سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1990ع

مضمون --

صفحو :5

مان پوءِ به ويٺي رهيس- سج ڪني ڪڍي ته مان ڪجهه ڪنجهي ڪڻڪي اٿيس، سڄو جسم اڃا به ٿڙڪيو پئي، رڙهي اندر ليئو پاتم ته جڙيو پاسيرو ڀت ڏانهن منهن ڪيو ستو پيو هو. ”کن رکي وري چيائين جڙئي کي ڏٺم، مون کي الاءِ ڇا ٿي ويو، هنيانءُ ڦاٽڻ لڳو. جيئن جڙئي کي ڏٺم پئي تيئن اکين ۾ ٻاٻوري ڪنڊا پئي چڀيا- پير، پير ۾ ڏئي ڪوٺي ڏانهن ويس هڪ نالي بندوق ۽ ٻه ڪارتوس کڻي بندوق ۾ ڪارتوس وجهي گهوڙو چاڙهي وري به پير پير ۾ ڏئي جڙئي جي ڀرسان آيس- ڀائنيم پئي ته جڙئي جي اک لڳي وئي هئي- ڀلا سڄي رات جو رن سان جاڳيو هو.“ بچيءَ جون اکيون ڳاڙهيون ٿينديون ويون ”بندوق لؤندڙي جي ڀرسان جهلي ٺڪاءُ ڪرائي مانس ته مٿو ٻوٽيون ٻوٽيون ٿي ويس، بندوق مان خالي ڪارتوس ڪڍي، ڀريل ڪارتوس وجهي گهوڙو چاڙهي سيني تي ٺڪاءُ ڪرايو مانس ته سينو پُرڻ ٿي ويس.“ بچي پنهنجي نرڙ تي آيل پگهر اگهندي چيو: ائين صاحب مون غيرت ۾ اچي پنهنجو مڙس ماريو.“

تون، زال پنهنجي مڙس کي، ماريو؟ صوبيدار هر لفظ چٿي چٻاڙي ڳالهائيندي چيو.

”صاحب مون پنهنجو بيان ڏنو.“ بچل وراڻيو ”باقي مڙس زالن کي ڇو ماريندا آهن – مڙس زالن کي مارن ٿورڙين معمولي ڳالهين تي، منهنجي ماسي کي پنهنجي مڙس رڳو شڪ ۾ ماريو، اها ٿي مرد لاءِ غيرت، مرد رڳو زالن، مائرن، ڀينرن سان پيار ڪندا آهن جو ٻئي سان ڏسي سهي ناهن سگهندا ۽ ماري ڇڏيندا آهن ان سان هنن جي عزت تي حرف ٿو اچي عزت رڳو اسان زالن ذات لاءِ آهي. ڇا اسان پنهنجي مڙسن سان پيار نه ٿيون ڪريون. هنن کي ٻين سان ڏسي هنن جي عزت تي حرف ٿو اچي عزت رڳو اسان زالن ذات لاءِ آهي – ڇا اسان پنهنجي مڙسن سان پيار نه ٿيون ڪريون. هنن کي ٻين سان ڏسي اسان جي دل ڳڀا نه ٿي ٿئي؟ منهنجي ڳوٺ جون ڪيتريون سدا ملوڪ موملون ائين ري گناهه مري ويون. ”بچل تپندي وئي شايد صوبيدار جي ٽوڪ سهي نه سگهي.“ پنهنجن ڀائرن، پنهنجن ڀينرن کي ڪهاڙين سان ڪٺو، هو ته ويچاريون گگدام واهر لاءِ ڪنهن کي سڏي به نه سگهيون. منهنجي ننڍي ڀيڻ، منهنجي پيءُ سڀني گهر جي ڀاتين آڏو ڪهاڙي سان ڪُٺي، ويچاري ڏاڍو ڀڳي هئي، سر بچاءَ لاءِ ان هنيانءُ ڦاڙي رانڀاٽ ڪياسين. ابي کي قرآن لاهي وڌوسين ته به نه مڙيو اهائي ٿي توهان لاءِ غيرت ۽ ڪورٽ سڳوري به هن ڪوس کي غيرت جو بهانو ڏئي ڏوهاري کي سزا به نه ٿي ڏي. سڀ وائڙا، سڀ سوچ ۾ گم ته تون، بچل.... جهنگ جي جهانگياڻي هي ايڏو ڪيئن ٿي ڳالهائي سگهين. ايترو عقل ڪٿان آيو توکي!؟

