سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1990ع

مضمون --

صفحو :13

*مضمون                                      سيد امير علي

سنڌيڪار: حبيب الله صديقي

اسلام ۾ عورت جو مقام

الجنة تحت اقدام الامهات (جنت مائرن جي پيرن هيٺان آهي)

سماجي ترقيءَ جي ڪن مرحلن تي گهڻين شادين ڪرڻ جو رواج اڻٽر آهي. عام جام ويڙهون ۽ انهن جي نتيجي ۾ مڙدن جو قتلام، آدمشماريءَ ۾ عورتن جي اڪثريت  ۽ ساڳي وقت سردارن جي بي انت طاقت، انهن مڙئي حالتن انهيءَ رواج کي جنم ڏنو، جنهن کي اسان جي ترقي يافته دور ۾ صحيح طور تي اڻ سهائيندڙ بڇڙائي تصور ڪيو وڃي ٿو.

زماني قديم جي تمام مشرقي قومن ۾ گهڻين شادين ڪرڻ جي رواج   کي قانوني حيثيت حاصل هئي. بادشاهه انهي رواج تي ڪاربند هئا ۽ انهن کي جتي ڪٿي خدائي مرتبو حاصل هو، تنهنڪري عام ماڻهو انهي کي پاڪ رسم سمجهي ان تي عمل پيرا ٿيا. هندو بيحد اوائلي دؤر کان وٺي ٻنهي قسمن جي رسم ۽ رواج مطابق گهڻيون زالون پرڻبا هئا. جيئن قديم ميد، بابلي، آشوري ۽ ايراني لوڪن ۾ مروج هو، تيئن هندن ۾ پڻ ظاهري طرح زالن جي تعداد تي ڪابه پابندي عائد ڪيل نه هئي. هڪ اوچ ذات برهمڻ دور حاضر ۾ پڻ جيتريون وڻيس اوتريون شاديون ڪري سگهي ٿو.

اسرائيلن (يهودين) ۾ حضرت موسيٰ عليھ السّلام کان اڳ گهڻين زالن  پرڻجڻ جو رواج هو. هن اِنهيءَ  رواج کي جاري رکيو ۽ هڪ عبراڻي (هيبريو – يهودي) ڪيتريون زالون رکي سگهيو ٿي اُن بابت ڪابه حد مقرر نه ڪيائين. پوئين زماني ۾ جيروسلم (بيت المقدس) جي تلمود (Talmud) حدبندي ڪندي اعلان ڪيو ته هر ڪو اوتريون زالون پرڻجي جيترين جي چڱي طرح کاڌ خوراڪ ۽ سارسنڀال ڪري سگهي.

توڻي جو يهودي راهبن (Rabbins) هدايت ڪئي ته ڪوبه چئن زالن کان وڌيڪ زالون نه پرڻجي تڏهن به ڪرائتي فرقي وارن (Karaites) اختلاف ڪيو ۽ ڪنهن به حدبنديءَ جي قانوني جواز کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيائون.

ايرانين جي مذهب ۾ زالن جي ڪثرت کي ثواب خاطر سمجهيو ويو.

شامي – فنوقين (Syro-Phoenician) ۾ ڪثير الازواجي (گهڻي زال پرڻجڻ جو رواج) فحاشي جي حد تي پهچي چڪو هو. اُنهن کي اسرائيلي يهودين تباهه ۽ برباد ڪري، سندن جاءِ ولاري.

ٿريشين (Thracians)، لڊين (Lydians) ۽ پيلسگين (Pelasgians) يورپ جي مختلف علائقن ۽ مغربي ايشيا ۾ آباد هئا. منجهن گهڻين زالن پرڻجڻ جو رواج سڀئي حدون اورانگهي ويو انهيءَ معاملي ۾ هو ٻين سڀني نسلن وارين قومن کان گوءِ کڻي ويا هئا.

اٿينين (Athenians) زماني قديم جي سڀني قومن ۾ وڌيڪ سڌريل ۽ مهذب ترين ڄاتا ويندا هئا. اُنهن ۾ پڻ زال کي محض مال ملڪيت جي حيثيت حاصل هئي، جيڪا وڪري ۽ ٻين سان مٽاسٽا جي ڪم ايندي هئي ۽  وصيعت نامن مطابق  ورهائي ويندي هئي. عورت کي هڪ اهڙي بُرائيءَ طور ڏٺو ويندو هو، جيڪا گهر هلائڻ ۽ ٻارن ڄڻن لاءِ بيحد ضروري هئي. هڪ اٿينيسن کي اجازت هئي ته جيتريون زالون وڻس اوتريون پرڻجي. ڊيموس ٿينيز (Demosthenes) کي انهيءَ ڳالهه تي ناز هو ته سندس رعيت ۾ مردن کي عورتن جي ٽن گروهن تي قبضو حاصل هو، جن مان ٻن گروهن جون عورتون قانوني ۽ نيم قانوني زالون بڻجي سگهيون ٿي.

