سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1990ع

مضمون --

صفحو :11

س: اوهان درس وتدريس سان ايتري محبت رکو ٿيون جو رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ اوهان ننڍن ٻارن لاءِ اسڪول قائم ڪيو، ان جي ضرورت اوهان کي ڇو پيش آئي.

الف: شهري عورت جي مسئلن کي حل ڪرڻ.

ب: ناڻو ڪمائڻ.

ت: پاڻ کي مصروف رکڻ.

ج: جيئن ته مون توهان کي پهرئين به ٻڌايو ته ننڍي هوندي کان وٺي مون کي استاد ٿيڻ جو شوق هئو ۽ چاليهه سال تدريسي ڪم ڪرڻ ۽ مصروف زندگي گذارڻ کانپوءِ جڏهن رٽائرمينٽ ۾ مون کي ٻه سال هئا، تڏهن مان سوچيو ته جڏهن رٽائر ٿيندس، ته سڄو وقت ڪيئن گذاريندس. پوءِ ڇو نه مان اسڪول کوليان. جنهن ۾ پاڻ کي مصروف رکان. سو رٽائرمينٽ کان، ٻه سال اڳ مون اسڪول کولي ڇڏيو ۽ الله جو شڪر آهي، جو مان سمجهان ٿي، ته اهوڪم مون تمام چڱو ڪيو آهي. باقي ناڻي ڪمائڻ جو ڪونه سوچيو آهي، ڇو ته اڪيلي جان آهيان، ناڻي جي ڪهڙي ضرورت. بس مون کي مصروفيت کپندي هئي ۽ ٻيو اهو سوچيم ته جيڪو چاليهن سالن  جو تجربو حاصل ڪيو آهي يا سڄي دنيا جون جيڪي انسٽيٽيوشن ڏنيون اٿم، انهن مان جيڪي ڪجهه پرايو اٿم سو پنهنجي ٻارن تي استعمال ڪري ڏسان ته ڪهڙو صحيح طريقو آهي، ان ڪري ئي مون اهو اسڪول کوليو آهي.

س: بيورو آف ڪريڪيولم جون ڊائريڪٽر ٿي رهيون آهيو، ٻڌايو ته اوهان جي رهبري جي ڏهاڙن ۾ هن بيورو ڪهڙي ترقي ڪئي؟

ج: ڇاڪاڻ  جو بيورو آف ڪريڪيولم هڪ تمام  سائيڊ پوسٽ ۽ امپارٽنٽ پوسٽ آهي. تنهن ۾ نظام تعليم جو سڄو دارومدار بيورو آف ڪريڪيولم تي آهي. تنهن ۾ استاد کي تربيت ڏيڻي پوندي آهي ۽ نصاب ٺاهڻو پوندو آهي ۽ هي بيورو سڄي سنڌ جي رپريزنٽيشن پڻ ڪري ٿو ۽ ٻين صوبن سان مقابلو ڪري ٿو. سو ان لاءِ مون سوچيو ته جيئن اسان جي سنڌ تعليم ۾ پوئتي آهي، سو اهڙي ڪارڪردگي ڪري ڏيکارجي، جنهن ۾ اسان جي سنڌ جو نالو روشن ٿئي. انهيءَ خيال کان اسپيشل ايڊيوڪيشن، جيڪا معذور، ٻارن جي تعليم آهي. مون پنهنجي ذمي کنئي، ڇو ته جيڪي معذور ٻار آهن، انهن تي توجهه نه ٿي ڏنو ويو. تن تي توجهه ڏنو وڃي. انهيءَ لاءِ ادارا کوليا ويا. جڏهن مان بيورو آف ڪريڪيولم ۾ هئس يا ته ٻاهران جيڪي ايجنسيون هونديون هيون. اتان ماڻهو ايندا هئا. انهن سان بحث مباحثو ڪري اسپيشل فنڊز ورتا، ادارا کولرايا، تنهن کانپوءِ وومينز ڊويزن طرفان سڄي سنڌ ۾ سينٽرس کولرايا ته جيڪي ٻهراڙيءَ ۾ عورتن آهن. انهن کي علم سان گڏ هنر به سيکاريو وڃي ته جيئن هو پنهنجي زندگي ڪارآمد گذاري سگهن ۽ انهن ۾ شعور پيدا ٿئي ۽ پنهنجي حقن جي خبر پوي ته اهي انڌيري ۾ ويٺيون آهن. مون انهن لاءِ اها ڪوشش ڪئي، تنهن کانپوءِ اسڪول جي تعليم ۾ رڳو نصابي تعليم ڏني وڃي ٿي، غير نصابي تعليم نه ٿي ڏني وڃي. مون اها ڪوشش ڪئي ته انهن ۾ ايگرو ٽيڪنيڪل جي تعليم ڏني وڃي ته جيئن ٻارن کي هنر ملي سگهي ۽  هو اڳتي هلي نه سگهن، ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو پيٽ پالي سگهن، تنهن کانپوءِ ٽريننگ ڪاليج اهڙا استاد موڪليندو هئو، جيڪي انهن کي نه وڻندا هئا، تنهن مون سوچيو ته هاءِ اسڪول ۾ اهڙن ٽريننگ ٽيچرن جي ضرورت آهي، ڇو ته جيستائين ٽيچر حڪيم نه آهي. تيستائين شاگردن کي صحيح تعليم ملي نه سگهندي. ان لاءِ  مون ڪوشش ڪئي ته جيڪي ٽريننگ انسٽيٽيوشن بيورو جي انڊر ٺهيون آهن، تنهن کانپوءِ بيورو جو جيڪو اسٽاف آهي. تن لاءِ گريڊ وڌرايم. انهي لاءِ گريڊ  وڌيل هوندو ته استاد به محنت ڪندا ۽ خوشيءَ سان ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ ايندا. انهي ڪري خدا جو شڪر آهي، جيڪي به انسٽيٽيوشنس آهن، يا اسپيشل ايڊيوڪيشن آهن. انهن ۾ گريڊ وڌيو. انهي ڪري بيورو جو سڄي سنڌ ۾ نالو اهڙو مشهور ٿيو، جو سڄي سنڌ هن اداري کي ياد ڪري ٿي.

