سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1974ع

مضمون:

صفحو :7

نجم عباسي

صدمو

هيءَ ڳالهه ان رات جي آهي، جنهن رات فوجي قانون نمبر 114 هيٺ، ريڊيو تي، ڪڍيل ڪامورن جا نالا پڌرا ڪيا ويا.

اها پڌرائي، رات جو اٺين بجي ٿي.

رات جو يارهين بجي ڌاري، جڏهن ڊاڪٽرنڊ، جي نرمل ۽ جهڙائي ماٿريءَ  ۾ اڃا سير شروع مس ڪيو ته زور سان گجگوڙ وانگر، گهر جو دروازو کڙڪيو: ۽ ايستائين کڙڪندو رهيو، جيستائين هو سجاڳ ٿي، اوٻاسيون ڏيندو، ٿيڙ کائيندو، کولڻ لاءِ نه پهتو.

سامهون پنهنجي گهاٽي يار، نيڪ محمد جو پٽ ڏسي، هن کي هڪدم انديشو جاڳيو ته ڪٿي هن کي دل جو دورو نه پيو هجي. ڇو ته ريڊيو تي، نڪتل آفيسرن ۾، پنهنجي هن سنگتيءَ جو نالو پڻ ٻڌي چڪو هو.

هڪدم ڇوڪري کان پڇيائين:

”پڻهين ته ٺيڪ آهي؟“

”ها، اهو ته ٺيڪ آهي، پر چاچي پريل کي پيا ٿا دورا پون.“

پريل ڪو ڇوڪري جو سڳو چاچو ڪونه هو. پر پڻس جو ڀائرن جهڙو دوست هو. ڊاڪٽر به هن کي سڃاڻندو هو.

”انهيءَ کي وري ڪهڙا دورا ٿا پون. ڇا ٿو ٿئيس؟“

”جنهن وقت کانوٺي بابي جو نالو ريڊئي تي ٻڌو اٿائين، تنهن وقت کان ڏندڻ پيا پونس ۽ وڦلي پيو. حالت جيئن پوءِ تيئن خراب ٿيندي ٿي وڃيس.“

ڊاڪٽر وري سندس پيءُ بابت پڪ وٺڻ لاءِ پڇيس:

”پر پڻهين ته ٺيڪ ٺاڪ آهي نه؟“

”ها سائين، هو صفا ‎ٺيڪ آهي. توهان کي چاچي پريل کي ڏسڻ خاطر سڏايو اٿائين.“

ڊاڪٽر پهتو. نيڪ محمد اُٿي هن سان مليو. هو پنهنجي نوڪريءَ تان لهڻ واري صدمي ۽ مايوسيءَ کي جڙتو مرڪ جي پردي ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ٻي ڪا ڳالهه ڪرڻ کان اڳ، يڪدم کٽ تي ليٽيل دوست ڏانهن ڌيان ڇڪائي، ڊاڪٽر کي چيائين:

”يار، هن کي دورو پئجي ويو آهي. ڪو بلو ڪر.“

پريل کٽ تي بيهوش پيو هو، ڪنڌ هڪ پاسي لڙڪيل هوس، ۽ ڊگها ڊگها ۽ تڪڙا تڪڙا ساهه کڻي رهيو هو. وري ڄنگهون، ٻانهون ۽ پوءِ سارو بدن سيٽي، وڦلڻ لڳو......

هن جي باري ۾ نيڪ محمد به ساڳي حقيقت ٻڌايس ته ريڊئي جي اعلان کانپوءِ  ئي اها حالت بڻي اٿس.

ڊاڪٽر هن جي چڪاس ڪئي. نيڪ محمد کي دلداري ڏنائين ته دماغ تي صدمي جو عارضي اثر آهي، اجهو ٿو ٺيڪ ٿئي. هن کي سئي لڳايائين ۽ هڪ شيشي نڪ تي رکي هن کي سنگهايائين.

ڏهن منٽن اندر ئي پريل کي هوش اچي ويو.

هن کي گرم گرم ڪافي پياري وئي. نيڪ محمد ۽ ڊاڪٽر گڏجي هن کي تسلي ڏني ته مڙئي خير آهي، گهڻي فڪر ڪرڻ جو ضرور ڪونهي.

