سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :8

 

شبانه سنڌي

ڪچو گھر پڪي قبر

صبح ساڻ، ڇوڪري کي ساڻ ڪري ھوءَ ھڪ گھر اندر داخل ٿي. گھر جي مالڪياڻي ھڪ پوڙھي عورت ھئي. جنھن آڳر ۾ ڀت جي ڀرسان پيل کٽ تي ويٺي قرآن شريف جي تلاوت ڪئي. ھوءَ ڪنڊ وٺي ويھي رھي. گھر ۾ ڇانيل ماٺار کي ڏسي ھن اندازو لڳايو ته، يا ته گھر جا ٻيا ڀاتي اڃا ننڊ مان نه اُٿيا آھن يا وري قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندڙ اُھا پوڙھي عورت اُن گھر ۾ اڪيلي ٿي رھي. پوڙھي عورت ھڪ نظر ھن تي وجھندي وري تلاوت ۾ محو ٿي وئي. جيتري دير پوڙهي عورت قرآن شريف پڙھندي رھي ھوءَ ماٺڙي ڪري ڪنڊ ۾ ويٺي رھي. پوڙھي عورت جو آواز ھن کي دلي سُڪون پھچائي رھيو ھو.

جيئن ئي پوڙھي عورت ڪلام پاڪ کي چمي ڏئي اکين تي رکڻ کان پوءِ، ٺَپي، اُڀيڇڻي پارائي ته ھن صدا ھنئي، ”او وڏيري، الله جي نالي خيرات ڏينم! ”پوڙھي عورت اُٿي، قرآن شريف اندر جاري تي رکي موٽي آئي. ھن ڏانھن ٻاجھارين نظرن سان ڏسندي چيائين، ”چانھ پيئندينءَ؟“ ”آھي ته ڏي، ڇو نه پيئنديس!، ھن جي چھري تي سرھائي اچي وئي.پوڙھي عورت رڌڻي ۾ وئي ۽ ٻه ڪوپ چانھ کڻي آئي ۽ ھن جي ھٿن ۾ ڏنائين. ھڪڙو ڪوپ ڇوڪري جي آڏو رکندي ٻئي ڪوپ مان ڍُڪ ڀريندي پُڇيائين، ”وڏيري، تون اڪيلي رھندي آھين يا ٻيا گھر جا ڀاتي اڃا سجاڳ نه ٿيا آھن؟“

”مان اڪيلي ئي رھندي آھيان. گھر وارو گذاري ويو، ڌيءَ پرڻائي ڏنم ۽ ھڪڙو پٽ آھي جيڪو پرديس ۾ رھي ٿو.“ پوڙھيءَ عورت ٿڌو ساھ کڻندي چيو.”پوءِ گھر جو ڪم ڪار تون پاڻ ڪرين؟“ ھن پُڇيو.

”ھا، سڀ ڪم مان پاڻ ڪندي آھيان. ڪڏھن ڪڏھن پاڙي مان ڪا ڇوڪري اچي ڪم ۾ ھٿ وجھرائيندي آھي. پر مان ھروڀرو ڪنھن کي تڪليف نه ڏيندي آھيان. پروردگار ڪنھن جي محتاجيءَ کان بچائي. شل چئن عضون، پنجين نور ۽ ڇھين دين ايمان سان پنھنجي ھلنديءَ ھلائي!“ پوڙھي عورت ضعيف ھئي گھڻو بيھي نٿي سگھي، کٽ تي ويھي رھي. ھوءَ چانھ پيئڻ لڳي. ٿوري دير کان پوءِ پوڙھيءَ عورت پُڇا ڪيس، ”اُھو ڇوڪرو پنھنجو اٿئي؟“

”ھا وڏيري، پنھنجو ئي آھي، پيٽ ڄڻيو ڪونھي، باقي نپايو اٿمانس.“ خالي ڪوپ زمين تي رکندي چيائين.

”رھين ڪٿي ٿي؟“ پوڙھيءَ عورت پُڇيو.

