سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1990ع

مضمون --

صفحو :6

هن ڏٺو، ساڳيو گهر هو، ڪا گهڻي تبديلي ڪانه آئي هئي، بس هڪ ٻي عورت، گهر ۾ موجود هئي. شايد هوءَ سدوريءَ جي ماٽيجي ماءُ هئي جيڪا پنهنجي ٺاهه ٺوهه ۾ مصروف هئي. سدوري بنا وڇاڻي جي  هڪ ڇنل کٽ تي پئي، روئي رهي هئي، سندس جسم کي کهري واڻ رهڙي وڌو هو شايد انهي تڪليف سبب يا بک لڳڻ سبب جي ڪري هو. امان...... امان ڪري روئي رهي هئي. منهن تي مکين جا ميڙ ۽ جان سڄي مٽيءَ سان لٿڙيل هئس. هن معصوم جي روئڻ تي توجه ڏيڻ بدران، سندس نئين ماءُ چپن ۾ ڀُڻڪي رهي هئي: ”رن، ڏائڻ مري به نٿي منهنجو ته آرام حرام ڪري ڇڏيو اٿس. ماڻس ڌوتي پاڻ ته مري ويئي پر هيءَ ڄورمنهنجي رت پيڻ ڪاڻ ڇڏي ويئي.“

روح وڌيڪ ٻڌي نه سگهيو ۽ ٻي دنيا ڏانهن هليو ويو، ٻيو ڀيرو روح وري آيو. هُن سدوريءَ کي ڳوليو، هو هينئر ڀڄڻ ڊڪڻ لڳي هئي ۽ گهٽيءَ ۾ ٻارن سان کيڏي رهي هئي. ڪنهن شرارتي ٻار، کيس ڌڪو ڏنو، هوءَ منهن ڀر ڪري پئي. سڄو منهن ڌڌڙ سان ڀرجي ويس. سندس نڪ ۽ چپن مان رت سمي نڪتو هوءَ رئندي گهر ڏانهن آئي جتي سندس پيءُ ۽ ماءُ هڪ کٽ تي ويٺا هئا، پڻس ماني کائي رهيو هو. هوءَ اوڏانهن وڌي. سندس ماءُ ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو؛ ڇوري! وري ڇا ٿيو!! ڪنهن سان وڙهي آئي آهين؟! ڪا گهڙي به رينگي کان ماٺ اٿئي! هوءَ ويچاري، دڙڪي کان هيسجي، اتي ئي بيهي، هوريان هوريان سڏڪا ڀرڻ لڳي. سندس پيءَ رحم ڀريل نظرن سان هن ڏانهن ڏٺو ۽ زال کي چيو، ڀلو ٿيئي، ڪڏهن ته هن جو منهن ڌئاري ڇڏ. لٽا نه ڏسينس، ڪيڏا نه ميرا ٿي ويا اٿس. ڪو ته خيال ڪندي ڪر، هي به ماڻهوءَ جو ٻار آهي! سندس زال ڀڙڪو کائي اُٿي ۽ ٻه چپاٽون ٻيون به وهائي ڪڍيائينس. ٻيا ڪم ئي ڪونهن، رڳو ويٺي هن شهزاديءَ کي ڌئاريان ۽ وهنجاريان.“ ڪاوڙ مان چوندي ٻئي ڪمري ڏانهن هلي ويئي. روح اهي ڌڪ پاڻ تي محسوس ڪندو واپس هليو ويو.

