سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1990ع

مضمون --

صفحو :17

ڀٽ ڌڻي پنهنجي رسالي ۾ پنجاب جي روايت کان هٽي سنڌ جي روايت مطابق سهڻيءَ کي ڏم جي زال ٻڌايو آهي، جيڪو نج سنڌي نالو آهي. جيئن ته عام طرح سنڌ ۾ گاهن، ٻوٽن يا ميون جا نالا ماڻهن تي رکيا ويندا آهن. اهڙي طرح ڏم جيڪو گاهه جو هڪ قسم آهي، ان جو نالو به سنڌي نالو ٿي سگهي ٿو.  لطيف سائين سهڻيءَ جي ساهڙ سان سڪ بيان ڪندي فرمائي ٿو.

جئان گهڙي تئان گهيڙُ، ڪپرو پڇن ڪوڙيون،
ڏم سين، جسو ظاهرا، من ميهار سين ميڙ،
ساندي ڀائني نيڙ، جنهن کي سڪ ساهڙ جي
 

ٻئي هنڌ پاڻ سهڻيءَ جي خواهش کي هي لفظ ڏنا اٿن،

ساهڙ ڌاران سهڻي، آهي ۾ آزار،
ڏم پاسي ۾ ڏکندو، صحت وٽ سنگهار،
جي پسي منهن ميهار ته سگهيائي سگهي ٿئي.
 

شاهه سائين ساڳئي سر ۾ چوڙن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سنڌي عورتون عام طرح استعمال ڪنديون آهن. موهن جي دڙي جي تهذيب کان وٺي سنڌ ۾ چوڙين پائڻ جو رواج رهيو آهي، پاڻ فرمائين ٿا.

گهڙو ڀڳو ته گهوريو، مر چور ٿئي چوڙو،

طالب الموليٰ مذڪر، ايءُ ٻڏندن ٻوڙو،

ڪوڙهيو ڏم ڪوڙو، مون ميهار من ۾

شاهه صاحب جي رسالي ۾ سنڌودرياهه جو ذڪر، لوهاڻي ۽ مهراڻ جي نالن سان ڪيو ويو آهي. جيڪي ان وقت انهن وهڪرن جا نالا هئا. اڄ به سرزمين ۾ سنڌوءَ جي پيل ان پيٽ کي ”لوهاڻو ڍورو“ سڏيو وڃي ٿو. جيڪڏهن داستان جو تعلق پنجاب سان هجي ها ته لطيف سائين لوهاڻي ۽ مهراڻ بدران راوي ۽ چناب جو ذڪر ڪري ها.

لوهاڻي جو ذڪر ڪندي لطيف سائين فرمائي ٿو ته:

 

محبتي ميهار جون، دل اندر دونهيون،
آڻيو وجهي آر ۾، لوهاڻو لوهيون،
جي ساهڙ جون سونهيون، سير سراڙو تن کي
.
 

مهراڻ بابت لطيف سائين واضح نموني فرمائي ٿو:

سوسُڻ هنئين سين سهڻي، جيڪي فائق فرمائي،

موجون منجهائي، مارينئي مهراڻ جون.

ٻئي هنڌ مهراڻ درياهه بابت هينئين ٿا فرمائين:

گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي،
مئي متي مهراڻ ۾ پئو ٽپو ڏئي،
ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاههِ سين
 

شاهه سائين جي رسالي جي هن بيت ۾ صاف طرح معلوم ٿئي ٿو ته سهڻيءَکي مهراڻ ٻوڙيو آهي.

سهسين سائر ٻوڙيون،  منڌ ٻوڙئو مهراڻ

وه وڃائيو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين.

مٿين سڀني مثالن ۽ ثبوتن کانسواءِ شاهه جي بيتن ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ قصي جي روايتن کي مڃڻ به هڪ اهم ثبوت آهي، جڏهن ته انهن مان ڪابه هڪ روايت پنجاب جي روايت سان ٺهي نٿي اچي.  ميهار جي وٿاڻ جو چڪو پي چري ٿيڻ بابت شاهه سائين فرمائي ٿو:

چڪي تنهن چري ڪئي، جو ڏنس ان ڏهي،
سهڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب  ڪهي،
هنئن هوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
 

شاهه سائين جي رسالي ۾ ڇپيل سر سرسهڻي جي مطالعي مان واضح نموني معلوم ٿئي ٿو، پاڻ جنهن سهڻيءَ کي مثالي بنائي پنهنجي مقصد کي عام ماڻهن جي دلين ۾ ويهارڻ ۽ عشق حقيقي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن، ان سهڻيءَ جو سنڌ سان ازلي ناتو آهي. اڳتي هلي اهوئي لهاڻو وهڪرو ۽ مهراڻ، جن جي ڇولين، ڇوهه ۽ دهشت جو ذڪر ڪري لطيف سائين سهڻيءَ جي سڪ ۽ سچائي کي ساراهيو آهي. سندن ئي پاراتي سان سُڪي ٻيلاٽيون ٿيو ۽ اڄ به ان جي پيٽ ۾ لاڻا، لوت ليار پسجن ٿا.

