سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :6

 

تارا تارا خواب

نالو: رخسانه سومرو، تعليم ايم اي (پوليٽيڪل سائنس/اڪانامڪس) ايل ايل بي (پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما ان مئنيجمينٽ نيدرلينڊ مان) انويسٽمينٽ پروموشن ڏيڍ مھيني جو ڪورس جپان مان ۽ بئنڪنگ ۽ فائنانس جو ڇھن مھينن جو ڪورس ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما ان ڪيش فلو آسٽريليا مان ڪيو اٿم.

والد جو نالو شير محمد سومرو آھي. مون پھرين جنوريءَ تي پنھنجي ڳوٺ ڳڙھي پير بخش سومرو ضلع خيرپورميرس ۾ جنم ورتو.

مان 1993ع کان وٺي ھن وقت تائين اسلام آباد سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر جي پوسٽ تي ڪم ڪري رھي آھيان. مون شاعريءَ جي شروعات 1979ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاھيءَ کان پوءِ ڪئي. سرتيون ته کوڙ مليون پر اڄ به اسڪول واري زندگي ۽ انھن سرتين سان پيار اٿم جيڪي وڇڙي وري نه مليون اٿم. شاعري سان گھڻي دلچسپي اٿم.

حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي ھستي منھنجي آئيڊيل آھي. بابا سائينءَ جن جي شخصيت سان پيار اٿم، اخبارن ۾ ڊان اخبار، ٻولين ۾ سنڌي ٻولي ۽ ڪتابن ۾ قرآن مجيد ۽ شاھ جو رسالو پسند اٿم. ماڳن ۾ پنھنجو ڳوٺ، شھرن ۾ اسلام آباد ۽ ڄام شورو قدرتي سونھن ۾ ڪينجھر (ڪينجھر منھنجي ڌيءَ جو ۽ ھالار منھنجي پٽ جو نالو آھي) ۽ سيف الملوڪ ڍنڍون پسند اٿم. يورپ، جيان ۽ آسٽريليا تقريباً سمورا ملڪ گھميا اٿم ۽ اهي سڀ پنھنجي جاءِ تي سھڻا آھن، پر پاڪستان کان وڌيڪ نه. تاريخي جاين ۾ تاج محل. سائنسي ايجادن م ٽيليفون. موسم ۾ سياري جي موسم جون راتيون وڻنديون اٿم. جڏھن ته ڪوڙا شڪي طبيعت ۽ وعدي خلافي ڪندڙ ماڻھو نه وڻندا آھن. باقي نفرت ڪنھن کان ڪانه اٿم. آسمان ۾ اڏامندڙ پکي منھنجي ڪمزوري آھن، خاص طور تي جڏھن وڳر ڪري اڏامندا آھن.

پنھنجي زندگيءَ جي سفر مان اھو سبق حاصل ڪيو اٿم، ته پاڻ ۽ خدا کان سواءِ ڪنھن تي به اعتبار نه ڪجي. سٺن ڪتابن جو مطالعو منھنجو شوق آھي ليکڪن ۾ ماھتاب محبوب، امرجليل ۽ نورالھديٰ شاھ ۽ پرڏيھي ليکڪن ۾ خليل جبران، امرتا پريتم، قرت العين حيدر ۽ ڊپٽي نذير احمد پسند اٿم. راندين ۾ ٽينس وڻندي آھي، شاعرن ۾ شاھ سائين، فيض احمد فيض ۽ شيخ اياز کي وري چاھ سان پڙھندي آھيان. ھاڻوڪن شاعرن ۾ اياز گل، ادل سومرو ۽ طارق عالم ابڙو جون لکڻيون وڻن ٿيون.

سياستدانن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مھاتير محمد. گلن ۾ رابيل، موتيو، چنبيلي. رنگن ۾ نيري رنگ جو ھر شيڊ وڻندو آھي. فنڪارن ۾ عابده پروين ۽ لتا منگيشڪر کي ٻڌندي آھيان. ٽي وي سان ايترو چاھ ڪونھي. پڙھندڙن کي منھنجي دعا سان گڏ ھي پيغام آھي ته زندگي ڏکن ۽ سکن جو پاڻ سان ساڻ ھئڻ جو نالو آھي، ڳوڙھن کي وھڻ ڏيندا ڪريو ڇو ته ڳوڙھا غمن کي مايوسين ۽ نااميدن ۾ بدلجڻ کان روڪيندا آھن.

