سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1990ع

مضمون --

صفحو :15

ثقافت جي ترقيءَ سان اهي خرابيون بهتر طور تي محسوس ڪيون وڃن ٿيون جيڪي گهڻين زالن پرڻجڻ سان پيدا ٿين ٿيون ۽ انهيءَکان منع ڪرڻ جو مطلب بهتر  طور تي سمجهه ۾ اچڻ لڳي ٿو. اسان ڪنهن به طرح سان ائين چوڻ لاءِ تيار نه آهيون  ته هندستان جي مسلمانن برهمڻ جي نسلن سان مٽيون مائٽيون ڪري ڪو لاڀ حاصل ڪيو، جن ۾ عصمت فروشي جو باقاعدي رواج هو، سندن اخلاقي نظريا جهيڻا ٿي ويا آهن. انساني عظمت ۽ روحاني پاڪائي جو تصور پنهنجي معيار کان ڪري چڪو آهي. ناچڻين جو طبقو منجهن ايترو ئي مقبول آهي جيترو سندن غيرمسلم پاڙيسرن ۾ پسند ڪيو وڃي ٿو، تاهم ڪي نشانيون نظر اچن ٿيون جيڪي اميد ڏيارين ٿيون ته الله پاڪ جي نور جڏهن ستين صدي عيسوي ۾ عربستان کي روشن ڪيو سو سندن دلين تي نازل ٿيندو ۽ کين انهيءَ اونداهي مان ٻاهر ڪڍندو جنهن ۾ هو ڪريا پيا آهن. هڪ معتزلھ پنهنجي عقيدي مطابق سختيءَ سان صرف هڪ شاديءَ کي جائز قرار ڏئي ٿو. هن جي عقيدي مطابق پهرينءَ زال جي موجودگيءَ ۾ جي شادي ڪرڻ کان قانون ”شرعي“ منع ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته هڪ معتزلھ فرقي ۾ شادي بنھ انهيءَ شادي جا شرط شروط پورا ڪري ٿي جيڪا انهي معاشري ۾ رچائي وڃي ٿي اهڙي جتي فقط هڪ شادي ڪرڻ جو رواج آهي.

جنهن جو مطلب ٿيو ته پنهنجي رضا خوشيءَ سان عمر ڀر لاءِ هڪ مرد جو هڪ عورت سان ڳانڍاپو جنهن ۾ ڪو ٻيو داخل ٿي نه سگهي. خود ڪن قديمي فرقن ۾ پوئلڳن جي هڪ وڏي ۽ بااثر جماعت انهيءَ خيال جي آهي ته گهڻيون شاديون ڪرڻ ناجائز آهي. ڇاڪاڻ ته ڪن حالتن هيٺ اڳئين زماني ۾ ائين ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، سي حالتون ختم ٿي چڪيون آهن يا اڄوڪي دور ۾ موجود نه آهن. دراصل گهڻين شادين ڪرڻ جي خلاف جيڪو جذبو ڪارفرما آهي سو جيڪڏهن اخلاقي طور تي نه ته مضبوط سماجي طور تي يقين ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي ۽ ٻيون ڪيتريون بيروني حالتون هن اڀرندڙ جذبي سان گڏجي هندستاني مسلمانن مان هن رواج جي پاڙ پٽي ڪڍڻ ڏانهن راغب آهن. معاشري جي سڀني طبقن ۾ اهو رواج آهي ته نڪاح نامي ۾ هڪ فقرو شامل ڪندا آهن جنهن جي ذريعي ٿيندڙ مڙس رسمي طور تي پهرين زال جي حياتيء ۾ ٻي شادي ڪرڻ جو حق تان دستبردار ٿيندو آهي. هن وقت ”هندستاني مسلمانن ۾ نوانوي سيڪڙو هن وقت يقين وچان يا لاچار فقط هڪ شادي ڪن ٿا. پڙهيل طبقو جيڪو پنهنجي وڏن جي تاريخ کان واقف آهي ۽ ان کي ٻين قومن جي تاريخ سان ڀيٽي سگهي ٿو. اهو هن رواج کي غيرمناسب سمجهي ٿو. ايران ۾ آدمشماريءَ جو صرف هڪ ننڍو حصو گهڻين زالن جي اعتراض جوڳي عيش کي استعمال ڪري ٿو. اميد ڪئي ٿي وڃي ته جلد مسلمان عالمن جي هڪ گڏيل جماعت بااختيار طور تي اعلان ڪندي ته گهڻين زالن پرڻجڻ جو سرشتو غلاميءَ جي رواج وانگر آهي، جيڪو اسلامي جي قانونن جي منافي آهي.