پوءِ پريل ڳالهائيندو رهيو:

”اسان کي اول ئي سمڪ پئجي وئي هئي ته اسان جي صاحب جو نالو لسٽ ۾ آهي. ان ڪري مان پنهنجي ڳوٺ جي چڱن مڙسن جو ميڙ وٺي، ان وزير وٽ ويس، جيڪو اسان واري تڪ مان چونڊيل آهي. اسان بنا ڪنهن لالچ جي، سڄي ڳوٺ جا ووٽ هن کي ڏياريا هئا.... اسان پنهنجي هڙئون خرچ ڪري، هن جو ورڪ ڪيو هو، اسان رات ڏينهن هڪ ڪري، هن جو ساٿ ڏنو هو. پر هن اسان جو هي معمولي ڪم به ڪونه ڪيو، ۽ ڪوڙو دلاسو ڏئي موٽائي ڇڏيائين.. سائين، خبر اٿوَ ته صاحب (نيڪ محمد ڏانهن اشارو ڪري) سرڪار بهادر جي عتاب جو شڪار ڇو ٿيو آهي؟ توهان کي خبر نه هوندي. مان ٿو ٻڌايانوَ: حڪومتي پارٽيءَ جي فلاڻي زميندار، صاحب کي هڪڙو ناجائز ڪم چيو هو. صاحب انڪار ڪيو هو، جنهن جي پاداش ۾ هن کي هي ڏينهن ڏسڻو پيو آهي.“

هو گفتگوءَ جي وچ ۾ گارين جو ڌوڙيو به وسائيندو رهيو.

ڊاڪٽر هن جي دوستيءَ جي خلوص ۽ سچائيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو. اهڙي دوستي هن زماني ۾ ڪٿي!

نيڪ محمد ايس. ڊي. او هو. اصل ۾ ته غريب جو ٻار هو، پر نوڪريءَ دوران اڻ مئي دولت ڪمائي هئائين. هو لکن ۾ کيڏندو هو ۽ شاهاڻي ٺٺ سان رهندو هو. ڊاڪٽر هن جي گهر ويندو هو ته سندس ٻه ٻه نيون نيون موٽرون ۽ جيپون بنگلي اڳيان بيٺيون هونديون هيون. ڊرائيور، چوڪيدار، ٻيلي، نوڪر، زميندار، ٺيڪيدار، آبدار، داروغا ۽ ٻين ماڻهن جا هشام لڳا پيا هوندا هئا. گهر جي دروازي ڀرسان ٺهيل وٿاڻ ۾ ٻه ڀليون ڀٽاريون بيٺيون هونديون هيون.

اڪثر هن جي گهر هڪ نه ٻئي بهاني سان دعوتون پيون ٿينديون هيون. اهڙن موقعن تي بنگلو بجليءَ جي رنگ برنگي بلبن جي جهرمر سان ٻهڪڻ لڳندو هو، ۽ آسپاس جي فضا ۾ گيتن ۽ سهرن جا سُرَ گونجڻ لڳندا هئا. پاڙيوارن تي هنن جي اميريءَ  جو سڪو ڄمي ويندو هو، ۽ ڀر وارن گهرن جي بيگمن ۾ رشڪ جو جذبو جاڳندو هو.

خاص دوستن سان، خاص محفلون ته ڏهاڙي ٿينديون هيون، جن ۾ شراب ۽ ڇوڪرين جو شغل رهندو هو... جتي ناڻي جي جادوءَ سان دوست داد ڏيندا هئا ۽ سهڻيون ٻلهار ٿينديون هيون. جتي نوٽن جي نمائش تي گهنگهرن جي ڇم-ڇم ٿيندي هئي ۽ جوان جسم بي لباس ٿي جهولندا هئا. جتي ٻٽونءَ جي رنجيري کلڻ سان گڏ، ٻاٽلين جا ٻوچ کلي پوندا هئا ۽ فحش حرڪتون۽ گفتا ٽهڪن جي ٽيڪ بنجندا هئا، ۽ گناهه ثواب جا فرق ٻاٽلين ۾ ٻڏي ويندا هئا.

ڊاڪٽر لاءِ وڏي مصيبت ته سندس زال مچائي رکي هئي. هوءَ سدائين نيڪ محمد ۽ هن جي زال جو حوالو ڏئي، مهڻا ڏيندي هئس ته:

