سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1990ع

مضمون --

صفحو :18

ننڍي هوندي اسان گڏ کيڏيا هئا سون هوء ڏاڍي سهڻي ۽ پياري هوندي هئي. مسجد ۾ سڀ ڳوٺ جا ٻار گڏ پڙهندا هئا سون، هوءَ منهنجي ڀر ۾ ويهندي هئي. سبق جڏهن ڪچو ٿيندو هيس، ته مونکي چوندي هئي ”ڀائو! سبق ته پڪو ڪراءِ ڪچو نڪتو ته استاد ماريندو. پوءِ آءٌ کيس سبق پڪو ڪرائيندو هئس. پاڙي جا سڀ ٻار رات جو اک ٻوٽ ۽ ڦر ڦر سونٽي کيڏندا هئاسون. صابل به اسان سان گڏ کيڏندي هئي. جڏهن سانڀر سان ٿياسون، ته ڇوڪريون کيڏڻ کان بند ٿي ويون. باقي اسان ڇوڪرا اڪثر رانديون کيڏندا هئاسون. صابل جنهن گهر ۾ رهي رڌ پچاءُ، رليون، ٽوپيون ٺاهڻ ۽ ڪپڙا سبڻ سکي ورتا، اسان پرائمريءَ کان انگريزي اسڪول تائين پهتاسون.

صابل سؤٽ ڪالو سان ئي منڱيل هئي. صابل ۽ ڪالو هڪ ئي رات ڄاوا هئا. سندس ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ ان رات ئي پنهنجي پٽ کي چيو ته هڪ کي پٽ ڄائو آهي ۽ ٻئي کي ڌيءَ، تنهنڪري اڄ کان ئي  اهي ٻئي، هڪ ٻئي جي نالي ڪري ڇڏيو، ته جيئن خوشيءَ ۾ خوشي ٿي وڃي. اسان جي به الائي ڇا حياتي، اوهان جي ائين ڪرڻ سان اسان جو اندر ٺري پوندو. ”سندس پٽن به چيو ته جيئن توهان جي مرضي اسان به راضي آهيون پوءِ صبح جو مٺائي ورهائي وئي، پاڙي اوڙي کي به خبر ٻڌايائون، ته اسان ٻار هڪ ٻئي جي نالي ڪري ڇڏيا.

صابل اسان جي گهر ايندي ويندي هئي. منهنجي ڀيڻ سندس ساهيڙي هئي. هڪ ڏينهن مون کي چيائين ”ڇڏ تون ڀي هاڻي پڙهائي کي، تو به پڙهيو ڏيهه ڏٺو، ڪراءِ ويچاري چاچي (بابا لاءِ) کي راهڪيءَ ۾ چڱي طرح مدد، ڀاڻين پڙهڻ کان جوئر ۾ لڪندو هو، باقي تون پڙهي اڪ ڪارا ڪندين.“ منهنجي ڀيڻ کيس چيو ”ڇوري! اهو ڇاهي، ڀائو جي لاءِ ائين ٿي چوين ڏسجانءِ هڪ ڏينهن ڀائو  وڏو آفيسر ٿيندو.“مون کيس چيو ”بابا کي راهڪيءَ ۾ مدد به ڪرائيندو آهيان ۽ پڙهان به ٿو، ماڻهو پڙهڻ سان ئي اٿي ويهي ٿو ڳالهائي ٻولهائي ٿو ۽ ننڍي وڏي جي عزت ڪري ٿو. ٻيو ته جڏهن آءٌ آفيسر ٿيندس نه ته تو واري ڪالو کي پٽيوالو رکندس.“ سڀ کلياسون، هوءَ اهڙي چپ ٿي وئي جهڙي ڀت، شرم ۾ هيٺ ڪنڌ ڪري وات ۾ رئو وڌائين، ڀيڻ چيو ”ادا! مان ڀي ان لاءِ سفارش ٿي ڪيانءِ.“ هون تون ڀي، بيهو بيهو ايندو منهنجو به وارو. صابل وراڻيو هوءَ جوان ئي مس ٿي ته سندس شادي ٿي وئي. ڪالو ڪڪڙن جو ڏاڍو شوقين هو. سدائين هڪ، ٻه ڪڪڙ گهر ۾ ٻڌل هوندا هئس، صابل هن جي شوقن ۽ ڪرتوتن کان بيزار هوندي هئي. ڪالو اڪثر ڪڪڙن جي شوقينن سان هوندو هو، جتي به ڪڪڙن جي ميل ٻڌندو هو، ته اتي ضرور هليو ويندو هو، وڏيري قربان کي ته ڪڪڙن وڙهائڻ جو ناسور هو. پنج، اٺ، اسيل ۽ پشوري ڪڪڙ سدائين سندس گهر ۾ موجود هئا. ڪالوءَ جي راهڪيءَ سان ته ڄڻ لڳندي ئي ڪونه هئي. سياري جي مند آئي ته ڪڪڙن جون ميليون ٿي وينديون هيون ۽ ڪالو به گهر کان غائب، ٻه ٽي، ٻه ٽي ڏينهن گهر کان گم هوندو هو. صبح جو ماني کاڌي نه کاڌي جهڙي، هڪ نه ٻيو سنگتي سڏ ڪندس ۽ پوءِ سڄو ڏينهن گم، پرئتان گهر ۽ ڪم ڪار جو ڪوبه الڪو نه. ڪالو جو وڏو ڀاءُ کانئس جدا هو ۽ الڳ رهندو هو. صابل ۽ سندس سَسُ لابارو، رونبي، گاهه پٺو، ڪُتر، مال کي ٻڌڻ ، مال کي ڇوڙڻ، گاهه وجهڻ، رڌ پچاءُ ۽ گهر جو سمورو ڪم ڪنديون هيون.

آءٌ ائين سوچ ۾ گم ئي هوس ته ڪنهن کي مٿان بيٺل محسوس ڪيم. مٿي ڪنڌ ڪري ڏٺم، پاڙي جي ڪراڙي هئي.اُٿي کانئس پڇيم، ته اهو ڪيئن ٿيو؟ سندس اکين ۾ به ڳوڙها اچي ويا. ٻڌايائين ته ”صابل پنهنجي سَسُ سان لابارو پئي ڪري، خبر اٿئي ته مڙس ته هوندو ئي ڪونهي، سدائين رول پالٽيءَ ۾ هوندو آهي. منجهند جي مهل صابل پاڻي پئي پيتو. واڌو به پاڻي پيئڻ آيو. هو به هنن جي ڀر واري ٻنيءَ ۾ لابارو پيا ڪن، پاڻي کپي ويو هون.

پريان ڪو صابل جي ڏير، واڌي کي هنن  ڏي ايندو وٺو، صابل کي اڳ به ڪو ٻه، ٽي ڀيرا ڏيرنس واڌي سان کلندي ڳالهائيندي ڏٺو هو، هن کي اهو کلڻ ڳالهائڻ ڪو نه وڻيو هو ۽ شڪ جي نظر سان ڏسندو هون، ڪا اندر ۾ بلا ويهاري ڇڏي هئائين، پوءِ ته ابا! مڙسالو اتان ڊڪندو آيو، هٿ ۾ ڪهاڙي هيس، واڌي کي هڪ ڏئي گار ڏنائين، واڌو ته ڀڄي ويو، باقي صابل کي ڪهاڙين سان ماري وڌائين. ماڻس پوڙهي وچ ۾ پئي پر ان کي به ڪهاڙين جاڳن هڻي ڇڏيائين. صابل جو ڏير هليو ويو، مڙسالو مڙيا ۽ لاش کي کڻي آيا.“ هڪ مظلوم ۽ معصوم جي موت تي منهنجي اکين مان ڳوڙها وهندا رهيا ۽ آءٌ ڏڪندڙ وکن سان گهران نڪتس.

