سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :13

 

شبنم گل

ڪوتا ڪھاڻي

ھوءَ ڪيترن سالن کان پوءِ ملي ھئي

ھوءَ جيڪا ڪڏھن گلابن جيان سرسبز ۽ شاداب لڳندي ھئي. لڳي رھي ھئي ڪنھن ويران ۽ زرد پن جيان

اکين جا ديپ به

لڳا ٿي اجھاميل

مون کي ڏسي حيران ٿي

۽ پوءِ ھوا جي خوشگوار جھوٽي جيان

اچي بيھي رھي ڀر ۾ منھنجي

”ڪيئن آھيو؟“ پڇيم

جواب ۾ ڦڪي ۽ بي جان مرڪ

ڪنھن ڪوماڻيل گل جيان

چھري کي سندس ڇُھي،

گنڀيرتا جي ڌنڌ ۾ ڪٿي گم ٿي وئي، چيائين:

”زندگي مون لاءِ رياضيءَ جو اھڙو ڪامپليڪيٽيڊ سوال

وئي آ بڻجي

جنھن کي حل نه ڪري سگھي آھيان اڄ تائين

بس جيون ته سفر آ ڀوڳنائن جو

۽ مان ٿڪجي پئي آھيان اڌ راھ ۾ ئي

منظر سارا ٿيا ھن اجنبي

۽ منزل پائڻ جي ڌن ۾

سپنن پائڻ جي ڌن ۾

سپنن جي ساڀيان پٺيان ڊوڙندي

ٿي وئي آھيان پنھنجو پاڻ کان جدا.“

”پر اھو سڀ ٿيو ڪيئن...!؟“

لھجي ۾ منھنجي ھئي حيراني

”تون ته ڪڏھن سمنڊ جي ڀر ۾ گھُلندو

ھوائن جيان ھئينءَ آزاد

جنھن کي ڪو ڪڏھن

جھٽي ناھي سگھيو، چاھڻ جي باوجود ڀي

تنھنجو اڏول لھجو ته ھو ڪنھن

مضبوط ڀت جيان

پوءِ ان ۾ روايتن جون ڏارون....؟

پيون ڪيئن .....؟

ڪيئن خوشين جا رنگ برنگي پوپٽ

ويا تنھنجي ھٿن مان اڏامي

۽ ٽِڙي پيا ھن

تنھنجي ڳلن تي ڇو؟

سرنھن جا پيلا گل؟

پنھنجي پسند جي دنيا وسائڻ جي

ڇا ھوندي آ ايڏي وڏي سزا !!“

چيائين:

”منھنجو ڏوھ ھو اھو ته

مون معاشري کان

پنھنجي وجود کي مڃائڻ لاءِ الڳ شناخت گھري ھئي.

۽ اھو به چاھيو ھيم ته

منھنجي ظاھري سونھن

۽ جسماني خوبصورتيءَ تي

منھنجي قابليت

منھنجي ذھانت کي

ترجيح ڏني وڃي.

مان جا ڪڏھن يونيورسٽيءَ جي

”موسٽ ايڪٽو گرل“ ھيس

سدائين ”وڪٽري اسٽينڊ“ تي بيٺل

ٽرافيون، گولڊ ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ

حاصل ڪندڙ

ھڪ مرد جي ڳالھين ۾ اچي

کيس ارپي ڇڏيم

پنھنجا خواب ۽ سمورا آدرش

ياد اٿم شاديءَ کان پوءِ چيو ھئائين:

جانان! ھي پارٽيون، فنڪشن ۽ سڄو سوشل ورڪ ڇالاءِ؟

نه ٿو چاھيان ته رھين مون کان ايترو پري

جاب جي به ھاڻ

ڪائي ضرورت نه آ

آفيس کان موٽان ته مون کي

ٿڪل چھرو نه گھرجي

اھا مرڪ گھرجي جنھن ۾

گلن جي ھجي تازگي

۽ ڳالھين ۾ تنھنجي باس جي روي

۽ آفيس جي مسئلن جو

نه ھجي ڪو ذڪر

بس رات جي راڻيءَ جي ھجي سڳنڌ

ٻيو ڪجھ به نه گھرجي مون کي

تنھنجي موجودگيءَ جي احساس کان سواءِ

سو بس اچي ويس

سندس ڳالھين ۾

ڏٺم ڇڏي سڀ ڪجھ

۽ ڇڏيم وساري پنھنجو پاڻ

خواب ۽ سمورا آدرش

۽ بڻجي ويس ھڪ عام روايتي عورت

 جا ڪجھ به نه ھئي

رڳو ماءُ ھئي، رڳو زال ھئي

اھو سوچي ته گھر ئي عورت جي اصل ڪائنات

۽ پيار سندس ڪمزوري.“

ائي چئي ھوءَ ڪي پل خالي نظرن سان مون کي

تڪيندي رھي.

”پوءِ ڇا ٿيو؟“ پڇيم.