۽ پوءِ صوبيدار، وڏيري کي چيو، سائين اسين جاءِ واردات ڏينداسين، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو. صوبيدار سپاهي ڏانهن منهن ڪندي چيو”هن مائي کي لاڪپ ڪر.“

صوبيدار، وڏيري سان اٿي جاءِ واردات ڏسڻ ويو ۽ سپاهي بچل کي وٺي هڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪيو، بچل ڪوٺي ۾ وڇيل تڏي تي، اچي ليٽي، ٿڌو ساهه کنيو ۽ ڇت کي گهورڻ لڳي، ٻاهر ڳوٺ ۽ تَرَ ۾ ان ڳالهه جو چئو ٻولهه ۽ هي اندر ڪوٺي ۾ بند هن جي اندر ۾ به ماٺار هئي. سوچ جون سڀ ڳڙکيون بند، ڪڏهن ڪڏهن خبر نه، ڇا سوچي سندس اکيون ڀرجي پئي آيون، پر، هن ڳوڙها پي پئي ڇڏيا- ڀلا هاڻ ڇا ٿيڻو هو. هن جي ذهن ۾ اوچتو هڪ خيال آيو ”مون گناهه ڪيو آ؟“

۽ ان ئي گهڙي هيءَ ڇرڪ ڀري اٿي، ويٺي ۽ هن من ئي من ۾، وڏي رڙ ڪري چيو ها – ها مون گناهه ڪيو آ، مان گنهگار آهيان پر اهو گناهه اهو پاپ ته روزانو ڪٿي نه ڪٿي مرد ڪن ٿا، جيڪڏهن اهي، بي گناهه ۽ غيرتي آهن ته مان رڳو قاتل ڇو؟ ڇا مون پنهنجي مڙس سان پيار نه ڪيو هو. هن کي ٻئي سان ڏسي منهنجو اندر نه سڙيو هو. ها پر مون صدين جا پلئه چڪايا آهن. غلط رواجن جو جواب ڏنو آ مون. مان انهن سڀني گگدام عورتن جو آوازآهيان. جيڪي ري گناهه قتل ڪيون ويون. ها مان عورتن جو آواز آهيان ۽ پوءِ بچل جي ذهن تي بي سرتي ڇانئبي پئي وئي ۽ هوءَ وري تڏي تي ليٽي پئي.

تارا بخاري

غزل

ماڻهو جڏهن، ماڻهو ٿي پوندو!
عالمي رڪارڊ، ٽُٽي پوندو
 

ٻُڌائي ڪائي وئي اڄ خوشبوءِ،
ذهن جو هر زخم ڇٽي پوندو.
 

بن بن ڀٽڪي آهيان جوڳڻ ٿي،
پنڌ ڪاٿي ته هي کٽي پوندو.
 

ياد، هي زخم، درد، تنهنجو خواب
دل جي ڌرتيءَ مان ڪو ڦُٽي پوندو.
 

پيار هيڪل ڪري هليو ويو جي،
حوصلو جيئڻ جو ٽُٽي پوندو.

شاهده مصراڻي

وائي

وقت واهڙ جيان وهي، سج ٿو لهي

تون واٽ ويٺيئن ويسلي.

 

ديس تنهنجو دادلي، سور سختيون پيو سهي

تون واٽ ويٺيئن ويسلي.

 

ملڪ جي ڪيئن مارئي مارن بنا ٿي هيئن رهي

تون واٽ ويٺيئن ويسلي.

 

جي چپ سدا چريون رهن ڪوٽ قهري ڪيئن ڊهي

تون واٽ ويٺيئن ويسلي.