شاهه سائين فرمائي ٿو:

واهڙ وهين مَ شال، سڪي ٻيلاٽيون  ٿئين،
پسان تنهنجي پيت ۾ لاڻا، لوت، ليار،
جھ تو سڀ ڄمار، آسائتيون ٻوڙيون.
 

ممڪن آهي ته پنجاب ۾ مشهور سهڻي ۽ ميهار جو قصو جڙتو هجي يا اهو به ٿي سگهي ٿو ته ان سرزمين تي ڪو ٻيو ميهار ۽ سهڻي ساماڻا هجن، ڇاڪاڻ ته ساڳئي قسم جو هڪ ٽيون قصو يوناني ڏند  ڪٿائن ۾ پڻ ملي  ٿو.  جنهن موجب سيٽاس شهر ۾ ”هيرو“ نالي هڪ حسين ٻانهي، وينس ديويءَ جي مندر ۾ داسي هئي، جنهن جي سڄي عمر ان مندر لاءِ وقف ڪيل هئي. مندر تي سالياني ميلي جي موقعي تي سندس هڪ ٻئي شهر آبيداس مان آيل هڪ حسين نوجوان ”ليئانڊر“ سان پيچ پئجي ويو. مذهبي طرح اهو هڪ وڏو ڏوهه هو، جنهن ڪري ليئانڊر رات لڪ ۾ درياهه ٽپي اچي ساڻس قرب ونڊيندو هو، اهڙيءَ طرح سندن پيچ پختا ٿي ويا، پر وينس ۽ ٻيا ديوتا مٿن ناراض ٿيا ۽ پاڻيءَ جي ديوتا نيپچون، ليئانڊر کي  پنهنجي پياري هيرو ڏانهن ويندي، طوفان جي صورت ۾ اچي ٻوڙي ڇڏيو. هيرو کي جڏهن اها خبر پئي ته ان به پاڻ کي پاڻيءَ حوالي ڪيو جتي ٻنهي جا روح ملي هڪ ٿي ويا.

جيڪر تحقيق ڪبي ته اهڙا انيڪ واقعا ملندا جيڪي هڪ ٻئي سان ملندڙ آهن. تنهنڪري سنڌ ۾ مشهور ”سهڻي ۽ ميهار ‎“ جي لوڪ داستان کي شاهه سائينءَ جي نظر ۾ پرکيندي هن سرزمين جو هڪ حصو سمجهڻ گهرجي.

ثمينه ميمڻ

آزاد نظم

چانڊوڪي رات ۽ اولڙو

ٻه دليون ريتن ۽ رسمن

نفرتن ۽ قدورتن کان بي نياز

پنهنجي پريم ڪهاڻيءَ کي

ابتدا کان انتها تائين

پهچائڻ جا وچن پيون ڪن

پر افسوس.... صد افسوس

جو کين اها سڌ ئي ڪانهي

ته ڪي اهي وچن ۽ وعدا

سندن ئي راهه ۾

ايندڙ رڪاوٽن جي هڪ ڪڙي آهن .

عطيه سيال

آزاد نظم

هوءَ صدين کان خاموش رهندي آئي

سندس خشڪ چپ

ڪڏهن به نه چُريا

پر جڏهن

اڄ

هُن ڳالهايو

ته

حويليءَ جون ديوارون

وڏيون وڏيون ديوارون

پٽ پئجي ويون.

* ڪهاڻي                              ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

لڙڪن

(واريون اکيون ۽ مرڪڻ وارا چپ)

اسان جي شاديءَ کي ڀريا ٻه سال گذري چڪا آهن. ايتري عرصي ۾ مندون ته ڇا، پر ماڻهو به مٽجي ويندا آهن. ليڪن هن ۾ ڪائي تبديلي ڪانه آئي. ويتر وقت گذرڻ سان گڏ هو ڄڻ دل لاهيندو رهيو آهي. هن شاديءَ کان اڳ مون ۾ ايتري دلچسپي نه ورتي هئي، جيترو سندس هينئر حال آهي. گهر ۾ پير پائيندو. ته ائين اچي گهوريندو ڄڻ آئون ڪا وڃائجي وئي هيس ۽ هن وڏيءَ جاکوڙ کانپوءِ مون کي ڳولهي لڌو هجي. صبح جو ناشتو ڪري، اٽيچي کڻي اچي منهنجي اڳيان بيهندو. ڄڻ آئون ڪا سينٽ آهيان جنهن کي پنهنجي جسم سان لائي پوءِ چائنٺ ڇڏيندو. ان وقت هن جو روپ ڏسڻ وٽان بڻجي پوندو آهي. مان هن جي اندر جو انسان ڏسي وٺندي آهيان. اهو انسان جيڪو شاديءَ کان اڳ به سندس نيڻن ۾ نظر ايندو هو، معصوم، پياسو ۽ شڪر گذارا!