ڪوثر پروين

سوچ

 

سوچيان ٿي اڪثر

محبت ڇا آهي

سوز آهي يا ساز

پاڇو آهي يا پڙلاءُ

پر نه.

محبت لوچ آهي

من اندر جي لوچ

رنگ ڏيون جنهن کي

اسين پنهنجي سوچ جو.

 

* مضمون

جوڊٿ هول ايلن ليوين ۽ فريسن

سنڌيڪار: پارس حميد

مغربي عورت

(جي جدوجهد جي مختصر تاريخ)

اڪيلي سر عورتون پنهنجن مسئلن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ته صدين کان ڪري رهيون آهن پر مغرب ۾ عورتن جي گڏيل جدوجهد جي باقاعده تحريڪ جي شروعات اڻويهين صدي ۾ ٿي جڏهن عورتن جا مسئلا سياسي ۽ مذهبي حلقن ۾ بحث هيٺ اچڻ لڳا. هي اهو دور  هيو جڏهن ذاتي آزاديءَ جو تصور عوام ۾ مقبول ٿي رهيو هو.

1833ع ۾ اويرلن اهو پهريون ڪاليج هيو، جنهن مزدورن سان گڏوگڏ عورتن لاءِ علم ۽ ڄاڻ جا دروازا کوليا. هيءَ جدا ڳالهه آهي ته انهيءَ جو مقصد سٺيون ۽ سگهڙ زالون ۽ مائون پيدا ڪرڻ هيو، ان تعليمي سرگرمين ۾ سهرو ايما ولارڊ جنهن عورتن جي تعليم لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ فرانسس رائيٽ جي مٿي تي آهي، جنهن تقريرون ڪري عوام کي هن مسئلي جي گنڀيرتا جو احساس ڏياريو، هن جو چوڻ هيو ”جيستائين عورتن کي معاشري ۾ صحيح مقام نه ملندو تيستائين معاشرو تيزيءَ سان ترقيءَ جي رستي تي هلي نه سگهندو.“

1830ع جي ڏهاڪي ۾ عورتن جي تحريڪ سياسي رنگ ورتو، جڏهن انهن غلاميءَ جي پڄاڻيءَ جي تحريڪ ۾ زور شور سان حصو ورتو. سارا ۽ انجيلنا گرمڪي جيڪي غريب ڪٽنبن مان هيون هن تحريڪ ۾ تمام گهڻو سرگرم هيون. انهن معاشري ۾ ايتري هلچل مچائي جو ان وقت جي ميساچوسٽس جي پادرين جي هڪ جماعت اعلان ڪيو ته ”عورت جو مقام ۽ ذميواري بائيبل ۾ پهريون ئي مقرر ٿيل  آهي. عورت جي طاقت انهن جي ڪمزوري ۽ مجبوري  ۾ آهي جيڪا خدا کيس عنايت ڪئي آهي. جڏهن هوءَ مردن وانگر ڪم ڪري ٿي ۽ معاشري جي ڀلائي چاهي ٿي ته هوءَ پنهنجي حقيقت کي وساري ڇڏي ٿي.“

گرمڪي ڀينرن جڏهن هي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”عورتن ۽ غلامن جي مسئلن ۾ هڪ جهڙائي آهي.“ ته انهن تي تمام گهڻا حملا ٿيا انهن هن چوڻيءَ تي چئلينج ڪيو ته ”مرد عورت کان فطري طور تي بهتر آهي“ ۽ انهن هي ثابت ڪيو ته مذهب ۽ شادي عورت جو نقصان ڪيو آهي ۽ نوڪرين ۾ به عورتن سان ناانصافي ٿئي ٿي.

1840ع ۾ لنڊن ۾ غلامي جي خلاف تحريڪ ۾ آمريڪا جي اڳواڻ عورتن حصو ورتو ان سان عورتن جي تمام گهڻي حوصلا افزائي ٿي. ان کانپوءِ الزبيٿ اسٽينٽن، سوزن اينٿني ۽ مٽلڊا گيج گڏجي”عورتن جي مظلوميت جي تاريخ“ نالي ڪتاب ترتيب ڏنو جنهن ۾ عورتن جي غلامي ۽ نيگروز (NAGROS) جي غلاميءَ ۾ گهرو تعلق ڏيکاريو هو.

جولاءِ 1848ع ۾ نيويارڪ ۾ ”عورتن جي حقن جو ڪنوينشن“ جي دعوت جو اعلان ٿيو. ٽي سو مردن ۽ عورتن شرڪت ڪئي. هن ڪنوينشن کي عورتن جي جدوجهد ۾ اهم حيثيت حاصل ٿي. هن موقعي تي عورتن پنهنجن حقن، ملڪيت، ڪمائي، ٻارن، طلاق ۽ ٻين مسئلن تي ڀرپور نموني سان ڳالهايو انهن اهڙا ٺهراءَ پيش ڪيا جنهن مان هي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته: ”عورتون ۽ مرد برابر آهن.“

انساني تاريخ مردن جي عورتن مٿان ظلم ۽ ناانصافيءَ جي تاريخ آهي.

هن ڪنوينشن کانپوءِ هر سال عورتن جو ميڙ ٿيندو رهيو آهي.

جڏهن 1861ع ۾ گهرو لڙائي (CIVIL WAR) شروع ٿي ته ماڻهن جو ڌيان ورهائجي ويو. عورتن جي اڳواڻن اسٽينٽن ۽ اينٿني انهيءَ خيال جون رهيون ته آزاديءَ جي ڪابه جنگ ان وقت تائين مڪمل ناهي جيستائين ان ۾ عورتن جي آزاديءَ جي جدوجهد شامل ناهي. جنگ کانپوءِ جڏهن هي تيرهين شفٽ پاس ٿي جنهن جي ڪري غلامي غيرقانوني ثابت ٿي ته جدوجهد چوڏهين شفٽ ڏانهن وڌي جنهن جي ڪري حقن ۽ سهولتن جي ڳالهه ٻولهه بحث هيٺ آئي ان وقت ڪاغذن تي لفظ ”مرد“ استعمال ڪيو ويو. عورتن احتجاج ڪيو پر انهن کي اهو چئي چپ رهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هي غلامن جي مسئلي تي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي. عورتن جي مسئلي تي نه، حقيقت ۾ هن جدوجهد ۾ عورتون ڀرپور نموني سان شريڪ ٿيون.

1869ع عورتن جي تحريڪ جي ديوارن ۾ نظرياتي ۽ عملي بنيادن ۾ ڏار پئجڻ لڳا. مئي 1869ع ۾ سوزن انٿيني ۽ الزبيٿ اسٽينٽن ”وومن تيفرنگ ايسوسيئيشن“ جو بنياد وڌو ۽ ڇهن مهينن کانپوءِ لوسي سٽون ۽ ان جي ساٿارن ”آمريڪن وومين تيفريج ايسوسيئيشن“ ٺاهي.

