سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :16

 

ريشمان شاھد صديقي

گيت

ڪالهھ بسنت جي ميلي ۾ ھوءَ

گوري گوري پياري ڇوري

پيلي چولي، ڳاڙھي چنري،

پائي پائل پيرن ۾ ھوءَ

اکيون ان جون ھرڻي وانگر

ڪالھ بسنت جي.....

ھر ھر ڪنڌ کي ھوءَ ٿي موڙي

شايد ڪنھن جي راھ تڪي ٿي

ماڻھو ھن ڏي جڏھن نھارن

اکڙين کي ھوءَ ھيٺ ڪري ٿي

ڪالھ بسنت جي ........

آخر چپڙا مرڪي پيا ٿس

شايد وڇڙيل ڪوئي مليوٿس

چھري تي ھوءَ مرڪ سجائي

ھوريان ھوريان قدم وڌائي نيٺ وڃي ٿي

ڪالھ بسنت جي.............

............

غزل

تنھنجا خيال دل کي ستائن ٿا ھر دم،

مان سمجھان ٿي ھاڻي، ملڻ آھي مشڪل.

پوءِ ڇو منھنجي دل کي روئاري ٿي ھر دم

تنھنجو پيار، اوندھ ۾ سوجھري مثل آھ

اھا سوچ مون کي لُڇائي ٿي ھردم.

ڏسڻ تنھنجو مون کي وڻي ڇو ٿو ھر ھر

اُھا ڳالھ مون کي منجھائي ٿي ھر دم.

ملڻ تنھنجو مشڪل آ بيحد مگر

اھا ڳالھ دل کي روئاري ٿي ھر دم.

ٿي ”ريشم“ ٿڪي راھ تنھنجي سدائين

تڪيندي تڪيندي نھاري ٿي ھردم.

ـــــــــــــــــــــ

 

 

نازش نياز لغاري

نثري نظم

زندگيءَ ۾ ......

ڪڏھن ڪڏھن

ماڻھو ملي ڪري وڇڙي ويندا آھن

خوشي غم ۾ ........

بدلجي ويندي آھي

سڄڻ ويري ٿي ويندا آھن

پيار جا انيڪ رنگ

بي رنگ ٿي ويندا آھن

سک ملڻ کان پھريائين

ڏکن سان..

جيون ڀرجي ويندو آھي

زندگيءَ ۾ ...

آخر ائين ڇو ٿيندو آھي؟

ـــــــــــــــ

فاطمه راڻي

ھيءَ زندگي

ھيءَ زندگي به ته عجيب آ

جيئڻ آس به اٿس

۽ موت جي اميد به رکي ٿي

ھي رشتا ناتا عجيب آھن

غيرن جي ھجوم مان پنھنجن

کي ڌڪارين ٿا

ھيءَ زندگي به ته عجب آ

اڄ ھو پنھنجا ھوندي به پراوا آھن

ھيءَ زندگي به ته عجيب آ

وقت ڪيڏو نه بادشاھ آھي

جو وڏي کان وڏو زخم ڀري ٿو

ھيءَ زندگي به ته عجيب آ.

ــــــــــــــــ

صاحبه انصاري

ھڪ ڇوڪري

ڪنھن اضطراب ۾ پيل ڇوڪري

ڪنھن ڪُن ۾ ٻُڏل ۽ منجھيل ڇوڪري

جي پڇي ٿي سوالن مٿان ھوءَ سوال

نه مليس ٿو جواب ٿي پوي ٿي سوال

ڪنھن گھٽيل ۽ ٻوساٽيل وھم جو شڪار

ڪن اڌورن ۽ اڻپورن خيالن ۾ گرفتار

جي پُڇي ........

نه مليس .............

ڪنھن چيو ڌاري آ

ڪنھن چيو ڪاري آ

ڪنھن چيو عزتن ۾ آھي ھوءَ ڏار

سوچون ھِن جون ٿينديون وڃن ٿيون فرار

جي پڇي .....

نه مليس....

ڪا رسمن ۽ رواجن جي ور چڙھيل

ڪا پنھنجي پراون جي وچ ۾ لڙيل

ڪا، ظلمن ۽ ستمن جي باھ ۾ سڙيل

جي پُڇي......

نه مليس.....

ـــــــــــــــ

رشيده خالق سيال

پيار اچ اڄ اڱڻ تي ڪھڙي ڪريان مھماني منھنجا جاني...

