سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :11

سروي ڪندڙ نوشابا ناز عباسي

سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻين کان سروي

ھر نياڻيءَ کي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پرائڻ جو موقعو ملڻ گھرجي. تعليم ھڪ قيمتي زيور آھي.

سنڌ يونيورسٽي ھڪ مکيه علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارو آھي، جتي ھر سال ڇوڪرين جو تعداد ھر شعبي ۾ وڌي رھيو آھي، ھتان تعليم حاصل ڪري، شاگردياڻيون مختلف ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رھيون آھن ۽ سٺو مستقبل بڻائين ٿيون.

”سرتيون“ طرفان شاگردياڻين کان ”يونيورسٽي لائيف“ باري ۾ سروي ڪيو ويو ۽ رايا معلوم ڪيا ويا.

يونيورسٽيءَ ۾ پڙھڻ جو تجربو ڪيئن آھي؟ ۽ ھيءَ لائيف ڪيئن ٿي لڳي؟

ڇا ڇوڪرين کي يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ گھرجي يا نه؟ فائدو ٻڌايو؟

مستقبل ۾ ڇا ارادو آھي؟

مھتاب بانو: (شعبو: ڊي فارميسي)، (ٻيون سال):

تمام سٺو لڳي رھيو آھي، پڙھائي دلچسپ، سخت ۽ باقاعدي ٿئي ٿي، اسان جا استاد ۽ شاگرد تعاون ڪرڻ وارا آھن. ڪنھن وقت بوريت به ٿيندي آھي. تمام”ھارڊ لائيف“ آھي، پر اصل مزو زندگيءَ جو مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ ئي ته آھي ۽ چئلينج قبول ڪرڻ گھرجي.

ھا، ڇوڪرين ۾ ھتان پڙھي زندگيءَ جون لازمي اھم شيون اعتماد، وقت جي پابندي، اڳتي وڌڻ جو شوق ۽ تجسس پيدا ٿئي ٿو.

ڊاڪٽر فارماسٽ بڻجي ملڪ جي خدمت ڪنديس.

الماس: (شعبو: انگريزي)، (پھريون سال):

پڙھائي سٺي آھي، بس پھرين ته ڪجھ رلي ملي وڃڻ ۾ ٽائيم لڳي ٿو. اسان کي پنھنجي اھميت ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو شاندار موقعو مليو آھي ته اسين به ڪجھ ڪري سگھون ٿيون.

بس ٽائيم ڪجھ گھڻو آھي باقي اسين ڇوڪريون روشن خيال بڻجي پنھنجو ذھن اعليٰ تعليم ۽ بھتر مستقبل جي رٿابندي ۾ صرف ڪيون ٿيون. ھر نياڻيءَ کي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پرائڻ جو موقعو ملڻ گھرجي. تعليم ھڪ قيمتي زيور آھي.

نصيب ۾ جيئن ھوندو، تيئن ٿيندو، پر ڪوشش ڪرڻ اسان جو فرض آھي.

نائله: (شعبو: ڊي فارميسي)، (ٽيون سال):

اسان جا ڪلاس بنا وقفي ھلندا رھن ٿا، ان ڪري ڪجھ بور به ٿينديون آھيون. ھر ڳالھ اسان تي مدار رکي ٿي، پڙھڻ وارن لاءِ پڙھائي، باقي جيڪي نٿا پڙھن، انجواءِ ئي ڪن ٿا ته پوءِ اھو سندن نقصان آھي.

اعليٰ تعليم ته ڇوڪرين لاءِ به لازمي آھي، اڄڪلھ مقابلي جو رجحان آھي، سو ضروري ھتي اچڻ گھرجي تعليم پرائي اسان زندگيءَ جي مشڪلاتن کي ھمت سان منھن ڏئي سگھون ٿا ۽ پنھنجي شعبي ۾ مھارت حاصل ڪريون ٿا.

ڪنھن دوائن جي ڪمپنيءَ ۾ سروس ڪنديس.

صائمه سومرو: (شعبو: جينيٽڪ انجينيئرنگ)، (ٻيون سال):

وقت گھڻو ڏيڻو پوي ٿو. پورو ڏينھن بور گذري ٿو، مزو نه آھي يونيورسٽيءَ ۾، ھڪ لڳي موڪل ٿيڻ گھرجي، بھرحال ڇا ڪريون!