انٿيني ۽ اسٽينٽن هڪ رسالو ”انقلاب“ به جاري ڪيو جنهن ۾ عورتن جي مامرن ۽ حقن تي ڀرپور چٽائي سان بحث ٿيو. انهن ڪاررواين اصلي مقصد عورتن لاءِ ووٽ جو حق حاصل ڪرڻ هيو.

1875ع ۾ سپريم ڪورٽ اعلان ڪيو ته ووٽ ڏيڻ جو حق صرف مرد کي هوندو عورتون ووٽ ڏيڻ جو حق استعمال ڪري نه سگهنديون.

1890ع ۾ ٻنهي جماعتن هڪ جاءِ تي گڏ ٿي ”نيشنل آمريڪن تيفريج ايسوسيئيشن“ جو بنياد وڌو. الزبيٿ اسٽينٽن ان جي پهرين صدر ۽ ٻن سالن کانپوءِ سوزن انٿيني ان جي ٻيو نمبر صدر چونڊجي آئي.

اسٽينٽن پنهنجو سڄو ڌيان عورتن جي مسئلن ۽ مذهب ۽ گرجا جي گڏيل تعلق تي ڏنو. هن 23 عورتن سان گڏجي”عورت جو انجيل“ سهيڙيو جنهن ۾ عورتن جي خيال کي پيش ڪيو ويو. هنن پنهنجي ڪاررواين جي اهميت کي چٽو ڪندي چيو: ”وقت اچي ويو آهي ته اسان بائيبل کي به ٻين ڪتابن وانگر پڙهون ۽ انهن جي سٺين شين کي قبوليون ۽ خراب شين کي ڪڍي ڇڏيون، ان بائيبل عورتن جي تحريڪ ۾ هلچل مچائي ڇڏي.

انٿيني گهڻي وقت تائين عورتن جي تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي ۽ ان کانپوءِ عورتن جي تحريڪ جي ٻئي نسل جي عورتن ان جي اڳواڻي قبولي.

هن جدوجهد ۾ هڪ اهم نالو ايلس پال جو آهي جنهن 1913ع ۾ يونين ”ڪانگريشنل يونين“ ٺاهي ۽ هيءَ نهايت ئي طاقتور جماعت هئي جنهن جي ميمبرن زبردست مظاهرا ڪيا، بک هڙتالون ڪيون ۽ جيلن جون تڪليفون سٺيون. هن سڄي جدوجهد ۾ عورتن جي ووٽ ڏيڻ جو معاملو مٿانهون رهيو. اها راءِ جيڪا 1878ع ۾ پيش ڪئي ويئي هئي. پهريان، ”وومن تيفريج ايمبيمينٽ“ ۽ پوءِ انٿوني ايمبيمينٽ چورايو، ڪانگريس ڪيترا ڀيرا بحث هيٺ آئي پر رد ڪئي ويئي. آگسٽ 1920ع هڪ اهم مهينو هيو جڏهن هن راءِ کي قبوليو ويو ۽ عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل ٿيو.

1920ع تائين پهچندي پهچندي عورتن جي تحريڪ لڳاتار محنت ۽ تڪليف جو مقابلو ڪندي ٿڪجي بيحال ٿي پئي ووٽ جو حق حاصل ڪرڻ انهن جو پهريون قدم هيو. تحريڪ وقت کان پهريائين ختم ٿي وئي ۽ چاليهن سالن تائين چپ  چپات ۾ رهي.

1920ع کان 1960ع تائين گهڻين ئي تبديلين جي اثر هيٺ ايندي رهي يا انفرادي ڪوشش ڏانهن واجهائيندي رهي هي اهو دور هيو جڏهن سيمان ڊي بوا جي ليک ”دي سيڪنڊ سيڪس“ عورتن جي شعور کي نئين جلا بخشي پر عورتن جي مجموعي تحريڪ صحيح نموني نه رهي. هن ڦيرڦار جو اثر اهو پيو ته ووٽ حاصل ڪرڻ وارين عورتن جون پوٽيون ووٽ ڏيڻ جي قابل ٿيون ته ”فيمنسٽ“ جو لفظ هڪ گار بنجي چڪو هو.

1960ع جي ڏهاڪي ۾ عورتن جي تحريڪ سپني مان هڪ دفعو آرس ڀڃي سجاڳ ٿي. ان دور ۾ آمريڪا ۾ انهن عورتن جي ڳڻپ وڌي رهي هئي جيڪي تعليم يافته هيون ۽ نوڪريءَ ۾ هيون پر ماحول جي چنبي ۾ ڦاٿل هيون. صدر ڪينڊي 1961ع ۾ عورتن جي مسئلن تي ويچار ڪرڻ لاءِ قومي سطح تي ”ڪميشن آف دي اسٽيٽس آف وومن“ ٺاهي، اهڙي طرح تحريڪ کي ٻيهر هٿي ملي.

بيٽي فريدن 1966ع ۾ (NOW) ”نيشنل آرگنائيزيشن فار وومن“ ٺاهي جنهن سان ڪٺي ڪجهه وڏيون جماعتون نيشنل وومن پوليٽيڪل ڪوڪس، وومنز ايڪيوليٽي ايڪشن ليگ، فيڊرلي ايمپلائيز وومن ۽ ٻيون سوين ننڍيون ننڍيون جماعتون ٺاهيون ويون. 1968ع ۾ آمريڪا ۽ ڪينڊا جي ٻن سون کان وڌيڪ نمائندن جي قومي سطح تي هڪ ڪانفرنس ٿي ۽ ان ڪانفرنس ۾ اهم معاملن تي نهايت ئي سنجيدگيءَ سان ويچار ڪيو ويو. جڏهن تحريڪ فعال ٿي ته چئني طرفن کان رسالن، اخبارن ۽ انٽرويوز جي وسيلي نياپن جا پڙاڏا ٻڙڻ لڳا. تحريڪ هن موڙ تي پنهنجي ڪاررواين ۽ مقصدن کي ٻن حصن ۾ ورهايو.

(1)            پهرئين جٿي هڪ جهڙائپ کي بحث هيٺ آندو ۽ شادي، محبت، گهر ٻار جي مسئلن تي خيالن جو اظهار ڪيو.

(2)            ٻئي جٿي اقتصادي، سماجي ۽ سياسي برابريءَ جو بار کنيو.

ان وچ ۾ ڪانگريس (EQUAL RIGHT ARMED NUT) پاس ڪيو. ان دور ۾ ”ريپ گروپ“ ٺهيو جنهن جو مقصد عورتن کي گڏ ڪرڻ ۽ معاشري ۾ اهم تبديليون آڻڻ هيو. عورتن کي شعوري طور اهو احساس ٿيو ته انهن خراب حالتن جو معاشري جي ريتن سان گهرو ڳانڍاپو آهي ان لاءِ جيستائين معاشرو نه بدلبو تيستائين انهن جي حالت نه سڌرندي. انهيءَ گروپ جي ميمبر ڄاڻي واڻي مردن کي پنهنجي جدوجهد ۾ گڏ نه کنيو انهن جو خيال هيو ته جيڪڏهن مرد هنن جي محفل ۾ هوندا ته روايتي انداز ۾ ڳالهائيندا ۽ پنهنجن مسئلن کي بحث ۾ آڻيندا ۽ عورتن جي هڪٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ روڪ ٽوڪ ڪندا ۽ اهڙيءَ طرح عورتن جي جٿي ۾ سجاڳي پيدا ٿيڻ ۾ دير لڳندي.

