سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :12

 

سروي ڪندڙ: سپنا گل

 

گورنمنٽ گرلس مھراڻ ھاءِ اسڪول حيدرآباد جي

 استادياڻين کان پڇيل سوال

سرتيون: نوڪري ڪرڻ عورت لاءِ ضروري آھي؟

جي ھا ته ڇو؟

جي نه ته ڇو؟

نسرين ابڙو

جواب: جيڪي عورتون نوڪريون نٿيون ڪن اھي به گھرن ۾ خوش آھن. باقي جيڪا عورت گھڻي تعليم پرائي ٿي اھا چاھي ٿي، پنھنجي حاصل ڪيل تعليم ۽ ڄاڻ مان فائدو حاصل ڪري. عورت گھر جي زينت آھي، پر وقت ۽ حالتن کي ذھن ۾ رکي کيس نوڪري ڪرڻ گھرجي. مڙس سھڪار ڪري ۽ ٻارن کي ڪير سنڀالڻ وارو گھر ۾ ھجي ته پوءِ ضرور نوڪري ڪري باقي ٻچا رلائي ھروڀرو ضد ۾ اچي نوڪري نه ڪجي. مڙس کي به نوڪري ڪندڙ عورت جو قدر ڪرڻ گھرجي. بھرحال، وقت ڏاڍو تيز آھي جيڪڏھن تعليم يافته عورتون ويھي گھر سنڀالينديون ته ڳالھ مزو نه ڪندي.

زيبا ڀرڳڙي

جواب: عورت لاءِ نوڪري ڪرڻ تمام ضروري آھي. پر انھي خيال سان نه ته فقط پيسو ڪمائڻو آھي، پر نوڪري انھيءَ لاءِ ڪجي ٿي ته عورت کي پنھنجي انفراديت ۽ شخصيت مڃائڻ گھرجي گھر ۾ ويھڻ سان ذھن کي زنگ لڳي ٿو وڃي.

فرح ڀرڳڙي

جواب: نوڪري ڪرڻ گھرجي، پر جڏھن شادي ٿي وڃي ته پوءِ نه ڪجي. ٻي صورت ۾ تعليم حاصل ڪري ان کي سجايو ڪجي. نوڪري ڪرڻ سان عورت ۾ اعتماد ۽ خودمختياري جو جذبو پيدا ٿئي ٿو. پنھنجي پيسي جي ڳالھ ئي نرالي آھي. اھو حق ۽ فرض به آھي ته جيڪو علم حاصل ڪجي اھو ٻين ۾ (شاگردن ۾) منتقل ڪجي.

ريحانه

جواب: منھنجو خيال آھي ته تعليم جيتري ٿي سگھي، اوتري پرائجي، پر نوڪري نه ڪجي، مان نوڪريءَ جي حق ۾ ناھيان. جيئن ته زندگيءَ جون ضرورتون وڌي رھيون آھن انڪري نوڪري ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي. پر عورت لاءِ گھر کان بھتر ٻي ڪابه جڳھ ناھي. گھر ۾ ايترا ڪم آھن جو ماڻھو انھن کي سليقي سان ڪري، گھر جي ذميواري خود ھڪ جاب آھي.

پروين مغل

جواب: عورت جو تعليم يافته ھجڻ ضروري آھي. ان سان عورت مطمئن رھي ٿي. ۽ اڄڪلھ جي مھانگائيءَ جي دور ۾ گھر جو بار گھٽ ڪري ٿي. ٻارن جي تربيت سٺي ڪري ٿي. انڪري نوڪري ڪرڻ تمام ضروري آھي. سماج جو ڪار آمد حصو بڻجڻ چاھي ٿي، باقي اھا ڳالھ غلط آھي ته نوڪري ڪندڙ عورت گھر ۽ ٻارن تي توجھ نٿي ڏئي. پاڻ وڌيڪ سٺي نموني گھر به سنڀالي ٿي ۽ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏئي. گھر ۾ ويھي ڇا ڪندي، جيڪا عورت نٿي ڪمائي ان کان نوڪري ڪندڙ عورت جي زندگي بھتر گذري ٿي.

عذرا شاھد ملاڻا

جواب: مان ذاتي طرح عورت جي نوڪريءَ جي حق ۾ ناھيان. ان جو سبب اھو آھي ته اسان جو سماج سمجھي ٿو ته جيڪا عورت نوڪري ڪري ٿي اھا ڏاڍي پاڻڀري آھي، مطلب ته ھن کي ڪنھن به سھاري، ڪنھن به مدد جي ضرورت ناھي ھوندي، مرد فقط نوڪري ڪري ٿو ته اھو گھر ۾ به اھائي برتري رکي ٿو. پر عورت ٿڪجي گھر اچي ٿي ته ان کي گھر جا سڀ ڪم ڪار ڪرڻا پون ٿا، ٻار سنڀالڻا پون ٿا، انھن کي پڙھائڻو به آھي، ٽيوشن تي به ڇڏڻو آھي. گھرجي ڪم جي گھڻائيءَ جي ڪري سندس ٻار به Suffer ڪن ٿا. شاديءَ کان پوءِ عورت کي نوڪري ڪرڻ نه گھرجي بلڪه ٻارن کان پوءِ ته بلڪل نه ڪرڻ گھرجي، منھنجي خيال ۾ مھانگائيءَ جو عورت جي ڪمائي سان ڪو تعلق ناھي. باقي اسان ماڻھن ھيٺ ڏسي ھلڻ ڇڏي ڏنو آھي. اسان جو سماج بگڙيو ئي انڪري آھي جو ھرڪو بي جا آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ حيران آھي. اسين پنھنجي دين کان ھٽي ويا آھيون. رشوت کي حق سمجھي وٺون ٿا. قناعت ڪرڻ ڇڏي ڏني اٿئون. قناعت سان ماڻھو ٿوري پيسي ۾ سٺي ۽ سڪون واري زندگي گذاري سگھي ٿو بامقصد زندگي گذارڻ لاءِ ھيٺ ڏسي ھلڻ ضروري آھي.