هاڻي اچو ته محمد ﷺ جي شادين جي باري ۾ ذڪر ڪنداسين. جن جي باري ۾ اهي ذهن جيڪي حقيقتن کان ناواقف آهن يا انهن کي تسليم ڪرڻ جي منجهن اخلاقي جرئت نه آهي. اتي پيغمبر ﷺ اسلام تي تهمت رکڻ جو ڪافي ميدان موجود آهي، سندس مسيحي ”نافر“ مخالف چون ٿا ته هن گهڻيون شاديون ڪري پنهنجو پاڻ لاءِ هڪ رعايت حاصل ڪئي، جيڪا غيرقانوني هئي ۽ اهڙي طرح هڪ اخلاقي ڪمزوريءَ جو مظاهرو ڪيو جيڪا هڪ پيغمبر جي مرتبي مطابق نه هئي. تاريخ جي صحيح ڄاڻ ۽ حقيقتن جي بهتر پروڙ مان قطعي طور تي معلوم ٿيندو ته اهو انسان جيڪو غريب ۽ مفلس آهي، سو جيڪڏهن اباڻي رواج جي پابنديءَ سان تڪميل ڪندي هڪ عورت جو بار پاڻ تي هموار ڪري ٿو ته اهو به ڪا گهٽ قرباني نه ٿو ڏئي ۽ اسان کي يقين آهي ته عظيم عربيءَ تي لڳايل الزامن جي ڪوڙا ئي ۽ بي بسي ظاهر ٿي پوندي جيڪڏهن اسان انهن تهمتن جو انساني قدرن جي نقطي نگاهه کان تجزيو ڪيون ته جڏهن محمد ﷺ فقط 25 سالن جو هو يعني ڦوهه جوانيءَ ۾ هو تڏهن هن بيبي خديجه سان شادي ڪئي، جيڪا هن کان عمر ۾ گهڻو وڏي هئي. زندگيءَ جي 25 سالن تائين هن سان گڏ گذاريل زندگي مسرت ۽ وفاداريءَ جي اها روشني هئي، جنهن ۾ ڪوبه خلل نه پيو. بت برستن جي مٿس ٿيندڙ هر گارگند، غصه ۽ ظلم و تشدد دوران حضرت بيبي خديجه سندس واحد ساٿي ۽ مددگار هئي. بيبي خديجه جي وفات وقت حضرت محمد ﷺ ايڪونجاهين سال ۾ هئا. انهيءَ حقيقت کان سندس دشمن انڪار ڪري نٿا سگهن، بلڪه اُهي قبول ڪرڻ لاءِ مجبور آهن ته انهيءَ سموري ڊگهي عرصي دوران هنن کي سندس اخلاق ۽ پاڪدامني ۾ ڪوبه نقص نظر نه آيو آهي. حضرت بيبي خديجه جي حياتيءَ ۾ پيغمبر ﷺ ڪا ٻي عورت نڪاح ۾ نه آندي جيڪڏهن پاڻ پسند ڪري ها سندس قوم جي ماڻهن جي عام راءِ کيس ائين ڪرڻ جي اجازت ڏئي ها.

حضرت بيبي خديجه جي وفات کان ڪافي مهينا پوءِ جڏهن حضرت محمد ﷺ جن طائف کان بي يارو مددگار ۽ مظلوم بڻجي موٽيا، تڏهن سعران جي رنڙ زال سعوده سان شادي ڪيائون، جنهن اسلام قبول ڪيو هو ۽ بت پرستن جي ظلم و ستم کان حبش ڏانهن فرار اختيار ڪيو هو. سعران جلاوطنيءَ ۾ فوت ٿي ويو ۽ پنهنجي رنڙ زال کي بيحد مفلسيءَ جي حالت ۾ ڇڏي ويو.ملڪ جي ريتن رسمن مطابق صرف شاديءَ ڪرڻ ذريعي هي معلم ”حضرت محمد ﷺ“ پنهنجي مخلص پوئلڳ جي رنڙ زال کي حفاظت ۽ امداد فراهم ڪري سگهيو ٿي. ڪشاده دلي ۽ انسانيت جي هر اصول محمد ﷺ کي آماده ڪيو هوندو ته هو هن رنڙ زال کي شاديءَ جي آڇ ڪري سندس مرحوم مڙس نئين دين خاطر پنهنجي جان قربان ڪئي هئي. هن پنهنجي دين خاطر پنهنجو گهر ۽ ديس ڇڏيو.

