونجهه پئي ظاهر ٿي. اوچتو رات جي سانت ۾ سرود جي تارن جي سُرن جو پڙاڏو پکڙجي ويو. پري فراق ۽ وڇوڙي جو ڪو ماريل انهن سرن سان گڏ آلاپيندو رهيو. هنده انهيءَ پر سوز آواز ۽ موسيقيءَ ۾ پاڻ وڃائي ويٺي.

ساز ۽ آواز ختم ٿي ويو ته هنده دريءَ مان هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي. هاڻي هن جي مُنهن تي مُرڪ پکڙجي ويئي؛ دل ۾ خوف ۽ حسرت جي بدران شوق ۽ پيار جي اٿاهه امنگ جون ڇوليون پئي اُٿيس. هوءَ پنهنجيون ٻئي ٻانهون فضا ۾ پکيڙي اُن اَڻ ڏٺي محبوب جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ بيچين ۽ بيقرار هئي. هن ڪيترائي ڀيرا پنهنجيون نرگسي اکيون ڇنڀيون ۽ هڪ پاسي چتائڻ لڳي. ڪنهن اڻڄاتل هستيءَ هن ڏانهن ڏاڍي پيار ۽  پاٻوهه مان پئي ڏٺو. شايد اها ئي هستي هئي، جنهن جي اوسيئڙي هنده جي نيڻن مان ننڊ چورائي هئي. اهو اوپرو شخص ڏاڍي همت ۽ بي پرواهيءَ سان وک وڌائيندو ويجهو ايندو ويو.هنده کي خوف وڪوڙي ويو. اهو شخص بيحد حسين ۽ بهادر ٿي  ڏٺو. هنده جون  نگاهون سوال ٿي هن کي ڏسڻ لڳيون ۽ هن ڏاڍي آرام ۽ اطمينان سان هنده کي ٻڌايو ته، ”آئون هڪ سپاهي آهيان. محل وٽان لنگهندي تو کي دريءَ وٽ بيٺل ڏٺم ته پاڻ نه جهلي سگهيس، ۽ تنهنجي ڪشش جي سونهري ڏوريءَ ۾ گهلجي هت پهتو آهيان.“

ٿوريءَ دير تائين ته ٻئي نگاهن ئي نگاهن ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا رهيا، پر پوءِ هنده هن کي چيو، ”ڏس! چانڊاڻ ۾ ڪيڏي نه مُرڪ ۽ ڪيڏي نه ڪوملتا آهي!“ اجنبي شخص ڪو به جواب نه ڏنو. هن جي اکين مان ڏک ۽ غم جهاتيون پائڻ لڳو. هنده کي ڪيترائي وهم ۽ وسوسا وڪوڙي ويا. هُن اجبيءَ کي چيو، ”جيڪڏهن منهنجي محبت تو کي ڇڪي هت وٺي آئي آهي ته آئون به تنهنجي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪندي ويرم نه ڪنديس. پر هتي تنهنجي لاءِ هر طرف خطرا آهن ۽ آئون نه ٿي گهران ته تون انهن ۾ وڪوڙجي وڃين. اي اجنبي! تون هتان هڪدم هليو وڃ.“

پر هنده جو اهو اجنبي جان نثار ته ڪيترن ئي خطرن مان گذري چڪو هو. هو ته هزارين ڀيرا موت سان منهن مقابل ٿيو هو. اڙٻنگ ۽ ارڏي سپاهيءَ تي هنده جي لفظن جو ذرو به اثر نه ٿيو هو. هن ڏاڍي آرام سان وراڻيو، ”اي عرب جا چنڊ! آءٌ سڀ سمجهان ٿو. اها به  خبر اٿم ته اسان جي وچ ۾ هڪ وسيع ۽ اٿاهه سمنڊ موجزن آهي، جنهن کي اڪري پار ڪرڻ ممڪن  ڪونهي، ڇاڪاڻ ته آئون ايراني لشڪر جو سپاهي آهيان.“

اهو ٻڌي هنده جي مُنهن مان دانهن ٿي نڪتي، پر هن هڪدم پاڻ سنڀالي ورتو. ڇا هيءُ اُن قوم جو سپاهي آهي، جنهن سان وڙهندي وڙهندي منهنجي پيءُ جا ڪيترائي بهادر ۽ بي ڊپا ساٿي هُن جهان ۾ وڃي آرامي ٿيا آهن؟ نه، نه ائين هرگز هرگز نه ٿيدو. هنده پنهنجي سر ڀڻڪيو. هن هڪ ڀيرو وري اجنبيءَ کي ڏسندي چيو، آئون تو کي التجا ڪريان ٿي؛ تون منهنجي پيءُ جو ساٿ ڏي ۽ جڏهن دشمن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ترارون اُڀيون ٿين تڏهن تنهنجي ترار سڀني کان بلند هجي.“