”او شھر کان ٻاھر...... جھوپڙيون اَڏيل آھن اسان جون. لاباري واري مند ۾ ھر سال ھتي ايندا آھيون. پر ھن پاڙي ۾ منھنجو اچڻ ڪڏھن نه ٿيو آھي. اڄ الاءِ ڪيئن اچي نڪتي آھيان.“ ھوءَ، پوڙھي عورت جي شخصيت ۽ سندس ٻاجھاري لھجي کان متاثر پئي لڳي.

”ھڪڙي ڳالھ چوان، پنڻ کان ڇا اُھو بھتر ناھي ته تون پورھيو ڪري گذر ڪرين. دل ۾ نه ڪجانءِ، تون جي ائين در در خيرات وٺندي رھندينءَ ته تنھنجو پٽ به توکان اُھو ئي سکندو. ٿورو سوچ، خيرات گھرڻ کان ڇا پورھيو ڪرڻ بھتر نه آھي؟ توکي جڏھن نه ھيءُ وڏو ٿي پورھيو ڪري کارائيندو ته توکي وڌيڪ خوشي ٿيندي. بنسبت ھن جي پِني کارائڻ جي!“ پوڙھيءَ عورت ڏاڍي نرم لھجي ۾ چيو.

”ٺيڪ ٿي چوين وڏيري_پر اسين به ڇا ڪريون، ھُجي ھڪڙي ھنڌ ٺڪاڻو ته ائين به ڪريون. اسان جو لڏو ڪڏھن ڪٿي ته ڪڏھن ڪٿي ۽ پوءِ گھرن ۾ ڪير ڪرائيندو اسان کان ڪم. ڪير بيھاريندو اسان کي پاڻ وٽ.“ ڳن پنھنجي مجبوري بيان ڪئي.

”تون جي سچ پچ پورھئي لاءِ تيار آھين ته پوءِ ڪم توکي مان ٿي ڏيان. جيترا ڏينھن به ڪم ڪيئي توکي اُجورو ملي ويندو.“ پوڙھيءَ عورت چيو.

”مون کي ڪم ڪھڙو ڪرڻو پوندو؟“ ھُن پڇا ڪئي. ”ٻيو ڪم ته مان پاڻ ڪري وٺندي آھيان. فقط ٻُھارو ڏيڻ ڏکيو لڳندو آھي. طاقت ناھي ۽ ٻيو ضعيفي به آھي، سو چيلھ ۾ سور پئجيو وڃي. توکي رڳي ٻھاري ڏيڻي پوندي ٻيو ڪجھ به نه.“

پوڙھي عورت ائين چئي ھُن جي منھن ۾ نھارڻ لڳي. ڪجھ پل سوچڻ کان پوءِ ھُن وراڻيو، ”ٺيڪ آ وڏيري، مان سُڀاڻي کان ڪم شروع ڪنديس.“ ائين چوندي ھوءَ اُٿڻ لڳي.

”بيھ ته خيرات ڏيانءِ.“ پوڙھي عورت رڌڻي ۾ وئي ۽ اُتان ھڪڙي ٿانو ۾ اَٽو وجھي کڻي آئي. اَٽو، ھن جي رَئي جي پلاند ۾ وجھندي، ڇوڪري جي اگھاڙن پيرن تي نظر پيس ته چيائين، ”ٻارڙي جا پير اگھاڙا آھن. جُتي ڇو ڪانه ٿي وٺي ڏينس. ويچاري جا پير سڙندا ھوندا؟“

”وٺي ڏينديمانس وڏيري، پر ھن جي پيرن ۾ جُتي ڌَڪُ ئي ڪانه ٿي جھلي، ٻٽن ڏينھن ۾ ڇنيو ڇڏي! غريب آھيان روز روز نئين جُتي ڪٿان وٺي ڏينديمانس.“ ھوءَ اٿڻ لڳي. ”چڱو وڏيري، ھلان ٿي.“ ائين چئي ھوءَ اڳتي وڌي وري موٽي آئي. زمين تي پيل خالي ڪوپ ھٿن ۾ کڻندي چيائين، ”ھي ڌوئي ته وڃان. اُھا ته توکي شابس آھي جو پنھنجن ٿانون ۾ چانھن پيئاري اٿئي! نه ته، ٻين گھرن جون مايون ته اسان کي پنھنجن گھرن ۾ گھڻو بيھڻ ئي نه ڏينديون آھن. خيرات ڏئي جلدي ڪڍي ڇڏينديون آھن. ڪالھ منجھند جو ڇوڪري کي ڏاڍي اُڃ لڳي ته گھڙي ويس ھڪڙي گھر ۾. پاڻي گھريو مانَ ته چيائون، اسان وٽ ٿانو ڪونھي، جنھن ۾ توھان کي پاڻي پيئاريو! تڏھن چيومانس، مان ٻُڪ ٿي جھليان پاڻي ڏيو. مس مائيءَ ايمان جھليو ۽ پاڻي کڻي آئي.“