ٽيون ڀيرو روح هن دنيا ۾ آيو. سدوريءَ جي شادي ٿي چڪي هئي ۽ هڪ پٽ جي ماءُ ٿي ويئي هئي. سندس پٽ ڀرسان ويٺو هو  ۽ هوءَ ماني پچائي رهي هئي. ايتري ۾ گهر جو در کڙڪي سان کليو. ڪڙڪيدار آواز ۾ سندس مڙس گاريون ڏيندو اندر آيو. ”اڃا تائين ماني نه پڪي آهي؟! هينئر تائين، ڪهڙي ڌوڙ ويٺي پاتئي! هن ويچاريءَ جلدي جلدي ۾ ماني کڻي سندس مڙس جي اڳيان رکي. ڇن.... نن.... نن......... ن ٿالهيءَ جو آواز آيو جيڪا پٽ تي وڃي ڪري. ٻوڙ سڄي ڪمري ۾ کنڊڙي ويو. ”اڇو مٿو اچي ٿيو اٿئي. اڃان رڌي پڪي جي به خبر ڪانه ٿي پوئي. نه مرچ نه لوڻ، الائي ڇا رڌو اٿئي!“ هو ڪاوڙ مان الائي ڇا ڇا چوندو ٻاهر نڪري ويو. هن جي، دونهين سان ڳاڙهين اکين مان لڙڪ ٽمڻ لڳا ۽ ننڍڙي کي ڇاتيءَ سا لائي، سڏڪا ڀرڻ لڳي. روح اهو سڀ ڪجهه ڏسي نه سگهيو ۽ ڳوري من سان واپس ٻي دنيا ڏانهن هليو ويو.

چوٿون ڀيرو روح وري آيو. هن ڏٺو ته سدوريءَ جو مڙس گذاري ويو هو. سندس مٿي جا وار اڇا ٿي چڪا هئا. سندس پٽ جنهن کي هوءَ امداد جي نالي سان سڏي رهي هئي، گهر ۾ موجود هئو. سدوريءَ کيس نيرن ڪرائيندي چئي رهي هئي، ابا الله ڪري ستت پڙهي لکي وڏو ماڻهو ٿين ته اسان جا پورهيا ثاب پون. پنهنجي پيرن سيرين ٿئين ته توکي لال ڪنوار پرڻايان. رب ڪري، مان اِها مراد اکين سان ڏسان!“ نه امان نه ائين ڪونه ٿيندو جيئن تون پئي سوچين.“ امداد نيرن ختم ڪندي چيو، مان هن ڳوٺاڻي ڇوڪري مارئيءَ سان ڪڏهن به شادي نه ڪندس. منهنجي هم ڪلاس آهي نجمه، اسان ٻئي هڪ ٻئي کي پسند ڪندا آهيون ۽ مون ان سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي! ائين چوندي امداد ڪاليج لاءِ  هليو  وڃي ٿو. هوءَ ڇلڪندڙ  اکين سان کيس ويندو ڏسندي رهي ٿي. روح واپس هليو وڃي ٿو.

پنجون ڀيرو روح هن دنيا ۾ وري آيو، سدوريءَ جُهور پوڙهي ٿي چڪي هئي. امداد ۽ نجمه جي تازي شادي ٿي چڪي هئي. هو ٻئي ڪيڏانهن سفر لاءِ تيار هئا. امداد ماءُ کي چئي رهيو هو، امان! جتي مون کي نوڪري ملي آهي اتي مون هڪ بنگلو ڪرائي تي ورتو آهي. مان ۽ نجمه اتي رهنداسين. نجمه کي هتان جو ماحول نٿو وڻي تنهن ڪري اوڏانهن وڃڻ ضروري آهي.

ابا اُتي اوهان کي گهر جي صفائي يا ڪم  ڪار لاءِ ماڻهوءَ جي ضرورت پوندي. مون کي به ساڻ وٺي هلو.“ امداد سندس فقرو اڌ ۾ ڪٽيندي چيو: ”نه امان، نجمه اڪيلي رهڻ چاهي ٿي، ٻيو وري اتي منهنجا دوست ۽ نجمه جون ساهيڙيون به اڪثر اينديون رهنديون. اُهي توکي پسند نه ڪنديون. اسان وٽ ڪم ڪار لاءِ اتي نوڪر هوندا. تون آرام ڪر. امان تون ڳڻتي نه ڪجانءِ مون کي وقت مليو ته تنهنجي خير خبر رکندو رهندس.“ ايترو چئي نجمه ۽ امداد پنهنجو سامان کڻي ٻاهر نڪري وڃن ٿا. هن کي چڪر اچي وڃي ٿو ۽ مٿي کي هٿ ڏيئي ويهي رهي ٿي. اهو منظر روح جي برداشت کان ڏاڍو ٿي وڃي ٿو ۽ هو هليو وڃي ٿو.

