سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1974ع

مضمون:

صفحو :5

·                 خواب حيدرآبادي

قّوس وقزح

وڃي مقبول ٿيندي آه بلبل جي بهارن ۾،

قفس جون تيليون تبديل ٿي وينديون شرارن ۾.

روان مرده رڳن ۾ خون جو دورو رهي دائم،

وري موٽي اچي من ڪا مسيحائي بهارن ۾.

خزائن جي نه زد کان سي بچي سگهندا ڪڏهن ڪنهن پر،

نسيم صبح سان ناتا رکيا، جن جن بهارن ۾.

فروزان آهه شمعِ جادهِ منزل مگر همدم،

نه نظرون سي رهيون آهن، اڄوڪن رهگزارن ۾.

طلوعِ صبح جو پيغام ڏي شامِ غريبان کي،

سندس جلون جي رعنائي آ فطرت جي بهارن ۾.

پرائي علم وفن، اسرار ڏس، پڻ راز رّباني،

زمين ڇا آهه تون گردش وجهين جيڪر ستارن ۾.

زمانو ويو وڌي اڳتي، نجوميءَ پوءِ تي پيرا،

چڙهي وڃ تون به چاڙهيءَ تي نه ڏس تقدير تارن ۾.

وڃائي گرچ ويٺاسون حياتيءَ  جي مڙئي موڙي،

مگر نسخو سڄو محفوظ آهي ٽيهه ٻارن ۾.

ڏسي ماڙيون متارن جون ۽ بنگلا هي بلاڪن تي،

پگهر آهي غريبن جو، پيل تن جي اوسارن ۾.

لڳائي بخت سان بازي، اڏر هل آسمانن ڏي،

وڃن دشمن دڙا دٻجي، پوي هلچل هچارن ۾.

اٿو اي نوجوانو ۽ ٻڌايو  قوم کي ٻيهر،

جو ورثو هو اوهان جو، سو ويو يورپ جي يارن ۾.

·                                  سَرُو پچند ”شاد“

رستي جو پٿر

هي آ رستي جو پٿر،

هن جو ڪوئي ماڳ ناهه:

در به در جون ٺوڪرون،

سهڻ هن جو ڀاڳ آهه.

جنهن به ماڻهوءَ کي نه آهه،

پنهنجي منزل جي خبر،

۽ پتو ڪو ماڳ جو،

سو آ رستي جو پٿر.

اهڙو ماڻهو رات ڏينهن،

دربدر آ، خوار آ.

زندگي بي معنيٰ، هُو،

پاڻ تي ڄڻ بار آ.

چين ناهي هن کي ڪِٿ،

ڀاڳ هن کان آ رُٺل.

جنهن نه پرکيو پاڻ کي،

سو آ جيئري ئي مُئل.

هي آ رستي جو پٿر.

·                                   سرويچ سجاولي

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

وه واه هي منهنجو وطن، چارئي ڪنڊون جنهن جون چمن،

سَوَ سَوَ منجهس پوکون پچن: واهڻ وسيون جنهن جون وسن،

ماڻهو جِتي جا محبتي، سورهيه سگهارا صحبتي،

سڀ مرد مايون محنتي ۽ قول تن جا قيمتي،

ويهي رُڳو واکائجن: ٻيلا ٻنيون مَهراڻ جون،

جنتُ الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مَهراڻ جون.

جِت جيڏڙيون جنسار ڪن، سَت سَت رنگا سينگار ڪن،

هٿ مُنهن ڌوئِي هسهار ڪن، تان گس گهٽيون گلزار ڪن،

جلوا ٿا پَسجن جُو، سرهاڻيون پڻ سُو به سو،

دَرشن ٿين جي دُو به دُو: تان ڄڻڪ حورون هُو به هُو،

سبحَانہُ سبحَانہُ...! سي سوڍيُون مهراڻ جون،

جنتُ الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

سُرما وجهي، ڏيئي ڦڻيون، پاڻِي ڀرڻ لاءِ پدمڻيُون،

گڏجيو هلن پنج ست ڄڻيون، ”هيڏن ڪنڌن سان“ ڪامڻيون،

ڪن کي نَٿُون ڪن وينڊڙا، سر تِي سمورين سينهڙا،

گُجرن ڀريا پاڻيءَ گهڙا، ڪن ڪڇّ تي ڪن ٻيلهڙا،

هو لاڏ مان لُڏنديُون اچن، ڏس لاڏِليون مهراڻ جون،

جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مَهراڻ جون.