اڄ هو جيئن ٺهي سنڀري اچي منهنجي اڳيان موڪلائڻ لاءِ بيٺو ته، آئون هن سان چڙي پيس. ڀلا چڙان به ڇو نه؟ هن طرف گهڙيال جي گهنٽي پئي مٿو کائي ته اجها ٿي مون کي به گاڏي کڻڻ لاءِ اچي. آئون به هن وانگر گهر کي جنت بنائڻ لاءِ ملازمت جي دوزخ کي منهن ڏيندي آهيان. مون کي به پنهنجي دفتر ۾ وقت تي پهچڻو پوندو آهي. اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي جو دير سان پهچڻ تي ٻه ٺپيون ٻڌڻيون پيون ۽ ڏينهن جو آغاز ئي موڊ آف سان ٿيو.

ان ڪري اڄ جڏهن هو اٽيچي کڻي اچي اڳيان بيٺو ته پنهنجي ڪاوڙ روڪي نه سگهيس ۽ کيس چئي ويٺس ته: ”تو ته ٻارن کان به لنگهائي کنئي آهي. مريو ڪانه ٿي وڃان جو سڪ ۾ هنيانءُ ٿو ڦاٽئي. ڏند ڪڍي تو کي الله واهي نه چيم، تنهنجي ٽاءِ نه ٺاهيم ۽ وارن ۾ آڱريون نه ڦيرايم ته ڪهڙو آسمان ڪرندو. ڇڏ پچر ته مان پنهنجي به تياري ڪريان.“

هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. هو صوفا سيٽ تي ڊهي پيو، روئڻ لاءِ، سڏڪا ڀرڻ لاءِ! ڄڻ هن کان ڪنهن سڀ ڪجهه کسي ورتو هجي!! مون جيستائين پنهنجي تياري نه ڪئي. هو اتي ئي ويٺو رهيو، بنهه پٿر جي مورتي بڻيو، مون گهڙيءَ ڏانهن ڏٺو اڃا ويهارو کن منٽ باقي هئا. انهن ويهن منٽن ۾ هن رٺل انسان جي ويهن صدين جا غم لهي پئي سگهيا. ان ڪري اچي  سندس ڀر ورتم. هن جي ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ هن کي مڃائڻ پرچائڻ ۽ پنهنجي شڪست مڃڻ لاءِ.

هن اٻاڻڪيون اکيون کڻي مون ڏانهن ڏٺو. منهنجي لونءَ لونءَ هن جي سڪ ۽ سچائي جي ساک ڏيڻ لڳي. مون پنهنجو رومال ڪڍي هن جا گرم گرم لڙڪ اگهڻ شروع ڪيا ۽ آهستي آهستي هن پٿر جي مورتيءَ ۾ جان پوڻ لڳي. هو ڳالهائڻ لڳو: ”تون ئي ته مون لاءِ سڀ ڪجهه آهين. تون ئي ته منهنجي پناهه گاهه آهين. گهرجي چائنٺ ڇڏڻ کان اڳ چاهيندو آهيان ته تنهنجي اکين جي طلسمي تالاب مان پنهنجي وجود کي وهنجاريون وڃان جيئن ڪنهن جو به جادو اثر نه ڪري سگهي. مان پنهنجي اکين ۾ تنهنجي وجود کي اتارڻ چاهيندو آهيان، جيئن  دنيا ۾ توکان سواءِ ڪنهن ٻئي کي ڏسي نه سگهان.......“ هن جي اکين ۾ وري گرم گرم لڙڪ تري آيا.

مون هن جي ڪنڌ کي پنهنجي ٻانهن جو سهارو ڏيندي کيس دلداري ڏني: ”لڙڪن وارين اکين سان هر شيءِ ڌنڌلي نظر ايندي آهي. اگهي ڇڏ انهن لڙڪن کي. پسڻ جي ڪوشش ڪر مون کي منهنجي اصلي روپ ۾ تنهنجي لڙڪن کي ته مون انهيءَ ڏينهن مرڪن ۾ بدلايو هو، جڏهن تو منهنجي لڙڪن مان پنهنجي ڀريل وجود جي مٽي ڳوهي هئي ۽ منهنجي حوالي ڪيو هئي پاڻ ته جيئن آئون ان مان هڪ مڪمل مورتي جوڙي سگهان.......“ ۽ پوءِ مرجهايل مکڙي گل جيان ٻهڪي پئي. سندس وجود جي خوشبوءَ سان هر شيءِ مهڪي پئي. اهو ائين خوش نظر اچڻ لڳو، ڄڻ صدين جي تلاش کانپوءِ کيس خزانو هٿ آيو هجي. هن پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل گهڙيءَ ڏانهن ڏٺو: ”او! اٺ منٽ دير ٿي وئي“ پوءِ تڪڙو تڪڙو گهر کان ٻاهر نڪري ويو. هن کي ويندو ڏسي مون کي ائين لڳو ڄڻ هن جي لونءَ لونءَ ٺري پئي هجي ۽ پاڻ ٽڙي پيو هجي. هن کي جيوت جا سچا رنگ ملي چڪا هجن.