هن جي زال جلاوطنيءَ ۾ سندس ساٿ ڏنو ۽ هاڻي مڪه ۾ مفلس ٿي موٽي آئي. هن غريب عورت جي امداد ڪرڻ جو صرف هڪڙو ذريعو هو ته محمد پاڻ روزمره جي گذران تنگ هوندي به سعوده کي پنهنجي نڪاح ۾ آڻي. عبدالله ولد عثمان ابو محاضه جيڪو پوءِ تاريخ ۾ حضرت ابوبڪر (صديق رضه) جي نالي سان مشهور ٿيو، محمد جي جان نثار اصحابين مان هو. پيغمبر صه جي دين تي ايمان آڻڻ وارن اوائلي مسلمانن مان هو. کيس محمد ڏانهن، خلوص، چاهه ۽ دائمي لڳاؤ رکڻ جي معاملي ۾ اڪثر حضرت علي رضه (ڪرم الله وجهه) سان تشبيهه ڏئي سگهجي ٿي.

حضرت ابوبڪر (صديق رضه) کي هڪ ننڍڙي ڌيءَ هئي جنهن جو نالو عائشه هو، هُن جي زندگي ڀر جي خواهش هئي ته پيغمبر صه ۽ هن جي وچ ۾ جيڪو محبت جو رشتو هو، سو پنهنجي ڌيءَ کي سندس نڪاح ۾ ڏئي هميشھ لاءِ مضبوط ڪري ڇڏي. پيغمبر صه جن جو مٿن اهو احسان هو جو کيس شرڪ جي اونداهيءَ مان ڪڍي ٻاهر ڪيو هئائين.

ڇوڪري ماڳهين ستن سالن جي هئي، پر ملڪ جي ريتن رسمن اهڙين شادين جي اجازت ڏني ٿي معتقد جي بيحد ميڙ منٿ تي سندس ننڍڙي ڌيءَ پيغمبر صه جن جي ڪنوار بڻي.

مهاجرين پناهه گزينن جي مدينه ۾ آمد کان ٿورو پوءِ هڪ واقعو رونمان ٿيو جنهن مان ان وقت جي عربن جي حالت زندگي تي ڪافي روشني پوي ٿي، ڳالهه جو صحيح انت انهي کي معلوم ٿي سگهندو. جيڪو عربن جي مزاج سان واقف هوندو، جنهن ۾ هٺ، وڏائي ويڙهاند ۽ عزت نفس جو مخصوص انداز ۾ وير وٺڻ جي هڪ عجيب قوت ۽ برداشت اچي وڃن ٿا. ”برٽن“ جي قول مطابق هن زماني ۾ به لفظن جي هلڪي ڏي وٺ بدوين ۾ خوني تصادم کڙو ڪري وجهڻ لاءِ ڪافي آهي. ڳالهه هن طرح آهي ته حضرت عمر بن خطاب جيڪو بعد ۾ اسلام جو ٻيو خليفو بڻيو  انهيءَ کي (بيبي) حفيصه نالي هڪ  ڌيءَ هئي، هن ڀلي خاتون جو مڙس بدر جي لڙائي ۾ مارجي ويو ۽ جيئن ته الله سائين کيس پيءُ جهڙي ساڳي جلالي طبيعت ڏني هئي، تنهن ڪري ان شادي نه ڪئي ڇو ته مومن جيڪي شاديءَ کي ضروري سمجهندا هئاسي خوف وچان هن سان شادي جو ارادو نه ڪري سگهندا هئا. اها ڳالهه پيءُ لاءِ جهڙوڪ خواري ءَ جهڙي هئي ۽ (حضرت عمر) رضه (حضرت ابوبڪر صديق کي ڌيءَ جو سنڱ ڏيڻو ڪيو ان بدنامي کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ انهن جي انڪار ڪرڻ تي حضرت عثمان رضه کي ڌيءَ ڏيڻي ڪئي، ان به انڪار ڪيو هيءَ سنئين سڌي بيعزتي برداشت نه ڪري حضرت عمر جولان وچان حضرت محمد ﷺ  جي حضور ۾ حاضر ٿيو ۽ پنهنجو فرياد پيش ڪيو. عزت جو معاملو هو سو هر حال ۾ فيصلو ضرور سندس حق ۾ ڪرڻو هو، پر حضرت ابوبڪر ۽ حضرت عثمان مان ڪوبه (بيبي) حفصه جي مزاج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيو ۽ هڪدم تصادم کڙو ٿي پيو، جيڪو بنيادي طرح ته اسان جي نقط نگاهه کان کل جهڙو هو، پر ان زماني ۾ مؤمنن جي ننڍي جماعت ۾ ٿرٿلو مچائڻ لاءِ ڪافي هو.