”هن جو مڙس، کاڌي پيتي جي خرچ لاءِ هن کي ٽي هزار رپيا ماهوار ڏئي ٿو. هوءَ هر مهيني ٽي-چار قيمتي ۾ قيمتي ۽ اوچي ۾اوچن ڪپڙن جا جوڙا وٺي ٿي. جيڪو به نئين ڊزائين جو ڳهن جو سيٽ اچي ٿو، سو شهر جي عورتن ۾، پهرين پهرين هن جي گلي جو سينگار بنجي ٿو. مون کي هڪ –ٻه  گهمرو ڪٻٽ کولي ڏيکاريائين، ته ان جو هڪڙو خانو سڄو پنجاهه ۽ سؤ جي نوٽن جي ٿهين سان سٿيو پيو هو: هزارين رپيا ٿيندا.... ۽ تون مون کي گهر جي خرچ لاءِ ڇڙا پنج سؤ ۽ هڪ سؤ کيسي خرچي ڏيندو آهين.  مان ته پنهنجي ساهيڙيءَ  جي ڀيٽ ۾ فقيرياڻي آهيان. هوءَ هر مهيني ميلاد، عيد، ٻارن جي سالگرهه ۽ ٻين بهانن سان ٽي-چار ڀيرا پارٽيون ڪندي آهي. مان سال ۾ ڇڙو هڪڙو ڀيرو پٽڙي جو سالگرهه به مَسَ ملهائيندي آهيان ته به توهين ڪرڪندا آهيو.“

ڊاڪٽر زال کي سمجهائيندي چوندو هو:

”نيڪ محمد وٽ آهي فضل ربي. ورنه هن جو پگهار ته فقط چار سؤ آهي. سو مان روز جو پورهيو ڪندڙ، رشوت جيترو خزانو ڪيئن بنائي سگهندس.“

نوڪريءَ تان لٿي، هن کي ٽي سال ٿي ويا آهن. ڊاڪٽر هن جي گهر ويندو آهي ته اتي ڪڪڙ وڪو لڳي پئي هوندي آهي. ڪو سڏ اونائڻ وارو به ڪونه هوندو آهي. نه نوڪر نه چوڪيدار، نه مينهون نه موٽرون، نه مهمان نه محفلون. روشناين بدران اونداهيون، سُرن بدران سناٽو ۽ چهچٽي بدران اُداسائي.

نوڪريءَ تان لهڻ کان پوءِ هن روڪ رقم سان ڌنڌو ڪرڻ چاهيو. ٻه موٽر ٽئڪسيون ۽ ٻه رڪشائون خريد ڪيائين. پر ان ڌنڌي مان واقفيت نه هجڻ ڪري، ڊرائيور ۽ مسترين اهڙيون چتيون لاٿس،جو ٻارهن مهينن کان پوءِ، اهي چارئي گاڏيون وڪڻڻيون پيس. حساب ڪيائين ته مُور ته پاڻيءَ ۾ پيس، پر هڙان ڏهه هزار به ڏئي چڪو هو.

وري ڪن دوستن سان گڏجي، اَنَ جو واپار ڪيائين. پر دوستن اهڙو دلبو ڏنس، جو نفعو ته نفعي جي ماڳ، مرڳو سيڙايل چاليهن هزارن کان به هٿ ڌئڻا پيس.

قانون جي وٺ پڪڙ کان بچڻ واسطي، نوڪريءَ جي زماني ۾ هڪڙي دل گهرئي ۽ ڀروسي جهڙي دوست جي نالي زمين خريد ڪندو ويو هو. اها ٻن لکن جي ملڪيت هئي. اهو دوست هن کي ان زمين جي اُپت پيو پهچائيندو هو. نوڪريءَ تان لٿو ته اهو دوست به ڦري ويس، ۽ ملڪيت يا ان جي پيدائش ڏيڻ کان صفا انڪار ڪري ڇڏيائين. ان تي وڪيل جي صلاح سان هڪڙو ڪيس ڪيو هئائين. ڪيس کي هلندي ٻه اڍائي سال ٿي ويا هئا، پر اڃا ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو هو.

ڊاڪٽر پنهنجي بيگم کان پڇندو هو ”ڏي خبر، هاڻي تو واري ساهيڙي، نيڪ محمد جي زال جا ڪهڙا حال آهن؟“

”حال ته ڏاڍا بُرا اٿس. سارو وقت ويٺي حڪومت ۽ حاڪمن کي پٽيندي آهي.“

ها، اسين پري پهچي حال ۾ هليا آياسين. ڳالهه هئي ان رات جي.

