سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1974ع

مضمون:

صفحو :18

خواب حيدرآبادي

اسلوب جو اهڃاڻ

اسلوب اهو معيار آهي، جنهن مان فنڪار جي شخصيت جو پورو ۽ پختو اندازو لڳائي ٿو سگهجي. هر ڪو فن تجربن مان ڦٽي ٿو، جيڪو شعور جو لباس پهري دل ۽ دماغ ۾ وسي ٿو ۽ نظرن ۾ رچي ٿو.

ڪو به فنڪار ڪهڙي به شعوري ڪوشش جي مدد سان پنهنجي اسلوب کي پنهنجي شخصيت جي خط ۽ خال ۾ جذب ڪري سگهي ٿو، جنهن کي ڪو روڪڻ جي ڪوشش ڪندو ته هڪ وڏو خال پيداٿي پوندو ۽ اهو ڄڻ هٿرادو ۽ گهڙيل نظر پيو ايندو.

مثال طور ملٽن جي شخصيت ۽ سندس اسلوب ’هڪ وڃايل جنت‘  ۾ نمايان نظر ايندو. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن جي جرتت ڪانه ٿي سگهي آهي، جو پنهنجي خداداد فن کي ملٽن جي اسلوب ۾ پيش ڪري سگهي.

ڪيٽس، پنهنجي نظم هائپيرين ۾ گهڻي ڪوشش ڪرڻ بعد به ملٽن جي اسلوب پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪونه ٿي سگهيو. ان طرح غالب پڻ انيس جي رنگ ۾ لکي نه سگهيو. مرزا غالب ۾ اهو مذهبي جوش نه هو جهڙو انيس جي مرثيه نگاريءَ  ۾ هو، تنهن مان معلوم ٿيو ته هڪ فنڪار جي اسلوب کي صحيح معنيٰ ۾ پنهنجو اسلوب بڻائي نٿو سگهي.

شيڪسپيئر جي مقابلي ۾ دنيا ۾ ڪو به وڏي ۾ وڏو فنڪار سندس جهڙا ڊراما لکي نه سگهيو.

فن ۽ ادب انساني ذهن جي تخليق آهي، جيڪو سڀ کان اول انسان جي ذهن ۾ هڪ تاثر جي صورت ۾ جنم وٺي اُسري ٿو، پهرين ننڍي بوتي جي شڪل ۾، پوءِ وڌندي ويجهندي وڏي بوتي جي صورت اختيار ڪري هلڻ لڳي ٿو. جيڪڏهن فنڪار جي تاثر ۾ خلوص ۽ نيڪ نيّتي  آهي ته پوءِ سندس تاڃي پيٽي ۾ هڪ رنگارنگ هستي نمودار ۽ آشڪار ٿي پوي ٿي.

ڪنهن به فنڪار جي اسلوب جي ڄاڻ تيسين نه ٿي سگهندي آهي، جيسين سندس معاشرتي لاڙي توڙي سندس زندگيءَ ۽ ماحول جي پس منظر جو جائزو نه ٿو وٺي سگهجي.

سر سيد جي تخليقات کي وٺو: 1857ع جي جنگ آزادي، دهليءَ جي معاشر تي تاريخ، مذهبي ماحول ۽ نون علمن ڏي لاڙو، سندس فن تي اثرانداز نظر اينداو.

سر سيد کي اگر تبليغ ۽ تلقين کان جدا ڪري جاچيو ته پوءِ کيس سڃاڻي به نه سگهبو. اهڙيءَ طرح ’مير‘ جي غمن ۽ ڏکن کي، غالب جي جمال پسنديءَ  کي، شبليءَ  جي فارسي  شاعريءَ  واري مطالع ۽ اسلاف پرستيءَ  کي، پريم چند جي ڳوٺاڻي دوستيءَ  کي، ابوالڪلام آزاد چي اسلامي شڪوه پوستيءَ  کي، شاهه لطيف سائينءَ  جي حب الوطنيءَ کي، وارث شاهه جي هير کي، سچل سرمست جي منصور واريءَ سرمستيءَ  کي، ڪارلائل جي مقدّس انجيل سان جذباتي  عشق کي، ورڊز ورٿ جي فطرت سان والهانه محبت کي، ڪيٽس يوناني اصنام ۽ ديومالا سان بي پناهه اُنس کي، ۽ شيلي جي فلسفانه خيالات ڏي رغبت کي، جاچڻ سان ئي فنڪار جي فن جو اندازو ٿي سگهي ٿو.

