سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :8

 

ماهتاب محبوب

سرپرائيزنگ گفٽ

کيس جس هجي ته هوءَ بي جان يادون سانڍي ويٺي آهي... يادون، جيڪي هن کان ڪڏهن به دور ناهن ٿيڻيون ۽ اهو احساس ذري گهٽ سندس هر تحرير کي پڙهڻ سان ملي ٿو. ادب کي پاڻ ارپڻ کان پوءِ هن پنهنجا سمورا شوق ڄڻ فريز ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي ڄڻ ته ڪنهن ريٽا جي روپ ۾ سرپرائيزنگ گفٽ ڏني آهي... ها، جو هن گهنڊ ڄاڻ وڳو، ۽ ٻپهريءَ جا ٻه پل ۾ آتم ڪٿا ۽ يادگيرين کي هڪ نئين ۽ دلچسپ انداز ۾ قلمبند ڪيو آهي. سندس وڻندڙ ننڍا ننڍا ٽچي جملا، احساس ۽ ادبي ذميداريءَ سان ڪمٽمينٽ محسوس ڪندي، اهو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ته هن دل تي جبر ڪري ئي سهي، پر پنهنجا سڀ شوق ۽ خواهشون ماضيءَ جي ڳنڍ ۾ ٻڌي، پنهنجيءَ دل جي ڪنهن محفوظ ڪنڊ ۾ لڪائي ڇڏيا آهن.... پر جن کي هوءَ يادن ۾ اڃ به ساري ٿي. کيس جس هجي ته هوءَ بي جان يادون سانڍي ويٺي آهي... يادون، جيڪي هن کان ڪڏهن به دُور ناهن ٿيڻيون ۽ اهو احساس ذري گهٽ سندس هر تحرير کي پڙهڻ سان ملي ٿو. ادب کي پاڻ ارپڻ کان پوءِ هن پنهنجا سمورا شوق ڄڻ فريز ڪري ڇڏيا آهن. شروعاتي دور ۾ کيس ته پنهنجي لڪل ادبي صلاحيتن جو احساس ئي نه هو.... هونئن به سڀ کي خبر آهي ته منجهس ڪيڏي مڻيا آهي... قدرت طرفان هر شيءِ جو وقت مقرر هوندو آهي ۽ جڏهن اهو وقت آيو ته ڪنهن اندروني طاقت وسيلي هن جا سمورا ويچار، جذبا، مشاهدا ۽ تجربا لفظن جو روپ ڌاري سامهون آيا، جن مان سندس مطالعي سان چاهه هئڻ وارو اندازو به ٿئي ٿو. هوءَ رڳو پاڻ سان ۽ پنهنجي ضمير سان ڪميٽيڊ آهي... نه ئي ٻين جي نقش قدم تي هلڻ واري... هن جو پنهنجو انداز آهي ۽ پنهنجا ماپا آهن. پاڻ کي ڳولي لهڻ کان پوءِ، هاڻ ادب ئي سندس منزل آهي.

 

”اسان جو نهارو“ جو مختصر جائزو

اڄ جڏهن آءٌ ڀيڻ زبي پروين جي ڪتاب ”اسان جو نهارون“ تي ڪجهه لکڻ لاءِ سوچيان ٿو ته سوين نهارون بڻجي پوان ٿو ۽ منهنجي هڪ نهار سندن ماضيءَ جي حالتن ڏانهن کڄي وڃي ٿي. جنهن ماضيءَ ۾ سندن سوين درد سمايل آهن ۽ اهو دردن جو داستان غربت سان ڀريو پيو آهي. غربت جيڪا ماڻهوءَ جي اميدن جو ڏياٽيون گُل ڪري ڇڏيندي آهي. ذهن ۾ اٿندڙ سوچون ۽ اميدون رڳو ذهني ٽڪراءَ بڻجي پونديون آهن. پر جي اهڙين حالتن ۾ به ڪو شخص ڪنهن لاءِ سڌي واٽ چونڊي حق ۽ سچ جي ڳولا لاءِ جستجو ڪري ٿو ته اُن کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو!