ھا، بس ڊگري ھتان ئي وٺڻي پوي ٿي، Confident بنجڻ لاءِ ضروري ھتان تعليم حاصل ڪجي.

انشاءَالله، ڪنھن ليبارٽري يا اسپتال ۾ ھڪ جينيٽڪ انجنيئر جي حيثيت ۾ ڪم ڪنديس.

ڪرن سومرو: (شعبو: بي فارميسي)

اسان جي ته پڙھائي ڏاڍي خشڪ ۽ ڏکي آھي، ھر وقت بنان وقفي باقاعدي ڪلاس ٿين ٿا. بھرحال استادن ۽ شاگردن جو تعاون آھي ۽ گھڻي توجھ ۽ محنت سان پڙھائين ٿا. سيمسٽر نظام ڪري ڪجھ سولائي آھي. بس وقت جي شڪايت آھي ڇوڪرين جون بسون گھٽ آھن. ڪجھ عملي قدم کڻڻ گھرجن.

ھا، ڇونه، يونيورسٽي ئي اھو تعليمي ادارو آھي جتي اسان روشن خيال، بااعتماد ٿيون ٿا ۽ ڪيريئر ٺھي ٿو. اميدون اجاگر ٿين ٿيون، مستقبل جا خواب اُڻي اڳتي وڌون ٿا پر، ماڻھن جو خيال تمام غلط ۽ منفي ھوندو آھي، اھي ڇوڪرين کي يونيورسٽين ۾ موڪلڻ کان گھٻرائيندا آھن، پر اسان ته چئون ٿا ته اھڙن ماڻھن کي ٻين جي چوڻ تي نه ھلڻ گھرجي، ماحول ته انسان پاڻ ٺاھيندو آھي.

ادي، ڏسو نه ٿا ته فارماسٽ ٿي رھيا آھيون، نيون نيون دوائون ٺاھي، ملڪ ۽ قوم کي مرضن کان بچائينداسين.

سنڌو عباسي: (شعبو: ڪمپيوٽر سائنس)، (ٻيوسال):

ھا، بس اھو ته شاگردن تي دارو مدار آھي ته ماحول ڪيئن ٿا بڻائين. بھرحال سٺو لڳي رھيو آھي، استاد محنت ڪن ٿا، ڪي ته تمام گھڻو توجھ ڏين ٿا، ڪجھ صرف فرض نڀائين ٿا. وقت گھڻو ضايع ٿئي ٿو، ڪلاس ٻين لڳي تائين آھن.

بلڪل، يونيورسٽي ۾ پڙھن گھرجي.

جيئن خدا کي منظور ھوندو، مان ماسٽرز کان پوءِ سروس ڪنديس.

شاداب: (شعبو: پاڪ اسٽڊي)، (فائينل):

يونيورسٽيءَ ۾ ساھيڙين سان گڏ ھوندي مزو ايندو آھي، ٻي صورت ۾ ”جھنم“ لڳندو آھي.

پڙھائي تمام سٺي آھي، ھڪ لحاظ کان ته اھو شاگردن ۽ استادن ٻنھي تي آھي. شاگرد ھڪ شفيق، محنتي استاد کي پسند ڪندا آھن، جيڪو تعاون پسند ھجي. ۽ استاد به انھن ادارن ۾ بھتر توجھ سان پڙھائين ٿا جتي شاگرد گھٽ ۽ مناسب تعداد ۾ آھن. گھڻو تعداد شاگردن جو، استاد جي Little concentration جو سبب آھي.

مان ھڪ بھتر انسان بڻجڻ چاھيان ٿي.

نازيه: (شعبو: فزيالاجي)، (پھريون سال):

اڃا ته نوان آھيون، پڙھائي ڏاڍي سخت آھي، ڪاليج جي مقابلي ۾، سٺو تجربو ٿي رھيو آھي.

ھا، ھتي اعتماد ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو.

فزيالاجي ۾ موقعا گھٽ آھن، نصيب تي ڇڏيو آھي.