اهڙن لاڙن جي رغبت جي ڪري انهن فنڪارن جي شهپارن کي نه  فقط پنهنجي پنهنجي تخليقات لاءِ مواد ميسر ٿي سگهيو، پر ان سان گڏ هڪ مخصوص، اسلوب پڻ ملي سگهيو آهي، جو سندن سان منسوب ٿي ويو.

فن جي نقط نظر سان ڪائنات جي نظام کي جاري رکڻ لاءِ فقط ٽي اندازئي ڪافي سمجهيا وڃن ٿا، يعني حسن، صداقت ۽ نيڪي.

تنقيد صرف انهن ٽن معيارن کي جاچي جوچي پنهنجو فيصلو ڏئي ٿي. تنقيد اها تخليق آهي جنهن ۾ حسن جي گهٽتائي هوندي آهي، ليڪن صداقت ۽ نيڪي منجهس ڀرپور هوندي آهي. ٻيءَ ۾ نيڪي ئي نيڪي ٿئي ٿي، حسن ۽ جمال گهٽ ٿين ٿا.

ان طرح ٽئين قدر ۾ تخليق جو ڪو به قدر نه آهي، ان ڪري کيس حسن ِ خيال به تصو ّر ڪري نٿو سگهجي، ڇو ته انساني زندگي جيڪا فن ۽ ادب جو سرچشمو آهي، سا پنهنجي جاءِ تي خود نيڪي آهي، مطلب ته تخليق انهيءَ کي چئجي ٿو، جنهن ۾ نئون انداز، نيون طرزون، نيون ايجادون ۽ نوان افڪار سمايل ۽ سموهيل هجن.

حاصل مطلب ته فطرت جو اٽل قانون آهي ته سواءِ اسلوب ۽ سواءِ تخليقي طاقت جي ويچارو فنڪار انهيءَ حامله عورت جيان آهي، جيڪا ويچاري پيٽ جي سور کان لوڇ پوڇ ۾ هجي پر ڳالهه سندس وت ۽ وس کان ٻاهر هجي، جو سندس ٻچڙي کي ڪڍي ٻاهرينءَ فضا ۾ پساهه کڻائي سگهي.

محققن جو چوڻ آهي ته خيالن جو خاڪو لفظن جو اهو سرمايو آهي، جنهن جي بيان جي آرسيءَ تي قلم ڪاريءَ جا پاڇولا پون ٿا ۽ اسلوب جي اهڃاڻ جو هڪ مجسمو بڻجي آمهون سامهون اچي ٿو.

جيڪڏهن چهرو خوبصورت آهي ۽ منجهس ڪا ڪشش يا دلفريبي آهي، پوءِ آئيني کي پنهنجي نمائش جو وسيلو بڻائي سگهجي ٿو، پر جيڪڏهن سندس شڪل شباهت ۾ ڪا ڪشش ئي ڪانهي ته پوءِ آئينو ڇا ٿو ڪري سگهي، ان صورت ۾ چوڻو پوندو ته آرسي پراڻي ٿي ويئي آهي، جنهن کي اڃا پاري چاڙهائڻ جي ضرورت آهي.