انهيءَ انتها تي پهچڻ بعد مسلمانن جي سردار (حضرت محمد ﷺ) شوريل پيءَ (حضرت عمر) کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ سندس ڌيءَ سان شادي ڪئي، انهيءَ تي عام راءِ نه صرف راضي ٿي پر سڀني خوشي ملهائي.

پيغمبر ﷺ جون ٽي ٻيون گهر واريون، حضرت بيبي امّ سلمه، حضرت بيبي امّ حبيبھ ۽ حضرت بيبي زينب اُم المساڪين پڻ رنڙيون هيون جن جا مڙس بت پرستن جي دشمنيءَ سبب مري چڪا هئا ۽ سندس مائٽ سندن پرگهور لهڻ کان لاچار هئا يا رضامند نه هئا.

حضرت محمد ﷺ پنهنجي جان نثار دوست ۽ آزاد ڪيل غلام (حضرت) زيد جي شادي هڪ وڏ گهراڻي عورت بيبي زينب سان ڪرائي جيڪا عربستان جي ٻن اعليٰ ترين خاندانن جي نسل مان هئي، پنهنجي اعليٰ حسب ۽شايد پنهنجي حسن سبب هن کي هڪ آزاد ڪيل غلام سان شادي سيني ۾ چڀڻ لڳي هئي ٻئي کان بيزاري آخر ۾ نفرت ۾ تبديل ٿي وئي، شايد مڙس جي دل ۾ نفرت انهيءَ ڪري زور ورتو جو حضرت محمد ﷺ جي زبان مان هڪ دفعو نڪتل لفظ جيڪي هن بيبي زينب کي ڏسي فرمايا هئا، سي حضرت بيبي زينب عورتن جي مخصوص انداز ۾ بار بار ورجائيندي رهندي هئي. حضرت محمد ﷺ ڪنهن موقعي تي حضرت زيد جي گهر ويا ۽ حضرت بيبي زينب جي بي پرده منهن ڏسي فرمايائون ته ”تعريف انهي رب جي جنهن جي دلين تي حڪمراني آهي.“ هي اهڙا لفظ هئا، جيڪي اڄ ڪلهه جو  مسلمان ڪنهن سهڻيءَ تصوير يا مجسمي کي ڏسي جيڪر چئي ڏئي.

هي لفظ جيڪي قدرتي طور تي ساراهه وچان چيا ويا هئا، سي بيبي زنيب  اڪثر پنهنجي مڙس کي منهن ۾ ڏيند يهئي، کيس ڄاڻائڻ لاءِ ته ڪيئن ته خود پيغمبر ﷺ هن جي حسن جي تعريف ڪري ٿو. پر اهي لفظ سندس خاوند کي وڌيڪ ناخوش ڪندا رهيا. آخرڪار هو انهي نتيجي تي پهتو ته هن عورت سان منهنجو وڌيڪ گذران نه ٿيندو ۽ اهو پڪو ارادو ڪري حضور ﷺ جن جي حضور ۾ ويو ۽ طلاق ڏيڻ جو ارادو ظاهر ڪيائين.

(هلندڙ)

آثم ناٿن شاهي

وائي

راڻاڙي راڻا!

تنهنجي پڄاڻا

خاڪ اڏندي ڪاڪ ۾.

مُسجي پوندا مينڌرا!

مومل جا ماڻا

خاڪ اڏندي ڪاڪ ۾

ساءُ نه ايندو سيج مان،

وڙهندا وهاڻا

خاڪ اڏندي ڪاڪ ۾

واس نه وڻندو سُواس کي

ٽرندا نه ٽاڻا

خاڪ اڏندي ڪاڪ ۾

انگين سرندا سپ ٿي،

زيور زالاڻا

خاڪ اڏندي ڪاڪ ۾.

سُسُ – پُس ڪندا پاڻ ۾،

ٺلها – ٺڪاڻا

خاڪ اڏندي ڪاڪ ۾.