ساجن جي ههڙي هلت ڏسي ڪڏهن ڪڏهن دنيا جي سمورن مردن لاءِ دل ۾ عزت ۽ احترام جا جذبا جاڳي پوندا آهن. ڌاڙيل، لٽيرا، ٺڳ، بي ايمان ۽ دغاباز مردن جا سمورا گناهه ساجن جي ههڙي هلت صدقي ڌوپي ويندا آهن. جيتوڻيڪ يقين ايندو اٿم ته دنيا جا سڀ مرد ساجن جهڙا نه ٿيندا آهن پر ان ڳالهه جي به ترديدنه ٿي سگهندي آهي ته ساجن دنيا جي مردن جهڙو نه آهي. هي بنهه نرالو آهي. ماڻهن ۾ موتيءَ داڻو.

ساجن کي آئون ٽن سالن کان سڃاڻان. يعني شاديءَ کان به هڪ سال اڳ. مون کي اهو ڏينهن چڱيءَ طرح ياد ٿو اچي، جڏهن هڪ مهيني جي موڪل کائڻ کان پوءِ آئون پنهنجي اسڪول ڏانهن وري هيس. منهنجي سهيلين ٻڌايو هو ته اسان جي اسڪول ۾ ساجن نالي هڪ نئون استاد آيو آهي. بنهه ڄاڻ جي کاڻ، اخلاق جو مجسمو ۽ ذهانت جو ڀنڊار آئون جڏهن اسڪول پهتس ته هو ٽن ڏينهن جي موڪل تي ويل هيو. اهي ٽئي ڏينهن مون پنهنجي سهيليءَ کي پنهنجو مٿو کائيندي محسوس ڪيو. هوءَ ساجن جي واکاڻ مان ئي نه ڍاپندي هئي. ليڪن مون ساڻس ڪڏهن به اتفاق نه ڪيو. مون کي محسوس ٿيندو هو ته منهنجي سهيلي پاڻ ڄاتو پنهنجي خيالن جي پنجوڙ ۾ ڦاسندي پئي وڃي. هوءِ يڪ طرفو ساجن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي، مون کي هن  جي حال کي ڏسي رحم ايندو هو. خواهش ٿيندي هيم ته پنهنجي سهيليءَ کي ڪنهن کڏ ۾ ڪرڻ کان بچايان. هڪ ڏينهن ته کيس کهرو ٿيندي چئي ڏنو هيم ته: “مرد بيدرد ٿيندا آهن. هنن کان متاثر ٿيڻ معنيٰ آهي پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻڻ.“ ليڪن منهنجي سهيلي ته پنهنجي سسيءَ تي به ڪهاڙا وهائڻ لاءِ تيار ٿي نظر آئي.

نيٺ خير جا ٽي ڏينهن به گذريا.  ساجن به آيو. اسٽاف روم کان وٺي ڪلاس روم تائين، سندس شخصيت کان وٺي ڪردار تائين، هن جي قول کان وٺي فعل تائين. مون سندس غور  ۽ فڪر سان مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو. هٿراڌو پنهنجائپ جي ڄار ۾ هو روز بروز پاڻ وڪوڙائيندو ويو. هن پنهنجي وجود جي ڪتاب کي اسان اڳيان کولڻ شروع ڪيو. هن جي زندگيءَ جو هرهڪ باب عظمتن، نيڪ نامين ۽ چڱاين سان ڀريل نظر آيو سواءِ هڪ باب جي جيڪو اڌورو ۽ اڻپورو هئو. سواءِ هڪ ڪهاڻيءَ جي جنهن کي هن عنوان ڏيڻ ٿي چاهيو. هو وقت گذرڻ سان پنهنجي شخصيت کي پاڻيءَ جيان اسان اڳيان پرٽڻ لڳو. تان جو اسان کي محسوس ٿيڻ لڳو. ته هن جي شخصيت جو پاڻي اسان جي پيرن کان ٿيندو دماغن جي تهن تائين پهچڻ لڳو آهي. پوءِ اسان ٻئي سهيليون ساجن جي شخصيت، مسئلن ۽ پنهنجائپ واري رويئي تي بحث ڪنديون هيوسين. ساجن پنهنجي شاديءَ جي مسئلي تي حد کان وڌيڪ سنجيدو ٿي ويندو هو. هن سان همدرديءَ خاطر ساڻس انهيءَ موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿيندي هئي، مگر فيصلي جي ڇڙي منهنجي هٿن ۾ هوندي هئي، جنهن سان آئون ڪنهن به وهم گمان کي نه رڳو پنهنجي پر پنهنجي سهيليءَ جي ذهن تائين به پهچڻ ڪانه ڏيندي هيس. ڪنهن عرصي کانپوءِ ساجن اسان لاءِ ڪا ڳجهارت نه رهيوهو. مون کي ياد ٿو پئي ته هو چوندو هو ته: ”مان انهيءَ پناهه گاهه جو تلاشي آهيان. جيڪا منهنجي گناهن کي باهه  بڻجي ساڙي ڇڏي ۽ پاڻي بڻجي منهنجي صلاحيتن جي سائي سلي کي سدا بهار ٻوٽو بڻائي. هو چوندو هو ته اڌوري ۽ اڻ پوري هئڻ جي باوجود هن سالن تائين پنهنجي ضرورتن ۽ پاڻ کي پنهنجي خول ۾ بند ڪري رکيو هو، انهيءَ وهم گمانن ۽ شڪ جي نالي ۾ ته هن کي بنهه هن جهڙو اڌ نه ملندو. هن تي ڪوبه رحم ڪري پناهه نه ڏيندو ۽ هن جي اڌوري وجود کي ڪوبه مڪمل نه ڪندو.