1973ع تائين پهچندي پهچندي (NOW) ڪا وڏي ڪم ڪندڙ جماعت بڻجي وئي. ان جماعت جا  40000 چاليهه هزار کان وڌيڪ ميمبر ۽ 700 شاخون هيون ۽ پنهنجن مقصدن کي چڱي طرح پوري ڪرڻ لاءِ ٽي حصا ڪيا ويا.

1.      ايڊمنسٽريٽو: هن حصي جو مرڪز شڪاگو ۾ هيو.

2.     ليجيسٽو؛ هن حصي جو مرڪز واشنگٽن ڊي سي ۾ رکيو ويو.

3.     پبلڪ رليشنز: هن حصي جو مرڪز نيو يارڪ ۾ رکيو ويو.

1971ع ۾ قومي سطح تي ٻي وڏي جماعت جيڪا تمام گهڻي اهم هئي ان جو نالو ”نيشنل وومنز پوليٽيڪل ڪوڪس“ هيو هن جماعت جو اصلي مقصد سياسي هيو ۽ عورتن کي گهڻي کان گهڻي سياسي طاقت ڏيارڻ هئي. هن وڏي جماعت ۾ ويهه ننڍيون ننڍيون جماعتون هيون. جدا جدا مسئلن کي پنهنجي ڪارروائي جو محور بڻايو.

نظرياتي طرح به عورتن جي جدوجهد ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون. عورتن جي زندگيءَ کي بهتر بنائڻ ۽ ماضي جي چنبي کان آزاد ڪرائڻ ۾ ڪيترائي خيال پيش ڪيا ويا ۽ جدا جدا روين ۽ آوازن مان ٻه چٽا ٿي سامهون آيا.

1.      ايگليٽيرين ايٿڪ جي نقطه نظر پٽاندڙ مرد ۽ عورتون برابر آهن انهن لاءِ جنس جو روايتي ڪردار غير ضروري آهي.

2.      لبريشن ايٿڪ جي پٽاندڙ عورتن ۽ مردن جي ماضيءَ جي ڪردار فخر لائق ناهي تنهن ڪري اسان کي نوان ڪردار ٺاهڻا پوندا.

انهن ٻنهي نظرين جو مقصد اهڙو معاشرو تيار ڪرڻ هيو جنهن ۾ عورتن کي مردن سان گڏ انساني برابري حاصل ٿي سگهي ڪن ته انهيءَ مقصد کي ”فيمينسٽ هيومنزم (Feminst Humanism) جو نالو ڏنو. هن تحريڪ جي جدوجهد جي ارتقا ۾ هڪ چٽي تبديلي مردن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش هئي.

 

 

بلاول اوٺو

وري ويساک مُند آئي!

وري ويساک مُند آئي پٽن پيرون پڪا هوندا
مَنھ تي منهنجي مارن جا سڱر سُڪيل سڪُا هوندا
سدا سانگي سڄو سيارو گندي ۾ ڪن گذارو ٿا
مٺن مسڪين مارن وٽ ڀلا ڪهڙا ٽڪا هوندا
هتي آئون روئان ويٺي، هُتي مارو رئن ويٺا.
خبر ناهي ته هي ڪيسين نصيبن ۾ ڌڪا هوندا
پنهوارن جون سدائين تون عمر پَر ۾ پڇائون ڪر
نٿا وڪجن، نڪي وڪبا، نڪي ڪڏهن وڪا هوندا
اباڻن جي صرف آئون اڪيلي ڪوٽ ۾ آهيان
ٻيا عيدون، براتن تي سڀئي ڀيڙا يڪا هوندا
ڀلا ظالم! ڪڏهن تنهنجي قهر جو ڪوٽ هي ڪرندو؟
بلاول ڀاڳيا منهنجو ڏسي واٽون ٿڪا هوندا.

* مضمون                             ريشمان حبيب صديقي

معاشري ۾ عورت جو ڪردار ۽ فرض

معاشري جي معنيٰ آهي، انسانن جي اها آبادي جيڪا تهذيب ۽ تمدن جي دائري ۽ ملڪ جي قانون اندر هو هڪ ٻئي سان روزمره جي زندگي گڏ گذاريندي هجي.

عورت نه صرف گهر جي مالڪياڻي آهي، پر اها معاشري جا فرد ڄڻي ۽ نپائي ٿي. انهن جي اوائلي تعليم ۽ تربيت سٺي هوندي ته معاشري کي سٺا فرد ملي سگهندا.

جيڪي خوشحال زندگي، ماڻڻ لاءِ معاشري جي وسيلن کي، ترقي وٺائيندا نه صرف وسيلا ترقي ڪندا، پر خود معاشرو ۽ آخرڪار ملڪ ترقي ڪندو. عورت کي اهو چڱيءَ طرح ڄاڻڻ ۽ ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته سلڇڻي ڌيءَ، ڀيڻ، زال يا ماءُ ئي دراصل پنهنجي پيءُ، ڀاءُ، مڙس يا اولاد جي سچي خوشحاليءَ جي ضامن آهي.

جيڪڏهن عورت سلڇڻي نه هوندي ته اها خوشي ۽ خوشحالي برباد ٿي ويندي ۽ معاشرو ڪڏهن به ترقي ڪري نه سگهندو.

اسان جي نبي سڳوري ﷺ عورتن جي باري ۾ فرمايو آهي ته کين مردن وانگر ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي، انهيءَ فرمان مطابق جيئن گذريل وقت  ۾ هو پوءِ کڻي، اهو دور تحريڪ پاڪستان وارو دور هجي يا اڄ ڪالهه جو ڪمپيوٽر وارو دؤر هجي.

عورت تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو پوري همت ۽ ڪوشش سان اڳتي قدم وڌائي ۽ پنهنجي ڪردار کي سمجهي، ان مطابق معاشري جي ترقي ۾ معاون ٿئي، هڪ ڌيءَ جي حيثيت ۾ عورت تي فرض عائد ٿو ٿئي، ته هوءَ هر ممڪن ڪوشش سان پنهنجي والدين کي خوش رکي.

ڪابه اهڙي ڳالهه يا ڪم نه ڪري جنهن سان سندس والدين کي ڪا تڪليف يا اهنج رسي.

اهڙيءَ طرح سان ڀيڻ جي روپ ۾ به عورت تي ڪيترائي فرض ۽ زمينداريون اچن ٿيون، ڀائر هر ڳالهه ۾ پنهنجي عزت ۽ غيرت کي اڳيان رکندا آهن ۽ ننڍين ننڍين ڳالهين تان ڀيڻن کي اهو احساس ڏياريندا آهن ته توهان جي هن ڳالهه تان يا هن عمل سان اسان جي غيرت ۽ عزت تي حرف ايندو. مطلب ته هر گهڙيءَ ۽ هر لمحي عورت خوفزده ۽ ڊنل رهي ٿي ۽ انهن نازڪ رشتن کي نڀائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي ڪيتري حد تائين بدلائي پوءِ وڃي ٿي حقيقي ۽ صحيح طرح سان پنهنجا فرض نڀائي.