مومل مرلي هٿ ۾

درَ درَ جا داڻا

خاڪ اڏندي ڪاڪ ۾

* مضمون                                     بدرالنساءِ جوڻيجو

تعليم ۽ ادب

هي ڪا اڄڪلهه جي ڳالهه نه آهي، پر ڪيتري وقت کان عورتن جي آزاديءَ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. آهستي آهستي آزادي ملندي به وڃي يا ورتي وڃي پئي. دقيانوسي خيالن ۽ جهالت جي ڪن مان تعليم ذريعي عورتون نڪتيون آهن. جيئن جيئن تعليم وڌندي پئي وڃي تيئن تيئن عورتن جي سماجي حالتن ۽ زندگيءَ ۾ سڌارو به ايندو پيو وڃي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته تعليم ئي معاشري ۾ هر طرح جي ترقي آڻي ٿي.

سنڌ جي حالتن ۾ ماضيءَ جي تاريخ کي ڏسو ته هتي اڃان تعليم ۾ ايتري ترقي نه ٿي آهي. اُن جا خراب نتيجا سڄو سنڌي سماج ڏسي رهيو آهي. دنيا ۾ عورتن جي ترقي سڄي سماج جي ترقيءَ سان گڏ ٿي آهي. ذهني سڌارو هجي ته سماج جا ٻئي طبقا ترقي ڪن ٿا.رڳو مردن جي ترقي ڪافي نه آهي. اهو هاڻي ثابت ٿي چڪو آهي. جن ملڪن ۾ سئو سيڪڙو ماڻهو (مرد ۽ عورتون) تعليم جي زيورسان آرائسته ٿي چڪا آهن، اُتي جي ترقي هڪ مڪمل ترقي آهي ۽ اهي مڪمل طور آزاد سڏبا ٻيا ملڪ نالي ماتر آزاد هوندي به غلامن کان بدتر آهن.

تعليم جي اهميت محسوس ڪرڻ ۽ ان ۾ وري عورتن جي حصي وٺڻ کي ضروري ڄاڻڻ سان ترقي جا رستا کلي وڃن ٿا. تعليم جي اهميت ڄاڻڻ لاءِ ايترو عرض ڪنديس ته دنيا جون عظيم هستيون فقط علم ۽ ڄاڻ ذريعي منظرعام تي آيون ۽ دنيا جي سڀني انسانن لاءِ پنهنجي خدمت پيش ڪيائون. دنيا نامورخواتين جي زرين ڪارنامن کان واقف آهي. انهن ڪارنامن کي ڪتابن ۾ ورجايو ويو آهي. آئون هتي ڀينرن لاءِ فقط  چند مثال ڏيان ٿي: جيڪي ادبي دنيا جا آهن. ورجينيا وولف ۽ جارج ايليٽ جا نالا انگريزي ادب جا ٻه چمڪندڙ نالا آهن. هنن جون تحريرون زندگيءَ جي گوناگون مسئلن بابت آهن  ۽ سندن تحريرن ۾ چٽو نظر اچي ٿو ته ادب زندگيءَ جو ترجمان آهي. خالي ڪاغذ ڪارا ڪرڻ ادب جو مقصد نه آهي ميري ڪوريليءَ جو نالو ڪهڙي ادب جي شوقين نه ٻڌو هوندو. جن به ميري ڪوريليءَ کي پڙهيو هوندو چئي سگهندا ته هن زندگيءَ ۽ سماج جي ڪيتري نه مؤثر نموني ترجماني ڪئي آهي.

خالده اديب خانم هجي يا قره العين طاهره ادب ۾ هنن جو مقام ڪنهن کان ڳجهو نه آهي. قديم هندوستان ۾ ڪيتريون اهڙيون خواتين آهن جن ادب جي دنيا ۾ نالو ڪڍيو. اڄ به انهن جا ادبي ڪارناما موجود آهن. ميران ۽ سهُجو ٻه شاعرائون هن سلسلي ۾ وساري نٿيون سگهجن. ميران جو هندي ڀڄن: اي ري مين تو پريم ديواني، ميرا درد نه جاني ڪوءِ، هر ڪنهن جي زبان تي آهي ميران ٻائيءَ جو درجو  جيتوڻيڪ هندي شاعريءَ ۾ جي ڪبير جي برابر نه آهي ته به هوءَ هڪ وڏي شاعره ضرورآهي. ميران جا ڀڄن هندي شاعريءَ جو سرمايو آهن، موضوع جي لحاظ کان هن جي هندي شاعري ۾ سنڌ ۾ مقبول ۽ مشهور آهي.