ڇهون ڀيرو روح زمين تي اچي ٿو. سدوري، هلڻ چلڻ کان مجبور ۽ اکين کان معذور ٿي هڪ جهوليءَ کٽ تي پيئي آهي. بيماري کيس بي حال ڪري ڇڏيوآهي. هوءَ کنگهڻ چاهي ٿي ته ڪمزوريءَ سبب ٻُٽجي وڃي ٿي. سندس ڪمزور آواز ۾ ڀڻڪو ٻڌجي ٿو. ”ابا.... هڪ .... دفعو.... اچين.... ها.... ته..... سڪ.... لاهيان.... ها... پر تنهنجي.... مرضي ... جتي.... هجين.... خوش.... هجين! ”سندس ڪنڌ هڪ پاسي لڙي وڃي ٿو. روح جو هڪ سڏڪو هوا ۾ پکڙجي وڃي ٿو ۽ هوُ، هميشھ جي لاءِ ٻي دنيا ۾، واپس هليو وڃي ٿو.

* مضمون                              بشير احمد شاد

حضرت سچل سرمست رحه جي

(سر سارنگ ۾ فطرت نگاري ۽ منظر ڪشي)

سچل سائينءَ جي شخصيت جا گونا گون پهلو آهن. هڪ طرف جتي هن پنهنجي ڪلام ۾ علم و عرفان جا واهڙ وهايا آهن. حق شناسي ۽ حق گوئي جو سبق ڏنو آهي. اتي سندس ڪلام فني بلندين کي ڇُهي رهيوآهي، فصاحت، بلاغت، نزاڪت ۽ ندرت، سلاست ۽ سادگي کان علاوه فطرت نگاري، جذبات نگاري ۽ منظرڪشيءَ جي خوبين سان سندس سڄي شاعري سينگاريل نظر اچي ٿي.

سچل سائين جڏهن سنڌ جي سانگيئڙن ۽ مٺڙن ماروئڙن جي اندر جي اڌمن جو اظهار ڪري ٿو ته ائين ٿو محسوس ٿئي جيئن هو انهن جي جذبن ۾ جائگير هجي. ان وقت هو انهن انسانن جي ٽهڪن توڙي سڏڪن ۾ برابر جو ڀاڱي ڀائيوار نظر اچي ٿو. مٺ مان خرار پرکڻ جي مصداق هتي سچل سائين جي فقط هڪ سُر سارنگ مان فطرت نگاري ۽ منظر ڪشيءَ جا چند مثال پيش ڪجن ٿا.

سُر سارنگ جي هيٺئين بيت ۾ شاعر هفت زبان پاڪيزه محبت جي پيڪر انهيءَ ونيءَ جي ويراڳ ۽ وڇوڙي وارن جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو. جيڪا پنهنجي ور لاءِ واجهائي رهي آهي، جيڪو ساڻس اُٺي تي اچڻ جو واعدو ڪري پرديس ويل آهي، سِڪ جي ستايل سورميءَ جي دل بيقرار ٿي پئي آهي ۽ اڄ آخر سندس دل جي ڳالهه زبان تي اچي ويئي آهي. هوءَ ٻاجهاري کي ٻاڏائيندي التجا ٿي ڪري ته اي والي واحد! هن دردمنديءَ جي ديس تي ڪي مهر ڀريا مينهن وساءِ ته جيئن منهنجو پرڏيهي پرين مون کي اچي اوڏڙو ٿئي ۽ منهنجا دک درد دفع ٿي وڃن.