۽ سچ ته اهو شخص زبي پروين جو بابا ئي آهي، جنهن پنهنجي هِن لاڏلي ڌيءَ کي پڙهائڻ لاءِ ڇا ڇا نه تڪليفون ڏٺيون ۽ سٺيون هيون ۽ ڪيئن نه سندس پنهنجا به پراوا ٿي بيٺا هُئا. ڪيترا اعتراض اٿيا هئا. ڳوٺ ۽ پاڙي وارن جا جيڪي اڃا تائين به برقرار آهن، پر انهن سڀني ڳالهين جي پرواهه نه ڪندي پاڻ پنهنجي ارادي تي مضبوط ٿي بيٺو هو. پر رڳو زُبي ڇا؟ پنهنجي ولر پٽن کي به ائين ئي پڙهايو هُئائين جيئن پنهنجي ڌيءُ کي.

هيءَ سادو سودو انسان خبر ناهي ڪيئن زندگي گذاريندو هو! هڪ ماستر جو پگهار جيڪو ڪجهه سال اڳي ڇا هو؟ نه جي برابر، پر پوءِ به هُن همٿ نه هاري هُئي، گهر جي ڪنهن ضرورت جي شيءِ جي کوٽ آهي ته ڀل هُجي، پر پنهنجي ٻارن کي ڪنهن حيثيت آهر خرچي ڏئي ڳوٺ کان ٻه ميل پري شاهپور چاڪر اسڪول پڙهڻ لاءِ ضرور موڪلڻو آهي ۽ ڀيڻ زُبي سوڌو ٻار وري سهڻا سدورا به اهڙا جو ڇا ڇئجي!

اعجاز جنهن سان گڏ مون هڪ جهڙي بينچ تي ويهي ڪئين درجا پڙهيا ۽ سندس هوشياريءَ تي حسد ڪيو، پر سندس پيار ڀرين نگاهن سدائين مون ڏانهن محبت ڀري نگاهه ڪئي، رياض جنهن جا هٿ محنت ڀريا هٿ آهن، جنهن پنهنجي ٻاروتڻ ۾ ڪيئن نه راتين جون راتيون ويهي درزڪو ڪم ڪري، پنهنجي گهر کي سهارو ڏنو ۽ پنهنجي ڏکن ۽ دردن کي، مون جيان مُنهن تي سجائڻ بدران، شاعريءَ جو روپ ڏئي، پنهنجي چپن تي مرڪن جا پوپٽ سجائي  هليو. بهرحال اهو سڀ ڪجهه سندن بابا سائينءَ جي محنت ۽ سٺي سکيا جو نتيجو هو. جنهن ڀيڻ زُبي سوڌو پنهنجي ٻارن کي پيرن تي بيهاري چڏيو ۽ پاڻ هن دنيا مان هليو ويو!

هنن سٽن لکڻ جو مقصد اهو آهي ۽ مون کي ائين لڳو آهي ته زبي ۽ سندس گهراڻي جا سڀئي ڪردار سڀئي پاسا هُن شخص سائين جان محمد جي ذڪر کان سواءِ اڻ پورا آهن، ڇو ته جڏهن به مون ساڻن ويهي ڪچهريون ڪيون آهن ۽ انهن ڪچهرين دوران جڏهن سندن بابا جو ذڪر آيو آهي ته هو پنھنجي اکين مان ڳوڙها ڳاڙي ويٺا آهن:

آءٌ چوندو آهيان ته خدا شل هن سڄي جڳ جهان کي زُبي جي پيءُ جهڙا پيئر ڏي. جيڪي پنهنجي نياڻين لاءِ ڇپر ۽ ڇانو هُجن ۽ نياڻيون به وري اُنهن لاءِ زُبي جي هن شعر جيان هُجن:

هر پل توکي ساريان بابا،

پل پل پئي پُڪاريان بابا،

ڄاڻان ٿي تون اچڻو نه آهين،

موٽي ٻيهر ملڻو نه آهين،

پوءِ به در ۾ ديد کُپائي،

تنهجي راهه نهاريان بابا!

