سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :10

تهمينه جبار

سوَن ساريڪا هٿڙا

رَلي اسان جي سنڌ جي سُونهن ۽ ثقافت ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿي. رَلي جيتري ڳوٺن ۾ مقبول آهي، اوتري شهرن ۾ به، بلڪ هاڻي ته ڏينهان ڏيهه رَليءَ جي هاڪ آهي.

رَليءَ کان سواءِ اسان جي سنڌ جي ڪنهن به گهر جو ڪوبه فنڪشن مڪمل نه آهي.

ڪنوار جو ڏاج آهي، ته ان ۾ به رَليءَ جو هجڻ ضروري آهي. اسان جي ڳوٺن جون سگهڙ عورتون رلي ٺاهڻ ۾ تمام گهڻي مهارت رکن ٿيون، انڪري پنهنجي روزمره جي ڪمن ڪارين کان وانديون ٿي رلي ٺاهڻ هنن جي پسنديده وندر آهي. انهن جون ٺهيل رليون ايتريون ته خوبصورت ۽ وڻندڙ هونديون آهن، جو اکيون هٽائڻ تي دل نه چوندي آهي.

رَلي ٺاهڻ وارن هٿن جي مهارت ته ڏسو ڄڻ ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڪنهن مشين جي ڪاريگري هجي. پر اصل ۾ اهو اسان جي عورتن جي نازڪ هٿن جو ڪمال آهي، جيڪي ڪپڙن جي ننڍن ننڍن ٽڪرن کي ڳنڍي مختلف رنگن ۽ سائيز ۽ ڊزائين جون رليون تيار ڪنديون آهن ۽ ان ۾ پنهنجي عزت ۽ فخر سمجهنديون آهن، ڇو ته جنهن گهر ۾ رَلي نه هوندي آهي، ان گهر جي عورت کي سُگهڙ نه سمجهيو ويندو آهي. خاص ڪري ڳوٺن ۾ ۽ جنهن گهر جي عورت کي رَليون ٺاهڻ اينديون آهن ۽ ان وٽ رَلين جو وڏو ذخيرو موجود هوندو آهي، ان کي سگهڙ زال جي لقب سان نوازينديون آهن.

جتي به ڪچهريءَ ۾ ويهنديون آهن ته وڏي فخر سان ڳالهه ڪنديون آهن ته ادي فلاڻي وٽ هيتريون رَليون آهن. اسان جي ٻهراڙيءَ جي گهرن ۾ شام جو ڪَچي مٽيءَ جي اڱڻ تي ڇڻڪار ڪري ان تي کٽون رکي انهن مٿان جڏهن رَليون وڇايون وينديون آهن. ان مهل اُن مٽيءَ جي مَهڪ ۽ رلين جي رنگن جي سُونهن اسان جي ڳوٺن جي سونهن ۽ سڪ وڌائي ڇڏيندا آهن، ۽ هڪ عجيب ماحول پيدا ٿي ويندو آهي. انهيءَ ماحول جي سُڳنڌ ۽ سُونهن ڳوٺن مان نڪري شهر کي به واسي ڇڏيو آهي.

شهر جي عورتن به پنهنجي گهر جي سجاوٽ لاءِ رليءَ کي خاص اهميت ڏني آهي. اگر گهر ۾ ڪارپيٽ موجود آهن، ته انهن تي خوبصورت ڊزائين جون رليون ۽ انهن تي اهڙن ئي رنگن جا ڪُشن ڪمري جي سُونهن وڌائي ڇڏين ٿا. رليءَ جي ٽُڪ جا ٺهيل ٽڪر ڀتين تي هڪ الڳ ڏيک به ڏين ٿا، ۽ ڏاڍا خوبصورت لڳن ٿا. اهڙا شوپيس ، رڳو سنڌ ۾ نه بلڪ ٻاهرين ملڪن ۾ به پسند ڪيا وڃن ٿا.

انهيءَ ڪري مان توهان کي اڄ رلي ٺاهڻ جي باري ۾ ٻڌايان ٿي. اسان جي کوڙ ڀيڻن کي رَلي ٺاهڻ نه ايندي آهي، انهن لاءِ آسان طريقو ٻڌائي رهي آهيان.

هر گهر ۾ ڪپڙو ته موجود هوندو آهي. ان مان مختلف رنگن جا ڪپڙا کڻي استري ڪري سڌا ڪري وٺو.

ان کان پوءِ هڪ پاٺو کڻو ۽ ان کي هڪ چوڪور شيپ ۾ ڪٽيو ۽ ان کي استري ٿيل ڪپڙي تي ماپ ڪريو، ماپ ڪري ان جون سڌيون پٽيون ڪٽيو. هاڻي پاٺي تي اها ماپ ٿيل پٽي ورائيندا وڃو. هاڻي ٻن طرفن کان ڪپڙي کي ڪَٽي ڌار ڌار ٽڪر ڪريو. بلڪل ائين ئي ٻيا رنگ ڪَٽي ۽ انهن کي ڏيکاريل شيپ ۾ جوڙيو. ۽ پنهنجي ڪٿ يا اندازي مطابق بيهاريو ۽ پوءِ ٽڪريون ٽڪرين جي مٿان جوڙيندا رهو. جڏهن توهان جي رَلي ڊيگهه ۾ توهان جي اندازي مطابق ٿي وڃي ته هاڻي ان کي بند ڪرڻ شروع ڪيو.

هونئن ته رليون الائي گهڻن نمونن جون آهن، جيئن گلاب جو گل، ٻيڙي، جهاز، ڪوپ ساسر، ڪونڊي، بدڪ وغيره وغيره. پهرئين توهين آسان طريقي جي رلي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪريو، پوءِ جڏهن توهان کي ان ڳالهه جي دلچسپي وڌندي ته توهان پاڻ ئي مختلف نمونا ٺاهڻ لڳنديون.

اسان هيءُ آرٽيڪل انهن سرتين لاءِ لکيو آهي، جيڪي رَليءَ کي ڏاڍو ڏکيو ڪم سمجهنديون آهن. يا انهن لاءِ جيڪي سمجهنديون آهن ته وقت گهڻو لڳندو، جيڪڏهن ٿوري ٿوري ڪري به توهان ٺاهينديون ته آخر رَلي ٺهي ويندي ۽ پوءِ توهان ايتري خوشي محسوس ڪنديون جو ان جي ڪا حد نه آهي!

۽ توهان پنهنجي گهر لاءِ هڪ ڪمائتي شيءِ، جيڪا بنان پئسن خرچ ڪرڻ جي ٺاهي آهي ۽ ان لاءِ گهر وارن، سرتين، ساهيڙين ۽ مهمانن وغيره جي ساراهه به حاصل ڪري ورتي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com