س: اوهان جي علمي تعليمي خدمتن جو قدر ڪندي اوهان کي ”خديجة الڪبريٰ“ ايوارڊ ڏنو ويو.  ٻڌايو ته ان کانسواءِ اوهان کي ڪهڙا انعام مليا؟

ج: ٻيو علامه اقبال اوپن يونيورسٽي وارن اهڙو ايوارڊ ڏنو هئو، تنهن کي ٽي سال ٿي ويا آهن. پوءِ ٻيو، ايوارڊ اپوا پاران ميمبر آف آرنر مليو هئو.

س: اوهان عورتن جي ڀلائي ۽ بيداري لاءِ هن وقت تائين ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟

ج: مون اهڙو ڪو خاص ڪم ڪونه ڪيو آهي. سنڌي عورت جي بيداري لاءِ هڪ سنڌي عورت تنظيم ته جيئن عورتن کي گڏ ڪري، انهن ۾ شعور پيدا ڪري سگهجي. اهي رڳو جانورن وانگر گهر ۾ نه ويهن، پر قوم لاءِ ڪارآمد ٿين ۽ پنهنجي ٻچن کي صحيح تعليم ڏين ۽ صحيح تربيت ڏين. ان سان گڏ گهر کي صاف سٿرو رکن ۽ پنهنجي صحت جو خيال رکن. تنهن کانپوءِ اسان هڪ ڊاڪٽرياڻي پڻ ويهاري هئيسين، ڇاڪاڻ جو اهي ڊاڪٽر وٽ نٿيون وڃي سگهن، ته انهن کي ڊاڪٽرياڻين کان مفت طبي مشورو پڻ ڪرائينديون آهيون يا جيڪي يتيم ڇوڪريون هونديون آهن، مون پاڻ چئن ڇوڪرين جي هاڻي شادي ڪرائي. سکر جي پرنسپال اها به يتيم هئي، ان کي پڙهائي نوڪري وٺي ڏني. جيڪا پهريائين زبيده ڪاليج ۾ پرنسپال هوندي هئي. اها پڻ يتيم هئي، ان کي پڙهائي نوڪري وٺي ڏني. جيڪا پهريائين زبيده  ٿيس ته گهر ۾ جيڪي به ڇوڪريون ائين ويٺيون هيون، تن کي گهر ۾ پڙهائي، پوءِ هاسٽل ٺهرائي ۽ انهن جي مائٽن کي پڻ يقين ڏياريو، ته اوهان جون نياڻيون محفوظ آهن. وري جڏهن ڪاليج جي پرنسپال ٿيس ۽ جيڪي مايون ٻارن واريون هيون، تن کي داخلا ڏياريم، بي اي ڪرايم، جڏهن 1953 کانپوءِ حيدرآباد ۾ ڪاليج قائم ٿيو، تنهن کانپوءِ ڇوڪرين ۾ شعور پيدا ٿيو، نه رڳو ڪاليج جي ڇوڪرين کي هاسٽل ۾ رکندي هئس، پر يونيورسٽي ۾ هاسٽل ڪونه هئي، ته انهن کي پاڻ وٽ رکندي هئس. ميڊيڪل جي ڇوڪرين کي رکندي هئس. وڌ ۾ وڌ انهن ڇوڪرين کي سهولتون  ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي هئس، جيڪي ٻهراڙيءَ ۾ نه ٿيون پڙهي سگهن.