جي ٻوليون تِن جون ٻُرن، ٿا چنگَ ڪَر چالُن چرن،

يا ساز ڪنهن تي هٿ سُرن، يا روهه تان برفُون ڀرن،

يَا گيت پيو ڪو ڳائجي، يَا وَائي پئِي ورجائجي،

يَا لهر پئِي ٽڪرائجي، يَا ڪُنوار پئِي پرڻائجي،

يا چيٽ ۾ چُڻ ڀُڻ ٿيون ڪن، اڄ چاڳليون مَهراڻ جون،

جنت الفردوس آهن، ٻئِي ڪنڌيُون مَهراڻ جون.

خوش ٿِي کٿيرِيُون جي کِلن، تان ماڻڪن جَا مڻ مِلن،

جي ٽول پائِي ٿِيون ٽِلن تان ساڙ ۾ ڊيلَون جَلن،

هو ديس تان گهوريُون گهُمن ۽ مُلڪ جي مِٽي چُمن،

هو ديس جي خاطر جيئن، ۽ ديس جي خاطر ڄَمن،

شل جيئنديُون ٻئِي جُڳ رهن، هي جوڌيُون مَهراڻ جون،

جنت الفردوس آهن، ٻئِي ڪنڌِيُون مَهراڻ جون.

ڳڀرو اُچن ڳاٽن سان جت، ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جت،

گهوٽيا گهمن سان جت، ۽ گهوٽ گهوٻاٽن سان جت،

اوڍيو گهمُن سِي اجرڪون، ٽوپين تي موتِي ۽ ٽِڪُون،

ڇا پُت بَدن جون بيهڪوُن، ٿا سرءَ جون لاهين سِڪُون،

اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين اڪثر آميُون مَهراڻ جون،

جنت الفردوس آهن، ٻئِي ڪنڌيون مَهراڻ جون.

جن جا جنگي ۽ جُواڻ پُٽ ڳاڙها جيهَا حُلواڻ پُٽ،

راندِيون ڪُڏن رت ساڻ پُٽ، سرويچ پُٽ سرواڻ پُٽ،

هڪ هڪ سندا هيڏا جگر، هڪ هڪ ڇڏي ٽوڙي ٽَڪر،

هڪ هڪ اتيئي سينِي سَپرَ، هڪ هڪ ڪري ڇيهُون ڇَپر،

هڪ هڪ سنديءَ مَستيءَ ۾ ڏس، تُون مَستيُون مَهراڻ جون،

جنت الفردوس آهن، ٻئِي ڪنڌِيُون مَهراڻ جُون.

·                                   انور هالائي

اي زندگي

تنهنجي دامن ۾ رڳو آهي خوشي،

تون ڪرين ٿي روح دل جي رهبري،

هر قدم تنهنجو ڪري ٿو دلبري،

تون عطا آهين خدا جي مان خودي،

تنهنجي هر انداز ۾ جادو گري!

زندگي اي زندگي اي زندگي!

تو وٽان مليون هزارين چاهتون،

روز افزون قربتن ۾ قربتون،

تنهنجي باعث مون کي مليون عظمتون،

شاعري ۽ شاعرانه خصلتون،

بزم دل ۾ توئي آندي روشني،

زندگي اي زندگي اي زندگي!

آرزو کي تو ڏنو رنگِ حيات،

تنهنجي باعث آهي حسنِ ڪائنات،

تون ئي آهين عظمتن جي ڏات، ذات،

توئي سيکاريو نئون درسِ صفات،

خستگي کي تو ڏني آسودگي،

زندگي اي زندگي اي زندگي!