چوڻ لڳي ”سڀ ڪجھ ڇڏي به ڪجھ نه حاصل ٿيو،

۽ ھو ڏينھون ڏينھن ٿيندو ويو

مون کا پري

۽ مان لڳڻ لڳي ھيس کيس

گھر جي پراڻي ۽ بي رنگ فرنيچر جيان

اچڻ لڳو ھو تن ڏينھن ھو رات جو دير سان

ھڪ ڏينھن چيائين:

”تنھنجي انفراديت

تنھنجي ذھانت

وٺي آئي ھئي مون کي تو تائين

ھاڻ اُھا ڳالھ نه رھي آھي تو ۾

ھڪ ڳالھ چوڻ چاھيم ٿي

ڇو ته صاف گوئيءَ جو

آھيان مان قائل

تون ۽ مان ٿي وڃون

الڳ ته بھتر آ

ڇو ته منھنجي منزل

تون نه نازيه آ

لھجي ۾ سندس آبشارن جي

رواني آھي

۽ ھوءَ بھارن جي خوشگوار

جھوٽي سمان آھي

منھنجي جيون کي

جنھن بخشي ڇڏي آ

ھڪ نئين تازگي، ھڪ نئين خوشي

ھوءَ ”موسٽ ايڪٽو گرل“ آھي

منھنجي خوابن جي منزل آھي

خوشبو آھي روشنين جو ساگر آھي

جنھن بنان

ھيءَ زندگي منھنجي ڏاڍي

اڌوري آھي.“

ٻڌي اھو سڀ ڪجھ ٿي ويس

پٿر جيان بي جان مان

۽ تڪڻ لڳي ھيس کيس

حيرت منجھان

اکين ۾ سندس پيار جي

ڪا ريکا نه ھئي

۽ چھرو به لڳو ٿي اوپرو اوپرو

تڏھن ٿيو اھو احساس

ته ھڪ ئي ڇت ھيٺان

ھڪ ئي گھر ۾

ڪيڏا نه ھئا فاصلا ھن ۽ مون ۾

ھو منھنجو ٿي به منھنجو نه ھو

پيار ته بس واريءَ جو گھر ھو

تڏھن ڄاتو ھيم

مرد جي فطرت کي

ھو ته آھي سدائين منتظر

ڪنھن نئينءَ دنيا جو

پيار محبت ناھي ڪجھ به ھن لاءِ

پريت ته آھي، ڄڻ ڪو کيل ھن لاءِ

چڙھندڙ سج جو پوڄاري آھي.

وفا مان ھو ڇا ڄاڻي!

خبر اٿئي ته ھن جديد دور ۾

ڇا ھي محبت جو مفھوم؟

ڊائننگ ٽيبل کان

بيڊ روم تائين جو مختصر سفر

دوکي، فريب ۽ منافقت جي رھگذر

جتي ھجي رڳو جفا جو ذڪر

اتي ڇو اڏجي

سپنن جو ڪاڪ محل

پر ڄاتم اھو ڏاڍي دير سان

بس منھنجو ڏوھ ھواھو ته

مون معاشري کان

پنھنجي وجود جي ھئڻ

پنھنجي وجود کي مڃائڻ لاءِ

الڳ شناخت گھري ھئي.

پر عورت جي شناخت

مرد جي رضامنديءَ جي

اسٽيمپ جي ھوندي آ منتظر

مان جسم ناھيان رڳو

روح به آ مون وٽ

ڪير ته ڳولھي ان کي

ڪير ته پھچي ان تائين.“

ائين چئي وئي ھلي ھوءَ

۽ ڇڏي وئي پٺيان

سڄي معاشري لاءِ انيڪ سوال..!؟؟

پشپا ولڀ             ****

تو ۾ ڀڳوان آھي

۽ مون ۾ رحمان آھي

مان سڄو سچ آھيان

سچ کان سواءِ ڪجھ به ناھيان

مان محبت آھيان،

محبت سڀن لاءِ

سچي محبت

جيڪا منھنجي آڱرين مان وھي

روشنيءَ وانگر جرڪڻ لڳي آھي

۽ ٽارين وانگر ڦُٽڻ لڳي آھي

بادام جي ڳاڙھن گُلن وانگر

مھڪڻ لڳي آھي

پوءِ ڇو ھي نفرتون آھن؟

ڇو ھي عقوبتون آھن؟

ڇو ھي جنگيون آھن؟؟

                 *

اھو مون سان ھاڻ ٿيو آھي

مون جھڙين سان روز ٿئي ٿو

ان کان به بدتر ٿئي ٿو

جنھن جي مون کي ڄاڻ ڪانھي

ڳالھ صرف اھا آھي ته

اھو ڇو ٿو ٿئي،

ڪيستائين ٿيندو

ان لاءِ ڇا اسين سج کي نيزي جيتري مفاصلي تائين

اچڻ جو انتظار ڪنداسين

رڳو حقن جون ڳالھيون

عورتن جا ڏينھن ملھائيندا رھنداسين

Mom. You are fantastic جا ڪارڊ موڪليندا رھنداسين

آخر ڪيستائين؟

مون به ھاڻي ڳوڙھا اگھي ڇڏيا آھن

سوچي ڇڏيو آھي

ڪجھ به ٿئي مون کي پنھنجي جنگ وڙھڻي آھي

ٻانھن ھجي يا ٽنگ

زباني ھجي يا ڪنڌ

ھاڻي ميڻ ناھيان مان

جبل آھيان، ٽڪر آھيان،

آتش فشان آھيان مان.

ماھا عطا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com