سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :4

 

شيخ اياز

ائنا اخمتووا ۽ سئفو

ائنا اخمتووا

جديد روسي شاعره، ھوءَ ھڪ ڳجھي ۽ خاموش عورت ھئي پر جي ھوءَ ان غير معمولي علحدگيءَ ۾ نه به رھي جا ھن تي پنھنجي دَور مڙھي ھئي. ته به اسان کي ھن جي زندگيءَ جو تمام ٿورو علم ھجي ھا. ھن جي شاعريءَ مان ۽ پنھنجي آتم ڪھاڻيءَ جي باري ۾ مختصر احوال مان جو ماسڪو ۾ ڇپيو ھو، اسان کي ھن جي زندگيءَ جو پورو پتو پئجي نه ٿو سگھي. خاموشي ھن جو دستور ھئي ۽ اھا ھن جي شاعري مان ظاھر آھي، جنھن ۾ ھن جا نظم نھايت مختصر آھن. ھن ۾ ڪجھ ڪُڍنگائي به ھئي. ڄڻ ته ھن جي شاعري چوندي ھجي ته مان جيئن آھيان، مون کي ائين قبوليو يا نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ انھيءَ ڳالھ ڏانھن ماڻھن جي توجھ يڪدم وئي، جڏھن ھن جا ڪتاب شايع ٿيا. ھن کي شاعر جي لفظ کان نفرت ھوندي ھئي.

اخمتووا ڪاري سمنڊ جي ڀرسان ھڪ ڳوٺ اوڊيسا ۾ پيدا ٿي ھئي، جيتوڻيڪ ھن جي زندگي ۽ شاعري پيٽرس برگ سان وابسته آھي. ھوءَ زارسڪوف سيلو (زار جو ڳوٺ) ۾ ھڪ سال جي عمر ۾ آندي وئي ۽ اُتي پنھنجي زندگيءَ جا 16 سال گذاريائين. اھو ڳوٺ پيٽرس برگ جي ويجھو آھي اتان جي ماحول ۽ شاعر پشڪن جو خود پيٽرس برگ ۾ مري ويو ھو، جنھن جو ميوزم مون ڏٺو ھو ۽ ان جو ذڪر شايع به ڪرايو اٿم ان کيس ڪافي متاثر ڪيو. 1944ع ۾ جڏھن جنگ کان پوءِ ھوءَ لينن گراڊ موٽي وئي، پنھنجي آتم ڪھاڻيءَ ۾ ھن لکيو آھي ته 1890ع ۾ جڏھن ھوءَ ٻار ھئي ته اتان جا ساوا ۽ گھِميل خوبصورت باغيچا ۽ واڙا جتي ھوءَ پنھنجي ٻڪريءَ کي گھلي ويندي ھئي ۽ پراڻي ريلوي اسٽيشن اھي سڀ کيس ياد ايندا ھئا. 1907ع ۾ ھُن ڪيف ۾ تعليم ورتي ۽ 1910ع ۾ نڪولائي گوميلاف سان شادي ڪيائين، جو روسي شاعريءَ ۾ انقلاب کان اڳ ھڪ رنگين مزاج شخصيت ھيو، ھو پھريون شاعر ھيو، جنھن غير مغربي ملڪن مان ڌاريا موضوع پنھنجي شاعريءَ ۾ آندا ھيا. ھن آفريڪا جي ملڪن خصوصاً ائبيسينيا جو سفر ڪيو ۽ اتان جون ڪيئي ڪھاڻيون ۽ خيال پنھنجي تحرير ۾ آندا، پر ان ۾ مذھبي دھشت ۽ خوشيءَ ۽ غم سان بي پروائيءَ جو عقيدو ھيو، جنھن ھن جي شاعريءَ کي منظر نگاريءَ کان مٿي ڪري بيھاريو ھو. اخمتووا ھن سان شاديءَ ۾ خوش نه ھئي ۽ اھڙو ذڪر ھن ڪيترن ئي ھنڌن تي ڪيو آھي (مثال طور ھڪ ھنڌ لکي ٿي:

(مان افسوس جا ھٿ مَليا ......)