تون غريبن جي سدائين رازدان،

۽ رهين ٿي مالدارن مهربان،

تون ئي نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ترجمان،

بي ڳڻيا بي انت تنهنجا داستان،

تنهنجي هر هڪ روپ ۾ نئين دلڪشي،

زندگي اي زندگي اي زندگي!

چور لئه آهين ڍڪڻ اڌ رات ۾،

ڪٿ وري ڀاڳيو کٽي آفات ۾،

ڪٿ ڏئين ٿي جرم تون سوغات ۾،

هرڪو حق موجود تنهنجي ذات ۾،

ڪٿ سڪون ۽ ڪٿ جنونِ بيخودي،

زندگي اي زندگي اي زندگي!

ڪٿ وڇوڙو ڪٿ وري ميلو عظيم،

ڪٿ سوين ساٿي ته ڪٿ ناهي نديم،

ڪي سڃا سٽبا وتن ڪن لئي نعيم،

ڪن جي لئي تون قهر ڪن جي لئي رحيم،

ڪي گلي جا هار ڪن کان بي رخي،

زندگي اي زندگي اي زندگي!

تخت جا ڪي ئي ڌڻي سردار ٿيا،

ڪي وري سوريءَ سندو سينگار ٿيا،

ڪن کان پنهنجا پڻ پراوا ڌار ٿيا،

ڪي پرايا دل گڏي دلدار ٿيا،

ڪي رُلَنِ ڪن کي ملي ٿي رهبري،

زندگي اي زندگي اي زندگي!

تون ئي آهين رهنمائي انقلاب،

تنهنجو ناهي ڪوبه ثاني ڪو جواب،

تون عذاب آهين وري ڪڏهين ثواب،

ها! اگر آهين ته هڪ کليل ڪتاب،

رهبري ڪٿ ٿي ڪرين ڪٿ سرڪشي،

زندگي اي زندگي اي زندگي!

·                 علي محمد ”خالدي“ ٺٽوي

کير ٿر

چين وانگر سنڌ جي ديوار آهي کير ٿر،

دشمنن لئه قبضئه تلوار آهي کير ٿر،

وقتِ مشڪل ۾ اچهو آڌار آهي کير ٿر،

۽ حفاطت جو علمبردار آهي کير ٿر،

سنڌ جو پشت و پنهه هر وار آهي کير ٿر.

سرزمين ِ سنڌ جو اقبال آهي خوب خوب،

”سون“ ۽ ”چانديءَ“ سان مالا مال آهي خوب خوب،

دولتِ بي انت جو رکپال آهي خوب خوب،

۽ لکن ”لعلن“ سبب ٿيو لال آهي خوب خوب،

سڀ ميسّر هوندي ڀي نادار آهي کير ٿر.

پيٽ ۾ آهن پيا ”پُکراج“ ڪيئي لک هزار،

جن مان بنجن هوند شاهي تاج ڪيئي لک هزار،

زر جا آهن بند پيا ”دُراج“ ڪيئي لک هزار،

جن مان راڻين جا ٿين ڪر ڏاج ڪيئي لک هزار،

هڪ وڏو دُنيا ۾ دنيادار آهي کيرٿر.

”گيس“ جا محفوظ آهن هت ذخيرا جا بجا،

سو صغيرا جا بجا ۽ سو ڪبيرا جا بجا،

”تيل“ جا تنهن کان سوا آهن جزيرا جا بجا،

پکڙيل آهن پيا بي انت ”هيرا“ جا بجا،

قدرتي دولت ۾ شاهوڪارآهي کير ٿر.

مختلف رنگن ۾ آهي ”سنگ مرمر“ بي حساب

”سنگِ اسَود“ بي حساب ۽ ”سنگ برتر“ بي حساب،

”سنگِ ابلق“، الغرض آهي ميسّر بي حساب،

قيمتي پٿر جي ڄڻ بازار آهي کير ٿر.