هڪ بجي ڌاري ڊاڪٽر اُٿيو. اڌ رات ٿي چڪي هئي. سياري جي شروعات هئي. هن مهل، چڱي چوکي ٿڌ ٿي چڪي هئي، پر تنگ ڪندڙ نه هئي. اُڀ تي چنڊ چمڪي رهيو هو، ۽ گهٽين ۾ ڦڪي ڦڪي چانڊوڪي هئي. اچ وڃ خيرڪا هئي، وقتي ڪا رڪشا يا موٽر لنگهي ٿي. نيڪ محمد جي موٽر ۾ ڇڏي اچڻ جي آڇ جو انڪار ڪري، هو سندس پٽ کي ساڻ ڪري، پنڌ نڪتو. ڊاڪٽر جو گهر گهڻو پري ڪونه هو ۽ هو خود وجهه ملڻ تي،پنڌ ڪرڻ ۽ ڄنگهون ساهڻ پسند ڪندو هو.

نيڪ محمد جو هي پٽ پندرهن سالن جو هو ۽ مئٽرڪ پڙهندو هو. هن وقت هو ڪجهه ڳڻتيءَ ۾ ٻڏل ٿي ڏٺو.

”چاچا ڊاڪٽر! چاچو پريل ٺيڪ ٿي ويندو نه؟“

”ها پٽ، هو ته ٺيڪ به ٿي ويو.“

”ڪو خطرو ته ڪونهي؟“

نه ڪو خطرو ڪونهي، ڪا فڪر جي ڳالهه ناهي.“

”چاچو پريل اسان کي ڏاڍو ڀائيندو آهي، اسان کي ڏاڍو پيار ڪندو آهي، بيماريءَ سيماريءَ ۾ به اسان جي ڏاڍي ٽهل ٽڪور ڪندو آهي. بابو به اسان جو ايترو خيال نه ڪندو آهي جيترو چاچو پريل .“

”اڇا.“ ڊاڪٽر چيو.

”۽اسان لاءِ ڏاڍا ٽول مٺايون ۽سوکڙيون آڻيندو رهندو آهي.“

ڏاڍو سٺو ماڻهو چئبو.“

ٻين واسطي کڻي ڪهڙو به هجي، پر اسان لاءِ ته ڏاڍو سٺو آهي.“

”ٻين سان چڱو نه هلندو آهي ڇا؟“

”خبر ناهي، مهينو کن ٿيو ته چاچي پريل پنهنجي ڀر واري ننڍي کاتيدار جي زمين تي زوريءَ قبضو ڪيو، جنهن تي جهڳڙ و ٿي پيو ۽ پوليس چاچي پريل کي پڪڙڻ آئي، پر بابي جي پارت سپارت ڪري، چاچو پريل بچي ويو.“

 

”اڇا، مون کي خبر ئي ڪانهي.“

”ها، چاچا، ۽ ٻه- ٽي ڀيرا منهنجي چاچي پريل جا ڪجهه هاري، هن جي ڏاڍين ۽ بدمعاشين جون بابي کي دانهون ڏيڻ آيا.“

گهر پهچڻ کان پوءِ، ننڊ جي گود ۾ پهچڻ تائين، ڊاڪٽر، پريل جي دوستيءَ جي خلوص جي باري ۾ رشڪ جي جذبن ساڻ سوچيندو رهيو. هن کي پنهنجي باري ۾ گهٽتائيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو. هو ته اهڙو چٽ هو، جو ڪنهن سان رواجي دوستي به نڀائي ڪو نه سگهندو هو.ساڳئي وقت، هن کي پريل جو ڪردار دلچسپ محسوس ٿيڻ لڳو.

ڊاڪٽر جي، پريل سان سڌيءَ طرح يا شخصي سطح تي واقفيت ڪانه هئي. هن کي نيڪ محمد وٽ ئي ڏسندو هو. هو چڱو چوکو زميندار ٿي نظر آيو. هن وٽ هڪ اڌ راڻي جيپ هئي. هن جي مٿي تي بوسڪيءَ جو پٽڪو، نارنگي رنگ جو ٽيٽران جي قميص ۽ ڪالنچ، چمڙي جو ويڪري اڳياڙيءَ وارو بوٽ ۽ ڪلهن تي اجرڪ ويڙهيل هوندو هوس. هن جا شهپر ملهن جهڙا هئا، عمر ٽيهارو سال کن هئس. معمولي معمولي ڳالهه تي به وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو، جي بناوتي لڳندا هئا.

جڏهن نيڪ محمد پنهنجي گهر تي وڏيون پارٽيون ڪندو هو، تڏهن هي اتي ضرور موجود هوندو هو. وڏيرا ڪامورا، ماتحت ۽ دوست ٻيا به گهڻيئي هوندا هئا. پر پريل کٿو نه پڄندو هو ڏسبو هو ته انتظام جو سڄو بار مٿس پيل آهي. سارو وقت ڪمرو ٺيڪ ڪرائڻ، سامان رکائڻ، بورچين تي نظرداري ڪرڻ، گاڏيءَ تي شهر مان گهربل شيون وٺي اچڻ، ايندڙ مهمانن کي سگريٽ ۽ ڪوڪا ڪولا پهچائڻ ۾ رڌل رهندو هو.