ھُن پھريون ڀيرو اولھ يورپ، گوميلاف سان پنھنجي ھَني مُون تي ڏٺو جو ھنن پئرس ۾ ملھايو ۽ جيڏانھن ھوءَ ٻيھر 1911ع م وئي. ھوءَ مصور مودلياني سان ملي. جڏھن اڃا ھو مفلس ھيو ۽ کيس ايتري مڃتا نه ملي ھئي ۽ ھن جي موجودگيءَ ۾ فرينچ شاعر ورلين کي پنھنجا ڪيئي نظم ٻڌيائين. مودليانيءَ ھن جون ڪيئي تصويرون ڪڍيون، جن مان ھڪ بچي وئي جا پڇاڙيءَ تائين ھن جي ديوار تي ٽنگيل ھوندي ھئي. ھن کي پئرس ائين لڳي ڄڻ اھا ھن جي زندگيءَ جو پيٽرس برگ وانگر ٻيو ٿنڀو ھئي، پر ھوءَ روس ۾ پنھنجي مرضيءَ سان موٽي آئي ۽ رھي ھئي. 1910ع ۾ ھن جي شاعريءَ ۾ اليگزينڊر بلاڪ وانگر اُھو سرد ۽ اونداھو مستتقبل جو اچي رھيو ھو، جو تصور ۾ ئي ملي ٿو. 1944ع ۾ ھن لکيو ته:

”ھن ظالم دَور ۾ مونکي ائين پاسيرو موڙيو ويو آھي، جيئن ڪا ندي پنھنجو وھڪرو ڦيرائي ڇڏي.“