هو اسان جي اڳيان پاڻ وکيري ڇڏيندو هو. ڄڻ پنهنجي خول کان ٻاهر نڪري آيو هجي. ڄڻ ڪٿي اميد جو ڪرڻو ڏٺو هجائين. هن جي سنجيدگي انهيءَ حقيقت جي تصديق ڪندي هئي ته هو واقعي هڪ اڌورو ۽ اڻپورو آهي. هو مڪمل ٿيڻ ٿو چاهي. هن کي پناهه گهرجي اهڙي وجود جي جيڪو هن جهڙو وجود هجي. اهو وجود جنهن جي تلاش ۾ ڄڻ هن صديون گذاريون هجن. اهو وجود جنهن لاءِ هن پنهنجيون سموريون محبتون، حسرتون ۽ خواهشون سالن کان امانت طور سانڍي رکيون هجن.

ڪڏهن ڪڏهن ساجن جا اهڙا سر ٻڌي ڏاڍي مٺيان به لڳندي هئي. هن سان، هن جي سمورين خوبين ۽ صلاحيتن باوجود نفرت به ٿيڻ لڳندي هئي هر مرد سان ۽ مرد جي نالي سان. جڙي ايندو هو ته هن کي اهڙيون ٻه ٺپيون ٻڌائجن جو هميشه لاءِ پنهنجي زبان تي تالو لڳائي ڇڏي. مگر اڻ ڄاتو هن کي معاف ڪرڻو پوندو هو. بي سبب زهر جو ڍڪ ڀرڻو پوندو هو. خاموش ٿيڻو پوندو هو هن جي مقصد سان سچائي ڏسي. مگر منهنجي اها خاموشي تڏهن مون لاءِ عذاب بڻجڻ لڳي جڏهن محسوس ڪيم ته هو مون ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن تي ڪاوڙ به ايندي هئي مگر آئون ساڻس اڻ ڄاتي همدردي ڪرڻ کانسواءِ به نه رهي سگهندي هيس. شايد ان ڪري جو هن جي سنجيدگيءَ تي يقين ٿيڻ لڳو هو ۽ وقت گذرڻ سان گڏ پنهنجي نه ڪيل گناهه جو احساس ٿيڻ لڳو هو ته انهيءَ انسان جو وجود شايد منهنجي ئي هٿان ڀور ڀور ٿيڻ لڳو آهي. جنهن کي منهنجي سهيلي اڏول ۽ مضبوط سمجهندي هئي. جيڪو خود پنهنجي لاءِ پاڻ به چوندو هو ته جبل جيان ڏاڍو هوندي به آئون واري وانگر وکرڻ لڳو آهيان.

ايڏن طوفانن آئي به هرڪو پنهنجي جاءِ تي اڏول رهيو. ليڪن هڪ ڏينهن واقعي ٿرٿلو آيو. اهرو زلزلو آيو جو اسان سمورين جي اصولن ۽ عقيدن جي ڌرتي ڌٻي وئي. هو ٻارن جيان بي قابو ٿي ويو. هن جي دل زبان بڻجي وئي. هن ائين ڏک ڏني ڄڻ شڪست مڃي پنهنجي وکريل وجود کي سميٽڻ جو فيصلو ڪيو هجيس. ڄڻ نااميدي جي تيز هوا هن جي اندر واري آزاد ٿيل انسان کي وري پنهنجي ذات جي خول طرفان ڌوڪڻ شروع ڪيو هجي. هن جي اندر وارو انسان ڄڻ ٻارڙن جيان ضد ڪري نراسائيءَ مان جان ڇڏائي ڪنهن پناهه طرف تاڻيندو هجي. ڪنهن وجود کي ائين ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي، ڪنهن اسان کي پنهنجي ذات جي خول سان  نفرت ڪندي ۽ ڪنهن انسان کي مضبوط پناهه جي تلاش ۾ ائين سرگردان ٿيندي مون پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڏٺو کيس ههڙي حال  ۾ ڏسي مون کي هن سان همدردي ٿيڻ لڳي ۽ منهنجي پٿر جهڙي دل به پاڻي ٿي پئي ۽ اهو پاڻي منهنجون اکيون به روڪي نه سگهيون.