ائين چوندي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيس ته پاڻيءَ جي ھودي طرف ھلي وئي. نلڪو کولي ٻئي ڪوپ ڌوئي اُتي ئي رکي موٽي آئي.

ڇوڪري کي ٻانھن کان وٺي پوڙھي عورت ڏانھن نھاري چيائين، ”ڪوشش ڪنديس ته صبح جو سوير اَچان. ھاڻي وڃان ٿي.“ ھن پُٺ ڏني ته پوڙھي عورت سڏ ڪيس، ”ٻڌ ته، تنھنجو نالو ڇا آھي؟“

ھُن، مڙي پوڙھي عورت ڏانھن ڏٺو ۽ مُرڪي چيائين، ”منڊم نالو آھي منھنجو، مان وڃان؟“

”ھا، ھاڻي ڀلي وڃ.“ پوڙھي عورت مُرڪي ڏنو.

ھوءَ ٻاھر نڪتي ته پوڙھيءَ عورت دروازو بند ڪري ڇڏيو.

ٻئي ڏينھن صبح جو سوير ئي ڇوڪري کي وٺي ھوءَ پھچي وئي. پوڙھيءَ عورت قرآن پاڪ جي تلاوت ويٺي ڪئي. ھوءَ ساڳي ڪنڊ ۾ ماٺڙي ڪري ويھي رھي. پوڙھيءَ عورت قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري اُٿي ته ھن پڇيو، ”ٻھارو ڪٿي آھي، مان صفائي ڪري وٺان.“

”گھڙي ترس، آڻي ٿي ڏيانءِ.“ ائين چئي پوڙھي عورت. ٿوريءَ دير کان پوءِ ھٿ ۾ ٻھارو کڻي آئي ۽ اچي ڏنائينس. جيستائين منڊم ٻھاري ڏئي واندي ٿئي،

پوڙھيءَ رڌڻي ۾ ٽڙيل پکڙيل ٿانوَ کڻي پاسيرا ڪيا.

ھوءَ واندي ٿي ته ٻن ڪوپن م چانھ وجھي وٽس کڻي آئي. ڪوپ ڏانھنس وڌائيندي پُڇيائين، ”لاباري تي تون نه ويندي آھين ڇا؟“

”نه، اسان مان ڪي لاباري تي وڃن ته ڪي وري گھرن مان اَٽو خيرات ۾ وٺن. جيڪو اَٽو ملندو اٿئون اُھو گڏ ڪري ماني پچائي پاڻ به کائون ۽ ٻين لاءِ به رکون.“

ھن چانھ جا ڪوپ وٺي ھيٺ پٽ تي رکندي چيو.

”گھڻا ڀائر ۽ ڀينرون اٿئي؟“

”مان اڪيلي آھيان. ڪوبه ڀاءُ يا ڀيڻ ڪانه اٿم. نه ئي وري ماءُ پيءُ!“ منڊم جون اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي ويون.

”ڇا پئي چوين؟“

”ھا، ننڍپڻ ۾ مان وڃائجي وئي ھيس ۽ ھنن کي ھٿ آئي ھيس. تڏھن کان ھنن وٽ آھيان.“ منڊم ٻُڌايو.

