سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1974ع

مضمون:

صفحو :6

·       ”تاج“ جويو

هيکل جيءُ هزارين جهوريون،

جان جلي ٿي.

اکِ تماشا لکَ ڏسي ٿي،

ڏنڀ ڏئي ٿي.

ڏيهه ڏُکيارو ساٿي! سارو،

سوچ سڙي ٿي.

آڌيءَ ٽاڻي ڳيرو ڳائي،

ننڊ ڦٽي ٿي.

پوئينءَ رات تتر جو ٽَهڪو،

باکَ ڦُٽي ٿي.

ڪَرَ موڙي ڪا ڪُنواري  ڪَو تا،

جهول جهلي ٿي.

ڏات ڪويءَ جو ڏيلُ ڏنگي ٿي،

گيت گهڙي ٿي.

بارودي بيتن جي من ۾،

ڀڙ ڀڙ باهه ٻري ٿي.

·                 الهداد ”عاصم“ ٻوهيو

ماڻهو مذهب مَن

تنهنجو مذهب چنڊ ۽ تارو، منهنجو مذهب آ چانڊاڻ،

مون کي پنهنجو مذهب گهرجي: تون ڀل پنهنجو مذهب._ ماڻ

روشن اولهه روشن اُڀر چانڊوڪي ئي چانڊوڪي:

توکي پوءِ به ڏيئا گهرجن: پنهنجي من جي اونده ڪاڻ.

پنهنجي هٿ جي بوءِ سنگهي تون، پاڻ ٽڙين ٿو ٻهڪين ٿو:

ڄڻ ته جهليون ويٺو اَن مُٺ ۾ ساري ئي جڳ جي سرهاڻ.

ماڻهو ماڻهو جهنڊا ماڻهوءَ جهنڊو آهه:

ڪارا پيلا ڳاڙها جهنڊا جهنڊن جي ٿي وئي جهنڊاڻ.

 ماڻهوئڙي جو مَنُ وياڪن ماڻهو اهڙو ويڳاڻو:

ڄڻ ته اُهو ڪو سنڌي آ ۽ ويٺل ٿس ڌيءَ جواڻ جماڻ.

تنهنجي ڀاڳ ۾ اونهو ناهي موتين جي ٿو سڌ ڪرين!

تون پورو ۽ تنهنجو من ڀي پورو تون تانگهي  تي تاڻ.

ڦانڊا ڄڀيون چڻگون سڀئي هاڻ وسائي خاڪ ٿيون:

خاڪ ۾ ڪهڙو جوهر هوندو ناحق ويهي خاڪ نه ڇاڻ!

ٻئي هر ڪنهن جو مَنُ به ته پنهنجي من جهڙو ئي وسوڙل آ!

ڪنهن سان حال ڪندين تون عاصم! ڪنهن سان سور سليندين هاڻ.

·    ملڪ نديم

ڪيئي عيدون موٽي آيون...

ڪيئي عيدون موٽي آيون، وريو نه تنهنجو ڀاڳ مٺا،

عيد ملهائين تون به خوشيءَ سان، ڳاءِ ڪو اهڙو راڳ مٺا.

ڪيئي عيدون موٽي آيون، ساڳيو تنهنجو حال الا،

صدين کان آ سن ۾ گذريو، تنهنجو سال ۾ سال الا.

ڪيئي عيدون آيون، وريو تنهنجو ناهي بخت الا،

تنهنجي رت کي چوسيندڙ جو قائم آهي تخت الا.

ڪيئي عيدون موٽي آيون، ڏک نه تنهنجا ڏور ٿيا،

وعدن تي هت سؤ سؤ ڀيرا، توسان هِن ڪلور ٿيا.

ڪيئي عيدون موٽي آيون، سُک نه ڏٺا  هت سانگين ڙي،

ڪونه سڃاتو ظالم کي لا، منهنجن مٺڙن جهانگين ڙي.

ڪيئي عيدون موٽي آيون، تو نه پڃر بدلايو آ،

جو تنهنجي پگهر تي پلجي ٿو، تنهن سونو محل بنايو آ.

ڪيئي عيدون موٽي آيون، ڦٽ نه ڇٽئي، پر، پيرن جا،

پر سيم ۽ زر جا ٺاهيل، هاري چمپل ڏس وڏيرن جا.