ميران وانگر سهجو به هڪ شاعره آهي. ميران ته فقط ڀڳتڻ ۽ پريم ديواني هئي، پر سهجو هڪ مڪمل شاعره هئي. سهجو زندگيءَ جو فلسفو بيان ڪري ٿي. هوءَ جنهن انداز سان زندگيءَ جي مسرتن ۽ پيڙائن جو ذڪر ڪري ٿي ان ۾ سندس ملوث هجڻ نظر اچي ٿو. اسين جو رت جي رشتي جو ذڪر ڪندا آهيون. اُن لاءِ چوي ٿي.

نينهن سگا سوئي، سگا، هد سگا نا ڪوءِ،

مان بيٺي تريا حري، اچرج جگ ڪو هوءِ.

ترجمو: ”نينهن جو رشتو ۽ سڳائي سچي آهي، هڏ جي سڳائي ڪا ڳالهه نه آهي. ماءُ ويٺي آهي، زال پئي سڙي جڳ کي اچرج آهي.“

(مردي سان زال کي ساڙڻ واري پراڻي رسم جو حوالو آهي)

دنيا فاني آهي، اُن  جو ذڪر نهايت موثر انداز ۾ ڪري ٿي ۽ چوي ٿي – ع

چلنا هي رهنا نهين چلنا بيسو بيس

سهجو تنڪ سهاگ پر، ڪيون گنڌ واءِ ڪيس.

ترجمو: سهجو آخر هلڻو آهي ۽ هميشھ رهڻو نه آهي. سهاڳ تي ٻڏي وار پئي ٺاهين.

ڪيتريون عورتون ٻيون به آهن، جن جا نالا ادبي دنيا ۾ موجود آهن. انهن جا نثري ۽ نظمي ڪارنامه ڪنهن کان ڳجها  نه آهن. سنڌ جون اديبائون هن سلسلي ۾ پوئتي نه آهن. جيئن مون پهرئين عرض ڪيو ته تعليم بنيادي سبب آهي، ترقيءَ جو : ته ادبي دنيا ۾ به تعليم جو عنصر ڪار فرما آهي. قديم دؤر ۾ به شاعرائون ٿي گذريو جن ۾ مائي مرکان جو نالو اهم آهي. جنهن کي محترم محمد سومار شيخ، ميران ثاني سڏيو آهي. هوءِ به ميران وانگر هڪ بزرگ شيخ قرهئي ڀانداريءَ جي ڀڳتڻ ۽ معتقد هئي، بزرگ جي شان ۾ گيت ڳايا اٿس.

موجوده صديءَ ۾ سنڌي عورتون ادب جي دنيا ۾ نالي واريون آهن سندن شعر، افسانا، ناول ۽ مضمون اسان جي اڳيان آهن. بيگم زينت چنه ”مارئي“ رسالو ڪڍي عورتن  ۾ آزاديءَ جو شعور پيدا ڪيو. بيگم خديجه دائودپوٽه ”اديون“ رسالي ذريعي سجاڳي آندي. گلي سدارنگاڻي تارا مير چنداڻي، سندري اُتمچنداڻي، ڪلا پرڪاش، مهتاب محبوب، فهميده حسين، ثميره زرين، تنوير جوڻيجو، نورالهديٰ شاهه، خيرالنساءِ جعفري ۽ سحر امداد اهڙا نالا آهن جن تي اسين خاص طور فخر ڪري سگهون ٿا. جيڪڏهن تعليم اڃان به وڌي ته اسان جو سماج  ۽ اسان جون ڀينرون به تعليم ۾  اڳتي اينديون ۽ ادب ۾ نالو پيدا ڪنديون.

خديجة الڪبريٰ

ڪولاچي

(ٽنڊو ڪولاچيءَ ۾ سڏايل عورت ڪانفرنس جو اکين ڏٺو احوال

زندگيءَ جي هر سهولت کان وانجهيل هڪ ڳوٺ ٽنڊي ڪولاچيءَ جي نياڻين ”سنڌي عورت ڪانفرنس“ ڪوٺائي، پنهنجي باشعور، سڄاڻ ۽ سجاڳ هجڻ جو عملي ثبوت ڏنو آهي. اڄ جي عورت نه فقط گهرداريءَ جو خيال رکي ٿي، پر هوءَ ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن کي پڻ حل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي. سندن طرفان موڪليل فنڪشن جي رپورٽ ”سرتيون“ ۾ شايع ڪندي بيحد خوشي ٿي رهي آهي. اسان طرفان سڄي آرگنائيزيشن کي واڌايون.