ايس. ڊي. او صاحب جي پٽ جي شادي ٿي ته پريل، سڀني کان سرس قميتي سوکڙي ڏنس. اها هئي دُهري سون جي ۽ ڳهن جو سيٽ. وري نڪاح پوري ٿيڻ تي هي ئي اڪيلو شخص هو، جنهن گهوٽ جي ڳچيءَ ۾ اهڙو هار وڌو، جنهن ۾ رڳو پنجاهه پنجاهه جا نوٽ پويل هئا. هن ڄاڻي واڻي اهو خيال به رکيو ته جيئن سڀئي حاضرين ڏسن ته هو ڪهڙي سوکڙي پيش ڪري رهيو آهي. هو هار وجهڻ ان وقت  ويو، جنهن وقت گهوٽ وٽان ماڻهن جو ميڙ هٽي ويو هو. ان ڪري سڀني هن کي هار وجهندي ڏ‎ٺو. گهوٽ به پيرين پئي، پنهنجي چاچي پريل سان ملي مبارڪ قبول ڪئي. وري جڏهن ناچڻين ناچ شروع ڪيو، تڏهن هو ناچڻين تي گهور جو مينهن وسائيندو رهيو، ۽ سڀني کان سرسي کڻي ويو. هو ڏهن ڏهن جا نوٽ گهوريندو ويو ۽ ٻن ڪلاڪن اندر، هزار کن رپيا اڇلائي ڇڏيائين.

ڪجهه ڏينهن ٿيا ته ڊاڪٽر، سنگت ۾ اها ڳالهه ٻڌي هئي ته پريل نيڪ محمد کي رشوت ٽوڙ کاتي جي ڪوڙڪيءَ کان بچايو آهي. هڪڙي زميندار پنهنجي زمين ڏانهن ويندڙ واٽر ڪورس جي ماڊيول کي ويڪرو ۽ اونهون ڪرائڻ ٿي چاهيو. نيڪ محمد هن کان ان ڪم واسطي ٻه هزار خرچي گهري. زميندار هڪ هزار ڏيڻ ٿي چاهيو . نيڪ محمد گهٽ ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. پوءِ ظاهري طرح زميندار ، ٻه هزار ئي ڏيڻ تي راضي ٿيو. پر هن ڳجهه ڳوهه ۾ وڃي رشوت ٽوڙ کاتي وارن کي اطلاع ڏنو. ان تي، ايس. ڊي. اي کي ٿڏي تي پڪڙڻ جي رٿا رٿي وئي. مئجسٽريٽ وٽ وڃي، هن کي اهي نوٽ ڏيکاريا ويا، جي زميندار، نيڪ محمد کي رشوت ۾ ڏيڻ وارو هو.

ٻئي ڏينهن لاءِ سٽاءُ اهو سٽيو ويو ته رشوت ٽوڙ کاتي جو انسپيڪٽر ۽ مئجسٽريٽ، ٻن شاهدن سميت وڃي آفيس ٻاهران ترسندا، ۽ زميندار اندر آفيس ۾ وڃي، نيڪ محمد کي اهي نوٽ ڏيندو: مٿان هي آفيس اندر گهڙي ايندا، ۽ نيڪ محمد جي تلاشي وٺي، هن کي سڳ سوڌو گرفتار ڪندا.

اتفاق سان پريل کي اُن ڄار جي ڄاڻ پئجي وئي. هن هڪدم وڃي، نيڪ محمد کي خبردار ڪيو. پوءِ نيڪ محمد به شينهن بنجي ويو. پٽيوالي کي چئي ڇڏيائين ته جيئن ئي فلاڻو زميندار اچي ته هن کي آفيس ۾ گهڙڻ نه ڏجانءِ، ۽ مون کي اچي ٻڌائجانءِ.

جڏهن اهو زميندار آيو ته نيڪ محمد ٻاهر نڪري، هن کي اهڙي دٻ ڪڍي، ۽ کيس اهڙيون ڪچيون گاريون ڏنيون جو زميندار جا هوش حواس گم ٿي ويا.ٻاهر بيٺل رشوت ٽوڙ کاتي جي ماڻهن به اها حالت ڏ‎‎ٺي، ۽ منهن ڀيلو ڪري موٽي ويا.

