سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :12

رعنا شفيق

انٽرويو

هن مس شائسته کان ٻه ڏينهن اڳ ئي اپائنٽمنٽ وٺي ڇڏي هئي. اڄ جڏهن هن مس شائسته جي اڳيان سلام ڪري پنهنجو ڪارڊ اڳتي وڌايو ته نالو پڙهي به هن پڇيو، ”ويهو، مسٽر؟!...“

”امان علي“ هن نالو ٻڌائيندي چيو، ”ميڊم، مون ڪالهه فون تي Appointment  ورتي هئي ... آءٌ نئون ڏينهن، جو رپورٽر آهيان.“

هن عورت جو لهجو اڃا تائين ايترو ته بناوتي هو، جهڙو ڪنهن ويشا جو سينگار. مرڪندي چيائين، ”ويهو مسٽر امان علي، منهنجو وقت الاهي قيمتي آهي. ڏسو ٿا نه بزي آهيان... پڇو ڇا پڇڻو اٿو؟“

”ميڊم هيءُ انٽرويو مسعود جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ آهي.“ امان محسوس ڪيو ته مس شائسته جي منهن تي اگرو تاثر اچي ويو هو، پر هن پنهنجي گفتگو جاري رکندي چيو، ”مسعود جو ستاويهن سالن جي عمر ۾ حادثي جي ڪري ڪُمهلو موت، هن قوم جي سيني تي اهڙو ڌڪ آهي، جيڪو صدين تائين محسوس ڪيو ويندو. هي پهريون اديب هو جنهن سنڌي ادب ۾ سائنس فڪشن اهڙي سڦلتا سان آڻي انقلاب آندو آهي، جڏهن ته اهو عام خيال هو، ته عوام اڃا سائنس فڪشن کي سمجهڻ جي صلاحيت نٿو رکي ۽ ....“

”مسٽر امان علي“، مس شائسته جي اتاولي ۽ گهري آواز ۾ ڪاوڙ ڀريل هئي، جنهن امان جي جملي کي اڌ ۾ ڪپي ڇڏيو. نرڙ تي هزارين ليڪون اچي ويون ”توهان مهرباني ڪري اهڙين فضول ڳالهين کي Skip ڪيو ته بهتر ٿيندو، ڏسو نٿا منهنجو وقت ضايع ٿو ٿئي... اوهين به سچ پڇو ته آءٌ سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿي، پر منهنجو ڇا وڃي!.... ڪجهه چوڻ نه چاهيندس.“

”يس ميڊم .... اسان اڳئين مهيني جي رسالي ۾ مسعود جي ورسيءَ تي، هن کي ويجهڙو رهڻ وارن کان انٽرويو وٺي رهيا آهيون.“ امان علي تڙ تڪڙ ۾ پنهنجو مقصد بيان ڪرڻ لڳو. نئون نئون رپورٽر ٿيو هو. ڪجهه ان ڳالهه جي ڪري ۽ ڪجهه مس شائسته جي عجيب ڳالهين جي ڪري Nervous ٿي رهيو هو.

”يس، يس، توهان کي خبر هئڻ کپي، ته هن اداري ۾ ڪم هوندو آهي. ڪم. اجاين ڳالهين ڪرڻ جي آءٌ ڪنهن کي به اجازت ڪو نه ڏيندي آهيان.“

”مسعود هن اداري ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو هو، توهان هن جي ڪم بابت پنهنجي راءِ ڏيندا؟“ امان تڪڙو تڪڙو پڇڻ لڳو.