نوشين سپنا کوکر

آزاد نظم

ڪالهه رات

تنهنجي اوسيئڙيء ۾

کُليل در سان گڏ

دل اکين جون ڳڙکيون

کولي رکيم!

ڪالهه رات

تنهنجي اوسيئڙي ۾

کليل اکين سان

ڏسي سپنا سڀئي

روئي ڏنم!

ڦُٽي پرڀات،

تنهنجي نه اچڻ کان پوءِ

کليل دوکو کائڻ کان پوءِ

توکي بي وفا، بي وفا

چئي ڏنم!

فوزيا شيخ

عجيب فيصلو

منهنجي زندگي جي ڪتاب جا

الاهي صفحا خالي آهن

الاهي جملا اڌورا آهن

بيشمار لفظ وکريل آهن

مون سڀ سهڻي نموني

ترتيب سان لکڻ ٿي چاهيو

بي عنوان زندگيءَ کي

ڪو نالو ڏيڻ ٿي چاهيو

پر.... هي وقت جو عجيب فيصلو

منهنجي هٿن  مان

قلم ڦري

تقدير جي قلم سان

پنهنجا فيصلا

منهنجي زندگيءَ جي ڪتاب ۾

لکي رهيو آهي

خالي صفحا ڪارا

ڪري رهيو آهي.

اک ٻوٽ، لال ڦيري

راند ڪنديون هيوسين

پر اڄ ان گهرجي اڱڻ تي ته ٺهيو

در تي به بيهڻ

نه ٿو ڏنو وڃي

۽ هو جيڪي

امڙ نياڻي چوندا هئا

مون کي در تي بيٺل ڏسي

اهڙي گهور سان تڪن ٿا

جو پاڻ مرادو هٿ

در کي بند ڪرڻ لاءِ

کڄي ٿا وڃن

۽ هي ساڳيا ماڻهو

ڪيترا اوپرا لڳن.

اختر درگاهي

غزل

گُل گلاب کان ڳاڙها جذبا
تنهنجا منهنجا جاڙا جذبا
 

رُڃ حياتي، ٿڪل سوچون
تتل ڏينهن اگهاڙا جذبا.
 

هاءِ! وڇوڙي جي وسندين ۾
مون لئه ڪات ڪهاڙا جذبا.
 

ٻوسٽ وارن ماحولن ۾
روز ڪرن ٿا راڙا جذبا.
 

کنوڻ جا کجڪا، مينهن جا وسڪا
انڊلٺ ريکا تاڙا جذبا.

* تنقيدي مضمون                                              فيروزه سما

سڀان جا ٻيجل

جيڏيون / سرتيون! اسان جي سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي سخت کوٽ آهي، ادبي ۽ سماجي قدرن کي سامهون رکي ادبي تحريرن کي ڪو پرکڻ وارو ڪونهي. تنقيدي ادب جي رجحان جي پيدا ڪرڻ خاطر، اسان هي مضمون – سڀان جا ٻيجل ڏئي رهيا آهيون. سڀان جا ٻيجل يعني ٻار! ان موضوع تي به تمام گهڻو لکيو ٿو وڃي. ٻار جي نفسيات، ذهني اوسر ۽ ان جي ڪردار جي تعمير بابت ماءُ کان وڌيڪ ٻيو ڪير ڄاڻي! ان ڪري اسان جي اها ڪوشش رهندي ته هن پرچي ۾ اهڙا مضمون ڏيون جن ۾ جديد حالتن جي ضرورت مطابق ٻار جي سارسنڀال،نفسيات پڙهائي ۽ خود اعتماديءَ جهڙا گڻ پيدا ڪرڻ بابت سلجهيل ۽ اورچ مائرن لاءِ تجزياتي مضمون هجن.

سالن کان ٻار پنهنجي درسي ڪتابن ۾ لکيل نظمن يا گيتن کي آلاپي پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪندا آهن پر سوسن مرزا انهن پراڻن گيتن ۽ لفظن کي ڇڏي جديد حالتن جي لحاظ کان تعميري مقصد کي سامهون رکي ٻارن ۾ سجاڳيءَ جو جذبو جاڳايو آهي جهڙي طرح سورهيه ٻالڪ جو وچن ”نظم ۾ ٻار جي عزم جو مثال هن طرح ڏئي ٿي:

مان هر ديوار کي ڊاهيندس،

نيهن ڌرتيءَ ساڻ نڀائيندس،

مان مانجهي مڻيادار آهيان،

مان ٻلوانن جو ٻار آهيان.