س: اڄ ڪلهه، سنڌي عورت، زندگي جي مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. ملڪ جي قيادت کان وٺي. مکيه کاتن ۽ ادارن جي اڳواڻي ۾ اها پيش پيش آهي، پر عورت ذات جي انهيءَ حيثيت ۽ خدمت جي چڱيءَ ريت پذيرائي نه ٿي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي ۽ ان ڏس ۾ اوهان ڇا ٿيون ڪرڻ گهرو؟

ج: اها شڪايت رڳو اسان کي نه آهي. پر سڄي دنيا ۾ آهي، هي مردن جي دنيا آهي، تنهنڪري عورتون ڇا به ڪن پر هنن کي مظلوم طبقي ۾ رکيوويو آهي. تنهن ڪري اها تڪليف هلندي ايندي مان جيئن ته، جرمني، آمريڪا وئي آهيان. اتي به اهي شڪايتون عورتون ڪن ٿيون ته مرد، اسان کي اڳتي وڌڻ نٿا ڏين. پر اسان کي پاڻ ۾ ايتريون صلاحيتون پيدا ڪرڻ کپن، جو انهن کي مڃڻو پوي ته عورتون باصلاحيت آهن. جيئن ته اسان جي پرائم منسٽر ٿي آهي ته ان جي ڪيتري مخالفت ٿي آهي. مخالفت ڇو ٿي آهي، ته اها عورت آهي. پر جڏهن عورتن ۾ اهڙيون صلاحيتون آهن ته پوءِ مردن کي اهڙو اعتراض نه ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح مون کي به پنهنجي جاب ۾ ايڏي جدوجهد ڪرڻي پئي، جو مردن سان مقابلو ڪرڻو پيو. انهيءَ لاءِ مون کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئي ۽ ثابت ڪري ڏيکاريم ته مان مردن کان ڪنهن طرح به گهٽ ناهيان ۽ مون اهو ڪم ڪري ڏيکاريو ته عورت گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. ان لاءِ پاڻ ۾ اهڙو شعور پيدا ڪيون، جو مرد اعتراض ڪري نه سگهن اسان کي وڌ ۾ وڌ محنت ڪرڻ گهرجي.

س: عورت هئڻ جي ناتي سان اوهان ٻڌايو ته اسان جي معاشري ۾ اسان جي عورت کي ڪهڙا مسئلا درپيش آهن؟

الف: ازدواجي  مسئلا.

ب: سماجي مسئلا.

ت: پردي جو مسئلو.

ث: تعليم جو مسئلو.

ج: صحت جو مسئلو.

ج: مان سمجهان ٿي ته شهر جي عورتن کي اهي مسئلا نه آهن، جيڪي ٻهراڙي جي عورتن کي آهن پر ڇاڪاڻ جو اسان جون گهڻي ۾ گهڻيون عورتون ٻهراڙيءَ ۾ رهن ٿيون، اتي صحت جو مسئلو ۽ تعليم جو مسئلو گهڻي ۾ گهڻو آهي جيڪڏهن تعليم هجي ته انهن ۾شعور پيدا ڪجي. انهي ڪري مان چوندي آهيان ته اسان جي سنڌي عورت ۾ شعور پيدا ڪجي ته جيئن: پنهنجن حقن جي حفاظت ڪري سگهي ۽ مون کي ائين ٻڌائيندا آهن ته هن ۾شعور ڪونهي تنهن ڪري، افسوس ئي ڪونه ٿو ٿئين ته هنن تي ڇا ٿي گذري پر ائين نه آهي هوندو. ڇاڪاڻ ته هر عورت ايترو سمجهي ٿي ته سندس حق تلفي ٿي رهي آهي، جو انهن کي ذري ذري ڳالهه تي مار موچڙا، طلاق جو لفظ بار بار ٻڌڻو پوي ٿو. پر، ڇاڪاڻ جو مرد جي حڪومت گهر ۾ آهي ته اُهي گهر ۾ رعب ڪرڻ جا عادي ٿي ويا آهن ۽ ذري ذري ڳالهه تي طلاق جي ڌمڪي ڏئي، انهن کي هيسايو ٿو وڃي. جيڪڏهن ماني دير سان پچندي ته انهن تي ڏنڊو کڻي بيهي رهندا. ڪنهن جانور کي به ايتري مار نه ٿي ملي جيتري اسان جي عورت کي ملي ٿي ۽ خاص ڪري ٻهراڙيءَ ۾ ايئن ٿئي ٿو. شهر ۾ ايترو علم اچي  ويو آهي. ريڊيو ٽي وي جي ڪري شعور اچي ويو آهي. جو، منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ذري ڳالهه ٿئي ٿي ته عورت گهر به ڇڏي هلي ٿي وڃي، پر اهو گهر ته بگڙيو نه- انهيءَ ڪري مرد ۽ عورت ۾ ايتري انڊر اسٽينڊنگ پيدا ٿئي، جو اهي هڪٻئي کي سمجهي سگهن. انڊر اسٽينڊنگ تڏهن پيدا ٿيندي جڏهن مرد اهو سمجهي ته عورت به هڪ انسان آهي. انهي کي به دل آهي. انهيءَ کي به جذبا آهن ۽ انهن جو احترام ڪري ته مان نه ٿي سمجهان ته عورت اهڙي ٿيندي جو مرد سان تضاد رکي يا ان جي خدمت نه ڪري يا گهر کي نه سنڀالي. ڇاڪاڻ جو عورت ۾ ايتريون صلاحيتون موجود آهن جو جنهن ماحول ۾ هن کي رکيو وڃي ان ۾ پاڻ کي ايڊجسٽ ڪري ٿي وڃي پر جيڪڏهن مرد جي طرفان ان کي پورو تعاون ملي.

