سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :16

حميده پنهور

جَوَن جا فائدا

”حضرت يوسف بن عبدالله بن سلام رضي الله عنه بيان فرمائين ٿا ته مون نبي ڪريم ﷺکي ڏٺو ته پاڻ ﷺجَوَن جي مانيءَ جو ٽڪرو کنيائون ۽ ان جي مٿان کجور رکي ۽ فرمايائون ته هيءُ هن جو ٻوڙ آهي ۽ کائي ڇڏيو.“

اسان جي پياري پيغمبر حضرت محمد ﷺجن جي پسنديده غذائن ۾ جَوَن جو به شمار ٿئي ٿو. حديثن ۾ جَوَن جا فائدا ٻڌايا ويا اهن، جن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته جَوَ حضور ڪريم ﷺجن کي گهڻو پسند هئا. جَون جي ماني، جَوَن جو ڪاڙهو، جَوَن جو ڏارو ٺاهي کائڻ جو ٻڌائيندا هئا.

رسول الله ﷺجي گهر وارن مان جڏهن ڪير بيمار ٿيندو ته پاڻ ارشاد فرمائيندا هئا ته جَوَن جو ڏارو ٺاهي کارايو ۽ ارشاد فرمائيندا هئا ته هي مريض جي دل جو غم دور ڪري ٿو ۽ مريض جي ڪمزوريءَ کي ائين لاهي ڇڏي ٿو، جيئن توهان مان ڪير پنهنجي چهري کي پاڻيءَ سان ڌوئي صاف ڪري ٿو.

هن روايت مان خبر پوي ٿي ته مريضن جي لاءِ جَوَن جي غذا ڪيتري فائديمند آهي. مرض جي ڪري جيڪا جسم ۾ ڪمزوري پيدا ٿئي ٿي، ان کي فائدو ڏئي ٿو. اهڙيءَ طرح حديث آهي، جنهن جو بيان حضرت يوسف بن عبدالله بن سلام رضي الله تعاليٰ عنه حديث جي مبارڪ لفظن جي مطابق

”حضرت يوسف بن عبدالله بن سلام رضي لله عنه بيان فرمائين ٿا ته مون نبي ڪريم ﷺکي ڏٺو ته پاڻ ﷺجَوَن جي مانيءَ جو ٽڪرو کنيائون ۽ ان جي مٿان کجور رکي ۽ فرمايائون ته هيءُ هن جو ٻوڙ آهي ۽ کائي ڇڏيو.“

حضرت سهل بن سعد رضي الله تعاليٰ عنه حديث بابت روايت فرمائين ٿا ته، حضور نبي ڪري ﷺجا اصحابي رضي لله عنها جَوَن جي اَٽي ۾ فوڪ لڳائيندا هئا، جنهن سان سنهو اٽو، اڏامي ويندو هو.باقي ٿلهو اٽو ۽ ان جو ڇاڻ ڳوهيندا هئا.“

انهن روايتن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته حضور نبي ڪريم ﷺجن کاڌي ۾ جَوَن جي مانيءَ کي ڪثرت سان استعمال ڪندا هئا ۽ ٻين جنسن جي مانيءَ جي مقابلي ۾ جَوَن جي مانيءَ کي تمام گهڻو پسند ڪندا هئا. جَوَن جو ڪاڙهو به ٺاهيو ويندو آهي. ان جو ذڪر به بي شمار حديثن ۾ آيو آهي. بخاري شريف جي حديث مبارڪ آهي، اُن جو راوي حضرت ابي برده رضي الله عنه فرمائين ٿا ته، ”مان مديني طيبه ۾ داخل ٿيس ته منهنجي ملاقات حضرت عبدالله بن سلام رضي الله عنه سان ٿي، انهن مون کي پاڻ وٽ رهڻ جي دعوت ڏني ۽ فرمايو ته مان توکي هن پيالي ۾ پياريندس جنهن ۾ رسول الله ﷺجن پيتو ۽ هن مسجد ۾ نماز پڙهائيندس، جنهن ۾ نبي ڪريم ﷺنماز پڙهي. مان ان وٽ ترسيس ۽ انهن مون کي ڪاڙهو جَوَن جو ۽ کجور کارائي ۽ ان مسجد ۾ مون نماز پڙهي.“