اهي ويچار ويچاريندي، ڊاڪٽر کي ننڊ کڻي وئي.

ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر، ڪن واقفڪارن جي ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو. اُتي هن پريل کي پيل دوري ۽ نيڪ محمد ۽ پريل جي دوستيءَ جي ڳالهه ڪئي. ويٺلن مان هڪڙي همراهه دانهن ڪئي:

”ڊاڪٽر صاحب! اتي توهان جي بيماريءَ جي سڃاڻپ غلط وئي آهي.“

”ڪيئن ڀلا؟“ ڊاڪٽر پڇيو.

”سائين، اهو ايس. ڊي. او. پريل جي نالي ۾ زمينون ۽ ملڪيتون وٺندو هو، ۽ پريل ئي اهي زمينون ۽ باغ سنڀاليندو هو، ۽ پنهنجي مرضيءَ تي ڪوڙو سچو حساب بنائي، ايس. ڊي اي صاحب کي اُپت جو تمام ٿورو حصو ڏيندو هو. هن جي نوڪريءَ تان لهڻ جي خبر ٻڌي، هن کي صدمو ان ڪري پهتو ته هاڻي ايس. ڊي. او. واندو ٿيو ۽ پئسي جي لوڙ به پوندس. ان ڪري پائيءَ پاڻيءَ جو حساب وٺندو، ان ڪري هو اڳيون موجون ماڻي ڪونه سگهندو، يا مرڳوئي ايس. ڊي. او. هن کان ساري زمين واپس وٺي، پاڻ پنهنجي سر فصل ڪرائيندو.“

هن همراهه جو اندازو سؤ پئسا صحيح ثابت ٿيو. ڇو ته جنهن دوست، نيڪ محمد کي ٻن لکن جي ملڪيت واپس ڪرڻ کان نابري واري هئي، ۽ جنهنڪري ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو هو، سو اهوئي پريل هو.

 نيلوفر جويو

بيبي

چاچي رحمت اسان جي گهر جي بلڪل سامهون رهندي هئي. هوءَ چاليهن سالن جي عمر کان مٿي چڙهيل هئي، پر سندن صحت کي ڏسي، گهڻا ماڻهو دوکو کائي ويندا هئا. ٿلهو متارو جسم، وري منهن تي زالاڻو رعب، اهي ٻئي شيون سندس شخصيت کي ڳراڻ ڏيئي ڇڏينديون هيون. سندس شاديءَ کي ويهارو سال گذري ويا هئا، پر هوءَ اولاد کان محروم هئي. سندس گهر وارو، جنهن کي پورو پاڙو ”چاچا سائين“ ڪري سڏيندو هو، نهايت دلچسپ ماڻهو هو. سندس دلچسپ ڳالهين مان پاڙي جا سڀئي ٻار لطف وٺندا هئا. چاچا سائين ۽ چاچي  ٻئي سڀني ٻارن کان وڌيڪ مون کي گهڻو ڀائيندا هئا. چاچي ته مون کي ائين ڀائيندي هئي، ڄڻ مان سندس سڳي ڌيءَ هيس. هونئن مان چاچيءَ جي گهر گهڻي ڪانه ويندي هيس. فقط اُن وقت وٽس ويندي هيس، جڏهن امان ڪو ڪم ڏسيندي هئي. هڪ دفعي پنهنجي گهر جي دروازي تي بيهي ڳنڍيريون چوسي رهي هيس، ته اوچتو سامهون چاچيءَ جي گهر جو دروازو کليو، ۽ منهنجي نظر بي اختيار اوڏانهن کڄي ويئي.

”شاني، تولاءِ گرم گرم سيرو رڌيو اٿم، هليآ ته کارائين!“

۽ گرم گرم سيري جو نالو ٻڌي، منهنجي وات ۾ پاڻي اچي ويو. ڳنڍيريون ڦٽي ڪري، مان ڊوڙي چاچيءَ جي گهر ويس. چاچي مون کي کٽ تي ويهاري، رڌڻي مان سيرو کڻڻ ويئي، ۽ پوءِ سيرو منهنجي سامهون رکي، پاسي ۾ ويهي رهي. مون پيٽ ڀري سيرو کاڌو. اوچتو مون اک کڻي ڏٺو ته چاچيءَ جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. مون کائڻ جي رفتار کي گهٽ ڪري يڪدم پڇيو، ”چاچي، ڇاجي لاءِ پئي روئين؟“

”هي ته خوشيءَ جا ڳوڙها آهن، شاني! چاچيءَ يڪدم مرڪندي چيو.