اسپارٽا وارا (Spartans) مڙدن کي ته سواءِ خاص حالتن جي هڪ زال کان وڌيڪ زالن پرڻجڻ جي اجازت نه ڏيندا هئا پر سندن عورتن کي هميشھ هڪ کان وڌيڪ مڙس هوندا هئا.

روم جي شهنشاهيت جن مخصوص حالتن هيٺ وجود ۾ آئي شايد، اُنهن جي دٻاءُ سبب گهڻين زالن پرڻجڻ جي رواج کي شروع ۾ قانوني حيثيت حاصل ٿي نه سگهي. صايبن جي زوري زنا واري ڪيس (Rape of the salins) جي تاريخي حقيقت ڇا به هجي، محض انهيءَ روايت جو وجود ٻڌائي ٿو ته شاديءَ متعلق رومين جي قديم قانون جي مرتب ٿيڻ جا ڪهڙا اسباب هئا. آسپاس جي ملڪن ۾ عام طور تي ۽ ايٽرسڪنس ۾ خاص طور تي زالن جي ڪثرت هڪ مانائتو رواج هو.

صدين تائين اٽلي جي ٻين قومن سان لهوچڙ، جنگين ۽ سوڀن گڏجي عياشيءَ جي اها ترغيب فراهم ڪئي، جيڪا اڪثر انهن حالتن ۾ پيدا ٿيندي آهي. آخرڪار نتيجو اهو نڪتو جو رومين ۾ شاديءَ جي تقدس (پاڪائي) پائمال ٿي، وڃي محض هڪ عام مروج لفظ جي صورت ورتي. ڪثرت الازواج دراصل قانوني حيثيت حاصل نه ڪئي هئي، پر (جيئن گبن پنهنجي ڪتاب Decline and Fall of the Roman Empire جي جلد 2 صفحه 206 تي لکيو آهي.)

”پن جي (Punic) سوڀن کانپوءِ روم جي راهبائن (Matrons) جي دلي تمنا ٿي ته هو به هڪ آزاد ۽ دولتمند ملڪ اندر عام ملندڙ فائدن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين ۽ (ڪليس جي) فادرس  ۽ لورس (عاشقن) جي طرفان عيش عشرت فراهم ٿيڻ ذريعي سندن خواهشن جو پورائو ٿيندو رهيو.“

ٿوري وقت اندر ”شادي“ جي روشني محض هڪ موڙهل (Promiscuous) ۽ اڻ ڄاڻايل سريتپڻي جي صورت اختيار ڪري ورتي.

سريتن رکڻ جي رواج، کي رياستي قانون هيٺ، هڪ ذاتي حق جي حيثيت حاصل هئي. عورتن کي جنهن قسم جي آزادي، مليل هئي ۽ پنهنجي مڙسن سان سندن رشتو جنهن حد تائين ڪمزور ٿي چڪو هو ۽ جهڙي ريت سندن عام جام تبديلي ۽ مٽاسٽا ٿيندي رهي هئي اُهي سڀ ريتون ۽ رسمون دراصل مختلف نالن هيٺ ڪثير الازواج يا گهڻين زالن رکڻ جي عام رواج پوڻ جي صورت پيدا ڪري رهيون هيون.

انهيءَ وچ ۾ قديم عيسائيت جا اصول جن جو گئليلي (Galilee) جي ڪناري سان پرچار ڪيو ويو هو، سي رومين جي پوري دنيا ۾ روشن ٿيڻ لڳا. اسينيز (Essenes) جو اثر، جيڪو حضرت عيسيٰ عليھ السّلام جي تعليمات تي چٽي طرح نظر اچي رهيو آهي، آسماني بادشاهت جي ڀرپور اُميد سان گڏجي، نزرٿ (Nazareth) جي پيغمبر کي ازدواجي زندگي کي بالعموم ادنيٰ يا حقير سمجهڻ جي ترغيب ڏني، جيتوڻيڪ هن ڪڏهن به واضح لفظن ۾ انهيءَ کي ڪنهن به صورت ۾ اختيار ڪرڻ کان منع نه ڪئي نه اهڙو مذهبي منع نامو جاري ڪيو.