انهن سڀني حديثن مان اها خبر پوي ٿي ته جَوَ هاضمي واري غذا آهي. معدو ان کي جلدي هضم ڪري ٿو. جسم کي طاقت ڏين ٿا ۽ معدي تي بوجهه نٿا ٿين. تمام هلڪي غذا آهي.

جَوَن جون طبي خاصيتون

جَوَ هڪ هلڪي ڦلڪي غذا آهي. دل ۽ دماغ کي فرحت ڏئي ٿي. دماغ کي سڪون پهچائي ٿي. جگر جي گرميءَ کي جَوَ دور ڪن ٿا. جن ماڻهن جي پيشاب ۾ ساڙو هجي، ان جي لاءِ جَوَن جو جوشاندو ٿڌو ڪري پيئڻ انتهائي فائديمند ٿئي ٿو. مثاني جي گرمي دور ڪري ٿو. گردن جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن جي لاءِ جَوَن جو جوشاندو استعمال ڪرڻ مفيد آهي. جَوَن جو جوشاندو معدي کي درست ڪري ٿو. معدي جي ساڙي کي دور ڪري ٿو. معدي جي اڪثر بيمارين کان ڇوٽڪار ڏئي ٿو. دل جي گرميءَ جي لاءِ به فائديمند ثابت ٿيو آهي. خاص طور تي گرم مزاج وارن ماڻهن جي لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي ۽ هيءُ چڙ ڪاوڙ کي دور ڪن ٿا. معدي جي السر ۾ مبتلا مريض صبح جو ناشتي ۾ جون جو ڏارو استعمال ڪن، چند مهينن ۾ شفا ٿيندي ۽ مرض دور ٿي ويندو. جن ماڻهن کي پيشاب ۾ خون اچي ان جي لاءِ جَوَن جو جوشاندو ٿڌو ڪري، ماکي ملائي پيئڻ سان فائدو ٿئي ٿو. گردي ۾ پٿري واري مريض لاءِ جَوَن جي ٿڌي جوشاندي ۾ ماکي ملائي پيئڻ سان پٿري جلدي خارج ٿي وڃي ٿي. السر ۾ مبتلا مريض نيراني جَوَن جو ڏارو استعمال ڪن. انهن کان سواءِ جَوَن جا بي شمار فائدا آهن، جسم ۾ خون جي ڪميءَ کي دور ڪن ٿا ۽ جَوَن جي کائڻ سان صاف خون پيدا ٿئي ٿو، خون ۾ فالتو مادن کي خارج ڪن ٿا. جَوَن جي مسلسل استعمال سان چهري جي رنگت صاف ٿئي ٿي. جَوَن جي ماني تمام غذائي ضرورتن کي پورو ڪري ٿي. يرقان جي مريضن جي لاءِ جَوَن جو استعمال مفيد ٿابت ٿيو آهي، هي جسم ۾ گرميءَ کي دور ڪري ٿو.

گلي جي سوڄ ۾ جَوَن جو گرم جوشاندو پيئڻ جي حالت ۾ سڪون پهچائي ٿو. اڃ جي ڪري زبان خشڪ ٿيڻ جي ڪيفيت ۾ جَوَن جو شربت اڪسير جي حيثيت رکي ٿو. اڃ جي زيادتيءَ کي گهٽ ڪري ٿو. جگر کي ٿڌو ڪري ٿو. خارش جي حالت ۾ جون جو اٽو سُرڪي ۾ ملائي مرهم ٺاهي لڳائجي ته فائدو ٿيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com