هن سڄي بحث جو تاڃي پيٽو گويا هي وڃي نڪتو ته اسلوب هڪ فني اصطلاح آهي، جيڪو نه رڳو زبان جي حسن ِ بيان نمايان ڪري ٿو، بلڪ ڪلام کي معراج مقصد تي به پهچائي ٿو ڇڏي، ۽ فنڪار کي سندس شخصيت، ڪردار ۽ تخليقي قوّت سميت اجاگر ڪري ايندڙ تاريخ جو باب بڻائي ٿو. سندس روشن ضميريءَ جون لاٽون چوگرد پکڙجي وڃن ٿيون، ۽ عوامي راهون هموار ٿي وڃن ٿيون.

”سنڌي ادب، فڪر، مهارت ۽ متانت جو سمنڊ رهيو آهي. قرآن جي زبان، عربيءَ کي انقلاب ڏنو ۽ سنڌي زبان تي ان جو سڌو اثر پيو. اسان وٽ شعرهو ۽ يقيناَ شعر، ادب ۽ معاشري ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. مگر اسان جي تقويت جو مدار نثر تي رهيو. سنڌ جي شاعرن جي سردار، شاهه لطيف ڀٽائيءَ کي آءٌ شاعر نه ٿو تصور ڪريان. سندس مضمون، عبارت، فڪر ۽ دعا عام شعر جي مبالغي ۽ طلسم کان پري آهن. قرآن به آلاپ سان پڙهي سگهجي ٿو ۽ شاهه صاحب به

آءٌ ڪڏهن ڪڏهن شهر جي تاريخ تي ڪاوڙبو آهيان ۽ شاعراڻي مبالغي کان دوري اختيار ڪندو آهيان، مگر اڄ اسان جي معاشري جي شاعرن کي سلام ڪندس. گذريل پندرنهن سالن ۾ هنن معاشري جي صحت، وقار ۽ خودداريءَ ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ ان لاءِ هو يقيناً جس لهڻن. قومن جي عروج ۽ زوال جو اصول، شاعرن جي مضمونن، رجحانات ۽ لفظن ۾ ملندو. شاعر گل و بلبل ۽ ليلا_ مجنون کي پري رکي، معاشري کي نئين جان ڏيئي سگهي ٿو. هنن چند سالن ۾ اسان وٽ ائين ئي ٿيو آهي. اهو سڀ ان ڪري جو شاعرن، فڪر، سوچ ۽ مستقبل جي اميدن طرف توجهه ڏنو ۽ معاشرتي ضرورتن ۽ ڪوتاهين کي محسوس ڪيو. ياد رکو، سنڌ ۾ فڪري ادب جي وڏي اهميت ۽ روايت رهي آهي.“

                  

(اقتباس از تقرير: الحاج پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب

23_ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس، لاڙڪاڻو

ڊسمبر 1973ع       

·                   محمد ابراهيم جويو

منهنجا بزرگ، منهنجا دوست

(نوٽ: سنڌ جي مشهور دانشور ۽ اهل ِ قلم جناب محمد ابراهيم جويي صاحب جو هڪ علمي شاهڪار، ”منهنجا بزرگ منهنجا دوست“ جي عنوان سان پيش ڪري رهيا آهيون. هن علمي شاهڪار ۾، جناب جويه صاحب جن سنڌ جي مشهور عالمن ۽ بزرگن متعلق پنهنجا دلي تاثرات پيش ڪيا آهن.

   علمي دنيا ۾ ڳچ وقت کان وٺي ٻن عنوانن تي، دنيا جي وڏن وڏن عالمن جا شاهڪار مقالا ۽ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هڪ عنوان آهي ”مان ڪهڙين عظيم شخصيتن کان متاثر ٿيس!“ ۽ ٻيو عنوان آهي ”مان ڪهڙن ڪتابن کان متاثر ٿيس!“

جناب جويي صاحب ان سلسلي ۾، سنڌ جي ڇهن سپوت فرزندن متعلق پنهنجا ذاتي تعلقات ۽ دلي تاثرات، نهايت دلنشين ۽ سلوڻي انداز ۾ بيان ڪيا آهن. اهي آهن شمس العماء علام دائود پوٽو، خانبهادر غلام مصطفيٰ شاهه، جناب پير حسام الدين راشدي، شمس العماء قليچ بيگ مرزا ۽ علام آءِ. آءِ. قاضي.