والي وسائيج درد منديءَ جو ديس

پرين مون پرديس اٺي ايندم اوڏڙا

سچي سڪ وارن جون دانهون ۽ آهون عرشين رسنديون آهن. سو هن درد ونديءَءَ جي دانهن به هڻي هنڌ ڪيو. مالڪ مٿس مهربان ٿيو ۽ اتر پاسي کنوڻ جا چمڪاٽ ٿيڻ لڳا. ڪارونڀار ڪڪرن ۾ کنوڻ سان گڏ گاج جا گڙگاٽ به آهن ۽ آخر اهي ڪارونڀار ڪڪر لس ٻيلي ۽ ڪيچ مڪران تي وڏا وسڪارا ڪندا سونهاريءَ سنڌ جي مٿان اچي بيٺا. گويا وني جي مراد پُڄڻ جا ڏينهن اچي ويا هئا، سچل سائين انهي منظر کي پنهنجي تخيل جي ڪينواس تي هن ريت چٽيو آهي.

اتران اوري ڪئي چمڪڻي چمڪاٽ
اتان ڪيائين اوچتي لس ٻيلي تي لاٽ
منڊل ٿيا مڪران تي، گوڙن جا گڙگاٽ
ڪڪرن منجهان ڪيچ جي ڦڙڪي کاڌا ڦاٽ
وري ورتئون واٽ ”سچل“ سائي سنڌ جي.
 

هاڻي جڏهن سارنگ وسڻ جا ويس ڪيا آهن ۽ ڪڪرن مان کنوڻ جهاتيون پائي رحمت ڀري مينهن جو پيغام پهچائي رهي آهي ته جيڏيون سرتيون نهايت پيار ۽ پاٻوهه مان سارنگ جا ساٺ ساٺڻ لاءِ اچي گڏ ٿيون آهن ۽ انهن پنهنجي راڳن جا سرهائيءَ وارا سُر ڳائڻ شروع ڪيا آهن. سچل سرمست انهيءَ انساني فطري عمل جي عڪاسي هيئن ٿو ڪري.

سارنگ سنڌا ساٺ، سرتيون ساٺڻ آيون،

ڦيريو راڳن ٺاٺ، وڄن ويس وس ڪيا.

۽ پوءِ سارنگ ساري رات اڃايل ۽ اساٽيل ڌرتيءَ کي ريجيندو رهيو ۽ پرڀات ويل پکين پنهنجن پسيل پرڙن کي ڇنڊڪار ڏيئي رزق جي تلاش ۾ اڏڻ جا سانباها ڪيا، رحمت ڀري برسات سبب پٽن تي ڀانت ڀانت جا گل ٽڙي پيا ۽ هر طرف سڳنڌ ۽ سرهاڻ ڦهلجي ويئي اهڙي دلفريب ماحول ۾ هر ڪنهن جي وات اهائي وائي آهي ته مولا پنهنجي مهر سان اسان عيبدارن کي اڏي ڇڏيوآهي. خوشحاليءَ جا ڏينهن اچي ويا آهن. سچل سائين انهيء تخيل کي لفظن جو روپ ڏيندي رقم طراز آهي.

سارنگ ساري رات رڻن مٿي ريج ڪيا،
پکن پرڙا سوئيا پرهه ڦٽي پرڀات،
پٽن تي پڌرا ٿيا گل ڦل ڀاتون ڀات،
وائي سڀ ڪنهن وات، سچل سارنگ ساٺ جي.
 

مهر ڀري مينهن وسڻ تي نه فقط ماڻهو ۽ پکي پکڻ خوش آهن. بلڪه جانور به بيحد خوش آهن. جڏهن وڏ ڦڙو وسي پيو ۽ تل ترايون ڀرجي ويا. مينهون ڀٽاريون ڀٽن تان ساوا گاهه چري خوب شڪم سير ٿي پنهنجن وٿاڻن ڏي واپس وريون ته انهن وڏي چاهه مان کيرن جون کريون ڏهايون. اهڙي فطري عمل ۽ نتيجي کي سچل سائين لفظن جي مالها ۾ هن ريت پوئي ٿو.

