سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :17

 

بيمارين کان ڪيئن بچجي؟

سائي ڇا آهي؟

رشيده ڀٽي

سائي کي يرقان يا پيليا به سڏيو وڃي ٿو. گهريلو طور تي هيٺ ڏنل نسخن تي آزمائش ڪري ڏسو، انشاءَ الله تعاليٰ مڪمل طور تي شفاياب ٿيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

ڳاڙهي گجر جو جوس (رَسُ) ڪڍي ماکيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان ڪامڻ کي گهٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي.

 ٻه ڪيلا، ماکيءَ سان ملائي کائجن.

ڳڙ ۾ ادرڪ جي رَس ملائي کائجي.

اڇو بصر ۽ ڳڙ کڻو، اُن ۾ ٿوري هيڊ ملائي، صبح ۽ شام کائو.

 رات جو کليل آسمان هيٺ ڪمند کي ڇڏيو، صبح جو چوسيو (ڳنڍيريون ٺاهي).

 صبح جو نيرانو، ليمو کڻو، چير لڳايو ۽ پوءِ ٿوري کائڻ واري سوڍا لڳائي چوسيو.

 گجرن جو جوشاندو ٺاهي پيئو، سائي جي باعث پيدا ٿيل ڪمزوري ۽ خون جي ڪمي ختم ٿي ويندي.

 صبح جو نيرانو، ماکي ۽ نم جو ٿورو چوس (رَسُ) ملائي پيئڻ سان تمام گهڻو فائدو رسندو.

 آريٺن جو پاڻي ناس ۾ (ٻه ٽي ڦڙا) وجهڻ سان به سائيءَ کي گهٽائي سگهجي ٿو.

هيڊ جا فائدا

نسرين قريشي

ڪٿي ڌڪ لڳي ته اتي هيڊ ۽ تيل ملائي هلڪو گرم ڪري هڻڻ سان سور لهي ويندو.

هيڊ ۽ ماکي ملائي هڻن سان به فائدو ٿيندو آهي.

ڌڪ لڳڻ کان پوءِ، هيڊ جو اڌ چمچو گرم کير ۾ ملائي پيئڻ سان سور لهي ويندو.

چهري جي صفائي لاءِ هيڊ هڪ چمچو، اٽو هڪ چمچو ۽ بيسڻ هڪ چمچو، کير ۾ ملائي، چهري تي مالش ڪرڻ سان چهرو صاف ٿي ويندو آهي.

هيڊ جو استعمال روزاني کاڌي مثلا سبزي، گوشت ۽ ٻين ڀاڄين ۾ ڪرڻ سان جسم جي واڌ، چرٻي به ختم ٿي ويندي آهي.

هيڊ ۽ ڏهي ملائي هڻڻ سان چهرو صاف ٿيندو آهي.

صحتمند زندگي گذارڻ لاءِ ڪم جون ڳالهيون

نازش نياز لغاري

کاڌو کائڻ کان پوءِ هڪدم نه ليٽو، ان سان جسم ڦهلجي ويندو.

صبح جو نيرن ڪرڻ نهايت ضروري آهي.

رات جو سمهڻ کان پهرين ڏندڻ ڏيڻ ضروري آهي.

روزانو صبح جو سوير ورزش ضرور ڪريو.

تيز مرچن ۽ مسالي واري کاڌي کان پرهيز ڪريو.، ڇاڪاڻ ته معدي ۾ تڪليف ٿي سگهي ٿي.

رات جو سمهڻ کان پهرين کير پيئڻ صحت لاِءِ تمام فائديمند آهي.

ليٽي پڙهڻ سان نظر ڪمزور ٿئي ٿي.

ڏينهن ۾ 10 يا 15 گلاس پاڻي پيئڻ سان چمڙي ۽ صحت سٺي رهندي.

روزانو صبح جو اکين کي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻو.

صبح جو سوير اٿڻ صحت لاءِ فائديمند آهي.

سياري ۾ ٿڌ کان بچڻ لاءِ بيضي ۽ ماکيءَ جو استعمال ڪريو.

انگور کائڻ سان رت صاف ٿيندو آهي.

کاڌي کائڻ کان پوءِ يڪدم پاڻي نه پيو، ڇاڪاڻ ته پيٽ ڦهلجي ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com