شميم ميمڻ

جواب: مون کي ڪڏھن به نوڪري ڪندي ڪا مشڪل ڪانه ٿي آھي. شاديءَ کان پھرين يا شاديءَ کان پوءِ منھنجي مڙس ۽ ساھرن جو تمام گھڻو سھڪار رھيو آھي. ٻيو ته خوشقسمتيءَ سان منھنجي گھر جي ويجھو آھي انڪري منھنجا چار ئي ٻار امان وٽ رھيا آھن جن مان ھڪ پٽ ۽ ھڪ ڌيءَ لياقت يونيورسٽي ڄام شورو ۾ پڙھن ٿا. ھڪ پٽ مئٽرڪ ۾ آھي ۽ آخري ڌيءَ چوٿين ڪلاس ۾ اڳ جيڪڏھن ٻار مون کان اڳ ۾ اچي ويندا آھن. ته سڌو امان جي گھر ھليا ويندا آھن. اھائي سندن سار سنڀال لھندي آھي ان ڪري کين منھنجي ڪمي گھٽ محسوس ٿيندي آھي. مڙس ۽ اسان جي ھمٿائن جي ڪري شام جي شفٽ ۾ B.ed ۽ M.ed (ريگيولر) ڪيم. جيئن ته منھنجو مڙس ڊاڪٽر آھي ۽ شام جو ڪلينڪ به اٿس، پر مون کي اسڪول توڙي يونيورسٽي پاڻ ڇڏڻ ۽ وٺڻ ايندو آھي. مطلب ته مون سان گھر توڙي اسڪول ھر معاملي ۾ سھڪار ڪري ٿو. اھوئي سبب آھي جو زندگي پر سڪون گذري ٿي. بھرحال ھر انسان کي پنھنجي اندر ۾ سھپ پيدا ڪرڻ گھرجي، مان پنھنجي ٻارن کي به اھا ڳالھ سيکاريندي آھيان ته سھڪاري ٿيو، رحمدلي ۽ ھمدرديءَ جو احساس پاڻ ۾ آڻيو ڇو جو ڪنھن کي ڪم اچڻ به عبادت آھي.

آپا ممتاز

جواب: حقيقت ۾ ته گھر ۾ رھندڙ عورتون وڌيڪ پُرسڪون ۽ تازيون توانيون ھونديون آھن. جيڪڏھن مڙس طرفان معاشي تحفظ آھي، گھر ۾ ھر سھولت آھي ۽ پُرسڪون ماحول آھي ته پوءِ ويھي گھر سنڀالجي، ٻارن کي سنڀالجي. ٻي صورت ۾ نوڪري ضرور ڪجي ڇو ته نوڪري ڪرڻ ۽ وري گھر سنڀالڻ ھڪ عورت لاءِ ڪٺن ڪم آھي پر منھن ڏيڻو پوي ٿو بھرحال جيڪو به ڪم ڪجي، اھو پوري ڌيان ۽ ايمانداريءَ سان ڪجي بيزاريءَ مان نه ڪجي ڇو ته محنت ۽ صبر جو ڦل ھميشه مٺو ٿيندو آھي.

عفت آرا

جواب: نوڪري ڪرڻ يا نه ڪرڻ حالتن تي مدار رکي ٿو. جيڪڏھن گھر جون حالتون بھتر آھن، عورت کي ھر شيءِ مھيا آھي ته پوءِ نوڪري نه ڪري باقي جيڪڏھن کيس گھر ۾ ھٿ ونڊائڻو آھي ته پوءِ نوڪري ضروري ڪري. بھرحال عورت ٻٽي ذميواريءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿي.

رشيده عبدالخالق سيال

جواب: عورت جي لاءِ نوڪري ڪرڻ تمام ضروري آھي. تعليم يافته عورت ٻارن کي بھتر تعليم ڏياري سگھي ٿي، سٺي تربيت ڪري سگھي ٿي. پنھنجي پيرن تي بيٺل عورت ٻارن جي ھر ضرورت پوري ڪري سگھي ٿي، ڇو ته ماءُ ٻار جي دل جي ڳالھ سمجھي سگھي ٿي. مان اڳ سوچيندي ھيس ته نوڪري نه ڪريان، پر جڏھن کان منھنجو مڙس گذاري ويو آھي، تڏھن کان سوچيان ٿي ته شڪر آھي جو آءٌ نوڪري ڪريان ٿي نه ته................!؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com