وسي پيو وڏ ڦڙو ڀنيون ڀٽ ڀريون،
ڀٽاريون ڀٽن تان، وٿاڻين وريون،
کيرن جون کريون، چاڏين ڏنئون چاهه مان.
 

وڏ ڦڙو وسائيندي جڏهن مال پنهنجن وٿاڻن ڏي وريو ٿي، ته ان وقت انهن ڀٽارين جي ڍوَجي اها حالت هئي جو سندن اوه ٿي ڦاٽا ۽ دڳ تي ٿڻن مان گهاٽو ٿَر ُ وارو کير وهائينديون ٿي آيون. ان مان سانگين سنگهارن جي معاشي خوشحاليءَ جو به پتو پوي ٿو. کير جام ٿيندا ته ان مان مکڻ به جهجها نڪرندا. انهيءَ منظر جي عڪاسي اجهو هيئن ڪئي اٿس.

چاڏين ڏنئون چاهه مان کيرن جون کريون،
وهائينديون سي آئيون ٿڻن مان ٿريون،
ڀٽاريون ڀريون، آيون وسائي وڏ ڦڙا.
 

مٿين بيت ۾ ٿڻن مان ٿريون وهائڻ واري تخيل ۾ ڪيڏي نه ندرت ۽ نواڻ نظر اچي ٿي. جڏهن پٽن تي وسڪارا ٿيا ۽ ڀٽ ڀريون ڀرجي ويون، هر طرف ساوا گاهه اڀري پيا ته ٻاڪري مال به چري پي رڄ ڪيا. هاڻي مولا جي مهر سان ڏوٿين جي ڏيهه ۾ سڪار سڻائي ٿي ويو. هر ڪو مالوندو پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي لائق ٿيو ۽ سکيو ستابو ٿي پيو. سچل سائين رقمطراز آهي.

سارنگ رنگ ڪيا پوياڙيءَ پٽن تي،
ٻڪر ٻاٻائڻ جا پلر پي ڍيا،
ڏيهان ڏرت ويا، موليٰ سندس مهر سان.
 

مينهن جا به مختلف روپ آهن، ماٺو مينهن، گونگو مينهن، ڇوهو مينهن، وڏ ڦڙو، طوفاني برسات ۽ ڳڙو وغيره وغيره. سچل سائينءَ سُر سارنگ ۾ مينهن جي مختلف قسمن جي اپٽار ڪئي آهي. هيٺ جنهن مينهن جو ذڪر ڪجي ٿو، اهو گرڙ پکيءَ وانگر گوڙ ڪندو گجندو عالم کي پنهنجي آمد کان آگاهه ڪندو تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌندو ٿو اچي. هوا به ان سان ٻٽُ آهي ۽ آخر وڏ ڦڙو وسي پيو ۽ هر طرف واه واه ٿي ويئي چوطرف پٽن تي گاهه پڌرا ٿي پيا ۽ گل و گلزار لڳي ويا. انهيءَ منظر کي هن شاعر فِطرت هن ريت لفظن جو روپ ڏنو آهي:

عالم کي آگاهه سارنگ ڪندو آئيو،
گرڙ جئن گوڙيون ڪري ڪاهيون اچي ڪاه،
وايوءَ سان وارا ڪري ٺاهيو اچي ٺاهه،
وسايائين وڏ ڦڙو واٽن تي واه واه،
گلزاريون ۽ گاه پٽن تي پڌرا ٿيا.
 