ڪيئي عيدون موٽي آيون، صبر جو زهر نه هاريو تو،

زهر، سَوَن سان ظلم ڪيا، پر پٺٽي  ڪين نهاريو تو.

ڪيئي عيدون آيون، مانجهين ماڻيو ناهي ماڳ الا،

ظلم جي باهه کي جن آ ٻاريو، تن کي لڳي ڪٿ آڳ الا.

ڪيئي عيدون موٽي آيون تنهنجن ٻچن ڪٿ ڍءُ ڪيو،

پاپن کي پيهڻ جو پورهيت، اڃا نه تو آ پهه ڪيو.

ڪيئي عيدون موٽي آيون، توکي ساڳو ويس الا،

ٻار!—وڏيرن وٽ تون ڏس آ، سؤ سؤ وارو کيس الا.

ڪيئي عيدون موٽي آيون، مرڪ نه آيئي چپڙن ۾،

دنيا پهتي چنڊ تي ۽ تون، پنين پيو کائني هٿڙن ۾.

ڪيئي عيدون آيون، ململ ملي نه تنهنجن ٻارن کي،

بخمل جا ڏس چولا، سي سوَ،  هتڙي پاپين پارن کي.

ڪيئي عيدون موٽي آيون، تنهنجي ڪُني ۾ ساڳ اڃا،

ست رڇيءَ جو ظالم جي گهر، هلي پيو ٿو ڀاڳ اڃا.

ڪيئي عيدون موٽي آيون، سنڌ اڃا آ سورن ۾،

سنڌ جا وارث اکڙيون تون پٽ، ڪهڙن آهين پورن ۾!

·    نصير شاد مرزا

رات رهڻ لئي

ديس ڇڏي هي،

هل ته هلون وو،

انت بحر جي،

انت تري ۾.

ديس دروهي جيئڻ  ڏيندا،

وک وک تي پيا هاءِ ڏنگيندا،

سورَ سلڻ لئي،

ديس ڇڏي هي،

هل ته هلون وو،

انت بحر جي،

انت بحر جي،

جڳ جي آهي ريت پراڻي،

تنهنجي منهنجي آهي جواڻي،

رات رلڻ لئي،

ديس ڇڏي هي،

هل ته هلون وو،

انت بحر جي،

انت تري ۾.

آزاد نظم

·    ”عنايت“ بلوچ

هڪ گذريل ياد

ڪا ڇوري وارن کي ڇوڙي،

در کولي سامهون بيٺي آ،

هوءَ گهُوري ٿي،

مان سوچيان ٿو:

هيءَ ڇوري ڪائي زوري آ.

ڇو گهُوري گهُوري گهائي ٿي،

تڙپائي ٿي، ڀرمائي ٿي،

مان هن جو ڏوهي ڀي ٺاهيان،

ڇا مون سان هُوءَ لئون لائي ٿي؟

مان سوچيان ٿو:

هُوءَ هاڻ چُري، مون  ڏانهن سُري،

چپ چاپ اچي هنجَ ۾ ويٺي.

مان بيوس بڻجي ويو آهيان،

ڇا سُونهن سان مان سينو ساهيان،

ڇاتيءَ جي ڇُهاون کان توبهه،

آخر ته فرشتو مان ناهيان.

تن تڙپي پيو،

هوءَ پنهنجن ٻانهن سان مون کي،

چؤگرد وڪوڙي ويئي آ.

هن ڇاتي مون سان لاتي آ،

ڄڻ روز ازل کان آتي آ،

هيءَ نانگڻ جوڳڻ آهي ڪا،

جنهن جو ڪاڪل ڪاڪل ڪاتي آ:

هُوءَ مُرڪي پئي.

ڄڻ گل ٽڙي  ٻهڪي پيا،

۽ڏند سندس موتين داڻا.

سي موتين کي شرمائن ٿا،

سي هيرن کي هرکائن ٿا:

۽ نيڻ سندس بڙڇيون ڀالا،

سي گهورن سان دل گهائن ٿا،

هڪ ڇرڪ ڀريم،

هي حسن ته مارڻ لئي آهي،

۽ آءٌ اڃا جيئرو آهيان.

جهٽ ڀڙڪو کائي بيٺس مان،

مان ”ديوي“ تو جهڙو ناهيان،

تون وڃ جِتان آئي آهين،

مان ڪير هان جو سينو ساهيان.