تخليقار کي پنھنجي ھر تخليق سان پيار ھوندو آھي. چاھي اھا ڪھڙي به شڪل ۾ ڪئي وڃي. سو مون کي به پنھنجي ٻارن سان ۽ لکڻين سان ڏاڍو پيار آھي.

منھنجي پنھنجي لکڻين مان منھنجا ھي ٻه ٽي شعر مون کي ڏاڍا وڻندا آھن:

تـــــــــــــــارا تـــــــــــــــــــــــــــارا ٿــــــي خـــــــواب وکـــــــري ويــــــــــــــا،

ھـــــــــڪڙو چـــــــــــــــــــــــــنڊ نــــــــــــــــــه آيـــــــــــــو مـــون کــي راس.

 

ھـــــــــــــيءَ زنـــــــــــــــــدگـــــــي تـــه ڄــــــڻ ڪــــنھن بيوه جي سينڌ آ،

مٺ کن ستارا پلو ۾ کڻي اچي سينگار ڪنھن ڏينھن.

 

ڪنھن لاچار مسافر جـيئان رات گـذاري يادن جي جــزيري تـــي،

تـــون ئي ٻيڙي تي بوجھ آن چــــــــيو مھربان پرڀات رســـــتي ۾.

 

 

 

ڳالهھ ٻولهھ: گلبدن جاويد

سگھڙ گھر ڌياڻي بلقيس بانو سان ڳالهھ ٻولھه

سرتيون: پنھنجي زندگيءَ جي سفر بابت ڪجھ ٻڌايو؟

بلقيس بانو: مان ايڪٽيھ ورھيه اڳ ٽنڊي آغا جي ھڪ حويليءَ ۾ پيدا ٿيس. سکئي ستابي خاندان سان تعلق رکان ٿي. پرائمري تعليم پاڙي جي اسڪول (لطف علي شاھ اسڪول) مان پرائيم. مئٽرڪ (مھراڻ گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول حيدرآباد) مان ڪيم. ان کان پوءِ مائٽن شادي ڪرائي ڇڏي. ھاڻي گھر ڌياڻي آھيان.

سرتيون: توھان وڌيڪ تعليم حاصل ڇو نه ڪئي؟

بلقيس بانو: گھران اجازت نه ملي. جنھن جو اڄ تائين ارمان آھي.

سرتيون: توھين نوڪري ڪندڙ عورتن کي ڪيئن ٿيون ڏسو؟

بلقيس بانو: منھنجي نظر ۾ نوڪري ڪندڙ عورتن لاءِ تمام گھڻي عزت آھي. اڄ جي دور ۾ مرد ۽ عورت ٻنھي جو گڏجي گھر ھلائڻ ضروري آھي.

سرتيون: توھان ڪڏھن سوچيو آھي ته ڪاش مان به نوڪري ڪريان ھا؟“

بلقيس بانو: بلڪل! منھنجي دل چاھيندي آھي ته ڪاش! مان به ڪنھن سٺي عھدي تي ھجان،

سرتيون: گھريلو زندگي ڪيئن ٿي لڳي؟

بلقيس بانو: گھريلو زندگي به سٺي آھي.

سرتيون: توھان کي ٻار گھڻا آھن؟

بلقيس بانو: مون کي ٽي ٻار آھن. ھڪ ڌيءَ نينا ۽ ٻه پٽ عابد ۽ ممتاز .

سرتيون: توھان جا ٻار ڪھڙن درجن ۾ پڙھن ٿا؟

بلقيس بانو: منھنجي ڌيءَ نينا مئٽرڪ ۾ آھي، وڏو پٽ عابد ستين درجي ۾ پڙھي ٿو ۽ ننڍو پٽ ممتاز ٽئين درجي ۾ آھي.

سرتيون: جيئن ته توهان جا ٽئين ٻار ھميشه پوزيشن کڻن ٿا، ان بابت ڪجھ ٻڌايو؟

بلقيس بانو: مون پنھنجي ٻارن کي سمجھايو آھي ته اڳتي وڌڻو آھي. محنت ۽ سخت محنت ڪرڻي آھي، جيڪو پڙھڻ جو شوق مون کي ھو، سو مون پنھنجي ٻارن جي ذھن ۾ وڌو ۽ منھنجو پورو ڌيان سندن پڙھائيءَ ڏانھن آھي.