”ڪم! ها، ها، ما“ مس شائسته اوچتو ٽهڪ ڏيڻ لڳي، امان کي ننڍپڻ ۾ مريءَ جي پهاڙن ۾ رات جو چراغن Heynas جي ٻُڌل خوفناڪ کل ياد اچي وئي. ”مون چيو نه، ته جنهن کي ڪم ڪرڻو هوندو آهي، اهو هتي رهندو آهي... ٻيا پنهنجي گهر جي واٽ وٺندا آهن ... مسعود جي ته پاڻ ئي .... ها، ها، ها، ...“

امان علي سندس چهري کان من جو اچرج لڪائي پڇيو، ”توهان چوڻ ٿيون چاهيو ته مسعود جي ڪم کان توهان مطمئن ڪونه هيون؟“

”مسٽر امان علي، ايترو ٿي چوڻ چاهيان ته خوابن جي دنيا ۾ رهندڙ اديب عملي دنيا ۾ Failure  هوندا آهن.“

”پر آءٌ ته سمجهان ٿو ته رومانٽڪ لکڻيون لکندڙ اديب خوابن جي دنيا ۾ رهندا آهن. پر مسعود جو دماغ سندس ناولن جهڙو ئي سائنسي ۽ Practical هو.“

مس شائسته جي ننڍين ننڍين اکين ۾ تکي روشني ڇلڪڻ لڳي ۽ امان کي محسوس ٿيو، ته جڏهن مس شائسته کي ڪا ڳالهه نه وڻندي هئي، ته هن جون اکيون اوراتو چمڪ سان ڀرجي وينديون هيون. هن چيو، ”مون هن سان هڪ سال گذاريو آهي. مون کان سواءِ هن کي ڪير به نٿو سمجهي سگهي، ڇو جو ... ڇو جو مون نه صرف هن کي جاچيو آهي، پر هن کي مون ۾ الاهي ويساهه هو.“

”چڱو، ميڊم، هاڻي، توهان ڪجهه مسعود جي ناولن بابت پنهنجي راءِ ڏينديون؟“ امان علي پنهنجي نوٽ بڪ ۾ تڪڙو تڪڙو جواب لکندي سوال ڪيو.

مس شائسته جو سڄو منهن هزارين ليڪن سان ڀرجي ويو، اکيون ٻوٽجي ويون ۽ چپ سسي ويا. امان کي لڳو ڄڻ سڄي ڪائنات جي ڪوجهائي هن عورت جي اندر ڀرجي وئي آهي ۽ جڏهن هو ٻاهر نڪرندو، ته سڄي دنيا ۾ سوڀيا هوندي، جيئن يسوع مسيح سڄي انسانيت جي گناهن جو صليب پاڻ تي کڻي انسانيت کي پاڪ ڪري ڇڏيوهو .... يا شايد ... مس شائسته اهو ٻڌائڻ پئي چاهي، ته مسعود جا ناول ايترا ته بڇڙا هئا، جيترو هن جو منهن.

”بڪواس“ مس شائسته چيو، ”مسعود ۾ ڪا Originality  ڪانه هئي. ڪا Creativeness  ڪانه هئي. سائنس ۽ ريسرچ تي هلندڙ ذهن هڪڙي پوکيل ٻنيءَ جهڙو هوندو آهي. ان ۾ پوروڇوٽ Parallel  قطارون هونديون آهن، جنهن ۾ ڪو ماڪوڙو به واٽ نه وڃائي سگهي. وڌيڪ وڻندڙ ۽ دلچسپ ته هڪڙو جهنگل هوندو آهي. جتي قسمين قسمين وڻ ۽ ٻوٽا هجن ۽ Labyrinth  ۾ هلندا ئي رهون... جتي ڪو Principle,  ڪو ethic  نه هجي. نه پاڻي ڏيڻ جو فڪر، نه ٻج پوکڻ جو خيال ....“

امان عليءَ کي هن سهڻي انوپما ۾ ڍڪيل ڳالهه کان الائي ڇو هڪڙو اڻ ڄاڻ ڊپ محسوس ٿيڻ لڳو. هوءَ چوندي رهي. ”مسعود چوندو هو ته ميڊم، مون وٽ ضمير آهي، پر آءٌ چوندس ته ضمير cowardice  جو ٻيو نالو آهي. تون ڇا ٿو چئين امان ... آءٌ توکي امان چئي سگهان ٿي؟“