دل ڌڙڪي پئي—

مان هن کي گهُوريندوئي  رهيس

هُوءَ سڏڪي سُڏڪي ساڻي ٿي.

پوءِ سانگ سنباهيا هُن سسئي،

جتان قربئون ڪاهي آئي هُئي،

ڄڻ نور اکين مان نڪري ويو،

ڄڻ قيامت برپا ٿي ويئي.

 

اڄ ورئي پيس_

هوءَ ڪير هُئي، ڪيڏانهن وئي،

جنهن جي ياد آ منهنجو سرمايو.

 

هوءَ مون کي جيارڻ آئي هئي؟

يا مورئون مارڻ آئي هُئي؟

ٿو سوچيان هاڻ ته منهنجي هُئي؟

۽ منهنجي ڪارڻ آئي هُئي_

ڳڻتين ۾ ڳارڻ آئي هُئي

ڪري ياد وسارڻ آئي ه

خادم حسين خادم

جيجل

تون سڏجين ٿي هن جي ماتا،

جيجل، امڙ، اورڻ، سائڻ،

هي تنهنجي دل ٽڪرو آ،

هي تنهنجي هردي جو واسي،

تنهنجو ٻالڪ، تنهنجو ٻالڪ.

پيٽ ۾ تاتيل، کير پياڪ،

تنهنجي ور جي هڪ نيشاني،

تنهنجو ٻچڙو، تنهنجوجاني.

تنهنجي دم سان هن جي جندڙي،

هن جي دم سان تنهنجي ياد.

اڄ ڇو هن تي ڪهل نه آيئي،

پنهنجي رَت، ڇو پاڻ وهايئي،

ايڏي ڪاوڙ، ايڏي نفرت،

تنهنجي پيرن هيٺيان جنت.

قطعا

آغا عبدالنبي خان ”عليگ“

(1)

ڪيا عهد وفا جن ها، ويا سڀ ٿي سي هر جا ئي،

رهي تسڪين  دل لئي ٿم، رڳي هت باده پيمائي.

قلُمدان آهه ڪاغذ آ، اٿم هڪ ڪنج ِ تنهائي،

خيال ِ مرگ ”آغا“ رهي ناهي هَوَس ڪائي.

(2)

روئي مرغ ِ چمن مون لئي، جلائن پنهنجا خرمن ٿا،

ٿين اڄ نوحه گر مون لئي، سمن، سومن ۽ گلشن ٿا.

ڪڏهين ڪعبي ۾ هوندو هس، ڪڏهن بتخاني ويندو هس،

تڏهن منهنجي جنازي سان، هلن شيخ وبرهمن ٿا.

(3)

اڄ گردشِ افلاڪ کي باڪار ڏسان ٿو،

جي خواب ۾ ها، تن کي ڀي، بيدار ڏسان ٿو.

هوشيار ذرا رهجو، اي سرمايه جا مالڪ،

هي دؤر، اوهان لاءِ، گران يار ڏسان ٿو.

(4)

مون لاءِ آهه دلبر، تنهنجو وصال بس،

ممڪن نه آ وصال گر، آهي خيال بس.

پهچڻ جو تنهنجي بزم ۾ امڪان ڪونه آهه،

آ ره نسين گدائي سودائه خال بس.

(5)

بس عشق ۾ دلبر، رنجوم رهان ٿو،

مان دولتِ ديدار کان مهجور رهان ٿو.

هن داغِ جگر زار کان معذور رهان ٿو،

رنجور ۽ مهجور ۽ معذور رهان ٿو،

شيخ عبدالرزاق ”راز“

(1)

وهائي لڙڪ سڄي رات ويهي گاري سي،

اسان جا نيڻ اجهو سوگوار ٿڪجي پيا.

هلي هلي به اُميدن تي هو گهڻو هلندا،

ڏسو به ڇا ٿا وڃو جان نثار ٿڪجي پيا.

وڃي ٻڌايو اٿن شهر ۾ سچا بڻجي،

اسان جي ”راز“ جا اڄ رازدار ٿڪجي پيا.

(2)

جي سرِ شام اچين پيار مان ڪي پير ڀري،

رات جو وقت ذرا يار! اويلو ٿيندو.