پيٽرس برگ موٽي ھن تمام سنجيدگيءَ سان نطم لکيا، جيتوڻيڪ ھن جي مڙس کي ھن جي ڏات جي باري ۾ پڪ نه ھئي ۽ ھن کي ان لاءِ آماده ڪندو رھيو ته ھو بئلي ڊانسر ٿئي. ھن جڏھن شاعر انينسڪيءَ کي ھن جي موت بعد پڙھيو ته ھن کي محسوس ٿيو ته ھن کي پنھنجو آواز ملي چڪو آھي. انينسڪي ھڪ علامت پسند ھيو، پر ٻين علامت پسند شاعرن کان مختلف ھيو، جيڪي چوندا ھيا ته ھاڻي ۽ ھتي غير حقيقي آھن، ھر شيءِ ناس ٿيڻي آھي. خود اليگزينڊر بلاڪ جي تصور کي به اھڙيون حالتون گرمائينديون ھيون، جي قيامت وانگر اڄڻيون ھيون. 1910ع ۾ اھڙي تحريڪ پنھنجي تخليق ۾ سلسليوار نه رھي ۽ 1912ع ۾ ٻه گروپ پيدا ٿيا، جن کي فيوچرسٽ ۽ ائڪميسٽ چيو ويندو ھو. پھرين جو ليڊر مايا ڪووسڪي ھيو، جيڪو علامت پسنديءَ جو وڏو مخالف ھيو ۽ جو رستي ۽ ڳليءَ جي ٻولي شاعريءَ ۾ ڪم آڻيندو ھيو ۽ جنھن ھر قسم جي تصور کي رد ڪري ڇڏيو. ائڪميزم جو وڏي ۾ وڏو شاعر اَسپ ميڊالسٽام ھيو ۽ ان به علامت پسنديءَ جي مخالفت ڪئي. اخمتووا ميڊالسٽام جي دوست به ھئي ۽ ھن کان ڪافي متاثر به ھئي. ھن جي مڙس گوميلاف ھڪڙو جدا شاعرن ۽ اديبن جو گروھ ٺاھيو. ميڊالسٽام اخمتووا جي پھرين جلد تي مھاڳ لکيو. 1911ع ۾ اخمتووا اٽليءَ، جنيوا، فلارنس، وينس ۽ ٻيا شھر ڏٺا ۽ اطالوي مصوري ۽ تعمير جي فن کان ڪافي متاثر ٿي. 1917ع ۾ اخمتووا ائين سمجھيو ته روس خودڪشي ڪئي آڳي ۽ وسي چرچ جي بازنطيني روح کي الوداع ڪئي آھي. ھن پوءِ ڪجھ ڪتاب لکيا ۽ ميڊالسٽام جي زال ناديزدا جي گھري ساھيڙي ٿي وئي، جڏھن پھرين مھاڀاري لڙائي لڳي ته ان ۾ گوميلاف شريڪ ٿي، فرانس ويو ۽ آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ موٽيو. 1918ع ۾ ائنا اخمتووا کي طلاق ڏنائين. ان کان پوءِ ھن جي زندگيءَ جو وڌيڪ احوال موجود نه آھي، پر ھوءَ ميڊالسٽام سان گڏ لينن گراڊ ۾ گھمندي ھئي ۽ آرت اڪادميءَ ۾ وقت گذارڻ کان سواءِ ھن کي پنھنجي شاعري پڙھي ٻڌائيندي ھئي. 1920ع ۾ ھوءَ بلڪل گوشه تنھائي ۾ رھڻ لڳي ۽ ميڊالسٽام سان به نه ملندي ھئي. ھنن لينن گراڊ ۾ تمام تڪليف ڏيندڙ وقت گذاريو ۽ ٻي جنگ عظيم ۾ ته زياده سور سَٺا، جن جي عڪاسي شاعريءَ ۾ ڪئي اٿائين. 1921ع ۾ ھن جي اڳين مڙس گوميلاف کي بالشيوڪن گولي ھڻي ماري ڇڏيو، جن شاعرن ۽ دانشورن کي ڪافي ڇرڪايو. 1923ع کان 1940ع تائين سندس ڪا به تخليق منظر عام تي نه آئي، ڇو ته سينٽرل ڪاميٽيءَ اھڙو ٺھراءُ بحال ڪيو ھو ته ھُن جي ڪابه شيءِ ڇپائي ھيٺ اچڻ نه کپي. جڏھن سوويت يونين جا نازي جرمني سان واسطا چڱا ھئا ته اخمتووا مقبوضه پئرس ۽ بمباري ھيٺان لنڊن ڏانھن پنھنجي توجھ ڪئي ۽ 1940ع ۾ ھن جيڪو نظم لکيو، اھو روس ۾ ڇپجي نه سگھيو. اھو ھڪ نھايت دردناڪ نظم آھي.

41_1942ع ۾ ھوءَ بار بار دوستو وسڪي پڙھي رھي، جنھن جي مطالعي جو اثر سندس شاعريءَ تي آهي. دوستو وسڪيءَ ۾ ايندڙ تباھيءَ جون اڳڪٿيون ھيون. جڏھن لينن گراد جو گھيراءُ ٿيو، تڏھن ھن پھريون سيارو نھايت سرديءَ ۾ گذاريو ۽ ان کان پوءِ کيس تاشقند ھوائي جھاز ۾ نيو ويو، جتي ھوءَ اڍائي سال رھي ۽ پنھنجو منتخب ڪلام ڇپايائين، جو يڪدم وڪامي ويو. ڪيترن ئي روسين لاءِ ھوءَ روس جو آواز ھئي، پر اسٽالن ھن جو مخالف ھيو ۽ ھن جي جنھن تقريب ۾ عزت افزائي ڪئي وئي ھئي، ان تي اعتراض ورتو ھئائين. جنگ جي خاتمي کان پوءِ ھن اشاعت لاءِ پنھنجا نوٽ لکيا، سوويت ادبي حلقي وٽ پيش ڪيا ۽ ھن جي ڪليات جي ڇپائيءَ جو اعلان ڪيو ويو، پر اھا ھن جي شاعري وانگر نه ڇپجي سگھي، جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته ان جا پروف به پڙھيا ويا ھيا. 14 آگسٽ 1946ع ۾ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ ھن کي روسي اديبن جي انجمن مان خارج ڪيو ۽ ھن جي ڪتابن جي اشاعت تي بندش وڌي وئي جا 1953ع ۾ اسٽالن جي موت تائين رھي. گھر جي تلاشيءَ جي ڀَوَ کان ھن ڪيتري شاعري ۽ نثر جلائي ڇڏيو ھو، جيئن مون ايوب خان، يحيٰ خان ۽ ضياءَالحق جي دؤر ۾ جلائي ڇڏيو ھو. ھن جي پٽ کي 3 ڀيرا پھريائين قيد ڪيو ويو ھو. ھن پارٽيءَ جي بندش خلاف پنھنجو رد عمل نه ڏيکاريو، ڇاڪاڻ جو اڳ ئي اسٽالن، مينڊالسٽام کي مارائي ڇڏيو ھو. ھوءَ حالتن کان گھٻرائي خاموش ٿي وئي ۽ 1950ع ۾ مري وئي.