ڪاوڙ وچان اجنبيءَ جو جسم ڏڪڻ لڳو ۽ هن جي اکين ۾ خون اڀري آيو ”بس ڪر ڇوڪري! تنهنجين ڳالهين مان دغا ۽ فريب جي بوءِ پئي اچي. ڇا تون سمجهين ٿي ته آئون پنهنجيءَ جان کان به  وڌيڪ عزيز وطن ۽ پنهنجن پيارن ساٿين کي تنهنجن انهن ٻن مٺڙن ٻولن تي قربان ڪري ڇڏيندس؟ نه هرگز نه – يا پنهنجي عزيز وطن جي آزادي حاصل ڪندس يا وري موت جي سايي ۾ وڃي سمهي رهندس. ياد رک، اڄ آئون تنهنجي پيءُ ابوالحسن کي قتل ڪرڻ لاءِ هت آيو هوس، پر آئون پاڻ هت تنهنجي ئي هٿان شڪار ٿي پيو آهيان. اڄ فتح تنهنجي حصي ۾ آئي آهي. هُن پاسي ڏس. ”ائين چئي اجنبيءَ هنده کي سمنڊ جي ڪناري تي پري تمام پري هڪ ٽمڪندڙ روشنيءَ کي ڏسڻ لاءِ چيو ۽ ٻڌايو“. اها روشني مون کي پيغام پهچائيندي آهي.“ ايترو چئي هن هنده کي خدا حافظ چيو ۽ محل جي دريءَ وٽان پري ٿيندو ويو. حيران ۽ پريشان هنده ڪيتري وقت تائين هن کي ويندي ڏسندي رهي. هن جي منهن جي مهتابي مرڪ هينئر اونداهي مايوسيءَ ۾ بدلجي ويئي.

بحر عمان جي ڪناري کان اها جابلو چوٽي نظر ايندي آهي، جيڪا قزوين کان وٺي هندي وڏي سمنڊ تائين پکڙجي پيئي آهي. قدرت اهي جبل ۽ پهاڙ ڄڻ ته سمنڊ جي حفاظت لاءِ خلقيا آهن. انهن جون اوچيون ۽ بلند چوٽيون آسمان سان ڳالهيون ڪنديون آهن. انهن ئي چوٽين مان هڪ  چوٽيءَ تي هڪ ويران ۽ اُجڙيل جاءِ آهي، جيڪا آزاديءَ جي متوالن ۽ محب وطن ايرانين جو مرڪز هوندي هئي. انهن اڙٻنگ جوانن جو سردار هفيد هو، جنهن جي هيبت ۽ خوف جري ۽ بهادر جوڌن جي دلين کي به ميڻ وانگر ڳاري ڇڏيو هو. پر ابوالحسن جا سر ڦريا سپاهي هفيد کي هٿ ڪرڻ لاءِ انهن اڙانگهن لڪن مان ٿيندا ويران ۽ تباهه عمارتن جي طلسماتي ڄار ۾ پئي ڦريا. پر هفيد هنن جي نگاهن کان غائب هڪ اهڙيءَ عمارت ۾لڪل هو، جيڪا ظاهر هوندي به نظر نه ٿي آئي. هو پنهنجيءَ مختصر  ۽ وفادار جماعت سان اتي موجود هڪ موقعي جو منتظر هو، جڏهن پنهنجي پياري وطن  جي آزاديءَ جي لاءِ پنهنجي خون جو آخري قطرو به وهائڻ لاءِ تيار هو.

هوڏانهن عربي امير جي ڌيءَ هنده بيپرواهه هئي. هن کي دنيا جو  ڪو به حادثو پريشان نه ٿي ڪري سگهيو. پر گذريل رات واري اوچتي واقعي سنديس سمورين خوشين کي ختم ڪري ڇڏيو هو. هاڻي، هو جڏهن به ڪنهن حملي جي خبر ٻڌندي هئي ته هن جي اکين مان پنهنجيءَ ناڪام محبت جا لڙڪ وهڻ لڳندا هئا ۽ هوءَ هر عرب سپاهيءَ جي ترار کي پنهنجي محبوب جي خون ۾ ٻڏل سمجهندي هئي. هن لاءِ ته هاڻي بحر عمان جي هر موج ۾ دل جي ويرانيءَ ۽ ناڪاميءَ جو سنيهو لڪل هوندو هو. هوءَ هر رات وري به وڃي دريءَ وٽ ويهندي هئي ۽ ان پکڙيل خوبصورت نظاري کي ڏسندي رهندي هئي، جنهن هن کي پهريون ڀيرو روئڻ سيکاريو هو، پر هن جي لاڳيتي انتظار ۽ ٿڌين آهن ڀرڻ جو ڪو به نتيجو نه نڪتو. اُها گمنام هستي جنهن جي پهرئين نگاهه هن جي دل ۾ لهي ويئي هئي، وري کيس نظر نه آئي.