”چاچي، چاچا سائين اڃا ڪونه آيو آهي! اڳ ته هن مهل کان پهرين اچي ويندو آهي؟“ مون يڪدم ٻيو سوال ڪيو.

”اڄ تنهنجو چاچو ڪجهه دير سان ايندو . بس نياڻي آهين، دعا ڪرينس ته جنهن ڪم لاءِ ويو آهي، سو پورو ٿئي.. “ ائين چوندي چوندي، چاچيءَ جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي.

”ڪهڙو ڪم چاچي!“ سواءِ ڪم پڇڻ جي، مان ڪيئن دعا ڏيئي ٿي سگهيس!

”تون رڳو دعا ڪرينس. جي اهو ڪم ٿي ويو، ته پاڻيهي خبر پئجي وينديئه...“ چاچيءَ منهنجي ڳل تي مٺي ڏيندي چيو.

ڪجهه دير ويهي، مان اُتان هلي آيس. ٻئي ڏينهن اسڪول مان موٽيس ته گهر ۾ امان ڪيڏانهن ٻاهر وڃڻ لاءِ بلڪل تيار هئي. مون کي ڏسندي، امان چيو، ”شاني، آءٌ رحمت جي گهر وڃان ٿي. گهر اڪيلو آهي. ان ڪري ماني کائي، هتي ويهي راند ڪر. تون اوڏانهن نه اچجان!“ ائين چئي، امان در کان ٻاهر نڪري ويئي.

امان جي وڃڻ کان پوءِ، ماني کائي، مان گُڏين سان راند ڪرڻ لڳيس. هونئن ته اُن وقت مان چوٿون درجو پڙهندي هيس، پر گڏين راند ڪرڻ جو شوق اڃا  ڪونه ڇڏي سگهي هيس. اوچتو گڏين جا گهرڙا ٺاهيندي، ڪلهه واري ڳالهه ياد اچي ويم. گڏين کي اتي ڇڏي، يڪدم ڊوڙ پائي در کان ٻاهر نڪري آيس. اڃا چاچيءَ رحمت جي گهر ۾ پير مس پاتم، ته امان جي رڙ ٻڌيم: ”ڇوري، گهر اڪيلو ڇڏي آئي آهين! وڃ گهر، وڃي راند ڪر!،

مان اها ڳالهه ٻڌي آڻ ٻڌي ڪري، چاچيءَ جي پاسي ۾ ويٺل سهڻيءَ ڇوڪريءَ ڏانهن نهارڻ لڳيس. اها گول مٽول خوبصورت ڇوڪري مون کي هڪ نظر ۾ وڻي ويئي. کيس گهير وارو ڳاڙهي رنگ جو فراڪ پيل هو. وار پوني ٽيل جي سڪل ۾ ٻڌل هئس، سندس ٻنهي ڳورين ٻانهن ۾ چوڙيون پيل هيون. مان کيس گهوريندي رهيس، ائين ڄڻ پهريون ڀيرو ڪنهن عجيب پر خوبصورت مخلوق کي ڏٺو هجيم. دل ۾ آيم ته کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃان ۽ کيس پنهنجيون گڏيون ڏيکاريان ، ساڻس ڳالهيون ڪريان ۽ کانئس ڳالهيون پڇان، پر ---”ٻڌئي ڪونه، توکي ڇاچيم! وڃ، گهر اڪيلو آهي. پڻهين اچي ته پوءِ اچجان!“ امان ٻيهر حڪم صادر ڪيو.

”امان هن کي چئو مون سان گڏ هلي اسين ٻئي راند ڪنديوسين.....“

”بيبي، شانيءَ سان راند ڪندينءَ“ چاچيءَ رحمت بيبيءَ جي مٿي تي هٿ ڦيريندي چيو:

پر هوءَ وڌيڪ سڪڙجي ويهي رهي. مان مايوس ٿي موٽي ويس، پر ويندي ويندي، چاچيءَ کان ته اهو پڇيم ئي ڪونه ته هوءَ ڪير هئي، ۽ ٻي ڳالهه ته چاچا جو ڪم ٿيو يا نه! دل چيم ته هڪ ڀيرو وڃي اهي سڀ ڳالهيون پڇي اچان، پر امان جون ڪُرڙيون اکيون آڏو اچي ويم: انهيءَ ڪري اهو خيال مٽائي ڇڏيم.