(ادارو)

تاريخ 30 اپريل 1990ع تي ڳوٺ سڌار سنگت ٽنڊو ڪولاچي، سنڌي عورت تنظيم، سڪ پريت ۽ سگا جي گڏيل ڪوششن سان ”ٻهراڙيءَ جي عورت 90 جي ڏهاڪي ۾“ جي موضوع تي ٽنڊو ڪولاچي، ۾ عورت ڪانفرنس ٿي. جنهن جو افتتاح بيگم ممتاز راشديءَ ڪيو، جڏهن ته ”ورلڊ سنڌي ڪانگريس“ جي نائب صدر محترم يوسف لغاري خاص مهمان طور ۽ سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي چيئرمين خان محمد پنهور اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس جي ٻئي اجلاس ۾ مسز شهلا عباسي خاص مهمان رهي، جن ۾ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي نياڻي مهرالنساءِ لغاري، فرانسيسي خاتون دانيه، خان محمد پنهور، ڪملا روپي رام، ثمينه ميمڻ، عائشه ڪولاچي، گلشن حيدر لغاري، نصيب خاتون ڪولاچي، طاهره آصف، صابره ڪولاچي ممتاز سومرو، طاهره سردار، ايم اي شاهه، عبدالوحيد اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر، ”سيو دي چلڊرين“ واري پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، نسيم خان پنهور، مسز هوش، موهن راجه اسسٽنٽ ڪمشنر، عبدالرشيد هاشماڻي، ڪامريڊ روچي رام، وڪيل دوست محمد ڪولاچي، جان محمد ڪولاچي، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ ڪولاچي، رئيس احمد خان ۽ ٻين تقريرون ڪيون ۽ مقالا پڙهيا.

ڪانفرنس جي افتتاح جي وقت قبلا مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ ۽ وزير مملڪت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا پيغام پڙهيا ويا.

ڪانفرنس ۾ انهي ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته سنڌ جي عورت کي سماج جي ترقي ۽ معاشري جي تبديلي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي نائب صدر پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ڀرپور سياسي شرڪت کانسواءِ فيصلا ڪن ترقي نه ٿي سگهجي. عورتن کي حقن کسجي وڃڻ جو جيستائين احساس نه ٿيندو . تيستائين ترقيءَ جي جدوجهد تيز نه ٿيندي.

سماجي ڪمن سان گڏوگڏ سياسي طريقا استعمال ڪرڻا پوندا. مسز شهلا عباسيءَ چيو ته دنيا جهان جي عورت بيدار ٿي چڪي آهي. آئيندي جي قيادت جي وارث عورت آهي. ان ڪري سنڌ جي عورت کي پڻ دنيا جي عورتن سان قدم قدم ۾ ملائي پنهنجي عظمت جي شاهدي ڏيڻ گهرجي. بيگم ممتاز راشدي پنهنجي خطاب ۾ سنڌ ۽ پاڪستاني معاشري ۾ عورت ذات جي خدمتن جا انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته : ”سنڌ جي عورت هر موڙ تي ۽ هر تحريڪ ۾ پنهنجون بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ اڄ جي عورت کي پڻ اها روايت باقي رکڻي آهي.“

ڪانفرنس جي آخر ۾ هن ريت ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.

1.      هر اهو ڳوٺ جيڪو ووٽر لسٽ ۾ آهي اتي گرلس پرائمري اسڪول قائم ڪيو وڃي.

2.     هر انهي ڳوٺ ۾ جتي بنيادي صحت مرڪز قائم ٿيو آهي. اتي گرلس هاءِ اسڪول قائم ڪيو وڃي. پبلڪ هيلٿ يونٽ ۾ ايمبولنس ڏني وڃي.

3.     ٻهراڙيءَ جي ڇوڪرين تان اسڪول جون فيون معاف ڪيون وڃن ۽ ماسترياڻين جو گهٽ ۾ گهٽ پگهار سون جي تولي برابر ڪيو وڃي.

4.      ماهوار 50 رپيه هر ڇوڪري کي وظيفو ڏنو وڃي.

5.      ٿرپارڪر جي شهرن، جهڏو ۽ ڏيپلو ۾ گرلس ڪاليج قائم ڪيا وڃن.