هڪڙي ڏينهن هنده جو پيءُ ابوالحسن ڏاڍو خوش پئي نظر آيو. هنجي پيشانيءَ تي رونق هئي ۽ اکين ۾ روشني. هن هنده کي ٻڌايو هو ته اڄ منهنجا بهادر ۽ جري سپاهي دشمن جو سر وڍي اچي منهنجن پيرن ۾ اڇلائيندا ۽ پوءِ فتح ۽ ڪامراني منهنجا قدم چمندي. پيءَ جي ان ڳالهه هنده جي مَن ۾ مونجهارو پيدا ڪري ڇڏيو. ڇا اهو منهنجو محبوب ته نه هوندو؟ هن دل ئي دل ۾ چيو. پر هوءَ ڇا ٿي ڪري سگهي! هفيد جو هڪ ساٿي غدار ۽ وطن فروش ثابت ٿيو. هن ابوالحسن کي انهن سمورن ماڳن جو ڏس ڏنو هو، جتي حريت جا پروانا آزاديءَ جي شمع تان قربان ٿيڻ لاءِ بيقرار هئا. ابوالحسن اهڙي موقعي تي هنده کي بحر عمان جي لڳ ان محل مان نڪري وڃڻ جو انتظام ڪيو. کيس خوف هو ته متان جنگ جو رخ ڦيرو کائي وڃي ۽ سندس سڪيلڌي ڌيءَ کي ڪا تڪليف پهچي. هنده کي ڏاڍي خاموشيءَ سان وفادر سپاهين جي نظرداريءَ ۾ هڪ ننڍڙي غوراب ۾ سوار ڪيو ويو. غوراب لنگر کنيو ۽ سمنڊ جي لهرين مان لڏندو لمندو ڪنهن اڻڄاڻ ٻيٽ ڏانهن روانو ٿي ويو. هوڏانهن ابوالحسن حملي جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ مصورف هو. هن جي تدبيرن مان خون خرابي جا آثار ظاهر هئا.

غمگين ۽ اداس هنده غوراب جي هڪ ڪنڊ ۾ چپ چاپ سواءِ ڪنهن خيال جي سمنڊ جي لهرن کي ڏسندي رهي ۽ ان اجنبيءَ جي باري ۾ سوچيندي رهي، جيڪو هن جون سموريون خوشيون پاڻ سان کڻي گم ٿي ويو هو.