هر شيءَ اعتدال ۾ چڱي لڳندي آهي، ٻي صورت ۾ جڏهن اها انتها کي رسندي آهي ته وڏي نقصان جو باعث بڻبي آهي. شال مينهن به مهر ڀريا وسن. جيڪي ملڪ ۾ خوشحالي آڻين. سانگيئڙا سکيا ستابا ٿي پون. اَنَ پاڻي جام ٿين. ڪالهه تائين جن ماروئڙن مينهن لاءِ دعائون ٿي گهريون. اڄ اهي مولا کان معافي گهري رهيا آهن. ڇو ته هاڻي مينهن سندن لاءِ رحمت بجاءِ زحمت بڻجي آيو هو. اتر اوڀر جي ڪنڊ کان ڪڪر ڪارونڀار تيز مينهن ۽ گجگوڙ سان ٻڪر وال جي روپ ۾ نڪري نروار ٿيا آهن. انهن ڪڪرن جي ڪڙڪاٽ کان مال ٽهي رهيا آهن. ڊپ وچان غزال چنگ ڏيڻ لڳا آهن. آخر مينهن وسڻ شروع ڪيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏيو، جهرجهنگ جي جهانگيئڙن جا پلال پسي پيا آهن ۽ مسڪينن جون جهوپڙيون جهري پيون آهن. اهي نماڻا ڌڻيءَ در دعائون گهري رهيا آهن ته اي نماڻن ننگپال! اسان اٻوجهن جي عيبن کي نه اگهاڙ، اسان جي هيڻي حال تي پنهنجي ڪرم نوازي ڪر. مٿين جذبن جي ترجمانيءَ ۾ سچل سائينءَ جو هيٺيون بيت فطرت نگاري ۽ منظر ڪشيءَ جو عمدو مثال آهي.

ٻهه ٻهه ڪندا آئيا ٻيهر ٻڪروال،
ڪڪرن جي ڪڙڪاٽ کان، ويا ٽهي مال،
آهن ۾ اچي پئي چونگن سندي چال،
مندائتي منڊل ڪيا جَرَ اُٺا جال،
پلر سان پسي پيا پهنوارن پلال،
جهري پيون جهوپڙيون جهانگيئڙن اجهال،
 ننگو ڪج نه نڌر کي، نماڻن ننگ پال،
جن جا ههڙا حال، تن پرور پت رکيج تون.
 

۽ آخر ربّ رحيم کي پنهنجن عيبدار بندن تي رحم اچي ويو ۽ بوندون بس ٿيون، سارنگ صبر ۾ آيو. نيلگون آسمان تي ست رنگي انڊلٺ ظاهر ٿي. جيڪا انهيءَ ڳالهه جو اهڃاڻ هئي ته هاڻي وسڪارا وسي دنگ ٿيا ۽ مسڪين ماروئڙن جي من جي مراد پني. سچل سائين انهيءَ منظر کي لفظن جي مالها ۾ هن ريت پوئي ٿو.

سارنگ آيو صبر ۾ بوندن ڪئي بس،

رنگا رنگي رس، قزح ڪڍي نيل تي.

سلميٰ پنهور

اگهي ڳوڙها سمهي پئجان

اڪيلي رات ڪاريءَ ۾

ڪڏهن موسم پياريءَ ۾

ڪو خوشبوءَ جو اچئي جهوٽو

يا ڪو ٽمڪي پوي تارو

ڪڏهن ئي اوچتو ويٺي

پوئي جي ياد ڪو پيارو

نه چاهيندي به ڳوڙها

اک جا سارا بند ٽوڙين ته

ڏئي ڪو ذهن کي جهٽڪو

وسارڻ جي ڪري ڪوشش

اگهي ڳوڙها سمهي پئجان

ياسين گوپانگ

غزل

ڳڻن سنديون ڪي ڳالهيون تنهنجون،
ياد اچن ٿيون مرڪون تنهنجون.
 

رت بسنتي جي آئي آهي،
ويٺو نهاريان واٽون تنهنجون.
 

منهنجو جيون جاڙ الاڙي،
هرپل آهن عيدون تنهنجون.
 

هر ڪا ڳالهه وکري ويئي آ،
وکري ويون هن سوچون تنهنجون.
 

منهنجو سڀ ڪجهه تنهنجو آهي،
ڳوڙها تنهنجا اکيون تنهنجون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com