گهڻين زالن پرڻجڻ جو رواج ڪم وبيش اعلانيه صورت ۾ زور وٺندو رهيو تان ته جسٽنين جي قانون (Laws of Justinian) تحت ان تي بندش وڌي ويئي. تاهم شهري قانون (Civil Law) ۾ شامل ڪيل بندش، عام ماڻهن جي اخلاقي نظرين ۾ ڪابه تبديلي نه آندي ۽ گهڻين زالن پرڻجڻ جو رواج جاري رهيو جيڪو اڳتي هلي جديد سماج جي عام راءِ تحت ننديو ويو. هڪ زال کانسواءِ جنهن سان پهرئين شادي ڪئي وئي، باقي سڀئي زالون سخت لاچاري جي حالت ۾ لوڙينديون رهيون. حقن کان وانجهيون ۽ انهن سڀني حفاظتن (تحفظات) کانسواءِ جيڪي قانون پهرئين زال کي فراهم ڪيون هيون، اهي باقي سڀئي زالون پنهنجي مڙس جي هر جُوجڪي يا ريچڪ برداشت ڪرڻ لاءِ غلامن وانگر ٻڌل هيون. اُنهن جي اولاد کي حرامي هجڻ جو داغ لڳايو ويندو هو، پيءُ جي ملڪيت مان لاوارث قرار ڏنو ويندو هو ۽ معاشري ۾ ٿالهيءَ ڀاڄيءَ نڪتل شمار ڪيو ويندو هو.

اهڙي سريتين رکڻ جو رواج هو جيڪي امير ماڻهو شادي ڪري گهٽ حيثيت سبب ڪنواريتن ۾ ئي ويهاري ڇڏيندا هئا ۽ سندن اولاد پيءُ جي ملڪيت ۽ لقب وغيره جو وارث نه ٿيندو هو ۽ کاٻڙ شاديون ڪرڻ جو رواج هو (جيئن جرمني ۾ هئو جنهن مطابق گهوٽ ڪنوار کي کاٻو هٿ ڏيندو هو جنهن جو مطلب ساڳي طرح ويهاريل سريت جي حيثيت ڏيڻ هوندو هو) اهو رواج فقط امير طبقي تائين محدود نه  هو. عيسائي مذهبي پيشوا دائمي ستي جتي ئي رهڻ جو عهد وساري اهڙو هڪ يا هڪ کان وڌيڪ رشتا قائم ڪندا هئا.

تاريخ انهيءَ حقيقت جي حتمي شهادت پيش ڪري ٿي ته، عام ويجهڙائيءَ واري دؤر تائين، گهڻين شادين ڪرڻ کي اهڙو خراب ڪم نه سمجهيو ويندو هو، جهڙو هاڻي سمجهيو وڃي ٿو. خود سينٽ آگسٽائين (St Augustine) کي انهيءَ ۾ ڪا بنيادي اخلاقي خرابي يا گناهه نظر نه آيو ۽ هن جي فيملي مطابق جنهن ملڪ ۾ قانون اجازت ڏئي اُتي گهڻيون شاديون ڪرڻ ڪو ڏوهه نه آهي. هلام (Hallam) ڄاڻايو آهي، جرمن مصلحن اهو تسليم پئي ڪيو آهي ته اولاد نه ٿيڻ جي حالت ۾ خواه اهڙين ٻين حالتن ۾ پهرئين زال سان گڏ ٻي يا ٽين زال پرڻجڻ جائز آهي.