”وڃائجي وئي ھئينءَ يا ھنن توکي ڄاڻي واڻي کنيو ھو؟“

پوڙھي عورت جي ائين چوڻ تي ھوءَ ٿورڙو ڇرڪي ۽ پوءِ چيائين، ”وڏيري، مون کي جنھن مائيءَ نپايو آھي سا ٻُڌائيندي آھي ته، اسان جو اُن ڳوٺ ۾ اُھو آخري ڏينھن ھو. جھوپڙيون ڊاھي لڏو ٻڌي اسان ڳوٺ مان نڪرڻ جي تياري پئي ڪئي ته تون روئندي اُتي پُھتي ھئينءَ. منھنجي ڀاءُ توکي پرچائي ڏاڍي پُڇا ڪئي ته، تون ڪير آھين ڪنھن جي ڌيءَ آھين، نالو ڇا اٿئي؟ پر تو ڪجھ نه ٻُڌايو. اسان جي وڏي، منھنجي ڀاءُ کي چيو ته شھر وٺي وڃينس ۽ اُتان ماڻھن کان پُڇا ڪرائي ٻارڙيءَ کي مائٽن جي حوالي ڪري موٽي اچ. چڱي دير کان پوءِ منھنجو ڀاءُ واپس آيو ته تون ساڻس ھُئينءَ. اسان کي ٻُڌايائين ته شھر ۾ پڙھو به ڏيارم پر ڪير به ھن کي وٺڻ نه آيو. اسان کي به تڪڙ ھئي، تنھنڪري اُن ڳالھ کي اھميت ڪانه ڏنيسين ۽ توکي پاڻ سان کنيوسين. اُھا خبر پوءِ پئي ته منھنجي ڀاءُ، اسان سان ڪوڙ ڳالھايو ھو ھُن کي پنھنجو ڪو اولاد ڪونه ھو، شاديءَ کي ڏھ سال ٿي ويا ھيس، ھو اولاد جو سڪايل ھو. تون ھُن کي وڻي وئي ھُئينءَ تڏھن ھُو توکي شھر جي ٻاھران کان ئي ريجھائي موٽائي آيو ھو!“ منڊم چپ ڪئي ته پوڙھي عورت چيو، ”چئبو ته تون ھنن جي پنھنجي ناھين. مان به چوان ته، مون کي تلاوت ڪندي ڏسي تنھنجي چھري جا تاثرات مٽجي ڇو ٿا وڃن. مون ھاڻ سمجھيو، ڪٿي تون مسلمان ته ناھين! قرآن پاڪ ٻُڌندي تنھنجي دل کي راحت ملي ٿي؟“ پوڙھي عورت ھن جي مُنھن ۾ تڪيندي سوال ڪيو.

”ھا دل چوندي آ بس ٻُڌندي رھان.“

”توسان ظلم ٿيو آ منڊم، ھُن شخص کي ائين نه ڪرڻ کپندو ھو.“ پوڙھيءَ افسوس ڪندي چيو.

”بس وڏيري، قسمت ۾ ائين لکيل ھو، تڏھن ته ٿيو نه! جنھن ائين ڪيو سو به ته نه رھيو آھي.سال ٿيا جو ھو ۽ سندس زال مري ويا. مئلن تي ڪھڙو رنج ڪريان.

مون کين بخش ڪري ڇڏيو آھي.“ منڊم جي اکين مان ڳوڙھا وھي آيا.

”ھي ڇوڪرو، ڪير آھي تنھنجو ڇا ٿئي؟“ پوڙھيءَ پُڇيو.

”مون کي جنھن نپايو، تنھن جي ڌيءَ جو پٽ آھي. ويچاري ھن کي ڄڻي مري ويئي. مون ئي نپايو اٿمانس.“ منڊم، ڇوڪري جي مٿي تي شفقت مان ھٿ ڦيريندي چيو.

چڱي دير تائين ٻئي ڪچھري ڪنديون رھيون. پوءِ ھوءَ پوڙھي عورت کان موڪلائي، اَٽو وٺي ھلي وئي.

ائين، اُھو ڏيھاڙي جو نيمُ بڻجي ويو. صبح ساڻ، ھوءَ ڇوڪري سان گڏجي ايندي ھئي ٻھارو ڏئي، چانھ پي ٻه ٽي ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالھيون ڪري خيرات وٺي ھلي ويندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن پوڙھي، کانئس اسٽور جي صفائي به ڪرائيندي ھئي. پوءِ اتان جيڪو به پراڻو سُراڻو ڪپڙو نڪرندو ھو، سو کيس ڏئي ڇڏيندي ھئي.

