سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :2

 

رنگين پيج هلائي اوهان اُن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.

ادي!

گذريل مهيني وارو شمارو ”سرتيون“ پڙهيم. نوشابانورين جي انٽرويو بيحد متاثر ڪيو. زرينا سهاڳ سان ڪيل ڳالهه ٻولهه به سٺي لڳي. شگفته شاهه جي ڪهاڻي تمام سبق آموز هئي. ريحانه نظير جي ڪهاڻيءَ به متاثر ڪيو. گلناز بلوچ جو سنڌي عورت تي تجزيو ڏکائيندڙ ۽ معلوماتي لڳو. مطلب ته شاعري، سروي، ڊائري جو ورق ۽ آتم ڪهاڻي سڀ بيحد وڻيا. پر امر سنڌوءَ جو ترجمو ڪيل آتم ڪٿا پنهنجو مٽ پاڻ آهي. رسالي ۾ رنگين پيج هلائي اوهان اُن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.

زرمين سجاد ۽ ٽنڊو آغا حيدرآباد

 

سرتيون رسالي ۾ تمام سٺيون لکڻيون آهن.

اميد خيريت سان هوندا.

ادي! توهان جو رسالو ”سرتيون“ منهنجي هٿن ۾ آهي. سچ پڇو ته پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿي. عورتن جو هي واحد رسالو آهي. جنهن ۾ لکڻ سان ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿي ٿئي.

سرتيون رسالي ۾ تمام سٺيون لکڻيون آهن. جيئن شگفته جبين جي ڪهاڻي ”سانوڻي جا مينهن پرين تو پڄاڻا“ ڏاڍي پسند آئي. شل سدائين لکندي رهي. عذرا سرور ڪنڌرو، شبنم چانڊيو ۽ سيده شبانه شاه موسويءَ جي شاعري به سٺي هئي.

سرتيون رسالي کان متاثر ٿي هي ڪجهه صحتمند زندگي گذارڻ لاءِ ڪم جون ڳالهيون موڪليان پئي ۽ پنهنجي ساهيڙي ڪنول سميجو جي شاعري به موڪلي رهي آهيان. اميد ته ضرور شايع ڪندا.

نازش نياز لغاري ۽ ميرپورخاص

 

اوهان جي سٿ کي نئون سال مبارڪ هجي!

محترمه ايڊيٽر صاحبه

اسلام عليڪم

گذريل ٻن مهينن کان آءٌ اوهان جو رسالو ”سرتيون“ پڙهندي پئي اچان، اوهان جي سٺي ڪاوش آهي، هونئن به عورتن ۽ ٻارن لاءِ تمام گهٽ لکيو پيو وڃي. هن ۾ ڪيترن نئين ليکڪائن کي پنهنجي لکڻين ذريعي اظهار جو موقعو ملندو.

منهنجي هٿ ۾ هينئر نومبر 2004ع جو شمارو آهي. جنهن ۾ هڪ سرتي ”نسرين هاشمي“ ٽيچر ڊي جي حوالي سان لکيل تمام گهڻو پسند آيو، واقعي اڄ جو استاد مري چڪو آهي، بلڪه اڄ جي استاد نفساني خواهشن، لالچ، طمع زماني جي ٻين شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ترقي کي ڏسي پنهنجي اندر جي استاد کي ماري ڇڏيو آهي. انهيءَ ڏوهه ۾ صرف استاد ذميوار نه آهي بلڪه سماج جو هر شخص ذميوار آهي. جيڪڏهن استاد پنهنجي اندر کي ماريو آهي ته ان ۾ به هن جون ڪجهه مجبوريون هونديون. هونئن به خودڪشي ڪندڙ هر ماڻهو سان ڪونه ڪو مسئلو ضرور هوندو آهي. اميد ته آئيندو به اوهان ”سرتيون“ ۾ اهڙا ليک شايع ڪنديون رهجو.

مهر النساءِ لاشاري ۽ دادو

 

 اڄ جو ماستر پنهنجي سروائيوو ۾ پورو آهي،

پياري سرتي!

سدائين خوش رهو.

هن دفعي سرتيون پڙهندي ٽيچر ڊي ڄڻڪ دماغ کي جهنجهوڙي ڇڏيو.

نسرين هاشميءَ هڪ اهڙي حقيقت تان پردو کنيو، جو واقعي ليکڪا جس لهڻي!

اسان جو استاد واقعي مري چڪو آهي. اڄ جو ماستر پنھنجي سروائيوو ۾ پورو آهي، هن دور جي اقتصاديات به ڪلور ڪري ڇڏيا آهن، جو استاد جو پاڪ پيشو به غربت جي سوليءَ تي لٽڪي رهيو آهي. نه ئي مري ٿو نه ئي جيئي ٿو.

نظام (سسٽم) جنهن کي توهان حڪومت به چئو، ان استادن کي اهو درجو به نه ڏنو آهي، جنهن جا اُهي مستحق آهن. هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو، جنهن کي سماج ماسترڙو چئي ٿو، هن جي اقتصادي پوزيشن مضبوط نه هجڻ ڪري هو وقت سان هلي نٿو سگهي. ته پوءِ سماج کي ڪهڙا سائنسدان ڏيندو. ڪهڙا ڊاڪٽر ۽ ڪهڙا انوينٽر ڏيندو، اهو هڪ وڏو سبجيڪٽ آهي ۽ هڪ منجهيل سوال شايد ڪڏهن حل ٿي به وڃي ته پوءِ اهو انقلاب هوندو.

اوهان جي سرتي

قرت العين اشفاق

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com