ٻه--ٽي ڏينهن ته بيبي ڊڄندي رهي، حجاب ڪندي رهي، پر آهستي آهستي مون سان هري ويئي، ۽ پوءِ اسان ٻنهي جي ساهيڙپ ايڏي ته پڪي ٿي ويئي، جو ماني به اسين گڏ کائينديون هيوسين. نه هن کي مون کان سواءِ سک ايندو هو ۽ نه وري منهنجي هن کان سواءِ سرندي هئي. هوءَ فقط مون کان هڪ سال کن وڏي هئي. سمجهدار به تمام گهڻي هئي. هوءَ اهڙيون ڳالهيون ڪندي هئي، جو شايد وڏا به نه ڪري سگهن. هڪ ڀيري اسين ٻئي گڏين سان راند ڪري رهيون هيوسين، ته هن چيو ”خبر اٿئي ڇوڪريون گڏين راند ڇو ڪنديون آهن!“ مون کان وڏو ٽهڪ نڪري ويو. ”گڏين راند ڇو ڪبي آهي؟ ڀلا اها به ڪا ڳالهه ٿي!“

”شاني، کل نه، مان بڌايانءِ ٿي. امان چوندي آهي ته جيڪي ڇوڪريون ننڍي هوندي گڏين راند کيڏنديون آهن، اُهي وڏي هوندي ڏاڍيون سگهڙ ٿينديون آهن. امان چوندي آهي ته ڪڏهن به ڇوڪرين کي گُڏين راند ڪرڻ کان منع نه ڪجي.“ بيبيءَ گڏيءَ کي هنڌ تي سمهاريندي چيو.

”تنهنجي امي ڪيڏي نه سٺي آهي! مان ته اڃان گڏيون کڻنديس ئي مس، ته امان چوندي: ”شاني، ننڍڙي کي کڻ!“ يا ”لوڻ کٽي پيو آهي، ڊوڙ پائي وٺي اچ!“ گهڻا خار ته تڏهن ايندا اٿم، جڏهن امان دڙڪو ڏيئي چوندي آهي، ”تنهنجيون گُڏيون باهه ۾ ساڙي ڇڏينديس!“ ڀلا منهنجيءَ امان کي اها خبر ڇو نه آهي ته آءٌ گُڏين راند ٿي کيڏيان، سڀاڻي سگهڙ ٿينديس!“ منهنجي دل ۾ اُن وقت امان تي تمام گهڻا خار آيا.

”تون پنهنجي امان کي چئو، پوءِ هوءَ توکي ڪجهه ڪانه چوندي، ڪيئن ٺيڪ آهي نه!“

”ها بلڪل ٺيڪ. هاڻي امان ڪجهه چوندي ته ائين چونديسانس.“

ٽي—چار ڏينهن ٿيا، جو چاچيءَ رحمت جي گهر ڪانه ويس ۽ نه بيبيءَ سان ملاقات ٿي. ڇاڪاڻ ته مون کي بخار ٿي پيو هو. گهڻو ڏک ٿيم ته بيبي مون کي ڇونه پڇڻ آئي. وري خيال آيم ته متان کيس به بخار ٿي پيو هجي! ان خيال جي ايندي ئي مان بيقرار ٿي پيس. پاڻ کي چادر ۾ چڱيءَ طرح ويڙهي، امان جي نظرن کان پاڻ بچائي، گهر کان ٻاهر نڪري آيس. چاچيءَ رحمت جي گهر مون جيڪي ڪجهه ڏٺو، تنهن منهنجي دل ۾ چاچيءَ لاءِ نفرت جو ٻج ڇٽي ڇڏيو. در جي ڏيڍيءَ کان نڪري، اڃا اندر پير ئي وڌم ته ڏٺم ته چاچيءَ جا هٿ بيبيءَ جي وارن ۾ هئا ۽ زور سان چئي رهي هئي: ”ٻهاري ته ماڻهين به اچي ڏيندي. رڳو هت توکي کٽن ڀڃڻ لاءِ آندو اٿم ڇا! هل، کڻ ٻهارو! گهڻا ڏينهن تو به رانديون ڪيون...“ مان هيڪاري ڏيڍيءَ ۾ پوئتي هٽي بيهي رهيس.

”مان هت ڪانه رهنديس. مون کي امان وٽ ڇڏي اچو! مان امان وٽ وينديس.....“ بيبيءَ سڏڪا ڀريندي چيو.

”ماڻهين کان ته ائين سڪندينءَ جيئن مير سڪيا صاحبيءَ کان. خبردار جو اڳتي ماءُ جو نالو ورتو اٿئي! نه ته چاچهين کي چئي جيئرو پورائي ڇڏينديسانءِ!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com