س: تعليم سنڌي عورت ۾ ڪهڙي جاگرتا، پيدا ڪئي آهي ۽ ڏسڻ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته تعليم يافته عورت جي ازوداجي زندگيءَ وَرَ خواهه، ونيءَ لاءِ عذاب برابر ٿئي ٿي. انهيءَ  لاءِ ذميوار ڪير آهي؟ مرد يا تعليم يافته عورت؟

ج: مان نه ٿي سمجهان ته اها حقيقت آهي. پر، ڇاڪاڻ جو عورت ۾ شعور اچي ٿو وڃي، جنهن جي ڪري اها پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ دٻجي نه ٿي رهي ته انهيءَ لاءِ مرد اهو سوچي ته هي به منهنجي برابري ڪري سگهي ٿي، ته ان سان اهڙي نموني هلي. پر، مان نه ٿي سمجهان ته ڪابه پڙهيل ڇوڪري اهو چاهيندي ته مان پنهنجي زندگي يا مرد جي زندگي تلخ ڪيان. ڇاڪاڻ، جو ان کي پنهنجي گهر کي  سهيڙڻ، سنڀالڻ، ٻارن جي تعليم ۽ پنهنجي سڪون جو وڌيڪ احساس ٿو ٿئي، جيڪڏهن، عورت بيوقوف آهي ته مرد به بيوقوف ٿي سگهي ٿو. ان جو مثال اسان کي وٺڻ گهرجي، جيڪڏهن باشعور سمجهدار عورت هوندي ته ڪڏهن به پنهنجو گهر نه بگاڙيندي. پر، جيئن مرد حاڪم آهي آهي تنهن ڪري عورت جي برابري برداشت نه ٿو ڪري سگهي. انهي لاءِ اسان کي گهرجي ته اسان مردن کي اهو بار بار سمجهايون ته عورت به هڪ انسان آهي. ان ڪري مرد کي پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. پر ان ڳالهه ۾ عورت جو به ڏوهه آهي. ڇو جو جڏهن پٽ پيدا ٿئي ٿو، ته ماءُ ان کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ٿي. بنسبت، پنهنجي ڌيءَ جي ۽ گهر ۾ سٺو کاڌو هوندو ته اهو پٽ لاءِ رکندي ۽ ڌيءَ کي جڏهن بچندو ته پوءِ ڏيندي. جڏهن ڌيءَ پٽ سان وڙهندي ته چوندي ڀاءُ سان ٿي وڙهين. تنهن جي ڪري ان گهر ۾ پهرين ئي سپير پارٽي (Superierty) پيدا ٿي پوي ٿي، پهرين ڀيڻ تي (Superierty) ڪري ٿو ۽ شادي کانپوءِ وري زال تي (Superierty) ڪري ٿو. تنهن ڪري، ماءُ کي گهرجي ته ڌيءَ ۽ پٽ کي برابري سان ڏسي، طرفداري پٽ جي نه ڪري ته مان سمجهان ٿي ته آهستي آهستي اسان جي ماحول ۾ تبديلي ايندي. انهي لاءِ ماءُ کي گهرجي ته اولاد کي برابري واري نظر سان ڏسي ۽ مردن کي گهرجي ته پنهنجن زالن کي ڀاڱي ڀائيوار سمجهن، پنهنجو همدرد سمجهن ۽ خيرخواه سمجهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com