اوچتو سمنڊ ۾ طوفان آيو. ڪيترائي غوراب ۽ ٻيڙا سمنڊ جي مٿاڇري تي پاڻيءَ ۾ ٽڪرائجي هڪ ٻئي جي مٿان ڪرڻ لڳا. طوفاني هوائن جي سَٽن سڙهن کي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو. هوائن جي شور ۽ موجن جي ڪڙڪن جي آواز ۾ جنگ جا نعر ابه بلند ٿيڻ لڳا. ترارن سان ترارون ٽڪرايون ۽ هر هنڌ رت ريلا ڏئي وهڻ لڳو. هنده ته ايترو هراسجي ويئي جو کيس ڪي به سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو. ڊپ ۽ خوف وچان هن جي اکين اڳيان اوندهه ۽ انڌوڪار اچي ويو هو. ايتري ۾ هن جي نازڪ ڪرائي ڪنهن سگهري ۽ مضبوط هٿ ۾ اچي ويئي ۽ هوءَ ڪنهن اڻڄاڻ هيبت کان چڪرائجي بيهوش ٿي ڪري پيئي. گهڻي گهڻي دير کان پوءِ جڏهن هوءَ هوش ۾ آئي ۽ هن اکيون کوليون تڏهن کيس پنهنجي چوڌاري سانت محسوس ٿي؛ ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو؛ نه طوفان آيو هو نه جنگ ٿي هئي. هن پاڻ کي هينئر هڪ ننڍي ٻيڙيءَ ۾ ڏٺو، جنهن سان سمنڊ جي ماٺيڻين موجن هوريان، هوريان پاڻ پئي ٽڪرايو. اها ٻيڙي تيزيءَ سان اڳتي وڌندي پئي ويئي، اهو سنديس پيءُ وارو غوراب ڪونه هو. نه ان ۾ مخملي شاميانو هو ۽ نه  وري اهي وفادار سپاهي هئا، البت ٻيڙيءَ جي ٻنهي ڇيڙن تي ڪي سپاهي ويٺا هئا، جن جي لباس ٻڌايو پئي ته اهي سڀئي ايراني نسل جا سپاهي هئا، هنده کي اهو ڏسي يقين ٿي ويو ته قدرت کيس هفيد ۽ هن جي ساٿين جي هٿن ۾ کڻي اڇلايو آهي. هوءَ ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڏڪڻ لڳي، هفيد کان ته کيس نفرت سيکاري ويئي هئي. هن جي نالي ٻڌڻ سان ئي پڻس ابوالحسن اُڀو ٿي ويندو هو؛ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ هن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون هيون، پر هنده جي دل ۾ هڪ اڻڄاتل اطمينان اڀري آيو ۽ اها اميد جي ڪرڻن سان روشن ٿيڻ لڳي. متان انهن ۾، هفيد جي ساٿين ۾ اهو اجنبي به هجي. ٿوريءَ دير لاءِ هن جي وساڻل اکين۾ روشني اچي ويئي. هاڻي ٻيڙي انهن خوفناڪ ۽ ڀوائتن پهاڙن ۽ جبلن جي لڪن مان اڳتي وڌندي رهي، جن ۾ هفيد ۽ سندس ساٿي لڪل هوندا هئا. ايتري ۾ ٻيڙي بيهي رهي. هڪ سپاهيءَ هنده جي اکين تي پٽي ڇڪي ٻڌي ۽ کيس ٻيڙيءَ مان لاهي پٿريلي رستي جي پيچرن تان ڪنهن پاسي وٺي  ويا. پهاڙن جي ماٺيڻي ماحول ۾ سپاهين جي قدمن جو پڙاڏو ٿيندو رهيو. جيڪو آخر هڪڙي هنڌ پهچي ختم ٿي يو. هنده جي دل زور زور سان ڏڪڻ لڳي ۽ سموروجسم ست ڇڏي ويس. اوچتو هڪڙي  آواز هن جي مئل جسم ۾ ساهه ڦوڪي ڇڏيو. اهو ان اجنبيءَ جو آواز هو، جنهن جي اوسيئڙي ۾ هن جون خوشيون ختم ٿي ويون هيون. ان آواز کي سڃاڻڻ ۾ هوءَ ڪڏهن به غلطي ڪين ڪري ٿي سگهي. دنيا جي سمورن آواز ۾ اهو ئي آواز هو، جنهن ۾ پيار جي  پالوٽ هئي. اهو آواز ڪيترو نه مِٺو ۽ ڪيترو نه پرڪشش هو! هنده جي اکين تان پٽي لاٿي وئئ. هن اکيون ڦاڙي چؤڌاري نهاريو. سندس سامهون زرهه  ۾ ويڙهيل اهو ئي اجنبي بيٺو هو اوچتو سڄو ماحول ”هفيد زنده باد“ جي نعرن سان گونجڻ لڳو ڇا اِهو ئي هفيد هو، جنهن جي قدمن ۾ هوءَ پنهنجي دل جي پونجي قربان ڪري چُڪي هئي؟ اهو اجنبي اڄ به اهڙيءَ طرح مُرڪي رهيو هو جيئن سندس مُرڪ جي ڪرڻن هن جي دل جي انڌاري ۾ روشني ڪري ڇڏي هئي. هنده جي نگاهن ۾ دهشت ۽ خوف جي بدران پيار جي پالوٽ ٿيڻ لڳي. هن هر خوف ۽ خطري کي وساري ڇڏيو ۽ هوءَ ڏاڍي بي نيازيءَ سان هفيد جي اونهين نگاهن ۾ نهاريندي رهي.