مون لڙڪن جي اها راند ته همدرديءَ ۾ ڪئي هئي، ليڪن منهنجي هڪ هڪ لڙڪ مان هن اڻ پڇيو اڻ ٻڌايو پنهنجي وکريل ۽ ڀريل وجود کي ڳوهڻ شروع ڪيو. تان جو اهو وقت به آيو جو هن انهيءَ مٽيءَ مان هڪ مورتي جوڙي راس ڪئي. اها مورتي جيڪا پوءِ به اڌوري هئي، جنهن کي هڪ مڪمل روح جي ضرورت هئي ۽ جنهن کي وري ڊهندو ۽ ڀور ڀور ٿيندو ڏسڻ لاءِ ڪنهن کي به همت ڪانه هئي.

پوءِ اها بي روح ۽ منتظر مورتي ڏينهن جا ڏينهن اکين آڏو رهي. چپ چاپ ۽ خاموش. تان جو مون پاڻ اڳتي وڌي هن ۾ روح ڦوڪيو. وري وري ڊهڻ کان کيس بچائي ورتو. هن بي جان مورتيءَ ۾ جان پيدا ڪيم ۽ هو جيئرو جاڳندو انسان بڻجي پيو. مخلص، بي لوث ۽ شڪر گذار انسان.

اهو ساڳيو ئي انسان هر روز ۽ هر صبح گهر جي چائنٺ ڇڏڻ کان اڳ لڙڪڻ جي راند سان پٿر جي مورتي ۽ مرڪن جي راند سان ٻهڪندڙ گلاب بڻجي ويندو آهي. هن کي ڏسي سوچيندي آهيان ته جيڪڏهن دنيا جي هر هڪ انسان کي ساجن جيان پناهه جي جاءِ ملي وڃي. دنيا جو هرهڪ مرد ساجن جيان مڪمل ۽ ڪامل بڻجي وڃي ته انسانيت جي چهري تان اڻ ڳڻين گناهن جا داغ ائين مٽجڻ لڳن جيئن جبل جي چوٽيءَ تي برف پيل سج جي گرمي ۾ ڳرندي ۽ پگهربي ويندي آهي، پر ڪٿان اچن لڙڪن واريون اکيون ۽ مرڪڻ وارا چپ جيڪي اڌورين ڪهاڻين کي عنوان ڌئي سگهن ۽ زندگين کي رنگ ڏئي سگهن.

ممتاز ڪنول / مرتضيٰ سيال

جيون هڪ عذاب!

جيون هڪ عذاب او بابا

جيون هڪ عذاب

ڏک درياءَ ۾ عُمر ناوَ

مٿان سيلاب او بابا

جيون هڪ عذاب،

ڪنهن سان لڳائي ويٺم اکڙيون،

رستي، ڌوڙ وڃايم اکڙيون

ڇا ڳولن، هاڻي خالي اکڙيون

مرندا وڃن ٿا خواب او بابا

جيون هڪ عذاب.

هر ساهه، وڄن زنجيرون

انڌا در گونگيون تصويرون

ڳالهائي نه سگهن هٿ لڪيرون

بند ٿيو هڪ باب او بابا

جيون هڪ عذاب.

ڄاڻي امرت زهر کي پيئون

چپڙا پنهنجا ڪيسين سبيون

سبيون چپڙا ته ڪيسين جيئون

روئي ڦٽل شباب او بابا

جيون هڪ عذاب

سچ، سڄڻ جا سڀ ڏک سهون

هڪ هڪ پل، هڪ باهه سان کيڏئون

وڌنديون وڃن ڏک جون لامون

سڪي ويا لال گلاب او بابا

جيون هڪ عذاب

عيسيٰ ڪالاڻي

انتظار

اڄ وري انتظار آيو

ملڻ مون سان

هيون ڏاڍو خاموش ۽ اُداس

مون کي ڏسي اکيون ڀرجي آيس

پر سڏڪن بدران ٽهڪ وڏا وڏا

ڳراٽڙي پائي، چيائين مون کي

”هاڻي ته توکان لکڻ ڀي ويو آسري

هڪڙو گيت لکي ڏيکار مڃان.“

۽ ان کان اڳ جو مان ڪيان ڪوشش

گيت لکڻ جي،

ڪوئي ضروري ڪم اچي ويو ياد کيس،

”وري ملنداسون“ چوڻ بنائي،

تڪڙيون وکون کڻندو ويو هليو

ڪهاڻي                                                          نظير عباسي

صبح ٿيڻ کان اڳ .....!