انهن سڀني ڳالهين کانپوءِ ڇوڪري جڏهن عملي زندگيءَ ۾ قدم رکي ٿي يعني شادي ڪري ٿي ته هو ڪافي تبديلين کي منهن ڏئي ٿي. ڀيڻ ۽ ڌيءَ جي روپ ۾ پنهنجا فرض نڀائي انهن کان بلڪل مختلف ۽ ڪيتري قدر ملندڙ شاديءَ کانپوءِ مرد عورت يعني (زال کي) پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي ٿو ۽ هر ڳالهه پنهنجي مرضيءَ سان مڙهي ٿو.

ڇو ته هو، سمجهي ٿو ته سندس مجازي خدا آهيان پر انهن سان سس سهري، ڏيرن ۽ نڻانن جي به خدمت ڪري.

اگر ٿوري ڪوتاهي ٿئي ته پوءِ هر قسم جا تعنا ۽ مهڻا کيس سهڻا پوندا آهن، اهڙيءَ طرح سان عورت هر دور ۾ ذميوارين ۽ فرضن ۾ جڪڙيل رهڻ کان علاوه خوف ۽ خطري ۾ مبتلا رهي ٿي. انهيءَ حالت ۾ هوءَ معاشري جي ترقيءَ ۾ ڪابه مدد ڪري نه سگهندي. بلڪه معاشري جي تنزل جو سبب بڻجي ٿي. ڇاڪاڻ ته سندس ڄڻيل نپايل اولاد معاشري ڏانهن ڪو سٺو رويو اختيار نه ڪندو.

فهميده سحرش ميمڻ

نظم

دنيا آهي مسافر خانو

ماڻهو ته مسافر

زندگيءَ جي پيچرن تي

اڪيلو اٿاولو راهي

گهڙيءَ پل جو آ مهمان

خبر ناهي ڪڏهن ۽ ڪٿ

سفر جو سانباهو ٿئي

منزل سَڀَ جي ساڳي آ

ماڳ تي رسڻو آ

هر راهيءَ کي

وينا شرنگي

ادل سومرو

ڀيڻ

(وينا شرنگيءَ جي سنڌ اچڻ تي)

هي ٻيڙين قطارون ۽ آڙين اڏامون
هي سنڌوءَ ڪنارا، تنهنجي لاءِ آهن.
سڀئي وڻ تنهنجا، سڄي ڇانوَ تنهنجي
هي رستا هي چارا، تنهنجي لاءِ آهن.
اتر ۾ آلاپيا يا ٿر ۾ پُريا جي
سچا سُرَ سارا، تنهنجي لاءِ آهن.
درازن جي ڌرتي، ڀٽائيءَ جا ڀاڻا
هي منڇر نظارا، تنهنجي لاءِ آهن.
بکُر، ساڌ ٻيلو، سڀئي آستانا
هي مندر مُنارا، تنهنجي لاءِ آهن.
ڇڏي ديس پنهنجو، وڃين ڇو ٿي ”وينا!“
اکئين نيرَ  - نارا، تنهنجي لاءِ آهن.

خديجة الڪبريٰ مهر

مشهور هستين جا عورتن بابت چيل قول

حضور نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته آئون توهان کي ٻڌايان ته مرد جو بهترين خزانو ڪهڙو آهي؟ نيڪ عورت جا جڏهن ان ڏانهن ڏسي ته کيس خوش ڪري ڇڏي. سندس هر حڪم جي خوشي سان پيروي ڪري ۽ جڏهن هو گهر کان ٻاهر وڃي ته سندس هر شيءِ گهر ٻارن ٻچن ۽ عزت جي حفاظت ڪري. (ابوب دائودشريف)

دنيا متاع آهي ۽ عورت دنيا جي بهتري دولت آهي. (حديث)

عورت فطرت طرفان عطا ڪيل هڪ مقدس نيڪ، خوب سيرت، دلڪش ۽ روح پرور تحفو آهي. (ملٽن)

خوبصورت عورت هڪ سچو هيرو اهي ۽ نيڪ عورت هڪ خزانو آهي. (سينڊي)

مون سڀ کان پهريائين ماءُ جي اکين ۾ محبت جو رنگ ڏٺو. (لانگ فيلو)

عورت جو نالو نيڪي آهي. (ٿامس ڪارلائل)

حقيقت ۾ دنيا جون خوشيون، هڪ لفظ عورت ۾ موجود آهن. (ناولسن)

ڪنڊن جي ڀريل شاخ کي هڪ گل خوبصورت بنايو ڇڏي ۽ غريب گهر کي هڪ نيڪ شعار عورت جنت بنايو ڇڏي. (گولڊ سمٿ)

عورت انسان کي وقار خلق، مروت ۽ اعتماد جو سبق ڏئي ٿي. (والٽر)

حيا ۽ خاموشي عورت جو بهترين زيور آهي. (اربيداس)

عورت جي محبت ڀري دل کان زياده، قيمتي شيءِ دنيا ۾ ڪابه ناهي (لوٿر)

خدا جي انسان تي سڀ کان قيمتي بخشش عورت آهي. (گريار)

نسيم شيخ

(سپنا)

هي دل ڇو اداس آهه

سڀ سپنا ۽ ويڇا

آهن ويڳاڻا جذبا

جيون جوت جا هي سپنا

اڄ به روز وانگر ساڳيا سپنا

هوا جي جهوٽي وانگي

هي سپنا ڪوڙي دنيا وانگي

سڀ ڪوڙ فريب سپنا

اڄ به ساڳي صبح ٿي آ

اڄ به ساڳي شام ٿي آ

اڄ به ساڳيا جذبا آهن

آخر ته مند کٽندي

نيٺ ته باک ڦٽندي

* مضمون                                     رضيه کوکر

دنيا  جي مختلف سماجن ۾ عورت جي حيثيت

قديم دور ۾، عورتون ۽ مرد هڪ ئي ڪٽنب ۽ هڪ ئي قبيلي جي اڳواڻيءَ هيٺ گڏجي سڏجي حياتي گهاريندا هئا، ان دور ۾ عورت ۽ مرد برابريءَ جي بنياد تي پنهنجون گهريلو ۽ ٻيون سماجي ذميواريون پوريون ڪندا هئا. هڪ جيتري محنت ۽ جاکوڙ ڪرڻ ڪري، سندس سماجي حيثيت به برابريءَ جي بنياد تي ٻڌل هوندي هئي. ايتري قدر جو هو ٻئي پنهنجي محدود سماج ۾ هڪ جيتري آزادي  ۽ خود مختياريءَ وارا هوندا هئا. عورت کي به پنهنجي حياتي پنهنجي سوچ ۽ مرضيءَ مطابق زندگي گهارڻ جي آزادي حاصل هئي.

ان دور ۾ عورت ايتري ته ذميوار ۽ سجاڳ هوندي هئي، جو هوءَ مردن جي غيرموجودگيءَ ۾ گهر ٻار سنڀالڻ کانسواءِ ڪنهن به آئي ويل کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهندي هئي، اهو سوچي ته متان سندس ور بنا شڪار جي وري ۽ ٻچا بک جا ڏک نه ڏس، هوءَ هيڏانهن هوڏانهن ڀر مان ميوا ۽ ٻيو ضرورت جون شيون پئي ڪٺيون ڪندي هئي ۽ اڪثر پنهنجي ساٿيءَ جي بيماريءَ يا ڪنهن ٻيءَ مجبوريءَ جي حالت ۾ هوءَ پاڻ هٿيار کڻي شڪار سانگي نڪري پوندي هئي.