اوچتو گوڙ ۽ هل ٿيو. پهاڙن ۾ عرب سپاهين جي نعرن جا پڙاڏا وڌندا ويا. هفيد جي ساٿين جون کنوڻ جهڙيون چمڪدڙ ترارون مياڻن مان چمڪاٽ ڪنديون ٻاهر آيون ۽ اهي به نعرا هڻندا دشمن سپاهه سان مقابلي ڪرڻ لاءِ اُڏامندا ويا.  ”نه نه، ائين نه ٿيندو! هنده کان دانهن نڪري ويئي ۽ هن جي ڪنن ۾ ابوالحسن جي لفظن جو پڙاڏو ٿيڻ لڳو، ”منهنجا بهادر ساٿي منهنجي دشمن جو سر وڍي آڻي منهنجن قدمن ۾ اڇلائيندا، هنده هفيد جي پيرن ۾ ڪري پيئي، ”خدا جي واسطي هتان هليو وڃ. جيڪڏهن تو کي منهنجي محبت ۽ عزت جو لحاظ آهي ته ڪنهن پاسي نڪري وڃ. ٻڌ، اهي ئي خونخوار سپاهي آهن، جيڪي ويجهو پوندا پيا وڃن“.  اهو ٻڌي هفيد مرڪي ڏنو. ”آئون ته هن گوڙ گهمسان جو عادي آهيان. تون منهنجي ڳڻتي نه ڪر. ۽ تون به هت محفوظ آهين. سڀاڻي سج اڀرندي ئي تو کي تنهنجي پيءُ ڏانهن اماڻيو ويندو؟ ”نه، نه“ هنده دانهن ڪندي چيو، تو سان دغا ڪئي ويئي آهي، تنهنجي هڪ بي ايمان ۽ وطن ويڪو ساٿيءَ منهنجي پيءُ اڳيان تنهنجي وفاداري وڪڻي ڇڏي آهي. تون پاڻ تي رحم ڪر.“

اهو ٻڌي هفيد جو جسم ڪاوڙ وچان ڏڪڻ لڳو، هنده جي نظرن ۾ التجا ۽ آزي هئي، پر هفيد جو سر فخر وچان اوچو ٿي ويو. هن کي هڪ عجيب روحاني مسرت محسوس ٿيڻ لڳي. ”نه نه“. هفيد ٻئي پاسي منهن ڪندي چيو، ”هاڻي اهو وقت اچي پهتو آهي، جنهن جو اسان کي انتظار هو. هاڻي وطن جا شيدائي آزاديءَ جا متوالا ۽ همت ۽ مردانگيءَ جا پتلا دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪندا. اهو فيصلو اڻ ٽر آهي.“ اهو چئي هفيد هنده کي پنهنجن ٻن وفادر ساٿين جي حوالي ڪري، حڪم ڏنو ته هن کي حفاظت سان سنديس پيءُ تائين پهچايو وڃي. سپاهي هنده کي ساڻ ڪري هلڻ لڳا. ۽ هفيد تلوار ڦيرائيندو هڪ بکئي شينهن وانگر دشمن جي سپاهه ۾ ڪاهي پيو. هو جلد ئي هزارن وڄن ۾ وڪوڙجي ويو. هن جي جسم جو ذرو ذروضربجي پيو ۽ گهاوَن مان رت ريلا ڏيئي وهڻ لڳس. آزاديءَ جي شمع جي لاٽ آخري ڀيرو ڀڙڪو کائي ٻري ۽ پوءِ هميشه هميشه  لاءِ اجهامي ويئي. دشمن جي فوج فتح ۽ ڪامرانيءَ جا نعرا بلند ڪيا، جن جو پڙاڏو جابلو ماٿرين ۾ ٻُرڻ لڳو. اوچتو هنده پنهنجيءَ دل کي ٻڏندي محسوس ڪيو. هن بي اختيارهڪ دل ڏاريندڙ دانهن ڪئي. هيٺ پهاڙن جي دامن ۾ سمنڊ جون مست موجون ڪڙڪاٽ ڪنديون جبلن سان پئي ٽڪرايون. هنده سَٽ ڏئي سپاهين کان پاڻ ڇڏايو. اٿاهه ۽ اونهي سمنڊ جون مست موجون. کيس سڏينديون رهيون. هنده ذري به دير نه ڪئي ۽ پنهنجي سموري سگهه سان پهاڙ تان ڇال ڏئي هيٺ ڪري ۽ سمنڊ جي موجن ۾ گم ٿي ويئي.

اڄ محبت ۽ پيار جي پتلي هنده بحر عمان جي اونهائين ۾ ڪنهن صدف جو مڻيادار موتي ٿيو دنيا جي نظرن کان لڪي پئي آهي ۽ مٿي پهاڙ جي چوٽيءَ تي هفيد جي هڏن جي خاڪ هوا ۾ اُڏامي دنيا وارن کي حريت ۽ آزاديءَ جو ابدي پيغام پئي ڏئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com