ڪريان پيش پيارا، ھي دل، جگر منھنجا جاني.

رکان دل قدمن ۾، جتي تون پير پائين،

واسي ڇڏيان خوشين سان ھر جاءِ جاني،

جيڏانھن تون نھارئين

ڏني دل تون مون کي، تنھنجي مھرباني.

سڏي سيال ٿي توکي دل جي گھرائين سان

ٻڌ خالق سڏڙا ڏکن جي ماريءَ جا

ڪو ڀيرو جاني، ھي دل آ تولاءِ ديواني.

********

منھنجا او سھڻا سڄڻ، رسي ڇا کان وئين

ٿي ڪھڙي خطا مون کان اڪيلو ڇڏي وئين.

ھجي راھ رستو،ڳولھي لھان مان،

توسان ملڻ لاءِ جبل جھنگ جھاڳيان مان.

خبر ھجي ھا تنھنجي ڪاوڙ جي،

توکي پرچايان ھا، توبھ زاري ڪريان ھا

رکي سر سجدي ۾ الله آڏو دانھيان ھا.

سيال جي آھي التجا الله کي

الله ملاءِ وڇڙيل دلين کي

ميلو ٿيندو محبوبن سان

ٿي دُور ويندا ھي ٿڪ جدائيءَ جا.

*************

 

کڻي يار دلڙي نڀائڻ نه آئين

ڇڏي ساٿ سڄڻ رڻ ۾ وئين رلائي.

وعدا سک ۾ جاني حال اورڻ جا.

الله سورن ۾، سکن ۾

خالق گڏ ھجون ھا پنھنجي ٻچن ۾.

ڇڏي ساٿ سڄڻ پرديس ۾

ائين سنگدل به نه ڪري ھا ديس ۾.

ڪئين وڇڙي وياسين، پرين پرديس ۾

سيال کي آسرو ھو وڏو الله ۾.

ويا ورھيه گذري، پئي خبر نه ڪائي

نه ڪي پاڻ آئين، نه مون کي گھرايئي.

ڪريان حال ڪنھن سان، نه آھي ڪو حال ڀائي

پل پل پئي ماري پيارا تنھنجي جدائي.

ڏاڍو ڏکيو آھي سھڻا ڏکن ۾جيئن

نه آھي ھاڻ طاقت دل کي صدمن سھڻ جي.

دل آھي ماندي توسان ملڻ لاءِ

صرف ھڪ پل پيارا تنھنجي مرڪي ملڻ لاءِ.

ساريندي ساٿ تنھنجي سيال پئي ھنجون ھاري،

صبح شام پيار پئي رب کي پڪاري.

****

 

شگفته جبين

خواب

موسمن جا......

ڀيد سمجھڻ کان پھرين

واعدن وفائن ۽ وصل جي لمحن

۾.............

اکيون جڏھن به ڪو خوبصورت

خواب اُڻينديون آھن

تڏھن ............

گناھن ۽ ثوابن جي وٿيءَ ۾

خوابن جون سڀ شاھديون

۽............

سچائيءَ جا سڀ ثبوت

پنھنجي سڃاڻپ وڃائي ويھندا آھن

۽ جبر جا سڀ اختيار کڻي

موت جي پراسرار پاڇن

موسمن جا ..............

راز سمجھڻ کان پھرين

من جي سرزمين تي

سزا جا سڀ عذاب پوکي ڇڏيا

آھن ............

تڏھن کان .............

پويان رھجي ويا آھن

پاڳل ۽ ڇُڙواڳ ھوائن جا سُرٻاٽ

ته ............

ھيڏي ارض و سما ۾

ھيڏي بحر و بر ۾

ھر درد جي ڪھاڻي آھي

ھر دک جي پڄاڻي آھي.

وقت

وقت واريءَ جيان

بند ھٿن جي وٿين مان

وھندو ٿو وڃي ..........

۽ لمحن جي ...............

جوڙ جڪ ۾ ورچڙھيل ورھايل

منھنجي وجود ................

تنھنجي غلاميءَ جي نٽھڻ اُس

۾......................

ڏاڍ ۽ ڏمر جا

صبر ۽ اجر جا ........

سڀ مرحلا .................

نصيب جي سُوريءَ تي ٽنگي

ڇڏيا آھن .................

ڇاڪاڻ ته ...............

درد جي دڳن جو ڪاٿو

لفظ، معنيٰ ۽ مفھوم

جو محتاج ناھي ھوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com