ان هوندي به مرد پنهنجي ذات کي تسڪين ڏيڻ لاءِ عورت کي اهو احساس ڏياريندو رهيو ته تون ڪمزور ۽ بيوس آهين مون کانسواءِ تنهنجو جيون ڏکيو گذرندو. ان برتريءَ واري احساس مرد ۾  ڏاڍائيءَ ۽ جبر جو مادو پيدا ڪيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جوهن کليو کلايو پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ آهستي آهستي ننڍن فتنن فسادن، وڏن وڏن جنگين جو روپ ڌاريو ۽ سماج ۾ ننڍ وڏائيءَ اڳتي وڌي قبيلن ۽ قومن جو روپ اختيار ڪيو ۽ دنيا جاگرافيائي، تاريخي، سماجي، اقتصادي توڙي طبقاتي حصن ۾ ورهائجي ويئي ۽ اهو سڀ ڪجهه ٿيندي صديون گذري ويون.

اها عورت جنهن ۾ ايترا ويڇا پيا، تڏهن عورت جو وجود به ڪيترن ئي ويڇن ۾ ورهائجي ويو ۽ سندس حيثيت به ان طبقاتي جهيڙي کان بچي نه سگهي. جيڪڏهن عورت جي حيثيت جو تاريخي جائزو وٺبو ته اها ڳالهه پڌري نظر ايندي ته عورت جي حيثيت دنيا جي مختلف خطن ۽ سماجن ۾ مختلف رهي آهي ۽ هميشھ بدلجندي رهي آهي.

هڪ طرف جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عورت حڪمراني ڪندي رهي ۽ هن ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته ٻئي طرف هوءَ غلاميءَ ۽ قيد و بند جون سختيون سهندي رهي. پر اها به هڪ اٽل حقيقت آهي ته هر دور ۾ هر سماج ۽ هر هنڌ عورت پنهنجي حسن جي سرهاڻ سان سڀ جڳ جرڪائيندي رهي ۽ شاعر هن جي سونهن کي هنڌين ماڳين مشهور ڪندا رهيا. شاعريءَ ۾ ته شاعرن، جنهن نموني سان عورت جو ذڪر ڪيو، تنهن جو سرسري تنقيدي جائزو وٺڻ سان به اها ڳالهه پڌري آهي ته هر دور  ۽ هر علائقي جي شاعرن عورت جون شاعريءَ ۾ مختلف خوبيون بيان ڪيون آهن ۽ عورت بابت سندن خيال ۽ سوچ مختلف رهي آهي.

منهنجي خيال ۾ ان جو ڪارڻ اهو آهي ته مختلف زمانن ۾ ۽ مختلف علائقن ۾ جنهن حيثيت سان عورت ڄاتي ۽ سڃاتي ويندي هئي، اتي جي شاعرن جي دل ۾ به عورت کي اهوئي مقام حاصل رهيو هوندو ۽ جڏهن شاعرن جي دل جو آواز لفظن جو روپ وٺندو آهي ته اهائي شاعري هوندي آهي.

هن دنيا جي ڪن چونڊ علائقن جي عورت جي سماجي حيثيت ۽ معاشرتي جوڙجڪ بابت مختصر احوال ڏجي ٿو. اها حيثيت مرحلي وار، صدين جي گذرڻ سان تبديل ٿي، اڄ جا صورت اختيار ڪري بيٺي آهي تنهن کي لفظن ۾ سمائڻ يقينن  جوکائتو ڪم آهي پر تڏهن به ان جي مختصر تاريخ هيٺ ڏجي ٿي. دنيا جي مختلف علائقن جي شاعريءَ ۽ ادب مان به عورت جي حيثيت ۽ سماجي مقام جي ڄاڻ ملي ٿي.

ان ڏس ۾ سڀ کان پهرين اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته دنيا جي مختلف قومن جو مذهبي ۽ اخلاقي قدرن جو مختصر جائزو وٺون ۽ ڏسون ته انهن مذهبي، قانوني ۽ سماجي اصولن جي تحت عورت کي ڪهڙي اهميت ڏني ۽ وري وقت ڪهڙو لاڙو کائيندو. ائين کڻي چئجي ته انهن سماجن جي ٺاهيل اصولن جي عملي صورت ڪهڙي روپ ۾ ظاهر ٿي.

تاريخ شاهد آهي ته پٿر واري دور جي عورت ۽ مردن ۾ ڪو خاص فرق ڪونه هئو. قديم ترين دور جا ماڻهو پوءِ اهي مرد توڙي عورتون، سڀ اگهاڙا گهمندا هيا ۽ غارن ۾ رهندا هئا. ان زماني ۾ هر ڪو پنهنجي آڌار تي پنهنجو ڪارج پاڻ ساريندو هيو ۽ ان دور ۾ عورتون ڪنهن به صورت ۾ انهن کان گهٽ ڪونه هونديون هيون. قدبت ۾ پڻ اهي سڀ عورتون ۽ مرد هڪ جهڙا لڳندا هيا، يعني عورتون به قداور ۽ جانٺيون هونديون هيون، طاقت ۾ پڻ انهن  ۾ برابري هوندي هئي. ان دور جون عورتون پنهنجي مردن وانگر پاڻ به پٿر جي گولن سان طاقتور جانورن جو شڪار ڪنديون هيون ۽ پنهنجي جان وڏن خطرناڪ جانورن کان بچائڻ ڄاڻينديون هيون. تاريخي ڪتابن مطابق ان دور۾ يعني زندگيءَ جي ان ابتدائي ارتقائي صورت ۾ مرد ۽ عورت کي هروڀرو ڪابه ڌار حيثيت ۽ سڃاڻپ ڪانه هئي. نه ئي ان دؤر ۾ ٻنهي جا ڪم ئي ورهايل هئا. اهو سلسلو هڪ ڊگهي عرصي تائين هلندو رهيو. ايتري قدر جو اهڙي برابريءَ واري ماحول جي هڪ هلڪي تصوير گهڻو پوءِ جي معاشرن ۾ پڻ نظر اچي ٿي.

گهڻو پوءِ جڏهن پٿر جو دور گذري ويو، تهذيب ۽ ثقافت جو سج اڀريو، تڏهن انسان حقيقت ۾ پنهنجي جان وحشت ۽ جهنگلائپ مان آزادي ڪرائي ۽ ان دور ۾ انسان اصول، قائدا ۽ قانون جوڙي جيون گهارڻ لڳو. ڏاهن مطابق اهو اهو دور انساني ارتقاءَ جو هڪ سونهري دور آهي، پر هڪ عورت هوندي مان اهوئي چوندس ته اهوئي وقت هيو، جڏهن عورت جو تعصب وچان مانُ گهٽايو ويو. هندستان ۾ تاريخدانن ان دور کي ڌارين ۽ اڻ ڌارين جي ميلاپ وارو دور ڪوٺيو آهي. موهن جي دڙي واري زماني ۾ ته عورت کي ايترو عروج مليو هئو جو اهو دور اڄ به ”ماءُ آدرشي“ ڪوٺيو وڃي ٿيو. ان دور ۾ ”عورت“ قبيلي جي سردار هوندي هئي ۽ خاندان جي سربراهه هوندي هئي ۽ سندس ٻار پڻ سندس نالي سان سڃاتا ويندا هيا.