هن کان اڳ شيخ عبدالرزاق ’راز‘ جا خاڪا ’مهراڻ‘ ۾ شايع ڪيا ويا آهن، جي پسند ڪيا ويا آهن. اميد ته هي شاهڪار سلسلو پسند ڪيو ويندو.

هن دور ۾ سنڌ جي اهل ِ قلم دوستن تي فرض آهي ته هو اهڙن عالمن ۽ دانشورن متعلق پنهنجا تاثرات قلمبند ڪن، جيئن سنڌ جي مکيه ۽ مخلص انسانن جي ڪارنامن کان گهڻي ۾ گهڻا انسان واقف ٿي سگهن.

_ غ . م. گ)

جوت ۽ جتيوان _ علامه دائودپوٽو

سن 1930ع جي وچ ڌاري، چوٿين درجي انگريزيءَ ( هاڻوڪي اٺين ڪلاس) ۾ داخل ٿيڻ لاءِ آءٌ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ پهتس. پهريائين رات جو سج لٿي کان ٿورو ئي پوءِ سائين جي. ايم. سيد مون کي ساڻ موٽر ۾ ويهاري،مدرسو ڏيکارڻ وٺي ويو. هڪ ته ڪڏهن موٽر ۾ ڪونه ويٺو هوس (موٽر هونئن به اُنهن ڏينهن ۾ ائين ڪي ايڪڙ—ٻيڪڙ هلندا ڏسبا هئا)، ۽ ٻيو ته ڪراچيءَ جو شهر، جنهن جي رونق ۽ ڏيک ويک مون ٻهراڙيءَ جي هڪ بنهه ڪکائين واهڻ جي رهاڪوءَ لاءِ بنهه نئون ۽ حيران ڪندڙ، سو جڏهن رات جي ويلي مدرسي جي وڏي دروازي کان لنگهي، اندر ميدان تي موٽر بيٺو ۽ لٿاسون، ۽ چوڌاري نهاريم، ته منهنجون ته وايون بتال ٿي ويون. جيڏانهن ڏسان تيڏانهن رڳو بتيون پيون ٻرن—جايون وڏيون ۽ڊگهيون—اصل وڏن کان ٻڌل ڄڻ ڪنهن پرستان ۾ اچي بيٺو  هوس. خبر ئي نه پِئي پيم ته ڪٿي هوس، ۽ جتي اُن جو هنڌ ڪهڙو ۽ نقشو ڇا هو. ڪا عجب شيءَ ڏسي، جو وات ڦاٽي ويندو آهي، بس اُها منهنجي حالت هئي. هاڻي سوچيان ته سائين جي. ايم . سيد منهنجي اها حالت ڏسي، دل ۾ ڏاڍو کِليو هوندو! مون ڏانهن ڏسي چيائون، ”محمد ابراهيم، هاڻي تون هتي پڙهندين، ۽ رهندين به هتي! ڪيئن، ڊڄندين ته ڪونه!“ مون کان جواب اُڪلي نه سگهيو. مان جواب ڏيئي به ڪهڙو ٿي سگهيس! پوءِ مون کي ڄڻ آٿت ڏيڻ لاءِ سائينءَ  چيو، ”هن مدرسي جو جيڪو پرنسپال آهي،سو به ننڍي هوندي هتي پڙهندو هو ۽ رهندو به هتي هو، ۽ ايڏو ته غريب هو، جو ٻين ڇوڪرن جون کٽيون واڻي،پنهنجو گذران ڪندو هو!“  پوءِ جڏهن موٽي سائينءَ  جي بنگلي تي پهتاسون ۽ اُتي پنهنجي پوڙهي ڏاڏي  کي ٻُڌايم ته اسڪول ڏسي آيو آهيان، جتي مان پڙهندس، ته هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي ڏاڍا پيار ڏنائين ۽ دعائون ڪيائين. ڳوٺان هو مون کي ساڻ وٺي ڪراچيءَ آيو هو، ۽ ڏاڍين مشڪلاتن سان اسٽيشن تان لهي،پهريائين ڳوٺ جي پاسي جي هڪ واڻئي جي ڪوٺي ءَ تي  ڏس پتي سان پهتا هئاسون: پوءِ اُتان هڪ ٻيو ماڻهو ساڻ ڪري، ٽرام تي چڙهي،راڻي باغ جي ڀرسان ملير نيئن جي ڪپ تي بيٺل شاهه سائين جي بنگلي تي رهيا هئاسون شاهه سائين تڏهن ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ  جو پريزيڊنٽ هو، ۽ مون کي اُن لوڪلبورڊ وٽان ڏهه رپيا ماهوار اسڪالرشپ وٺي  ڏني هئائون، ۽ ائين منهنجو ڪراچيءَ  ۾ وڌيڪ تعليم پرائڻ جو بندوبست ٿي سگهيو هو، ۽ انگريزي پڙهڻ لاءِ آءٌ ڪراچيءَ پهتو هوس.