”چُن“ ۽ ”چيروليءَ“ ڪنان مشهور آهي چو طرف“

”ڪوئلو“ نزديڪ ۽ پيو دور آهي چو طرف،

”لوه“ بي انداز سان معمور آهي چو طرف،

”گندرف“ سان خوب سينو چور آهي چو طرف،

معدني اشياء جو جوءِ بار آهي کير ٿر.

هِت ته آثار قديمه جي نه ڪائي کوٽ آه،

نامور  ۽ نام ڪٺيو هت ”رنيءَ جو ڪوٽ“ آه،

جنهن جا اعليٰ ڪُنگرا، جنهن جو اتاهون چوٽ آه،

دائمي آرام فرما هٿ ”لڪيءَ جو گهوٽ“ آه،

يادگارن سان سڄو ٽمٽار آهي کير ٿر.

دل ۾ هن جي درد جا دونهان دکن ٿا رات ڏينهن،

عشق جا هر هر عميق اڌما اٿن ٿا رات ڏينهن،

سوز ۽ سڪ جا مدامي مچ مچن ٿا رات ڏينهن،

پرت جا ڪيئي پتنگ ان ۾ پچن ٿا رات ڏينهن،

نيهن ۾ نانگن جيان نروار آهي کير ٿر.

هِت ”هَرڻ“ پهريو پٽن ٿي ٿا ولر ڪريو وتن،

عام البيلا هزارن ۾ ”گڊه“ گڏجيو گهمن،

صبح سانجهي سو ”سره“ ٿا پاڻ ۾ مرڪيو ملن،

چاه مان چالاڪ ”چيٽا“ لڪ ٽپي لڪيو اچن،

پيو ”چراخن“ سان ڀريو چوڌار آهي کير ٿر.

ڪيترا آهن عيان قدرت جا نظارا هتي،

”گرم چشمن“ ۾ وهي ٿي فيض جي ڌارا هتي،

”نئنگ“ جا آهن نهايت آر ۽ آرا هتي،

”گاج“ جا آهن عجب گس، گهيڙ گهٽ گهارا هتي،

”خالدي“ سارو هي پراسرار آهي کير ٿر.

·                 نواز علي شوق

پيار آمر آ...

مهرڀري هُوءَ مون وٽ آئي، پيار منجهان سا پير ڀري،

ڏولاوا ڏک ڏور هليا ويا، لحظي ۾ سڀ جوءِ ڇڏي.

 

هُوءَ جي آئي چنڊ کڙيو، ڄڻ چوڌاري چانڊاڻ متي،

مشڪ عنبر جي ورکا ٿي، هر هنڌ سندس سرهاڻ متي.

 

هن جو مرڪڻ اهڙو ڄڻ ڪا مکڙي مرڪي ناز ڪري،

منهنجو من ٿيو مست ائين، جيئن چانڊوڪيءَ ۾ مور نچي.

 

هن جا ڪارا وار وريا ڄڻ ڪاريهر ڪو ساوڻ ۾،

نيڻن مان هن پيگ پياري، مست ڪيو هو ساوڻ ۾.

 

هن جا چپڙا ڦارون انب جون، بُسيون ياڪي ڪرڙن جون،

ڪهڙيون ڳالهيون آن سڻايان، سهڻن، مٺڙن، چپڙن جون.

 

هن ٿي ڳالهه ڪئي، مون جهولي کولي دل جي خوب ڀري،

گفتو گفتو موتي هو ڄڻ هيرن جي ڪا کاڻ هئي،

 

آس لهي ٿي ڪين اکين جي، پياس وڌي ٿي پاڻ گهڻي،

بيشڪ دنيا جي هر نعمت آهي تنهنجي قرب ڪڻي.

 

مٺڙي: تون جي ملين ته اُسّ ۾ رلندڙ کي ڄڻ ڇانءُ ملي،

ڀٽڪيل راهي ماڳ رسيو، ڄڻ ڀاڳن هن جي سار لڌي.

