سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :11

 

نذير ناز

ڊاڪٽر عربيه نور سان ڳالهه ٻولهه

(ويم دوران ڳورهاري عورت جو مري وڃڻ)

سنڌ ۾ ويم دوران اڪثر عورتون مري وڃن ٿيون. انهيءَ موت جا ڪهڙا سبب آهن؟ جنهن جي ڪري اڪثر عورتون موت جو شڪار ٿي وڃن ٿيو. مون ڊاڪٽر عربيه نور کان پڇيو. ويم جي دوران اڪثر عورتون موت جو کاڄ بڻجن ٿيون، اسان جون ڪيتريون ڀينرون، نه رڳو ويم جي تڪليفن جو شڪار پئي پڻيون آهن، پر خود پاڻ ۽ سندن ٻار پڻ موت جو شڪار پئي بڻيا آهن.

ڊاڪٽر عربيه نور ٻڌايو ته شادي کان پوءِ عورت شهر جي هجي يا ٻهراڙيءَ جي. انهيءَ جي اها تمنا هوندي آهي ته هوءَ ماءُ بڻجي. بلڪ شادي کان پوءِ حمل سڀ ڪنهن زال لاءِ هڪ لازمي ڳالهه آهي ۽ حمل ٿيڻ ڪا بيماري نه آهي. تنهنڪري حمل واري وقت ۾ تندرستيءَ وارن اصولن تي جيترو ٿي سگهي، انهن تي عمل ڪجي ۽ ڪنهن به قسم جي ڦيرڦار نه ڪجي يعني پنهنجي روزاني واري زندگيءَ ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي نه ڪجي. نه ئي بيمارن وانگر رهڻ گهرجي، بلڪ رواجي طور رهڻ گهرجي. ڪجهه اصول ٻڌايان ٿي، اگر حمل جي دوران عورت انهيءَ تي عمل ڪري، ته ويم جي دوران تڪليف کان بچي ويندي:

ذهن ۾ خيال سٺا رکجن. سمهڻ واري ڪمري جي ڀتين تي سٺيون تصويرون ٽنگجن، ڪاوڙ نه ڪجي، عبادت ڪجي ۽ پاڻ کي خوش رکجي.

ورزش ضرور ڪجي. حمل واري عورت لاءِ پنڌ ڪرڻ سڀ کان سٺي ورزش آهي. پر پاڻ کي وڌيڪ نه ٿڪائجي.

روز وهنجڻ تمام ضروري آهي. غسل ڪرڻ سان انسان تندرست ۽ خوش رهي ٿو، غسل انسان لاءِ صفائي ۽ خوراڪ آهي.

سوڙها، ۽ تنگ ڪپڙا پائڻ نه گهرجن.

گهر جا ڀاتي حمل واري عورت کي خراب يا ڏکوئيندڙ ۽ اوچتيون خبرون نه ٻڌائين، حمل واري عورت جي دل آزاري نه هئڻ گهرجي.

کاڌو هلڪو ۽ طاقت بخشيندڙ ۽ کاڌو ٽائيم تي کائڻ گهرجي. خوراڪ ۾ خاص طور کير، مکڻ، گوشت جيترو ٿي سگهي اوترو گهٽ کائجي ۽ خاص ڪري، پوين ٻن مهينن ۾ پاڻي به گهڻي انداز ۾ پيئڻ گهرجي. خاص ڪري صبح جو نيراني ۽ رات جو سمهڻ وقت هڪ گلاس پيئڻ گهرجي. ميوو، کير، ڀاڄيون ۽ ٿڌو پاڻي پيئڻ ڪري قبضي به ڪا نه ٿيندي. اٿڻ، ويهڻ ۾ هلڪائي محسوس ٿيندي.

تازي هوا ۾ رهڻ گهرجي، جي رات جو سيءُ پوي ته گرم ڪپڙو جيترو وڻي اوترو وجهي. بسترو هيٺان توڙي مٿان ساڳيو گرم وجهجي  پر دريون، دروازا ضرور کليل رکجن. سمهڻ وقت منهن اصل نه ڍڪجي.

ڇاتيءَ جي سنڀال، غسل ڪرڻ وقت ڇاتيءَ کي چڱيءَ طرح صابڻ سان صاف ڪجي.

ڏندڻ ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڏند خراب هجن ته ڏندن جي ڊاڪثر کان علاج ڪرائجي. جيڪڏهن ڳورهاري عورت انهن هدايتن تي عمل ڪندي ته هن جا بيمار رهڻ جا امڪان گهٽ آهن، پاڻ به صحتمند رهندي ته ٻار به تندرست رهندو.

سوال: ڊاڪٽر عربيه ڳورهاري عورت ڪهڙي وقت ڊاڪٽرکان مشورو يا ڊاڪٽر کان صلاح وٺي؟

ڊاڪٽر عربيه نور:

هڪ جڏهن  ڳورهاري عورت کي رت پوي.

جڏهن مٿي جو سور يا ڦيري ٿئي.

جڏهن پيشاب گهٽ ٿي وڃي.

جڏهن پيرن تي سوڄ ٿئي.

جڏهن الٽي ۽ اوڪارو بند نه ٿئي.