پنهنجي ڌرتيءَ جي موجوده ماحول کي ڏسندي ۽ حقيقتن کي اڳيان رکندي پر ماريت جي خلاف جنگ جوٽڻ جي ارادي جو اظهار نئين نسل جي ٻار واتان هيئن ڪرائي ٿي:

پريت اسان جي آهي سچ سان،

جنگ اسان جي آهي ڪچ سان،

سک جو سج به اڀارينداسين،

ماري مڃ ڪنداسين هَڙ پرمار،

اسين سنڌ جي نئين نسل جا ٻار.

لولي ننڊ جو سنيهو آهي، جنهن جي ذريعي ماءُ ٻار کي مٺي ننڊ ۾ سمهاري خوابن جي ديس ۾ پهچائي ٿي. پر سوسن مرزا لوليءَ ۾ به سجاڳيءَ جو سڏ ڏئي ٿي ۽ ٻار کي ننڍي هوندي کان ئي بهادريءَ جو سبق ٻڌائي ٿي. جابر ۽ ظلم اڳيان ڪڏهن به نه جهڪڻ جو اسرار ڪري ٿي. جبل جي لوهي ديوارن ۾ بند ٿيڻ جو انديشو گيت جي صورت ۾ ٻڌائي کيس ديس تان قربان ٿيڻ جو قسم ڏئي ٿي ۽ آئينده جا اهڃاڻ هن طرح ٻڌائي ٿي:

تون ديس دروهي سڏبين،

۽ شايد مقتل ويندين،

پر سنهن اٿئي سوڀارا،

تون آڻ نه مڃجئين پيارا،

۽ ان کان اڳ جو توکي،

ڪو آزاديءَ کان روڪي.

 

تون مڙس مٿيرن وانگي،

ڪجان قربان ڌرتيءَ تان

پنهنجا مينديءَ رتا هٿڙا

لولي توکي پيارا پٽڙا.

سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي پلجندڙ سنڌي ٻار دنيا جي هر ٻار سان دوستي رکي ٿو. ڪاري  ڪوجهي جي فرق کي مٽائي امن جو خواهان آهي. جنهن جو ذڪر شاعره سندن واتان هيئن چورائي ٿي.

ڪارا ڪوجها سهڻا ٻار،

سڀئي آهن پنهنجا ٻار.

امن آشتي سان ٿئون پيار،

مور نه ڪنهن کان ڪريون ڌڪار.

تنهنجو دريا – منهنجو دريا.

سنڌو  دريا، سنڌو دريا.

ٻارن کي پنهنجي وطن جي محبت جو احساس هيئن ڏياري ٿي:

سدا وسي شل

سدا هجي شل

سائو ستابو

ديس اسان جو

ديس اسان جو

هن مجموعي ۾ شاعره ٻارن کي وندرائڻ ۽ سندن من ۾ خوشيءَ جا جذبا جاڳائڻ لاءِ بسنت بهار جي وڻندڙ موسم جي منظر نگاري اهڙي سهڻي ڪئي آهي جو بسنت جي موسم نه هوندي به ٻار پاڻ کي باغ ۾ پوپٽ سان کيڏندو محسوس ڪري ٿو.

بسنت آئي

گلن تي پوپٽ

ڦرن گهرن پيا

نچن ٽپن پيا

جٿي ڪٿي آ

سڳنڌ ڇائي

بسنت آئي

سوسن انگن ذريعي ٻارڙن کي سير ڪرڻ لاءِ چئي ٿي:

چار ۽ هڪ پنج

هلو ڏسون ٻارو

سهڻا ڀُورا ڀُورا

نديءَ ترندڙ هنج.