مان ھن جي باري ۾ آمريڪي ترجمي ۽ جيڪي ھن جا شعر پڙھيا آھن، انھن کان ڪافي متاثر ٿيو آھيان ۽ منھنجي نظر ۾ ھوءَ دنيا ۾ جيڪي 6_5 وڏي ۾ وڏيون شاعرائون ٿيو آھن، انھن مان ھڪ آھي.

سئفو 

يونان جي عشقيه شاعرن ۾ عظيم ترين شاعره ھئي. ھوءَ ٻيٽ ليسباس (Lesbas) تي ڄائي ھئي. اووڊ چواڻيءَ سئفو جو پيءُ تڏھن مري ويو ھو جڏھن ھوءَ ڇھن سالن جي ھئي. اھو ھر ڪوئي مڃي ٿو ته ھن شادي ڪئي ھئي ۽ ھن کي ڌيءَ ھئي. ھن جا ڪيئي نظم جيڪي اڄ تائين موجود آھن، اتان جي ديسي ٻوليءَ ۾ لکيل آھن. ھن پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيترائي وزن ڪم آندا آھن، جنھن مان ھڪ جو نالو ئي ھن جي نالي پٺيان آھي ۽ سئفڪ (Sapphic)چيو ويندو آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ حرص و ھوا ۽ فطرت سان پيار، اسلوب جي سادگي، سٽ تي ڪافي مھارت آھي.

ھن جو وڏي ۾ وڏو چؤسٽو يوناني ديوي افروز ڊائٽيءَ جي عاشقيءَ جي باري ۾ آھي، جا ھُن کي ڪنھن نوجوان ڇوڪري سان ھوندي ھئي. سئفو دنيا جي ڪيترن ئي اديبن تي پنھنجو اثر ڇڏيو آھي، جن ۾ خاص طور ڪئٽلس، اووڊ، سُونِ برن قابلِ ذڪر آھن.

جيتوڻيڪ ھوءَ وَڏَ_گھراڻي مان ھئي، پر ھن جي شاعريءَ ۾ اھي پُرتشدد سياسي ٽڪراوَ نه ٿا ملن جن ان وقت جي امير ۽ جابر طبقي ۽ عوام ۾ ھيا، جيئن ان دَور جي ٻي شاعريءَ ۾ ملن ٿا، خاص ڪري الڪيئس جي. بھرصورت سندس مڙس ۽ ڀائرن جي ڪارنامن ڪري ھوءَ ڪجھ وقت جلاوطنيءَ ۾ رھي ۽ ڇھين صدي ق.م ۾ اٽليءَ تائين شھر بندر ٿي ڀٽڪندي وتي. ھوءَ تيستائين زنده رھي، جيستائين ھن کي احساس ٿيو ته پيري اچي وئي آھي ۽ 565ق.م ۾ مري وئي.

1900 صديءَ تائين سئفو جي شاعريءَ جي باري ۾ معلومات فقط اُنھن حوالن مان ملي ٿي جي قديم مصنفن ڏنا آھن، پر ان کان پوءِ ڪيترن ئي ٻين تان ڪيئي ٽڪرا ورتا ويا آھن، اھي نظم ٽن قسمن جا آھن:

(1)اھي نظم جن جو ھن جي ذات سان واسطو آهي.