مريم ۽ روبي: (شعبو: انگلش)، (فائينل ايئر):

سٺو، تجربو رھيو، پڙھائي سخت رھي، انجواءِ به ڪريون ٿا سھيلين سان، بور به ٿيندا آھيون، بس وقت گھڻو آھي.

ظاھر آ، ھتان اسين ھر ڳالھ، زندگيءَ کي سمجھڻ، اعتماد، بھتر ڪيريئر حاصل ڪريون ٿا.

سي. ايس. ايس ڪرڻ جو ارادو اھي.

قرت العين جوڻيجو: (شعبو: ڊي فارميسي)

يونيورسٽي لائيف جا اھي ڏينھن انمول، وڻندڙ، نه وسرڻ جھڙا ڏينھن آھن، ھتي ھر ڪو خواب، سوچون ۽ اعليٰ مستقبل جا خواب کني اچي ٿو، ڪجھ پورا ٿيا آھن، باقي ڪي اڌورا آھن. دوستن سان گھڻو انجواءِ ڪريون ٿا، پڙھائي به اسان وٽ سڀني کان وڌيڪ آھي. محنتي ۽ جفاڪش تعاون پسند ٽيچرز ۽ شاگرد آھن. ھتي اسان سٺو وقت گذاريون ٿا.

گھرن ۾ ويھي ڇوڪريون ڇا ڪنديون، بھتر آ ته اعليٰ تعليم وٺي روشن مستقبل بڻائين.  دواسازئي ٿينديس.

ثنا ڀٽي: (شعبو: ڪيمسٽري)، (فائينل ايئر):

ھرشيءِ جا ٻه پھلو آھن ۽ ماحول به خود انسانن تي مدار رکي ٿو. اھو ھاڻ شاگرد جي مرضيءَ تي آھي، ته ڪيئن ھن لائيف مان فائدو وٺن ٿا. پڙھڻ وارن لاءِ سڄو ڏينھن پڙھائي، ڪلاس، اسائنمينٽ آھن، باقي انجواءِ ڪرڻ وارن لاءِ ھر وقت انجوائمينٽ، آئيڊيلزم ۽ گھمڻ ڦرڻ جا چڪر، اگر ڪنھن کي خراب لڳي ته معاف ڪجو، پر حقيقت آھي. ڪي اسان جون ھتي ڇوڪريون به سڄو ڏينھن وقت ضايع ڪن ٿيون ”آئيڊيل ۽ بواءِ فرينڊس“جي تلاش ۾.

سٺي ڪيريئر بنائڻ لاءِ بااعتماد ۽ باوقار ھئڻ ضروري آھي. انھن شين سان اسان مقابلي جي ھن دور ۾ مردن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھر شعبي ۾ بھتر خدمتون سرانجام ڏينداسين. باقي ته الله جي مرضي آھي.

ادي، ڪيمسٽري ٽيچر/ليڪچرار، وڌيڪ يا نصيب.

اقرا ميمڻ: (شعبو: ڊي فارميسي)، (ٻيون سال):

يونيورسٽي لائيف ۾ مزو اچي رھيو آھي. زندگيءَ سان ڀرپور، پڙھائي تمام گھڻي آھي ۽ ھر وقت وقفي کان سواءِ ڪلاسز ھلن ٿا، باقي ھر ڪو ڄاڻي ٿو ته Co-Education آھي، پوءِ ته اھو پنھنجي سوچ ۽ ماحول تي آهي ته ڪھڙي نموني سان ايڊجسٽ ڪن. خير بور به ٿيندا آھيون.

مثبت سوچ، اعتماد ۽ تجسس اسان ھتي جي ماحول مان ئي حاصل ڪريون ٿا.

3.مان ته ڊاڪٽر فارماسسٽ ٿي ھڪ بھتر ڪمپنيءَ ۾ سروس ڪنديس.

عادل: (شعبو: ماس ڪميونيڪيشن)، (پھريون سال):

اڃا ته نوان آھيون، اڃا ٽائيم گھرجي، بھرحال سٺو لڳي رھيو آھي، پڙھائي سٺي آھي، بس ڪلاس اسان وٽ وقفي کان پوءِ ٿين ٿا، ان ڪري وقت ۽ بوريت جو احساس گھڻو ٿئي ٿو، جرنلزم منھنجو شوق آھي.