ڳورهاري عورت جي اهڙي سنڀال ڪجي، جيئن حمل جي وقت عورت تندرست هجي ۽ ويم به سولو ڪري ۽ ٻار به تندرست ڄڻي. ان ڪري ڊاڪٽر وٽ وقت به وقت وڃي، انهيءَ کان پاڻ (چيڪ اپ) تپاسرائجي ۽ مشورو وٺجي، ڊاڪٽر جي هدايت موجب دوا استعمال ڪجي.

گهڻيون زالون ويم ۾ مري وينديون آهن ۽ ٻار به ويم جي دوران مري ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جو علاج اڳ ڪونه ٿيو هوندو آهي ۽ پوءِ ڳالهه وڌي ٿي وڃي ۽ علاج ڏکيو ٿيو وڃي. حمل دوران ڪا به بيماري يا خراب حالت ٿئي ته يڪدم ڊاڪٽر وٽ وڃي علاج ڪرائجي، جيئن ڳورهاري عورت کي نقصان نه ٿئي ۽ اهڙو بندوبست ڪجي جو ويم به سولو ٿئي ۽ تڪليف به نه ٿئي. خاص طور ڳورهاري عورت جون هيءُ ڳالهيون جاچڻ گهرجن:

پيشاب جاچڻ گهرجي، جي چرٻي هجي يا کنڊ هجي ته ترت علاج ڪرائجي.

رت جو دورو (بلڊپريشر) چيڪ ڪرائڻ سان خبر پوندي، پريشر گهٽ آهي يا وڌ ته اهڙيءَ طرح ان جو علاج ڪجي.

پيٽ جي ماپ وٺجي، جيئن خبر پوي ته ٻار وڌي ٿو يا نه.

ڳورهاري عورت جي وزن جي تور وٺجي، جي گهٽجي يا وڌ ٿئي ته انهن جو علاج ڪجي. حمل وري عورت جي تور رواجي طرح هڪ سير مهيني ۾ وڌڻ گهرجي.

چيلهه جي ماپ وٺڻ گهرجي، جيئن خبر پوي ته ويم سولو ٿيندو يا نه، جي چيلهه جي هڏين جي ماپ تمام گهٽ هجي ۽ ويم ناممڪن هجي ته يڪدم وڏيءَ اسپتال ۾ وڃجي.

ٻار ڏسجي ته پوريءَ جاءِ تي آهي يا نه، انهيءَ ڪري الٽراسائونڊ ۾ خبر پوندي ٻار صحيح جاءِ تي آهي يا نه. اهڙيءَ طرح ان جو علاج ڪجي.

تپ ضرور جاچڻ گهرجي، ٿرماميٽر سان، ڇاڪاڻ ته حمل دوران ڪيترن عورتن کي سنهو تپ بيهي رهندو آهي. جنهن مان اڳتي هلي سلهه جھڙي خراب بيماري ٿيڻ جا امڪان آهن.

رت جو به ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي، جو ڪيترين ڳورهاري عورتن جو رت سڪي ويندو آهي. رت جي گهٽتائي جي ڪري منهن تي ٿوٿر ۽ پيرن تي سوڄ ٿي پوندي آهي، ڪن زالن کي رت خراب ٿي پوڻ ڪري ٻار ڪچا ٿي پوندا آهن، انهيءَ سبب رت ضرور چڪاس ڪرائجي.

ٻيو ڇاتي، ڦڦڙ، جيرو به سڀ جاچڻ گهرجن، جي انهن ۾ ڪا به خرابي هجي ته انهن جو ترت علاج ڪرائجي. ڇاڪاڻ ته اهي سڀ بيماريون ويم کان اڳ علاج ڪرڻ سان روڪي سگهجن ٿيون. ويم هميشه ڪنهن هوشيار آزمودگار ڊاڪٽر کان ڪرائڻ گهرجي، داين ۽ نرسن کان ويم ڪرائڻ سبب ۽ ويم جي پوري سنڀال نه ڪرڻ ڪري به گهڻا موت ٿين ٿا. ٻار به جي تندرست ۽ مضبوط ڄمي ٿو ته ماءُ به ان مان ڇٽل رهي ٿي نه ته ماءُ جي ٻار پٺيان بيک نڪري ٿي وڃي، جيڪڏهن ڪن عورتن کي مئل ۽ ڪچا ٻار ٿيندڙ هجن ته اهي به ويم کان اڳ سبب ڳولي ڪڍڻ ۽ ان جي علاج ڪرڻ سان روڪي سگهجن ٿا.

جيڪڏهن شروع واري مهيني ۾ ڳورهاري عورت جي چڱيءَ طرح تپاس ۽ سار سنڀال ڪئي وڃي ۽ ان جي کاڌ خوراڪ جو خيال رکيو وڃي، ذهني ٽينشن کان بچايو وڃي ته پوءِ ڪو ٻيو سبب ناهي جو عورت کي ويم دوران تڪليف ٿئي. جيڪي مان ڳالهيون ٻڌائي چڪي آهيان، انهيءَ تي عمل ڪيو وڃي، انشاءَ الله عورت جو ٻار آساني سان پيدا ٿيندو، عورت به صحتمند رهندي ۽ ٻار به صحتمند هوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com