”ها، ڇو نه ميڊم،“ امان کي اچتو مس شائسته جو مسٽر امان عليءَ کان امان تي ٽپو ڏيڻ کان وڌيڪ ڀؤ محسوس ٿيو. ”اهو ته خير پنهنجو پنهنجو خيال آهي. توهان ٽاپڪ تان ڦري ويون آهيو. توهان چئو پيون ته مسعود جا ناول ... بڪواس آهن... ته هو creative  ۽ original  ڪونه هو، پر ميڊم، سائنس فڪشن جو ميدان ئي ٻيو آهي، جن جي سمجهه ۾ آيا آهن تن جي راءِ آهي ته هي ناول نه رڳو هڪڙي expert  هٿ سان لکيل آهن، پر اهو هٿ هڪ اهڙي ذهن جو هٿ آهي، جنهن پنهنجي پڙهندڙن کي به سمجهيو آهي. آءٌ پاڻ سمجهان ٿو، ته ڪنهن ٻي ڪائنات جي باري ۾ لکڻ ۽ اهو به سائنسي علم جي روشني ۾، وڌيڪ creative  ۽ مشڪل ڪم آهي.“

”تون چوڻ ٿو چاهين ته مون اهي ناول ڪونه پڙهيا آهن؟ يا مون کي سمجهه ۾ ڪونه آيا آهن؟ آهي نه ائين؟“

”نه ميڊم نه اهو مطلب ته ڪونه هو منهنجو.“

”هڪڙي ڳالهه ٻڌايان؟ ... اهي ناول تون سمجهين ٿو ته واقعي مسعود جا لکيل هئا؟“ مس شائسته اوچتو هڪڙي نئين ڳالهه ڪئي. امان عليءَ هن کي پنهنجي ئي دماغ جي Labyrinth  ۾ ڀٽڪي ڏسي رهيو هو. هوءَ هڪڙي ڳالهه چئي وري ان جي ئي ناڪار پئي ڪري، پر هاڻي هن اها ڳالهه ئي اهڙي ڪئي، جو امان علي اچرج ۾ پئجي ويو. پڇيائين:

انهن ناولن جو ليکڪ ڪونه هو؟“

”تو منهنجي هر ڳالهه ٻڌي ورجائين ڇو ٿو؟ ڄڻ تون ڪو منهنجو پڙلاءُ هجين. آءٌ پنهنجا جملا چئي پاڻ ٻڌي ٿي سگهان، توکي ورجائڻ جي ضرورت ڪانهي ... ها، ته آءٌ چئي رهي هئس، ته مون کي ڪافي عرصي کان شڪ هو، ته مسعود کان پڇان، ته اهي ناول ڪير ٿو لکي. توکي يقين ته نه ايندو هڪڙو ڀيرو ڇا ٿيو، جو مون هن کي سڏرائي زور ٻڌو ته مون کي ٻڌائي، ۽ هن مون کي آخر ڪار ٻڌايو، ته اهي سڀ ناول هن جا، نه پر ٻئي ڪنهن جا لکيل آهن .... ۽ خبر اٿئي اهو ڪير آهي؟ ... سڪندر!“

 ”سڪندر؟ مسعود جي ويجهو ۾ ويجهو دوست؟ ... پر هو ته شاعر آهي ... ۽ هو ڇو لکندو؟“

”امان، تون ڏاڍو معصوم آهين.“ مس شائسته جي مرڪ به هن جي ڳالهين وانگر اڌ لڪل اڌ پڌري هئي اچانڪ فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي. مس شائسته فون تي مصروف ٿي وئي. ”الو.. الو.. ڪير؟ نوري؟ نه، نه تنهنجي لاءِ ته سدا فري آهيان. بس، هڪڙي رسالي لاءِ رپورٽر کي انٽرويو ڏيئي رهي هئس ... ڌاڍي بزي آهيان ... ڇا؟ ... ڪير؟ ... ڇو؟ ... هوءَ پاڻ کي نٿي ڏسي. هن جا ته ڪو پنجويهه پريمي آهن، اسان جي پٺيان ڇو پئي آهي؟ مون کي هنن جا سڀ راز معلوم آهن. توکي ڪجهه چوي ته ٻڌائي ڇڏجائين ... نه، راز جي ته ڪابه خبر ڪونهي، پر ناهي ته به گهڙي سگهون ٿا... ها، ها، ها،“ وري اهائي darling پوءِ مزي سان ڳالهيون ڪنداسين take care O.K  .“

امان علي حيران رهجي ويو. هيءَ چاليهه ساله عورت پل ۾ ويهن سالن جي ۽ ٻئي پل ۾ اسي جي ٿي ٿي وڃي. فون جو رسيور رکي مس شائسته جون تکيون اکيون امان عليءَ جي چهري تي اٽڪي ويون ۽ امان علي ڪيترين ئي لڪل ۽ لڪل ڳالهين کان ڊڄي ويو.