(2)اھي نظم جيڪي گھٽ داخلي آھين جي لوڪ گيتن وانگر لڳن ٿا.

(3)وواھ جا گيت.

انھن ٽڪرن مان زياده تر انھيءَ مڪتب يا مجلس خاني سان واسطو رکن ٿا، جتي ھوليسباس جي وڏ_گھراڻين ڇوڪرين کي موسيقيءَ، راڳ ۽ شائستا ۽ وضعدار زندگيءَ جي تربيت ڏيندي ھئي. انھن ڇوڪرين مان ڪجھ سان ھن جي دوستيءَ جا عشقيه نطم منسوب ڪيل آھن. انھن جي اظھار ۾ ايتري شدت ھئي، جيتري ھنن جي شادي تي مايوسيءَ ۾ ھئي. شاديءَ جا گيت، سئفو جي شاگردياڻين لاءِ لکيا ويا ھئا، يا ته انھن جي شادين تي سندن جدائيءَ ۾ لکيا ويا ھا، جڏھن اُھي سئفو کي ڇڏي ويون ھيون. ڪيئي گيت اھڙا ھا جن ۾ زالون مردن تي ٺٺوليون ڪن ٿيون ۽ انھن ۾ لوڪ گيتن جي سڳنڌ ھئي.

پراچين دوؤر ۾ سئفو جي ڏات کي سڃاتو ۽ مڃيو ويو. ھن جي جيڪا به ٿوري گھڻي شاعري فنا جي گھات کان بچي وئي ھئي ڪنھن روحاني قوت سان تجلا ڏئي رھي آھي، جيئن روشن جا ٻه ٽي گيت سنڌي ۾ بچي ويا آھن. مثلاً:

ھن دنيا جي ويراني ۾ منزل ملندي يا نه. يا ”او ساٿي!“ وغيره

ته انھن ۾ اھا امر جوتي ٻري رھي آھي، جنھن کي ڏات چئبو آھي. ڀلا بيڪس فقير جي به ھڪ سٽ ئي ته امر آھي.

”ساجن سائين سير ڪرڻ لئه آيو ٿي انسان“

۽ اھا پوري ”ارمغان_حام“ تي ڀاري آھي.

سئفو جا تيز ۽ تند رنگ ۽ ڀاوَ، جذبا ۽ جوش ايترا ته گھرا ھيا جو سڌي اظھار کان سواءِ اُھي ٻوليءَ ۾ اچي نه سگھن ھا ۽ انھن جي جسماني ڏيکاري، پيڙا ۾ مورچائپ، سُتجڻ ۽ سُن ٿي وڃڻ، لڇائيندڙ لھر، وجد، بيخودي، اھي سڀ جذباتي تصور جي ڳھ ڳٺي جي جاءِ والارين ٿا جو اتي پيار سان لازمي آھي. ھر قسم جو حسن ھن ۾ لرزش پيدا ڪندو ھو، چاھي اھو انسان ۾ ھجي يا فطرت ۾. ھڪ ٽنڊڻ جي کل تي جا رنگا رنگي آھي، ان کان وٺي، ھڪ ڦلاريل ڦولَ، سانجھيءَ جي تاري، ھڪ اڪيلي گلابي صوف تائين جو چونڊي کان اُتاھون ھجي. مطلب ھن کي انسان ذات يا فطرت ۾ ھر قسم جو حسن موھيندو ھو. ھن جي شاعريءَ جي موسيقي غلطيءَ کان بعيد ھئي ۽ ان جي بي ساخته رواني ھن تي اھو قول صادق ڪري ٿي ته ھوءَ شاعريءَ جي ”ڏھين ديوي“ ھئي. جي مان چوان ته مون اھڙي ديوي ڏٺي آھي، ته ان ڳالھ ۾ وڌاءُ نه آھي.

(شيخ اياز جي ڪتاب ”ڪَتين ڪَرَ موڙيا جڏھن“ تان ورتل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com