سچ ته زُبي جي هن ڪتاب ۾ شامل سندس شاعراڻا ريشمي احساس اُن داخلي درد جو حصو آهن، جن دردن کي پنهنجي آس پاس ڏٺو اٿس. ۽ پاڻ ڀوڳيو اٿس ۽ اهي سڀ عڪس سندس شاعريءَ جو حصو آهن.

جڏهن ماڻهوءَ جي ذهن ۾ صحيح ۽ غلط جي سوچ جنم وٺي وجهندي آهي، تڏهن هو پنهنجو اظهار ڳوليندو آهي ته هِن سچ جو اظهار ڪنهن سان ڪريان. هت ته سچ ڪو ئي ٻُڌي ئي ڪونه ٿو. تڏهن اهو اظهار اندر کي کائڻ لڳندو آهي. پوءِ يا ته ماڻهو خاموشي ٿي ويندو آهي يا ته زُبي جي هنن سٽن جيان پين جو نب اظهار جون اکيون بڻجي پوندو آهي ته:

جڏهن دل روئڻ چاهي

پر اکيون روئي نه سگهن

ڳوڙها ڳاڙڻ کان انڪاري ٿي بيهن

تڏهن قلم جنبش ۾ اچي ويندو آهي

پين جو نب اکيون بڻجي لفظن جا

لڙڪ وهائڻ لڳندو آهي

زُبي جي نثري نظمن جي شاعري جا هن ڪتاب ۾ پوئي پئي آهي، جيڪا 54 نثري نظمن تي مشتمل آهي. نثري نظمن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها باقاعدا شاعري ڪانهي. شاعري ان کي چيو ويندو آهي جيڪا ڳائي وڃي، جنهن ۾ موسيقيت هجي، رڌم هُجي، پر آءٌ اُن ڳالهه جو قائل آهيان ته اندر جي اڌمن کي ڪنهن به موسيقيءَ رڌم ۽ بحروزن ۾ پابند نٿو ڪري سگهجي، ڇوته بحر وزن موسيقيت اهو شاعريءَ جي سکيا جو عمل آهي. جيڪو هڪ جدا سبجيڪٽ آهي، جنهن نون اڀرندڙ شاعرن / شاعراڻن کي منجهايو پڻ آهي. رومي چواڻي:

ته اي منهنجا محبوب! جيڪڏهن بحرن وزنن جو خيال ڪري آءٌ لکان ٿو ته تنهنجي ساراهه پوري ڪري نٿو سگهان. اُنڪري آءٌ پنهنجي پاڻ کي بحر وزنن ۾ پابند نٿو ڪري سگهان. جيستائين مون زُبي جي هن ڪتاب جي نثري نظمن کي پڙهيو آهي، ته انهن منهنجي ذهن کي هڪ نئون روپ ڏنو آهي ته نثري يا آزاد نظم واقعي اظهار جو هڪ اهڙو سگهارو پليٽ فارم آهي، جنهن تان توهان پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي طاقتور پيغام ڏئي سگهو ٿا، پر اُن ۾ به شاعراڻا خيال ۽ شاعراڻيون خوبيون هُجڻ کپن. جيڪي ڪنهن حد تائين زُبي جي نثري نظمن ۾ آهن. ۽ سندس محسوس ڪرڻ جي اک ڏسڻ جي اک کان ڏاڍي تيز آهي. جيئن هي سٽون آهن:

ستارن هو ڏنو روئي

پيو هو چنڊ ڀي سڏڪي

ڏکارو ڏسي هي منظر

هو جنهن کان جواني ۾

ساٿي سهاڳ ويو وڇڙي

جنهن جي سينڌ وئي اُجڙي

تنهن ڏکي ڏهاڳڻ جي

ڦڻي تيل کان وانجهيل

وارن هو ڏنو روئي

ستارن هو ڏنو روئي

يا هي سٽو:

خوشبو ۽ هوائن کي

ڪير زنجير پارائي نه سگهيو آهي.