ھا، اعليٰ تعليم لاءِ پڙھڻ گھرجي ۽ وڌ ۾ وڌ ڇوڪرين کي جرنلزم ۾ اچڻ گھرجي.

جرنلزم شعبي ۾ ئي رھنديس.

صنم: (شعبو: باٽني)، (فائينل ايئر):

بور به ٿيندا آھيون بس، پڙھائي به سٺي آھي، وڻن، ٻُوٽن ۽ گلن ڦلن جي دنيا ۾ رھون ٿا، ڇا ڪريون، خشڪ مضمون آھي. وقت کي گھٽايو وڃي.

اھو به ضروري آھي.

باٽني ليڪچرر شپ لاءِ ڪميشن ڏينديس.

مھرالنساءِ ٻرڙو: (شعبو: انگريزي)، (ٻيون سال):

سٺو لڳي رھيو آھي. محنتي ۽ خيال رکڻ وارا استاد آھن. پڙھائي عمده آھي. رزلٽ سٺو اچي رھيو آھي. اڃا اڳتي تجربو ٿيندو.

ھتي اسان ۾ اعتماد بحال ٿئي ٿو، انجواءِ به ڪريون ٿا، بوريت به ٿئي ٿي، وڌيڪ اھو ته اسان نيون ڳالھيون ۽ اعتماد، زندگيءَ کي سمجھون ٿا.

ليڪچرار، پوءِ سي. ايس. ايس به ڪرڻ جو ارادو آھي.

نصرت نور: (شعبو: سوشيالاجي)

تڪليفون ته ھرجاءِ تي پيش اينديون آھن. ظاھر آ ته اھو ماحول ئي انسانن جو بڻايل آھي، پڙھائي سٺي آھي، مزو به اچي ٿو پر پوءِ به وڌيڪ ٽائيم ھئڻ ڪري وقت جو زيان ٿئي ٿو.

معاشري ۽ انھن ۾ رھڻ وارن لاءِ زندگيءَ کي سمجھڻ ضروري آھي. اسان ڇوڪريون ھتان باشعور، بااعتماد ۽ مستقبل جي خوابن جي تعبير حاصل ڪريون ٿيون، ۽ اڳيان آسانيءَ سان منزلون حاصل ڪريون ٿيون، ۽ اڳيان آسانيءَ سان منزلون حاصل ڪنداسين. نياڻين کي اعليٰ ادارن ۾ اچڻ گھرجي.

تعليم حاصل ڪريون ٿا، انشاءَ الله اڳتي به ڪيريئر جو الله حامي آھي، وڌيڪ گھر وارن تي آھي.

مفرح: (شعبو: انگلش)، (پھريون سال):

شروع وارن ڏينھن ۾ اسان نون شاگردن سان ڇوڪرن سينيئرز سٺو رويو اختيار نه ڪيو، ڪريڪنگ، ھوٽنگ ماحول کي خراب ڪن ٿا، اھو سٺو نه آھي. خيال رکڻ گھرجي، پڙھائيءَ ۾ مزو اچي رھيو آھي. آھستي آھستي ايڊجسٽ ٿي وينداسين.

ھا، بھتر آھي، ھونئن به ھاڻ ته ھر ڇوڪري اچي ٿي.

انگريزي ٽيچنگ يا ڪو ٻيو شعبو ڏسون ٿا.

پنڪي:

زبردست لڳي رھيو آھي.

ٿوري مشڪل ته ھر ھنڌ ٿيندي آھي.

آءٌ ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ئي ليڪچرار ٿينديس.

ڪنول: (شعبو: فائين آرٽس)

بور به ٿيندا آھيون، ڇو جو يونيورسٽيءَ مطابق وقت گھڻو آھي، ٿڪاوٽ ٿئي ٿي. ھونئن ته پڙھائي سٺي آھي، انجواءِ به ڪريون ٿا. ھڪ لڳي جو وقت ڪيو وڃي.

ھا، اچڻ گھرجي، بھتر آھي.

مان فائين آرٽ ۾ ليڪچرار ٿينديس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com