انگريزي ٻوليءَ جي الفابيٽ کي سنڌي ٻوليءَ جي لفظن سان ملائي الفا بيٽ هن ريت ياد ڪرائي ٿي:

پي. ڪيو. آر

اسان سنڌي ٻار

ڪين ڏکايون دل ڪنهن

جي سڀ سان رکون پيار.

سنڌو دريا ۾ جڏهن چاڙهه اچي ٿو. ته ان جي هاڃيڪار تباهيءَ جو اثر ڪچي جي ڳوٺن تي پوي ٿو، ان ڏکوئيندڙ واقعن کي محسوس ڪندي شاعره ٻوڏ کان متاثر ٿيل هڪ نينگريءَ جي دل ڏاريندڙ صدا کي سندس واتان هيئن چورائي ٿي.

پرسال جڏهن اٿليو هئين،

تنهنجي لوڏ ڀرين لهرين ۾،

ننڍڙي ادي لڙهي ويئي.

ماءُ جي هنج اجڙي ويئي

بابي کي ڪنهن نانگ ڏنگيو

توکي پر ڪو رحم نه پيو.

سوسن ٻاراڻي راندين ۽ ٻاراڻن ٻوليءَ کي پنهنجي نظمن جو موضوع بڻايو آهي، جنهن ڪري سندس نظم ٻارن لاءِ اوپرا ڪين آهن ۽ اهو انهن بيتن مان جلدي متاثر ٿين ٿا:

جهڙوڪ:

چيڪلي پايون

پير گسايون

مند ملهايون

گڏجي ڳايون

ٻولي:

سوسن مرزا جي شعرن جي ٻولي، سادي ۽ روزاني واري آهي ۽ ٻار ان کي ياد ڪندي ڏکيائي نٿا محسوس ڪن.

نظم اهڙا چونڊيا ويا آهن جنهن سان ٻار کي معلومات ملي ٿي. شاعره ٻاراڻن ٻولن ۾ ٻارن جي معصوم پيارين ڳالهين حرڪتن ۽ خواهشن کي سادي سلوڻي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي. سندس ڪيترائي شعر لوڪ شاعريءَ جي ردم ۽ لئي تي بيٺل آهن. شعر وندرائيندڙ به آهي ته معلوماتي پڻ جنهن مان سکيا ملي ٿي.

شاعره تشبيهه ۽ استعارن جي ذريعي پنهنجي ٻوليءَ کي وڏي سونهن ۽ سوڀيا بخشي آهي، جنهن جي ڪري هر ڪنهن ڳالهه، واقعي ۽ احساس کي سهڻي نموني ۾ بيان ڪيو آهي جهڙوڪ:

مان شيهي جي ديوار آهيان

مان ٻلوانن جو ٻار آهيان.

 

موتين جهڙو من اسان جو،

ڌرتي ساري ڌن اسان جو

 

ڇوڏو ڇاتيون بک کان

ويچار امان جون

 

انگ اگهاڙا اڀ جان

منهنجا ۽ امان جا

 

گلڙن ڦلڙن جهڙا ادڙا

پنکڙين جان اٿئي چپڙا.

ٻار پنهنجو پاڻ کي ”شيهي جي ديوار“ سان ڀيٽ ڪري ٿو، پنهنجي ”من کي موتين جهڙو اجرو  ”ماءُ جي ڇاتيءَ کي ڇوڏي سان“ انگ اگهاڙن کي آسمان سان تشبيهه ڏئي ٿو. شاعره ٻارڙن جي چپن کي پنکڙين سان تشبيهه ڏني آهي. جنهن سان ٻوليءَ ۾ خوبصورتي پيدا ٿي ويئي آهي.