ان بعد گهڻو ئي زمانو عورت مرد جي هٿ هيٺ ظلم ۽ سختيون سهندي رهي. وري يونان جي ڏاهن جي تهذيب ۽ ثقافت زور ورتو ۽ جڳ مشهور فيلسوف ۽ ڏاهي ”افلاطون“ ”467-347 ق.م“ جي مشهور ڪتاب ”جمهوريت“ (Republic) ۾ عورت ۽ مرد جو مقام مساوي ملي ٿو. جنهن چيو ته: ”ٻنهي جنسن ۾ مڪمل مساوات هئڻ گهرجي.“ پر اهو قديم نظريو ته صرف نظرئي جي صورت ۾ ڪتابن اندر ئي رهجي ويو ۽ افسوس سان چئجي ٿو ته عورت ذات کي ان مان ڪي هڙ حاصل نه ٿيو.

عورت جي اوسر، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ وري 610ع ڌاري هڪ نئون انقلاب آيو. اهو آهي ا سلام جو   انقلاب هي اهو زمانو هيو، جنهن ۾ زائفن کي هڪ بازاري شيءَ کان وڌيڪ ڪابه سماجي حيثيت حاصل ڪونه هئي. جنهن ريت منڊيءَ ۾ اناج ۽ ٻين جنسن جو سودو ٿيندو آهي ۽ ساڳئي ريت سموري عربستان ۽ دنيا جي تقريباً هر علائقي ۾ عورتن کي منڊيءَ ۾  وڪڻيو ويو. خريد ڪندڙن کي حق هوندو هئو ته ملهه ڏيڻ کان اڳ عورت کي تڪي توري ڏسن ۽ وٺڻ بعد جهڙي ريت وڻين، تهڙي ريت استعمال ڪن. ان کان علاوه مڙس مري وڃڻ بعد عورتن کي جيئري دفنايو يا ساڙيو به ويندو هيو ۽ ڄمنديءَ گهڙيءَ ئي نياڻين کي ڌرتيءَ ۾ پوريو پڻ ويندو هيو. ڇاڪاڻ  جو عربن جي عقيدي مطابق عورت بديءَ جي علامت سمجهي ويندي هئي. ان ئي دور ۾ پيغمبر محمّد ﷺ فرمايو ته ”عورت جو احترام ڪيو.“ ۽ ”جيڪي حق مردن کي آهن، سي ئي عورتن جا آهن. هن انقلابي اصول جي ڪجهه خاطر خواهه نتيجي کي اسان ان دور جي تاريخ ۾ نمايان ڏسون ٿا. پر ان کان پوءِ جي دورن جي ڪيترن حاڪمن ۽ مذهبي ٺيڪيدارن پنهنجن ذاتي مفادن جي ڪري اسلام جي ان انقلابي قدم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ۽ عورت کي اها صحيح جاءِ ملي نه سگهي  جيڪا ملڻ گهرجي ها ڇو جو ان اصول کي مروڙي سروڙي ڇڏيو ويو.

مان  ته اهو ئي چوندس ته اها اسان مسلمان قوم جي بدبختي ۽ گهٽتائي ئي آهي جو اسان قديم زماني ۾ هر علم ۽ هنر جي ايجاد ته ڪئي ۽ دنيا کي جهالت جي اونداهه مان ڪڍي علمن جي روشنيءَ سان چمڪايو، پر مسلمانن جو ڪم هٿ ۾ کنيو، تنهن کي اڌ۾ ڇڏي ڏنو. ڏٺو وڃي ته اسين جي مسلمانن دنيا ۾ ڪيڏو نه اوج ماڻيو، پر سست ٿي سڀ ڪجهه هٿئون وڃائي ويٺا.

”انسائيڪلو پيڊيا برٽينڪا“ مطابق قديم زماني کان عورت ذات جي حيثيت جو مطالعو ڪندي پروڙ پوي ٿي ته 19 صدي عيسويءَ ۾ الهندي يورپ ۽ آمريڪا ۾ جنسي مساوات جو آغاز ٿيو ۽ عورت کي به هڪ قانوني برابريءَ واري حيثيت ملي. اهڙيءَ ريت مغرب ۾ عورت ذات جي سجاڳيءَ  جو هڪ نئون دور شروع ٿيو.

هن عورتن جي سجاڳيءَ واري انقلاب جي جواب ۾ برطانيه تعليمي دنيا ۾ عورت ۽ مرد کي هڪجهڙا حق ڏيڻ ۾ اڳرائي ڪري ڏيکاري ۽ 1902ع واري تعليمي ائڪٽ تحت عورتن جي تعليم لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج مهيا ڪيا ويا. جيتوڻيڪ قانون اڃان هن جنس کي ملڪي انتظاميه ۾ دخل ڏيڻ ڪونه ڏنو، تنهن هوندي به يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪري حڪومت ۾ عورتن وڏا ننڍا عهدا ماڻيا.

پهرين عظيم جنگ تائين ته عورت ذات ووٽ ڏيڻ جي حق کان به محروم هئي، ڇاڪاڻ جو ان جنگ دوران عورتن ڪيترائي اهم ۽ ذميداريءَ وارا ڪارناما سرانجام ڏنا. تنهن ڪري برطانيه سڀ کان اڳ اهو احسن قدم کنيو ۽ 1918ع واري ”عوامي نمائندگي ائڪٽ“ تحت شادي شدهه عورتن، گهريلو توڙي يونيورسٽيءَ کان مستند عورتن تان هيءَ پابندي لاٿي ويئي ۽ هڪ سال بعد ئي عورتن متعلق هڪ منظور ٿيل قانون  مطابق چيو ويو ته عورت کي جنس يا شادي شده هئڻ ڪري ووٽ جي حق ۽ ملڪي يارليامينٽ جي ”ايوان عام“ ۾ رڪن چونڊڻ تي ڪابه بندش ڪانه لڳائي ويندي ۽ وري 1968ع ۾ 21 سالن کان مٿي جي عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ملڻ لڳو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اتي 1919ع ۾ هڪ عورت ”وسڪائونٽيس آسٽر“ نالي کي پهرين قانون ساز اسيمبليءَ جي ميمبر عورت هئڻ جو شرف حاصل ٿيو.

اهڙيءَريت سنه 1929ع ۾ وري ”مارگريٽ بونڊ فيلڊ“ اها پهرين عورت هئي، جنهن کي حڪومت جي طرفان ملڪي خفيه ڪائونسل جو رڪن چونڊيو ويو. عورتن کي پنهنجي ذاتي جائداد متعلق مختلف قائدن تحت 1887ع ۾ ئي آزادي ملي چڪي هئي ۽ کين ڪوبه ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ جي پڻ اختياري ملي چڪي هئي.عورتن جي صنعت ۾ آمد به ان ئي دور ۾ شروع ٿي سنه 1874ع ۾ ٻارن ۽ عورتن لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪم جا ڏهه ڪلاڪ مقرر ڪيا ويا ۽ 1920ع ۾ برطانيه سميت ڪيترن ئي مکيه ملڪن هڪ ٺهراءُ پاس ڪري عورتن کي کاڻين جهڙي سخت ۽ جوکائتي ڪم کان ڇوٽڪارو ڏياريو ويو.