سرتيون: ٻار جي بنيادي تربيت ڪيئن ڪجي؟

بلقيس بانو: وڏڙن چيو آھي ته ٻار سنڀالڻ ”رُڪ جا چڻا چٻڻ آھي“ يا ”مکڻ جي سيخ پچائڻي آھي“. سو بھرحال، ڪٺن مرحلو آھي. پر ٻارن کي توجھ ۽ وقت ڏجي ته ٻار سٺي شخصيت جو مالڪ ٿيندو.

سرتيون: ڀلا گھر جي ڪم ڪار ۽ ٻارن جي سنڀالڻ کان سواءِ ٻيون ڪي مصروفيتون؟

بلقيس بانو: ڪتاب پڙھڻ، ڊائري لکڻ، سبڻ ڀرڻ ۽ ميڪ اپ ڪرڻ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ منھنجي شوقن ۾ شامل آھن.

سرتيون: توھان بيوٽي پارلر تان سکيا ورتي آھي؟

بلقيس بانو: مون ڪنھن بيوٽي پارلر تي وڃي باقاعدي سکيا ناھي ورتي. باقي ڪتابن تان پڙھي، ميڊيا تان ڏسي سکيو اٿم. مون کي پاڻ کي توڙي ٻين ڇوڪرين/عورتن کي ميڪ اپ ڪرڻ ۾ مزو ايندو آھي. ان کان سواءِ مون کي ڪپڙن تي پينٽنگ ڪرڻ، ڪپڙا ڇُرڻ به پسند آھن. مختلف رنگن سان ڀرت ڀريندي به ڏاڍو وڻندو اٿم، لڳندو اٿم انهن رنگن ۾ رنگجي ڪٿي پئي اڏران.

سرتيون: توھان جي زندگيءَ جو ڪو خواب؟

بلقيس بانو: منھنجا ٻار دنيا جي مشھور ۽ معروف ماڻھن ۾ شمار ٿين.

سرتيون: ڪا اھڙي خواھش جيڪا چاھيو ته پوري ٿئي؟

بلقيس بانو: مون کي پنھنجو ذاتي گھر ھجي.

سرتيون: توھين جيڪي ڌاڳن جا رنگ ڀرتن ۾ استعمال ڪريو ٿيون، انھن کان سواءِ ٻيو ڪھڙو رنگ پسند اٿو؟

بلقيس بانو: مون کي سڪون واري زندگي ۽ مذھب جي دائري ۾ ھلڻ جو رنگ پسند آھي.

سرتيون: توھان جو گھر وارو توھان سان ڪيترو سھڪار ڪري ٿو؟

بلقيس بانو: منھنجو گھر وارو مون سان ڀرپور سھڪار ڪري ٿو.

سرتيون: ٻار تنگ ڪندا آھن ۽ ڇو؟

بلقيس بانو: جڏھن سندن ڪا ضرورت پوري ڪري نه سگھندي آھيان.

سرتيون: ڪمپيوٽر جي ڄاڻ ٻارن لاءِ ڪيتري قدر ضروري آھي؟

بلقيس بانو: ڪمپيوٽر دنيا جا فاصلا گھٽائي دنيا کي ھيڪڙائيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو آھي. ڪمپيوٽر جي سکيا ٻارن لاءِ تمام ضروري آھي پر وھنوار سان.

سرتيون: زندگيءَ بابت اوھان جا ڇا خيال آھن؟

بلقيس بانو: زندگي آھي ڏکن ۽ سکن جي سيج. ڪڏھن بھار جي وڻندڙ موسم جھڙي لڳندي اٿم ته ڪڏھن تتل واريءَ تي پيرين اگھاڙو ھلڻ جھڙي.

سرتيون: مون ھميشه اوھان کي ٻين ڪمن سان گڏ عبادت ۾ محو ڏٺو آھي، ان بابت ڪجھ ٻڌايو؟

بلقيس بانو: عبادت ڪرڻ سان دل ۽ دماغ کي سڪون ملي ٿو.

سرتيون: سرتيون جي پڙھندڙن لاءِ ڪو پيغام؟

بلقيس بانو: ھٿ ٽنگڻ يا ڪنھن جي مدد جو انتظار ڪرڻ کان بھتر آھي ته پنھنجي مدد پاڻ ڪجي ”محنت ۾ عظمت آھي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com