يار ناهي ته وري دل سان ئي پنهنجون ڳالهيون،

عشق جي واٽ تي ڪوئي نه اڪيلو ٿيندو.

هر عبادت جي پٺيان روز ٻڌون ٿا هوڪو،

هر رياضت ۾ عجيبن سان ڪو ميلو ٿيندو.

تنگ و تاريڪ فضا کان نه مگر دل گهٻراءِ،

نيٺ آخر ته وري صبح سويلو ٿيندو.

سومرو محمد اسحاق ”راهي“

(1)

آرزو جا ڏينهن وڌندا ٿا وڃن،

زندگيءَ جا ڏينهن کُٽندا ٿا وڃن.

ڪشمڪش ۾ مدعّا ڏسجي پئي،

جستجو جا ڪنڌ ڪُسندا ٿا وڃن.

(2)

واپار محبت جو ڪري ڪو ته ڪيان،

دل، دل تي ڏيڻ وارو اچي ڪو ته ڏسان.

هر ڪنهن کي نفعو گهرجي ٿو واپار سندو،

اقصان وٺڻ وارو اچي ڪو ته مڃان.

(3)

پنهنجا ساٿي سارين ويٺو،

لڙڪ اکين مان هارين ويٺو.

ورهين کان ويڳاڻا ”راهي“،

پرت پراڻي پارين ويٺو.

(4)

اڄوڪي وصل ۾ تنهنجو رسڻ ٿو ياد اچي،

ڪچهري مان رُسي تنهنجو اُٿڻ ٿو ياد اچي.

ڪيان ٿو ياد پيو تنهنجي هر ادا کي سڄڻ،

کلڻ ٿو ياد اچي ۽ رئڻ ٿو ياد اچي.

(5)

سوربه ساڳيا پور به ساڳيا،

نينهن سندا ناسور به ساڳيا.

پاند ڀنل هي اکڙيون آليون،

مردن جا مذڪور به ساڳيا.

(6)

احتراماً ڪجهه ڪڇون ڀي ڪين ٿا،

اک کڻي توڏي ڏسڻ آ نارو!.

يا حجابن کي ڇڏيون ٽوڙي ڀلا،

يا ته حجت جي ڪيون ڪا انتها.

(7)

مرڪ تنهنجي منهنجو من موهي ڇڏيو،

تنهنجي صورت منهنجا مَن وسري نٿي.

اچ ته توسان ڳالهڙيون ڳجهه جون ڪيان،

تو سوا هت ڪا گهڙي گذري نٿي.

(8)

ڪڏهن صبح آهي ڪڏهن شام آهي،

اهو زندگيءَ جو ٿيو نام آهي.

ڪٿي قطره خاطر سڪن خشڪ لب ٿا،

ڪٿي بي گهُريو جام تي جام آهي.

نيون طرزون

منصور ويراڳي                                        (سانيٽ)

زندگي

اي جمال زندگي-! او زندگي!

مرڪ سان گڏ لڙڪ تنهنجو آ نشان.

هر گهڙيءَ کي پنهنجو پنهنجو داستان،

هر فساني ۾ سندسءِ تابندگي.

تون گلن ۾ بحر بر ۾ ”تون ئي تون،

بزم ڇا؟ تون رزم ۾ پڻ آشڪار.

تنهنجو چرچو جڳ ۾ آ ليل و نهار،

هر گهڙي شام وسحر ۾ ”تون ئي تون“.

موت ۾ پڻ تون رهين پردي اندر،

تنهنجي خاطر سورما ٿا سر ڏين.

جهور پوڙها پڻ جياپي لاءِ جيئن،

آس تنهنجيءَ ۾ ته ايڏو آ اثر!

ذره ذره ۾ سندءِ حق جو مثال

اڄ به آ ”منصور“ سوريءَ تي نهال.

ولي دائود پوٽه                       (هائيڪا)

ٻوڏاڙي او ٻوڏ،          ماڻهوءَ ماڻهوءَ ماس،

ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان ٻڌو، کائي ويڻو معاشرو،   

چولو، اجرڪ، گوڏ،!ا              بڻجي ائن راڪاس!

رڙندو آهي روح،                 ساڳو آ سنسار،

ترندو آهي ٻاجهه سين،  اڄ جو ماڻهو پر ”ولي“.