اهڙي ريت اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته عورت ذات جي ترقيءَ ۽ حوصله افزائيءَ ڪرڻ ۾ انگريز قوم جس لهي.اها ان قوم جي اعليٰ ظرفي آهي، جنهن عورت کي متعصب پادرين ۽ جهالت جي واسينگن جي ٻرن مان ڪڍي، عزت ۽ احترام جي زندگي ڏني. ڏسندي ڏسندي آمريڪا ۽ ايشيا جي ڪائو بوائز ۽ اڀرندڙ سج جي پوڄارين پڻ عورت ذات جي عظمت ۽ حيثيت کي مڃيو ۽ کيس جائز حق ڏنا ۽ عورت جي لاءِ ترقيءَ جون راهون کلنديون ويون.

سنه 1827ع ۾ ٽائيپ مشين جي ايجاد ٿيڻ ڪري عورتن جي دنيا ۾ هڪ انقلاب اچي ويو ۽ عورتن سيڪريٽري، ٽيليفون ۽ ٽيليڪس آپريٽر ۽ ٽائيپسٽ جي روپ ۾ هر هڪ آفيس ۽ محڪمي تائين رسائي ماڻي ۽ اها سوڀ پڻ برطانيه کٽي، جو اتان جي ئي هڪ عورت ”ايلزبيٿ جريئٽ ائنڊرسن“ نالي ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ 1909ع کانپوءِ اتان جي رائل ڪاليج آف فزيشن ۽ سرجن ۾ قابليت جي بنياد تي عورتن ۽ ڇوڪرين کي به داخلا ملڻ جو آغاز ٿيو.

اهو چوڻ ڪافي آهي ته هن ويهين صديءَ ۾ عورت پنهنجي محنت ۽ قابليت سان ڌرتيءَ کان وٺي آڪاش تائين هر ان هنڌ تائين پهچي چڪي آهي جيستائين هن مهل تائين انسان ذات جي پهچ ٿي سگهي آهي. روس خلا ۾ عورتن کي تجربا ڪرڻ جا موقعا پڻ ڏنا ۽ هڪ روسي خلاباز خاتون ”ويلنيتنا ٽرشيڪو“ ته خلا ۾ ڪيترائي نوان نوان تجربا ڪري نت نوان رڪارڊ قائم ڪيا ۽ عورت ذات جو جڳ ۾ مان مٿانهون ڪيو. اڄ اهو دور اچي ويو آهي جو آفريڪا کان وٺي ايشيا تائين ۽ آمريڪا کان وٺي يورپ تائين ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن تي عورت پاڻ ملهايو آهي ۽ جپاني ڪارخانن ۾ جتي اليڪٽرانڪس جهڙيون نازڪ شيون جوڙي عورتون پنهنجي مهارت مڃائڻ لڳي ته ٻئي طرف هن پنهنجي گهريلو ذميوارين کي پڻ ڪونه وساريو آهي ۽ اڄ عورت کي زمانو هڪ محبت ڪندڙ ۽ شفيق هستي ڪري مڃي ٿو.

حسينا آزاد جتوئي

رڌپچاءُ

چائينيز چانور:  گهربل شيون- ڪلو چانور، پاءُ گيهه، چار عدد بيدا، چار عدد ڳاڙهيون گجرون، پاءُ پيز، ساوا بصر، پاءُ ٽماٽا، هڪ عدد موري پاءُ گوبي ۽ لوڻ ضرورت آهر.

ترڪيب: چانورن کي پندرنهن منٽ پسائي رکو، سبزين کي ڪٽي الڳ الڳ ٿانو ۾ اٻاريو، ان کانپوءِ ديڳڙي ۾ گيهه گرم ڪري چارئي بيدا ڦيٽي وجهو ۽ تيز تيز ملايو جيئن هو صفا ملي وڃن ۽ ايترا تيز به ڳاڙها نه ٿي وڃن-  اٻريل سبزيون ان ديڳڙي ۾ وجهي ڀڃي وٺو- ٻئي پاسي چانور اُٻاري وٺو ۽ لوڻ ضرورت آهر وجهي ڇڏيو چانور ٿورا ڪچا ئي هجن ته ان کي ڪنهن ڪپڙي تي ڇاڻي وٺو هاڻ ٻي ديڳڙيءَ ۾ هڪ تهه سبزيءَ جو ۽ ٻيو تهه چانورن جو ڏيو ۽ پاڻيءَ جو هلڪو ڇنڊو هڻي پنج ڏهه منٽ دم تي رکو چائينيز چانور کائڻ لاءِ تيار ٿي ويندا.

تورين جي کلن جا ڪباب:

گهربل شيون: ڪلو سايون توريون، پاءُ گيهه، اڌپاءُ چڻن جي دال- ڦودنو- ساوا ڌاڻا ساوا مرچ ۽ ٿوري ادرڪ ٻه ٽي ڳڙيون ٿوم جون ٻه عدد بيدا، لوڻ مرچ ضرورت آهر.

ترڪيب: تورين جون کلون لاهي ڇريءَ سان سنهو ڪٽيو، ديڳڙيءَ ۾ وجهو ۽ ان ۾ دال، ٿوم ۽ ادرڪ ڳاڙها مرچ لوڻ وجهي اٻارڻ لاءِ رکو جڏهن دال ڳري وڃي ته ان کي گرينڊر ۾ پيهي وٺو- ڦودنو، ساوا ڌاڻا، ساوا مرچ ڪٽي ملايو ۽ ننڍيون ٽڪيون ٺاهي تئي تي گيهه وجهي بيدن ۾ انهن ٽڪين کي تريندا وڃو ساين تورين جي کلن جا ڪباب تيار ٿي ويندا.

سلاد ۽ ٽماٽي جي چٽڻي کي به کائڻ وقت رکو ته ڪباب وڌيڪ لذيذ ٿي پوندا.

تريل پلو:

گهربل شيون: هڪ عدد پلو، پاءُ گيهه اڇو جيرو، ڪارو جيرو، دالچيني، گدامڙي، سڪا ڌاڻا ۽ لوڻ مرچ ضرورت آهر.

ترڪيب: پهرئين پلي کي ڌوئي ٿوري دير لاءِ لوڻ ڏئي رکو- گدامڙي پُسائي ان ۾ گرم مصالو پيهي ملايو لوڻيل پلو گيهه ۾ تئي تي ترڻ لاءِ  رکو ٻئي پاسا هلڪي باهه تي پچي وڃن ته گدامڙيءَ وارو مسالو مٿان وجهي ان کي هلڪي باهه تي ٿوري دير لاءِ دم تي ڇڏيو ته تريل پلو تيار ٿي ويندو.

نياز برفت

غزل

رات رسندي ويئي
باک ڦٽندي ويئي
 

درد دلبر جي ۾
دل دکندي ويئي
 

پيار ويو اوتجي
ڏات کٽندي ويئي
 

ڪونه موٽيو پرين
تانگهه وڌندي ويئي
 

لڱ ويا برف ٿي
مات ٿيندي ويئي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com