سوسن جي شاعريءَ ۾ جتي خوبين جو ذڪر اچي ٿو ته ات کيس جَسُ ڏجي ٿو، پر ڪن هنڌن تي خاميون به ملن ٿيون جيڪي ڌيان طلب آهن. ”ڇلڙو“ گيت ۾ نانو ناني، ڏاڏو ڏاڏي، ماسي پڦي، رشتن جي سڃاڻ ڪرائي ويئي آهي، اُهي سڀ رشتا احترام لائق آهن پر گيت ۾ انهن کي مذاق جو نشانو بنايو ويو آهي. ٻار کي سنوارڻ بدران بگاڙيو ويو آهي. هي سڀ رشتا ٻار جي ڪردار جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ٻار کي جيڪڏهن هنن رشتن سان نفرت يا مذاق ڪرڻ سيکاري ويئي ته ٻار وڏو ٿي انهن رشتن کي پنهنجو پاڻ لاءِ ٻوجهه محسوس ڪندو. ٻارن کي اهڙو سبق ڏيڻ گهرجي، جو وڏن جو سندن پوڙهپڻ ۾ سهارو بنجڻ جي ڪوشش ڪن. ”ڇلڙو“ گيت ۾ ڏاڏي جي صفت کي هن طرح بيان ڪيو ويوآهي جنهن ۾ مذاق جو روپ ملي ٿو.

مثال

ردم ۽ لئي کي قائم رکڻ لاءِ سلفي جو لفظ ڪتب آندو ويو آهي. حالانڪ ٻيا به ڪيترائي موزون لفط آهن جيڪي ٻارن کي ڏئي سگهجن ٿا. سلفي نشي واپرائڻ مهل ڪم اچي ٿي. ٻارن کي نشي دار شين کان نفرت ڪرڻ جا شعرا ڏنا وڃن ته جيئن ننڍي هوندي کان ئي هو انهن شين جي ويجهو وڃڻ به پسند نه ڪن.

شاعر پنهنجي دور جو مبلغ ۽ سماج سڌارڪ هوندو آهي. شاعري ذهني پيڙا جو نچوڙ آهي. ٻارن جي خيالن ۽ جذبن کي مناسب پاسي ڏانهن موڙڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪارائتو طريقو آهي.

مقصديت:

هن مجموعي ۾ گيتن، نظمن ۾ اڳتي وڌڻ، ڪوڙ کي نندڻ ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ ۽ بهادري سان ڌرتيءَ تان سر ساهه صدقي ڪرڻ جهڙن موضوعن کي کنيو ويو آهي.

پنهنجي ديس جي اهم ۽ سورهيه ڪردارن کان آگاهه ڪيو آهي. گيتن ۾ موضوعن جي رنگا رنگي موجود آهي. شاعره ٻارن جي معصوم پيارين ڳالهين، حرڪتن ۽ خواهشن کي سادي سلوڻي نموني ۾ پيش ڪيو آهي.

* ڪهاڻي                                  ڪرم ٽالپر

سدوري

پهريون  ڀيرو روح زمين تي آيو هو. اهو روح سدوريءَجي ماءُ جو هو  جيڪا، سدوريءَ کي ڄڻي. پاڻ مري ويئي هئي. سدوري پنهنجي ماءُ جي پهرين ۽ آخري سڪيلڌي ڌيءَ هئي جيڪا، سدوري ثابت نٿي سگهي هئي ڇو ته ڄمڻ سان ئي سندس ماءُ  گذاري ويئي هئي، هن کي ڄڻڻ کان اڳ ئي سندس ماءُ گهڻي ڪمزور ٿي ويئي هئي. هڪ ته مناسب خوراڪ ۽ سارسنڀال ڪانه هئس ٻيو وري گهر جوماحول به ٺيڪ نه هُئو. گهر جي سُڃائي ۾ سندس مڙس جو گهڻو هٿ هئو. هو  بي روزگار هو. نشو به ڪندو هو ۽ جوا به کيڏندو هو. هيءَ ويچاري، جيڪو  پگهر جو پورهيو، پيهڻو ۽ سبڻو ڪندي هئي، ان جا چار پئسا به هوکسي ويندو هوس. نيٺ ويچاري هن حال کي پهتي جو ويم کانپوءِ بچي نه سگهي. سندس پيار جي جذبي اڌمو کاڌو ۽ هوءَ جيڪا هاڻي روح جو روپ وٺي چڪي هئي سا، سدوريءَ کي ڏسڻ لاءِ هُن دنيا کان هن جهان ۾ آئي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com