ھڪ ڏينھن، منڊم پوڙھيءَ عورت کي بيحد خوش ڏسي پُڇيو، ”وڏيري، اڄ تون ڏاڍي خوش پئي ڏسجين. ڇا تنھنجو پُٽ اچي رھيو آھي؟ پوڙھيءَ جي مُنھن تان مُرڪ غائب ٿي وئي. چند لمحا ماٺ رھڻ کان پوءِ، بيحد اُداس لھجي ۾ چيائين، ”منھنجو ڪوبه پٽ ڪونھي منڊم. اُن ڏينھن مون توسان ڪوڙ ڳالھايو ھو ته منھنجو پٽ پرديس ۾ رھي ٿو. تو سمجھيو ھوندو ته ھُو ڪمائڻ لاءِ ويل ھوندو، پر ائين ڪونھي منڊم، اُھي پٽ ته نه ٿيا جيڪي زالن جي چوڻ تي ماءُ کي مارين. جن کي مائرن کان، زالون وڌيڪ مِٺيون ھونديون آھن. سي پُٽ نه سڏبا آھن. جيڪي زالون پرڻجڻ کان پوءِ  ماءُ جي اوجاڳن کي وساري ڇڏين، اُھي پٽ سڏارائڻ جي لائق نه ھوندا آھن. اُھي فقط، پنھنجي زالن جا مڙس ھوندا آھن. مائرن جا پُٽ نه!“ ائين چوندي پوڙھيءَ عورت جي اکين مان ڳوڙھا وھي آيا، پر ھُن اُھي ڳوڙھا جھٽ ۾ پنھنجي وڏي رَئي جي پلئه سان اُگھي ورتا. ۽ پوءِ مُرڪڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين، ”منھنجي ڌيءَ اچي رھي آھي. ڪالھ ھُن جو خط مليو مني آرڊر جي رقم سان گڏ. لکيو اٿائين ته، مان ٻن ٽن ڏينھن ۾ اينديس توھان وٽ.“

”ھان وڏيري! پوءِ ته توکي خوش ٿيڻ گھرجي.“ منڊم خوشيءَ مان چيو.

”اڄ جمعي جي رات آھي. گھڻن ڏينھن کان مان پنھنجي گھر واري جي قبر تي ناھيان وئي، نه قل پڙھيا اٿم، نه اگر بتيون ٻاريون اٿم. رات، ھُو خواب ۾ آيو ۽ ڏک مان ڏوراپو ڏنائين ته مون کيس وساري ڇڏيو آھي. تون مون سان گڏجي شام جو ھلندينءَ قبرستان؟“ پنھنجي مڙس جو ذڪر ڪندي پوڙھيءَ جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي ھئي.

”ڪوشش ڪنديس وڏيري.“ منڊم جواب ڏنو.

شام جو آئي ته پوڙھي تيار ٿيو ويٺي ھئي.“ پڪ ھيس ته ھوءَ ضرور ايندي. قبرستان پھچي، منڊم ڇوڪري کي وٺي ھڪ پاسي ويھي رھي ۽ پوڙھي اگر بتيون ٻارڻ کان پوءِ قبر جي مٿن کان ويھي قل پڙھڻ لڳي. کن رکي ڇوڪري منڊم کان سوال ڪيو: ”ھي پڪيون قبرون ڪنھن جون آھن؟“

”اھي شاھوڪار ماڻھن جون قبرون آھن.“ منڊم جواب ڏنو.“

”۽ ھو جيڪي مٽيءَ جون ڪچيون قبرون آھن، سي ڪنھن جون آھن؟“

”اُھي غريب ماڻھن جون قبرون آھن.“ منڊم چيو.

”ڇو، غريب ماڻھن جا گھر به ڪچا، ته قبرون به ڪچيون! ائين ڇو آھي؟“ ڇوڪري تعجب مان سوال ڪيو.

منڊم ڪوبه جواب نه ڏنو ته ڇوڪري ٻيو سوال ڪيو،

”مينھن وسڻ کان پوءِ، ھي ڪچيون قبرون ته ڀُري وينديون ھونديون! پوءِ ڇا انھن کي سيءُ نه لڳندو ھوندو؟“

”مري ويلن کي سيءُ نه ٿيندو آھي، نه ئي گرمي ٿيندي آھي. انھن کي نه ڏينھن جي خبر ھوندي آھي نه رات جي. اُھي طوفان ۽ برسات کان به بيخبر رھندا آھن.“

منڊم جواب ڏنو.