يا زُبي جا ٻيا اهڙا الاهي سارا نظم جن ۾ رڳو ڳالهه ۽ مبالغي کان پاسو ڪري حقيقتن کي چٽيو ويو آهي ۽ انهن نظمن ۾ شاعراڻا خيال باقاعدا پوئيل آهن. سندن نظمن جو گهڻو حصو هن دور ۾ عورت تي ٿيندڙ انيائن سان ڀريو پيو آهي ۽ اهڙن انيائن جي ڳالهه زُبي پنهنجي نظمن ۾ هر هنڌ واضح ڪئي آهي:

او غيرت مند هئڻ جا دعويدار

تون پنهنجي ڀيڻ کي ويڻ سمجهي

وهم جي ور چاڙهي

ڪهاڙي سان ڪنڌ لاهڻ کان اڳي

پنهنجي پاڻ ۾ ليئو ته پائي ڏس

ڪٿي پاڻ ڪنهن نياڻي جي رسوائي

جو ڪردار ته ناهين بڻيو

هونءَ به جڏهن ماڻهوءَ کان شخصي آزاديءَ جو حق کسي کيس جسماني طرح قيد ڪيو ويندو آهي ته هو اهو قيد برداشت ڪري ڪري ڏاڍو سگهارو ٿي ويندو آهي ۽ هو لفظن جي اظهار جي قوت کان شروعات ڪري باقاعدي بغاوت ڪرڻ شروع ڪندو آهي، جيڪو هُن جو سماجي حق به آهي. زُبي جي ڪجهه نظمن ۾ به اهڙي بغاوت جو درس شامل آهي:

مون کي زبان هوندي گونگي بڻجي

جيون گهارڻ قطعي قبول نه آهي

جڏهن مون کي خدا زبان ڳالهائڻ لاءِ ڏني آهي

ته پوءِ آئون ماٺ ڇو رهان

۽ هر ستم صبر ڪري ڇو سهان

هِن نظم جون سٽون:

انسان جي کل پاتل درندؤ

هن دؤر جا يزيدؤ

آئون ڪنڌ جهڪائڻ بجاءِ

اوچي ڳاٽ سان پر عزم ٿي

اوهان روايت پسند ڪُڌ ذهن

۽ تنگ نظر رکندڙ طرفان مڙهيل

هر بندش کي مڃڻ کان انڪار ڪريان ٿي

ڀيڻ زُبي جي شاعريءَ ۾ ٻين خوبين سان گڏ هڪ خوبي منظر نگاري پڻ آهي، جيڪا شاعريءَ جو حُسن هوندي آهي ۽ منظر نگاري شاعريءَ جي خوبصورتي جو خوبصورت حصو آهي.

اسان جي روئڻ تي رني رات راڻي

چمپا جي اکين ۾ ڀر جي آيو پاڻي

صنوبر آهن ساهه ٿڌڙا ڀريا

يا هي سٽون:

جڏهن تنهنجي جهلڪ ڏسڻ لاءِ

فلڪ ڏي نهاريان ٿي

چنڊ ڏکارو ٿي ويندو آ

آڪاش جي نيري رئي تي

ڪاون جيان جرڪندڙ

سنهري ستارا سانجهه جا

سڏڪي پوندا آهن

مطلب ته فلڪ ڏي نهارڻ چنڊ جو ڏکارو ٿيڻ آڪاش جو نيرو رئو ڪاون جيان جرڪندڙ ستارا رات جي راڻيءَ جو روئڻ چمپا ۽ صنوبر جا ٿڌڙا ساهه ۽ ٻيا منظر نگاري جا اهڙا کوڙ سارا عڪس سندس شاعري ۾ شامل آهن، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته زُبي جو مطالعو ۽ مشاهدو تمام گهرو آهي.

اُن کان پوءِ زماني جي حالتن جو مشاهدو به سندس نظمن مان بکي نڪري ٿو.