ڪجهه عالمن اهو قبول ڪندي ته گهڻين زالن پرڻجڻ ۾ ڪا حقيقي بداخلاقي نه آهي ۽ حضرت عيسيٰ عليھ السلام انهيءَ رواج کي قطعي طور  تي ۽ واضح لفظن ۾ ممنوع قرار نه ڏنو آهي، انهيءَ خيال جو اظهار ڪيو آهي ته فقط هڪ زال پرڻجڻ جو موجوده دستور جيڪو هڪ خيال کان پوري يورپ ۾ عام آهي، سو عيسائيت تي جرمن يا يوناني – رومي وهمن گمانن جي مرتب ٿيڻ جو نتيجو آهي. پويون نظريو تاريخ ۽ حقيقت جي سنئون سڌو برعڪس آهي ۽ قابل قدر نه آهي. جرمنن جي باري ۾ هڪ شاديءَ جي رواج جو ثبوت هڪ يا ٻن رومين جي غيرتصديق شده شاهديءَ مان ملي ٿو جيڪي دنيا جي سڀني ماڻهن ۾ واقعن جا ناقابل اعتبار شاهد آهن خاص طور تي جڏهن انهن واقعن کي لڪائڻ سندن فائدي ۾ هجي. انهيءَ کانسواءِ اسان کي ڏسڻ گهرجي ته ٽئسيٽس (Tacitus) ڪهڙي مقصد سان پنهنجو ڪتاب Manners of the Germans (جرمنن جون عادتون ۽ اطوار) لکيو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ هن پنهنجي قوم جي ماڻهن جي اخلاقي بي راهه روي ۽ برائيءَ تي سنئون سڌو حملو ڪيو آهي. رومين جي براين کي وحشين (Barbarians) جي خيالي خوبين سان ڀيٽ ڏيڻ ۾ هن جو ارادو هو ته روم ۾ بهتر نظرين کي متعارف ڪرائجي. ٻي طرح کڻي فرض ڪريون ته ٽئسيٽس (Tacitus) جو خيال صحيح آهي ته پوءِ ويندي اڻويهين صديءَ تائين جرمنن جي اعليٰ خاندانن ۾ گهڻين شادين ڪرڻ وارين عادتن کي اسان ڪهڙي ڳالهه ڏانهن منسوب ڪريون؟

اوائلي زماني ۾ رومين جو کڻي ڪهڙو به رواج هجي ليڪن اهو صاف ظاهر آهي ته بعد جي زماني ۾ رياست ۽ شهنشاهيت جي آغاز وقت گهڻين شادين ڪرڻ جي رواج کي ضرور هڪ سرشته طور تسليم ڪيوويو هوندو يا ڪم از ڪم غيرقانوني نه سمجهيو ويو هوندو، انهيءَ سرشته جو وجود ۽ ان تي عمل ٿيڻ جو ثبوت انهي شاهي فرمان مان ثابت ٿئي ٿو جنهن مطابق گهڻين شادين جي انهيءَ سرشته ۾ مداخلت ڪئي وئي.

پريٽوريا جي شاهي فرمان (Praetorain Edict) انهيءَ خرابيءَ جو ڪيتري قدر ڪاميابيءَ سان خاتمو  آندو يا عوامي راءِ جي وهڪري جو رخ موڙيو، سا حقيقت چوٿين صدي عيسوي جي آخر ۾ ٻن شهنشاهن آنريئس (Honorious) ۽ آرڪيڊيئس (Arcadius) جي فتوائي فرمانن ۽ ڪانسٽنٽائين (Constantine) ۽ سندس پُٽَ جي ڪرتوتن مان ظاهر آهي جن خود ڪيتريون ئي شاديون ڪيون هيون. شهنشاهه وئلينٽينين ٻئي (Valentinian II) هڪ شاهي فرمان ذريعي پنهنجي شهنشاهت جي رعايا کي اجازت ڏني ته جيڪڏهن هو چاهين ته گهڻيون زالون پرڻجي سگهن ٿا. اُن دؤر جي ڪلسيا جي تاريخ مان اهو به معلوم نٿو ٿئي ته (پادرين) بشپن Bishops ۽ ڪليسا جي سربراهن ڪو انهيءَ قانون تي اعتراض ڪيو هجي. رهندو سڀني جائنشين شهنشاهن گهڻيون شاديون ڪيون ۽ عام ماڻهو گهڻو ڪري سندن تقليد ڪرڻ کان غافل ڪونه رهيا.

قانونن جي اها صورتحال جسٽينين (Justinian) جي زماني تائين جاري رهي. جسٽنين اُهي قانون لاڳو ڪيا، جيڪي اُنهن تيرهن صدين جي ڪٺي ڪيل ڏاهپ ۽ تجربن جي بنياد تي تجويز ڪيا هئا، انهن صدين دوران زندگيءَ جي هنرن ۾ واڌ ۽ ترقي ٿي هئي. انهن قانونن جسٽينين جي بدنام دور حڪومت تي هڪ جڙتو چمڪ جو تهه چاڙهيو آهي. پر انهن قانونن تي عيسائيت جو ڪوبه احسان نه هئو ڪم از ڪم براه راست (عيسائيت انهن قانونن جي مرتب ٿيڻ ۾ملوث نه هئي.)