 

ماڪ جيان تون پاڪ سدا ۽ مکڙيءَ جان معصوم سدا،

ڪهڙيءَ ڳڻتيءَتوکي ڳاريو ڇو ٿي رهين مغموم سدا.

 

ڳوڙها ڪنهنجا جاري آهن، ساوڻ جو جيئن مينهن وسي،

منهنجي اکڙين آگم ڪَيڙا، نيڻن مان جهُڙ ڪين لهي.

 

سارو ڏينهن ڏکن ۾، راتين جو ٿو منهنجو روح رڙي،

منهنجون دانهون دردن واريون ڪير ٻڌي ۽ داد ڪري.

 

مجبورين مجبور ڪيو ۽ بيوس منهنجو پيار الا،

سوچي سوچي ٿڪجي پئي هان، تنهنجي ٿينديس ڪيئن ڀلا.

 

پنهنجو پيار کٿوريءَ  خوشبوءِ ڪيئن لڪي سو ڪيئن لڪي،

دنيا ڏاڍي  ظالم آهي ٻن دلين کي ڪين سهي.

 

چند هيو مغموم ۽ تارن سڏڪا ساري رات ڀريا،

غم جي مارين ويچارن جا ڀيڄ ڀنيءَ سان بار لٿا.

 

عرض ڪيو مون، ”پيار آمر آ، رشتو پيار جو ٽٽڻو ناهه،

منزل ايندي ماڳ به ايندا، پيار جو رستو ڇڏڻو ناهه.“

·                 رحيم بخش ”قمر“

سنڌ سدائين سائي آهي.

واحد! بُوند وسائي—يار، سنڌ سدائين سائي آهي.

سنڌ جي پوکن پنهنجيءَ دل کي، راحت خوب رسائي آهي،

سنڌ سدائين سائي آهي.

ڪڻڪ ڪڪوري، ٻير رَتا پڻ، ڳيرن گهو گهو ڳائي آهي،

سنڌ سدائين سائي آهي.

کٻڙ کٿوريا کوءِ ڪري اڄ، پيرُن پرت پسائي آهي،

سنڌ سدائين سائي آهي.

سَرنهن ڦُلاري، ڄانڀو ٽڙيو، ماکي مُرج مچائي آهي،

سنڌ سدائين سائي آهي.

اڪ جون ڦُلڙيون ڦُٽيون آهن، ڀونرن بين وڄائي آهي،

سنڌ سدائين سائي آهي.

گل ۽ غُنچا مکڙيون ماڪيون، ساوڪ سُونهن وڌائي آهي،

سنڌ سدائين سائي آهي.

موج ڀريو مهراڻ وهي ٿو، منڇر ڍنڍ مِٺائي آهي،

سنڌ سدائين سائي آهي.

ديس لئي دودن ڪنڌ ڪٽائي، سوري سيج بڻائي آهي،

سنڌ سدائين سائي آهي.

خلقيو جنهن جي خاڪ مان خالق، بيشڪ گهوٽ ڀٽائي آهي،

سنڌ سدائين سائي آهي.

بيت ڀٽائي شاهه جا بهتر، وحدت واري وائي آهي،

سنڌ سدائين سائي آهي.

مارئي پنهنجو ماڳ ملهايو، لوئي ڪين لڄائي آهي،

سنڌ سدائين سائي آهي.

مُلڪ ته ٺهندا ڊهندا آهن، سنڌ کي اوج بقائي آهي،

سنڌ سدائين سائي آهي.

جيجل جي جهونگار ٻڌي اڄ، جوڌن جوت جلائي آهي،

سنڌ سدائين سائي آهي.

مانگر ايندا، مرندا رهندا، مورن سنڌ ملهائي آهي،

سنڌ سدائين سائي آهي.

سنڌي ٻولي ساهه سيباڻي، سُونهن جنهن جي سوائي آهي.

سنڌ سدائين سائي آهي.

سنڌ تان صدقي شال ٿيان مان، آس ”نمبر“ ٿي اهائي آهي،

سنڌ سدائين سائي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com