امدو ۽ بالي شهر جي فيڪٽري ۾ مزدوري ڪندا هئا. هيٺين  پيڙجندڙطبقي جا هي ٻئي مزدور وقفي ۾ ماني کائڻ واسطي پيار جي ڇانو ۾ گڏجي ويهندا هئا ته ڄڻ سمورا ڏک درد وسري ويندا هئن، ڪلاڪ جو اهو وقفو کين ڪيڏو نه ننڍڙو لڳندو هو. سائرن جي آواز تي ٻئي ڄڻا پيار جي ڪناري تي ٺاهيل خوابن جا ننڍڙا ننڍڙا گهرڙا ڇڏيو وري اٿي کڙا ٿيندا هئا. ائين ئي هڪ ڏينهن پيار جي ڇانو ۾ ويٺي، امدوءَ اوچتو باليءَ جو هٿ پڪڙي سندس آڱر ۾ منڊي پارائي ڇڏي. بالي شرم ٻوٽي وانگر لڄ ۾ ڪومائجي وئي ۽ پنهنجي چهري کي کڻي هٿن ۾ لڪايائين:

”بالي! هي منهنجي پيار جي نشاني اٿئي.“ غريب ۽ سادي ماڻهوءَجو پيار به ڪيڏو نه غريب ۽ سادو هوندو آهي ۽ پيار جي اظهار جو انداز به ڪيڏو نه سادو

”پر، امدو.....“

”پر ڇا بالي...... اسان ٻئي پيار جهڙي پوتر جذبي ۾ ايترو ته اڳتي وڌي چڪا آهيون جو هاڻي هڪ ٻئي کان جدا رهڻ جو تصور ئي ڪيڏو نه ڀوائتو ٿو لڳي، تون ٻڌاءِ..... بالي، تون رهي سگهندينءَ مون کان بغير.“

باليءَ جي اکين ۾ لڙڪ هئا. اڻ ڏٺل مستقبل جي خوف کان هوءَ ڏڪڻ لڳي.

”امدو، توکي ڪيئن سمجهايان – مان مزدوري ڪري بيمار پيءُ ۽ هيروئني ڀاءُ کي ٿي پاليان، مان هنن جي واسطي سوني جهرڪي آهيان. هو مون کي ڪيئن ڇڏيندا.“ بالي سڏڪاڀري روئڻ لڳي، تڏهن امدوءَ اڳتي وڌي کيس اٿاهه پيار مان چيو:

”اسان جو پيار ڪارونجهر کان به وڌيڪ سگهارو آهي ۽ ان سوڀاري سگهه سان راهه ۾ آيل هر مشڪل کي ٿڏا هڻي ڊاهي وجهنداسين.“ تڏهن ٻئي مشڪي پيا هئا.

پيار وارن جي دنيا هميشھ اڻ ڏٺي طوفانن ۽ زلزلن جو شڪار رهندي آهي، شايد ان ڏينهن اهڙو ئي ڪو واءُ هليو هو ان ڏينهن امدو ڏاڍو خاموش هو باليءَ کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو ايڏو خاموش ڇو آهي.

”امدو – مون کي نه ٻڌائيندي، ڇا ٿيو آهي.

”توکي نه ٻڌائيندس ته پوءِ ٻيو ڪنهن کي ٻڌائيندس.“

”پوءِ ٻڌاءِ نه، ڇا ٿيو آ“

”بالي، توکي خبر آ ته بابا جن کي ڳوٺ ۾ ٿوري گهڻي زمين هئي، جيڪا خانداني جهيڙي ڪري غيرآباد پئي هئي ۽ بابا جن اچي شهر وسايو هو. هاڻي پرچاءٌ ٿي ويو آهي ۽ بابا ٿو چاهي ته ڳوٺ هلي زمينون  آباد ڪريون.“ امدو سڀ ڪجهه هڪ ساهيءَ ۾ چئي ويو. باليءَ جي مٿان ڄڻ وڄ ڪري پئي.

پوءِ، تون هليو ويندين امدو – ”باليءَ کي پنهنجو آواز ڪوهه تان ايندي محسوس ٿيو هو. هڪ وڏي مسافت طي ڪرڻ بعد کيس اوچتو احساس ٿيو هجي ته جنهن رستي تي هوءَ هلي رهي هئي منزل ان رستي تي نه هئي!

”ها بالي، ونيون ۽ ٻنيون ته سِرُ گهرنديون آهن. مان ڌرتيءَ کي ڪيئن ڇڏيان.“ امدوءَ باليءَ جو هٿ پڪڙي ورتو ”بالي تون مون سان ڳوٺ هلندينءِ نه.“

تڏهن بالي الائي ڪهڙي سگهه جو سهارو وٺندي، هڪدم ڳوٺ هلڻ جي هام ڀري، شايد اها پيار جي سگهه هئي، جيڪا کيس امدوءَ کان بغير جيئن نه ڏئي ها.

ڳوٺ ۾ اچڻ جي ٻن ٽن ڏينهن کان بعد امدوءَ جڏهن شهر مان هڪ ڇوڪري  پاڻ سان آندي ته پوري  گهر ۾ ٻائيتال مچي ويو. هرطرف کان آڱريون اٿڻ لڳيون پر انهن ڳالهين ٻنهي تي ڪو اثر ڪونه ڇڏيو، پيار جي سچائي آهستي آهستي سڀني جا وات بند ڪري ڇڏيا ۽ مائٽن مجبور ٿي ٻنهي کي پرڻائي ڇڏيو. باليءَ جي پيءُ ۽ ڀاءُ گهڻائي حربا هلايا ته بالي کين ملي، پر جڏهن امدوءَ جي مائٽن کين ڪجهه ڏوڪڙ ڏنا ته سندس وات هميشھ لاءِ بند ٿي ويو.