”انھن کي ڇا خوف به نه ٿيندو آھي؟“ ڇوڪري سوال ڪيو.

”ھا، انھن کي خوف نه ٿيندو آھي.“ منڊم چيو.

”معنيٰ ته اُھي بھادر آھن! ائين نه؟“ ڇوڪري چيو.

”ھا. ائين ئي سمجھ.“ منڊم مختصر جواب ڏنو.

پوڙھي عورت قل پڙھي اُٿي ته منڊم به ڇوڪري کي ٻانھن کان ورتو. ٻه ٽي ڏينھن گذري ويا. منڊم، پوڙھيءَ وٽ ڪانه پئي آئي. پوڙهي پريشان ھئي. ھڪ رات ته مينھن به وسيو ھو، پوڙھيءَ کي ڏاڍو فڪر ٿي پيو منڊم جو، ڪنھن کان پُڇا ڪرائي ھا، ڪير ٻُڌائيس ھا منڊم جو احوال! چوٿين ڏينھن فجر جي نماز پڙھڻ کان پوءِ، ھن سوچيو ته اڄ ڪنھن ٻارَ کي موڪلي منڊم جو احوال معلوم ڪنديس. اُھو سوچي پوڙھي مطمئن ٿي وئي. پر اڃان قرآن پاڪ جي تلاوت پئي ڪيائين ته منڊم پھچي وئي. اَڄ ڇوڪرو ساڻ نه ھيس. منڊم جو چھرو به لٿل ھو. پوڙھي عورت سمجھي وئي ته ھوءَ ڪافي پريشان ھئي.

”خير ته آھي منڊم، ايترا ڏينھن ڪاٿي ھُئينءَ؟“ پوڙھيءَ قرآن پاڪ ۾ نشانيءَ طور ڪپڙو وجھندي پُڇا ڪيس.

”خير ڪھڙو وڏيري منھنجو ڇوڪرو بُخار جي مَچن ۾ پيو آھي. ڪو ھوش ئي ڪونھيس. ڪالھ رات جيڪو مينھن وَسيو، تنھن ۾ اسان جي جھوپڙي ڊھي پئي. سڀ ٽپڙ پُسي ويا ۽ اسين سڀ به پُسندا رھياسين. ڇوڪري کي ھڪڙو بخار، ٻيو وري مينھن ۾ پُسيو ته حالت خراب ٿي ويس. مون کي چنبڙي پيو ته، مان ڊڄان ٿو. مون کي بچاءَ مان مري ويندوسانءِ.“ ايترو ٻڌائي منڊم روئي ڏنو.

گھٻراءِ نه منڊم، الله چڱي ڪندو. دوا ورتي اٿئي يا نه؟“

”دوائون کوڙ ورتيون اٿم پر ڪو فرق نه پيو آھي.“

منڊم چيو.

”مالڪ وڏو آھي، رحم ڪندو.“ پوڙھيءَ دلجاءِ ڏيندي چيو.

”وڏيري، مان ڊڄان ٿي ته منھنجي ٻچي کي ڪجھ ٿي نه وڃي. ھو رڳو پيو مرڻ جون ڳالھيون ڪري!“ منڊم روئي پئي.

”روءُ نه، الله چڱي ڪندو، ھمٿ نه ھار ڇوڪري!“

”صفا لھي ويو آ ٻچڙو. نه ڪجھ کائي ٿو نه پئي ٿو. ھر وقت اُھوئي خوف ته وري مينھن وسندو، جھوپڙي ڪري پوندي، اسين سڀ پُسي وينداسين ۽ سيءَ ۾ مَري وينداسين. وڏيري، مان ھُن جون اُھي ڳالھيون ٻڌي نٿي سگھان. ھُن کي جي سچ پچ ڪجھ ٿي ويو ته پوءِ مان ڪيئن جيئنديس!“ منڊم سڏڪا ڀرڻ لڳي. پوڙھي عورت کيس پرچائيندي رھي.

ويندي مھل، پوڙھيءَ منڊم کي دوائن لاءِ ڪجھ پيسا ڏنا.