6.     ٿر کي ضلعي بڻائڻ جي اعلان تي هڪدم عمل ڪيو وڃي.

7.     ٿر ۾ يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي.

8.     ٻهراڙيءَ جي عورتن کي اعليٰ سائنسي ۽ تعيلمي اسڪالرشپون ڏنيون وڃن. عمر ۽ تجربي ۽ ٻين ڪورسن جا شرط ختم ڪيا وڃن.

9.     ٻهراڙيءَ جي عورتن  کي اعليٰ سائنسي ۽ تعليمي اسڪالرشپون ڏنيون وڃن. عمر ۽ تجربي ۽ ٻين ڪورسن جا شرط ختم ڪيا وڃن.

10.  مادري زبان ۾ پرائمري تعليم ڏني وڃي.

11.   ٿر کي پاڻي ڏنو وڃي.

12.  بدين کان ننگر پارڪر تائين ٽرين هلائي وڃي.

13.  نوڪرين ۽ ٻين مقابلي جي امتحانن ۾ ٻهراڙيءَ جي عورتن کي عمر ۽ ڊويزن ۾ خاص رعايت ڏني وڃي.

14.  حج جي سعادت لاءِ ٻهراڙي جي عورتن جي ڪوٽا وڌائي وڃي ۽ کين صدارتي ايواڊ ڏنا وڃن.

نظير سومرو

لطيف سورمين سٿ

سجاول طرفان ملهايل شاهه لطيف جي ورسيءَ جي هڪ جهلڪ

سنڌ جون نياڻيون ڄاڻن ٿيون ته اسان جي آزادي جا علمبردار ڪير آهن. اهوئي سبب آهي جو سجاول شهر ۾، ”لطيف سورمين سٿ“ هڪ تنظيم ٺاهي وئي آهي. جنهن جو مقصد عورت کي علمي، ادبي ۽ سماجي شعور ڏيارڻ آهي. هن سٿ ٺهي ڪو گهڻو وقت ڪونه ٿيو آهي. پر هتان جون باهمت ڀينرون هي ڪم تيزي ۽ سچائيءَ سان هلائي رهيون آهن. هنن ڀينرن نومبر 17-1989 تي شاهه لطيف جي ورسي ڏاڍي عقيدت و احترام سان ملهائي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان بيشمار عورتن شرڪت ڪئي. هن پروگرام جي آرگنائيزر آپا  مريم مجيدي، سنڌ جي وڏي شاعره جيڪا پروگرام جي صدر پڻ هئي. پروگرام جي مهمان خاص نئين ٽهي جي ليکڪا ۽ شاعره گلبدن آصف، جڏهن ته اعزازي مهمان آپا حنيفا مجيدي ۽ گلناز لغاري هيون. پروگرام جي شاندار ڪمپيئرنگ فوزيا ابڙو ڪئي.

صدر، مهمان خاص ۽ اعزازي مهمانن کي بيج لڳائڻ، هار ۽ اجرڪ پارائڻ ۾ ڪلثوم آغا، رفيعه ميمڻ هيون. پروگرام جي شروعات قرآن شريف جي تلاوت سان ڪئي وئي. جيڪا منظرين شاهه ڪئي.

صغرا قادري نعت پڙهي، شاهه لطيف کي نذرانه عقيدت، ڪلثوم آغا پيش ڪيو. ريحانه پنهور گيت ڳايو. مقالن پڙهڻ ۾ رفيعه ميمڻ، زاهده ميمڻ، ثميره جتوئي، نزيده قريشي، قمر ميمڻ، نسرين ميمڻ، رخسانه جوڻيجو هيون، جن کان پوءِ اعزازي مهمان حنيفه مجيدي چيو ته شاهه لطيف تي ڳالهائڻ لاءِ سال درڪار آهن. هن ٿوري وقت ۾ ڪجهه به نه ٿي ڳالهائي سگهان. ان کانپوءِ اعزازي مهمان گلناز لغاري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. هن پروگرام جي مهمان خاص جي حيثيت سان گلبدن آصف تقرير ڪئي، شروعات هن بيت سان ڪئي.

عمر آيو اوچتو، وڏي داٻ دڙڪي،
مارو هئا مال تي، ڪون هو ڪو تڙ تي،
نه ته سسي تنهنجي سومرا، هوند لامن تي لڙڪي،
ايڏو قهر ڪڙڪي، جو بي ڏوهيون بند ڪيون

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com