”مان هتي انٽرويو ختم ڪندس ميڊم. توهان جي مهرباني.“

”تون ڏاڍو معصوم ۽ پيارو آهين. ايندو ڪر هتي به ڪڏهن ڪڏهن.“ مس شائسته جي اکين ۾ نرمي اچي وئي.

”ميڊم، آءٌ توهان جو وڌيڪ وقت نه وٺندس ... چڱو پوءِ اجازت ...“

”ويهه ته سهي ... چانهه ته پي وڃ ڳالهين ۾ خيال ئي نه رهيو ... ۽ ٻڌ، مون کي تون ميڊم نه سڏيندو ڪر. منهنجو نالو آهي شائسته ... چئو“ هن مرڪندي چيو.

”ميڊم .. مس شائسته ... مون کي ڪٿي ضروري وڃڻو آهي.“

”ائين ته ڪڏهن نه ڇڏيندس.“ مس شائسته ٽهڪن جي وچ ۾ گهنٽي وڃائيندي چيو ۽ چوڪيدار کي چانهه جو آرڊر ڏنو.

۽ امان سوچڻ لڳو ته هن عورت جو نالو ڪيترو نه وڏو فريب آهي ... شائسته ڪيترو نه مٺو نالو آهي ... امان کي ان ڍنڍ جهڙو لڳو، جنهن جي مٿاڇري تي انڊلٺ جا سوين رنگ ۽ سج جو اولڙو پئي. اهڙي سندر نظاري کان متاثر ٿي، جڏهن ڪو نزديڪ وڃي ڏسي ته ڍنڍ جي سطح تي رڳو سينور ۽ مڇر ترندا نظر اچن ۽ بيٺل پاڻيءَ جي ڌپ.

مس شائسته جون مهربان نظرون پنهنجي چهري تي محسوس ڪري امان وري مسعود جو ذڪر ڇيڙي ڇڏيو.

”مسعود جي ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ ...“

”ڇڏ، مسعود کي“ هن جو آواز وري تيز ٿي ويو. مسعود پنھنجي زندگي ۾ سخت ناڪام ھو. ھڪڙو ڀيرو محبت ڪرڻ وارا ناڪام هوندا آهن ... پر ختم ڪر هن ٽاپڪ کي ... تون ٻڌائي، شادي ٿيل آهي؟“

”نه“ امان جي من ۾ سندس مڱينديءَ عائشه جي تصوير اچي وئي، پر هن عائشه کي ان مهل پنهنجي من مان ڪڍڻ پئي چاهيو، ڄڻ مس شائسته جون مڪار اکيون عائشه کي ڏسي نه وٺن ۽ ڪو نقصان نه رسائين.

”جڏهن ته تون ايترو چارمنگ آهين. ماڻهو تيستائين موهيندڙ هوندا آهن، جيستائين هو ڇڙا bachelor  هوندا آهن. شاديءَ سان هنن جي انفراديت ختم ٿي ويندي آهي ... ۽ اها به وفادار ماڻهن جي.“

امان ڪوشش جي باوجود به هن جون ڳالهيون سمجهي نه سگهيو. چانهه جلدي جلدي ختم ڪري هو وڏي مشڪل سان اجازت وٺي ٻاهر نڪتو. ٻاهر دنيا بي شڪ وڌيڪ سهڻي ٿي پئي هئي. هو سوچڻ لڳو ته: ”نوٽ بڪ ۾ لکيل انٽرويو ۾ ڇا ايڊٽ ڪري ۽ ڇا نه ڪري!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com