قسمت ۽ وقت جو هميشھ ٻن  پيار ڪندڙن سان وير رهيو آهي. وقت ڪارو نانگ بڻجي هميشھ ٻن روحن کي ڏنگيندو رهيو آهي. پيار ته ڄڻ قسمت جي اک ۾ ڪَک بڻجي چڀندو آهي. اهڙي ئي قسمت جي بي مروتي ۽ وقت جي ڏاڍائيءَ جي رات هئي، جڏهن ڌاڙيلن امدوءَ جي ڳوٺ تي حملو ڪيو ۽ ڳوٺاڻن سان ڌاڙيلن جي ويڙهه ۾ هڪ رهزن جي گولي امدو جي محبت ڀري سيني کي پنهنجو نشانو بڻايو ۽ دلير امدو ڪنهن سان موڪلائي نه سگهيو. باليءَ جي دنيا ويران ٿي وئي. بالي پنڊپهڻ بڻيو بيٺي هئي، ڄڻ سالن کان اتي بيٺي هجي، نٿي ڳالهايائين ۽ نٿي ڪجهه ڏٺائين. سندس نظرون سامهون رت ۾ ريٽيل گهوٽ تي پيل هيون. ڪيڏن نه ارمانن ۽ سپنن جي ڏور ۾ پروڙي امدو کيس پرڻجي آيو، اڃان ته ڪيترا ارمان اڌورا هئا، ڪيترا سپنا اڃان ساڀيا ڪونه ٿيا هئا.

ڪاري رات ۾ صبح ٿيڻ کان اڳ سڀ ڪجهه وکري ويو هو ڪافي وقت لنگهي ويو پر باليءَ جي حالت نه سڌري، هو اڃان به خاموش خلا ۾ گهوريندي رهندي هئي، مشڪندي هئي، شايد ڪو سپنو ڏسندي هئي. سندس عدت پوري ٿي چڪي هئي، تڏهن هڪ ڏينهن کيس امدوءَ جو پيءُ سمجهائڻ آيو.

”پٽ بالي، مون کي چوڻ گهرجي الائي نه، پر مون کان تنهنجو ڏک ڏٺو نٿو ٿئي، تون چاهين ته ٻچا، مان توکي تنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ وٽ ڇڏي اچان.“ امدوءَ جو پيءُ هڪ سلجهيل شخص هئو، هُن باليءَ کي امدوءَ جي ڪنوار ٿي وڃڻ کانپوءِ ڌيءَ وانگر رکيو هو.

”نه بابا، پيءَ ۽ ڀاءَ ته مون کي وڪڻي چڪا آهن ۽ وڪاميل شيون واپس ناهن ٿينديون،“ باليءَ جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا، سندس آواز ڳلي مان نٿي نڪتو ”ب – بابا -، سنڌي نياڻين وَرُ ۽ گهرُ ڇڏڻ ناهي سکيو، مان هن گهر ۾ پنهنجي ورَ سان ڳاڙهو وڳو پهري آئي هيس ۽ هاڻي هن گهر کي اڇي ڪفن ۾ ئي وداع چوندس.“ باليءَ جي چهري تي هڪ عزم هو، وقار هو – امدوءَ جي پيءُ مٿس زورنه ڀريو  ۽ سندس مٿي تي شفقت ڀريو هٿ رکي هليو ويو. باليءَ کي پنهنجي پيار جي شڪتي تي ناز هو، امدو هن کان ظاهري طرح ته ڌار ٿيو هو پر هن جون يادون، هُن جو تصور باليءَ جي سيني ۾ سانڍل هو.

*ڪهاڻي                                      مهر خادم

اونداهي دنيا ۾

جيئن ئي ڳوٺ جي ويجهو پهتس ته روئڻ جو آواز ڪنن تي پيو، هي ڇا؟! منهنجي دل کي ڄڻ ته جهٽڪو  اچي ويو. تيز تيز وکون کڻندو پهتس. پاڙي جون زائفون به اوڏانهن وڃي رهيون هيون. اٻهرائيءَ ۾ ئي مون کانئن پڇيو، ”هي ڇا جو روڄ آهي؟“ چيائون ”صابل کي ماريو اٿائون“ آءٌ وائڙو ٿي ويس، صابل! اهو ڪيئن؟ آءٌ ٻيوسوال پڇان ئي پڇان هو  اڳتي نڪري ويون. گهر آيس ڪوبه ڀاتي ڪونه هو، کٽ تي ويهي رهيس. ”صابل کي ماري وڌائون!“ جملو منهنجي مٿي ۾ ڦرڻ لڳو، ڪجهه سمجهه ۾ نه پيو اچي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com