ٻيڙو، امت، نوح!         ڇو آ هاڃينڪار!

ڍينگا ڍينگا ڍير،         ماڻهو ماڻهو جوڙ،     

ماروئڙن جي ملڪ ۾،           مٽيءَ ۾ پيهي ڪري.

پاڻيءَ پاتا پير!                  هاڻي ويٺو لوڙ!

آيا رونبن ريج،                   مٽيءَ لڌو مان،

ڪڪرن پٺيان وڄه ”ولي“.       پاڻ سمائي پاڻ ئي.

ڄاڻ وجهي ٿي کيجه!           بڻجي پيو انسان!

تريا چرتر چال،                   ماڻهوءَ ماڻهوءَ ڏيک،

من موهيءَ جي مامري،          لکندر لکيا پاڻ ٿي،

ڪيئي قيل و مقال!             ابتا سبتا ليک!

ٽاريءَ ٽاريءَ ڪانءُ،             ڪيڏا ريب فريب،

پنهنجي پنهنجي چهنب سان  ماڻهوءَ ماڻهوءَ کي ڏنا،

تنهنجو وئي ٿو نانءُ.            ڏاڍ ڏکن جا ڏيب!

ويجهيندڙ وينجهار،             ايندي ويندي ڄاڻ،

جوکي جوکي ڪن ”ولي“،       نيٺ ته ٿيندي ڏيهه مان،

هيرا ڪنڪر ڌارا،                ڏوهن جي ڇنڊ ڇاڻ!

سڏڪن سڏڪن ساز،            رولو رولو رات،

رئندڙ رئندڙ راڳڻيون،                   ڀٽڪي ڀٽڪي گهر ورن،

ماڻهن جا آواز!                   پرهه ڦٽيءَ پرڀات!

پيراڍو ۽ پير،                     اينءَ به ڪا تعليم،

اڳيان پٺيان پاڻ ۾،          گهر کان نڪري ڇوڪرا،

ڊوڙڻ شام سويرا!                سوچن ٿا اسڪيم!

من واهڻ ويران،          پڙهي پرجهي پاءِ،

پوءِ به پنهنجي سوچ ۾،        ڏيئو ڏيئو ڏاهه جو،

آهي ڪو انسان!          جيڻن لاءِ جلاءِ!

موچ ڀويا مهراڻ،          لوچ لهي ٿي لال،

آئي آهي سنڌ جي،               ڏاهه وڃائي ڏک ”ولي“،

ڄاڻيتن ۾ ڄاڻ!           محنت ميڙي مال!

ڳاڙها لال ڳٽون،           محنت ناهه ميار،

جيئن منهنجي سنڌ جا،             سونسن ڪهڙا سک ”ولي“.

جوڌا شال جهنڊول،                او سنڌڙيءَ جا ٻار!

آءُ وڃان جي ڏور،

ساٿي مون کي سارجو،

ڪنهن ويري ڪنهن پور!

افسنا

”جڏهن آءٌ ڏسان ٿو ته هزارين ماڻهو ملي پنهنجي ضمير کي لتاڙين ٿا، هڪ ڪاغذ تي لکيل حڪم ڪڍي پنهنجي ڀائرن جاحق غصب ڪن ٿا، تڏهن آءٌ مٿن لعنت ڪريان ٿو. منهنجي زبان کي سخت سمجهيو وڃي ٿو—پر آءٌ ”سچائيءَ“ جهڙو سخت آهيان ۽ ”انصاف“ جهڙو  بي لحاظ: آءٌ آزاديءَ جي باري ۾ نڪي نرم ڳالهائي سگهان، نڪي نرم لکي سگهان ٿو: آءٌ هڪ انچ به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه آهيان. آءٌ چاهيان ٿو ته نڪي منهنجي مرضيءَ خلاف ڪو مون تي حڪومت ڪري، ۽ نڪي ئي آءٌ ڪنهن ٻئي لاءِ ائين ڪريان. هڪ شخص جي آزادي کسڻ سبب ساريءَ دنيا جي آزادي خطري ۾ پئجي وڃي ٿي: ان ڪري اسان کي گهرجي ته پنهنجو مقصد اهوئي مقرر ڪريون ته ”آزادي --- سڀن لاءِ، هر هڪ لاءِ ۽ هميشه لاءِ. ““

                                لايڊگيريزن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com