ھفتو گذري ويو منڊم يڪو ڪانه آئي.

ھڪ ڏينھن، پوڙھيءَ قرآن پاڪ جي تلاوت ويٺي ڪئي ته ڪنن تي ڪنھن جي روئڻ جو آواز پيس. منڊم روئندي اچي سندس کٽ جي ڀرسان زمين تي ويٺي.

”او وڏيري، مري ويو منھنجو ٻچڙو، منھنجو جاني پُٽ منھنجو جگر. ڇڏي ويو مون بدنصيب کي. او منھنجا مٺا، مان توکي ڪٿي ڳوليان؟ موٽي اچ، مون کان رُسي ڇو ويو آھين؟“ منڊم پارَ ڪڍي روئڻ لڳي.

پوڙھيءَ عورت جي دل درد سان ڀرجي وئي. اکين مان ڳوڙھا وھي آيس. پر منڊم کي دلداري ڏيندي چيائين، ”روءُ نه، جنھن جي شيءِ ھئي، تنھن موٽائي ورتي. تون ۽ مان ڇا ٿا ڪري سگھون. صبر ڪر ۽ ھن جي لاءِ دعا گھر!“

ڪيتري دير تائين منڊم پوڙھيءَ عورت سان پنھنجي ڇوڪري جون ڳالھيون ڪندي ۽ روئندي رھي.

اوچتو منڊم پوڙھيءَ عورت کان سوال ڪيو، ”منھنجي ڪم جو مون کي ڪيترو اجورو ڏئي سگھندينءَ وڏيري؟“

”ڇو منڊم، ھاڻ ڪم تي ڪونه ايندينءَ ڇا؟“ پوڙھيءَ پڇيو. جواب ڏيڻ بدران منڊم وري ٻيو سوال ڪيو،. ”ڇا اُن اجوري مان ھڪ ننڍڙي پڪي قبر ٺھي ويندي؟“

اُن سوال تي پوڙھي عورت ڇرڪي پئي.

”وڏيري، مون توسان ڪوڙ ڳالھايو ھو. ھيءُ ڇوڪرو مسلمان جو ٻچو ھو ۽ مون کي گند جي ڍير تان مليو ھو، جنھن جو ٻار ھو، تنھنجا پار پتا به مليا ھئم، مون ضد ڪري کيس پاليو ھو. ڪير به اُن ۾ راضي ڪونه ھو پر ھو منھنجي ضد آڏو سڀ ماٺ ٿي ويا.“ ائين چوندي منڊم جي اکين مان لڙڪ ڪري پيا.

”تون ھن جي پڪي قبر ٿي ٺھرائڻ چاھين نه. مان توکي پيسا آڻي ٿي ڏيان.“ پوڙھي عورت اندر وئي ۽ پيسا کڻي موٽي.

”اسين ٻٽن ڏينھن ۾ ھتان ھليا وينداسين. مان پنھنجي ٻچي کي ھتي ڇڏيو پئي وڃان. منھنجي ٻچي جي پارت ھُجئي وڏيري!“ ائين چوندي ھوءَ پيسا وٺي وڃڻ لڳي. اوچتو کيس ڪا ڳالھ ياد آئي ته موٽي آئي. لڙڪن ھاڻين اکين سان پوڙھيءَ عورت جي مُنھن ۾ ڏسندي چيائين، ”تنھنجي ڌيءَ اچڻي ھئي نه وڏيري آئي ڇو ڪانه آھي اڃا؟“

پوڙھيءَ عورت جون اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي ويون. لڙڪ لڪائيندي مُرڪڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين، ”ڌيئرون جڏھن پاڻ مائرون بنجي وينديون آھن ته کانئن پنھنجون ڌيئرون ياد رھنديون آھن. منھنجي ڏوھٽيءَ جي اسڪول ۾ ڪا پارٽي ھئي. منھنجي ڌيءَ، پنھنجي ڌيءَ کي ڇڏي مون وٽ نٿي اچي سگھي.“ پوڙھيءَ جي اکين مان زوريءَ ڳوڙھا وھي آيا، پر ھن وڏي ھوشياريءَ سان پنھنجي مک تي مُرڪ جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com