منهنجي مرضي جو ڌاڳو

تنهنجي هٿ ۾ ڏنل آهي

مان محض ڪٺ پتلي آهيان

جيئن نچائين نچندي رهان

تنهنجو هر ستم صبر ڪري سهان

ڇوته تون منهنجو مجازي خدا آهين

۽ تون چاهين ٿو ته آءٌ سوچيان

به تنهنجي ذهن سان

پر ذهن کي ڪنهن به بندش

جي زنجير پارائي نه سگهندين

ٻي ڳالهه ته زُبي جي شاعري ۾ نا اميدي گهٽ ۽ اميدون کوڙ ساريون آهن، جيڪي خوبيون گهٽ شاعرن ۾ هونديون آهن.

مون ڪافي شاعرائن جي شاعري پڙهي آهي، جنهن ۾ ناڪامين جي پلٽ ظاهر ظهور ڏسڻ ۾ ايندي آهي، پر زُبي جي شاعري ۾ نا اميدي گهٽ آهي.

خدا ڪري

هن صدي هن سال ۾

سرنهن جي ڦولار جهڙيون

پُر بهار جانيون

گل ٽڙڻ جي مند ۾

نه ڪڏهن مُرجهائجن

۽ ڪنهن به ماءُ جون مُرڪون

ڏک جي لُڪ ۾ لوساٽجي

شال نه مُرجهائجن

شال هِن نئين سال ۾

وستي جي هِن متي جي

امبر مٿان چاهتن جا

چنڊ کڙندا رهن

ڀيڻ زُبي جي شاعري ۾ رومانس بلڪل نه جي برابر آهي. سڄي ڪتاب مان ڪي چند نظم ملندا، جن ۾ رومانس کي ڇهيو ويو آهي. باقي سڄي شاعري سماجي نا انصافين سان ڀري پئي آهي، جنهن ۾ مزاحمت جو رنگ واضح نظر اچي ٿو.

هونءَ به اُن ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته عورت جڏهن به قلم کنيو آهي، ته رومانس کي گهٽ ڇُهيو اٿس ۽ سماج جي دردن کي وڌيڪ چٽيو اٿس.

ڀيڻ زُبي جو سفر ڏاڍو سجايو آهي . پاڻ جيڪا جنگ جوٽي اٿس. انهيءَ کي ضرور منزل ملڻي آهي. وقت پُڄاڻا انهيءَ جو احساس ٿيڻو آهي، ٽئنگور جي هِنن سٽن جيان ته

ورهين پُڄاڻا دروازو کڙڪيو

اندران پڇيو ويو ڪير آهي

مان آهيان جواب مليو

پر دروازو نه کليو

ورهين پُڄاڻا دروازو کڙڪيو

اندرا آواز آيو ڪير آهي

جواب مليو تون آهين

۽ دروازو کُلي ويو

۽ ائين وقت پُڄاڻا زُبي جي هن ڪتاب ۾ شامل سڀني نظمن جو دروازو کُلڻو آهي ۽ اُن سان گڏ اسان کي اها پڻ اُميد آهي ته ڀيڻ اسان کي اهڙا ڪيئي ڪتاب ڏيندي، ڇو ته زندگي هڪ ڪتاب جو نالو ڪونهي، زنگي ڪيئي ڪتاب آهي ۽ انهن ۾ ههڙا ڪئين نظم هوندا، جهڙو سندس هي خوبصورت نظم

سال جي پڇاڙي پهرن ۾

دل ٿي چاهي ڊائري کي تنهنجو سينو

سمجهي اُن ۾ پنهنجو مُنهن لڪائي

ايڏو ته روئان جو سال جا سمورا

سور سانحا ۽ سارون

لڙڪن سان لڙهي وڃن

۽ مَن هلڪو ٿي وڃي

مگر تنهنجي محبتي آغوش جو

نعم البدل هن ڊائريءَ جي دل ڪيئن ٿي ڀلا ٿي سگهي

آخر ۾ ڀيڻ لاءِ کوڙ ساريون دعائون ۽ مرشد لطيف جون هي سِٽون

وو وو ڪندي وتُ

متان وو وسارين

ڪتاب جو مختصر جائزو وٺندڙ: رضا ڏاهري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com