جسٽينين جو سڀني کان وڏو صلاحڪار هڪ دهريو ۽ بت پرست هو. جسٽينين جي طرفان گهڻين شادين ڪرڻ کان منع ڪرڻ جي باوجود، زماني جو رخ ساڳيو رهيو. قانون ڏيکاري ٿو ته سوچ ترقي ڪئي هئي، پر ان جو اثر چند سوچيندڙ ذهنن تائين محدود هو؛ عوام الناس لاءِ قانون مڪمل طور تي هڪ رديءَ جو ڪاغذ هو.

يورپ جي مغربي حصن ۾، وحشين (Barbarians) جي بي تحاشا يلغار اُنهن جي اخلاقي نظرين جو انهن ماڻهن جي نظرين سان ميلاپ جن جي وچ ۾ هو اچي آباد ٿيا تن گڏجي زال مڙس جي رشتي جو مان گهٽائي ڇڏيو.

وحشي لوڪن (Barbarians) جي دستور العمل يا قوانين مان ڪن عالمن گهڻين  شادين ڪرڻ جي رسم تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. ليڪن مثال نصيحت کان سگهارو هو ۽ حڪمرانن جيڪو گهڻين زالن پرڻجن جو مثال قائم ڪيو هو سو رعيت پڻ ان تي تڪڙو عمل ڪندي رهي. ٻيا ته ڇڏيو پر خود مذهبي پيشوا ۽ عهديدار، ڪليسا جي انهن واضح هدايتن جي باوجود ته هنن کي دائمي ڇڙهو ۽ پاڪدامن رهڻو آهي ائين ڪندا هئا جو بشپ يا پنهنجي علائقي (Diocese) جي پادريءَ کان هڪ معمولي اجازت نامون حاصل ڪندا هئا ته زماني جي رواج مطابق هو به گهڻيون کاٻڙ شاديون رچائيندا رهن.

عيسائي ليکڪن جيڪا هڪ عظيم ۽ قابل مذمت غلطي ڪئي آهي سا هيءَ آهي ته هو محمد ﷺ بابت هڪ مفروضو بيان ڪن ٿا ته هن گهڻين شادين جو رواج اختيار ڪيو ۽ انهيءَ رواج کي هڪ قانوني حيثيت ڏني. اهو پراڻو خيال ته هن (محمد ﷺ) گهڻين شادين ڪرڻ جو رواج وڌو، هيل تائين پاش پاش ٿي چڪو آهي. اهو خيال انهن ماڻهن جي جهالت جي نشاني آهي، جيڪي اهڙو گمان رکندا هئا، ليڪن اها راءِ ته هن انهيءَ رواج کي خود اختيار ڪيو ۽ انهيءَ کي هڪ قانوني شڪل ڏني اڃا تائين عام ماڻهن جي ذهنن ۾ برقرار آهي ۽ ڪيترا عيسائي عالم انهيءَ راءِ جا آهن. (دراصل) اهڙي راءِ کان وڌيڪ غلط راءِ ڪا ٻي ٿي نٿي سگهي.

محمد ﷺ گهڻين شادين جي رواج تي عمل ٿيندو ڏٺو. اهو رواج نه صرف سندس پنهنجي قوم ۾ هو پر پاڙيسري ملڪن ۾ اهو رواج ذليل ترين حرڪتن کي پهچي چڪو هو. مسيحي شهنشاهيت جي قانون برابر هن برائيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ڪاميابي حاصل نه ٿي. گهڻين زالن پرڻجڻ جو رواج بنا روڪ ٽوڪ وڌندو ويجهندو رهيو ۽ بدحال عورتون پهرئين زال کي ڇڏي، جيڪا وقت جي لحاظ کان اڳي پرڻي، باقي سڀ سخت بيوسيءَ ۾ پيڙجي رهيون هيون.

پيغمبر صلعم جي زمانه ڌاري ايارن ۾ اخلاق جي بدتري افسوسناڪ حد تائين پهچي چڪي هئي. عقديا نڪاح جو ڪو تسليم شده قانون نه هو ۽ جيڪڏهن ڪنهن اهڙي قانون جو ڪٿي ڪو وجود هو ته اهو مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ٿي ويو. جيئن ته زينڊ اويستا (Zend-Avesta) ۾ اهڙو ڪو مقرر قانون نه هو ته هڪ مرد ڪيتريون زالون پرڻجي سگهي ٿو، تنهن ڪري پارسين ڪثير تعداد ۾ باقاعدي شادين جا رشته قائم ڪرڻ تي زورڀريو ۽ انهن کان علاوه سريتيون پڻ رکندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com