ٻئي ڏينهن، سائينءَ پنهنجي خاص ماڻهوءَ سان، پنهنجي موٽر ۾ مون کي مدرسي موڪليو، جنهن سان گڏ آءٌ مدرسي جي پرسسپال وٽ وڃي حاضر ٿيس.

پرنسپال، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي،جون ڳالهيون مون ايڏيون ۽ ايتريون ٻڌيون هيون، جو مون لاءِ هو ڄڻ  جنن پرين جي ڪنهن وڏي  قصي جو ڪو جادوگر، ڪو ڏاڍو مڙس، ڪو شهزادو يا بادشاهه هو! هن جو نالو ۽ هن جون ڳالهيون اسان جي تَرَ  ۾ عام پکڙيل هيون، ڇو ته اسان جو ڳوٺ ڊاڪٽر صاحب جي ڳوٺ ٽلٽيءَ کان ڪي 40-50 ميل مس هو. سندن ڳوٺ ۾ اسان جا ڪي مائٽ رهندا هئا، ۽ آءٌ پنهنجن مائٽن سان گڏجي، شادي مراديءَ  جي ٻن ٽن موقعن تي اُتي ويو هوس. جڏهن به ڪٿي ڪا پڙهائيءَ جي ڳالهه نڪرندي هئي،  اُتي  ڊاڪٽر دائود پوٽي  جو ذڪر ٿيندو هو. ڳالهيون به ڪهڙيون؟ بس ڪي ڪيئن ته ڪي ڪيئن! ٻهراڙيءَ ۾ تڏهن ته ڇا، پر هاڻي به، شل نه ماڻهن کي ڪا نئين ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچي. هڪدم اُها هنڌين ماڳين پاڻيهي پکڙجي ويندي. اسان مان جيڪي به ڇوڪرا ذهين يا ڪجهه وڌيڪ هوشيار ڏسبا هئا، تن کي استاد ڀيري ڀيري سان، همٿائڻ لاءِ ”ڇوڪري عمر ڪوريءَ “ جي تڪليفن، محنت ۽ هوشياريءَ جون ڳالهيون پيا ٻڌائيندا هئا---”ڪوري“ انهيءَ ڪري، جو ڊاڪٽر صاحب جا مائٽ آڏاڻن تي ڪپڙا اُڻندا هئا. ملا ۽ ٻيا عام اڻپڙهيل ماڻهو، جيڪي انگريزيءَ  جي تعليم جي برخلاف هئا، سي وري ڊاڪٽر صاحب جي خلاف هُلَ هلائيندا هئا---چي، مٿي اگهاڙو ۽ ڏاڙهيءَ ڪوڙ  آهي---انگريزي پڙهيا سڀ کريا--- بيهي ٿا مُٽن، مائٽن جي ساڃهه کان نڪريو وڃن، دين کان ڦريل وغيره . هي ته چڱو، جو منهنجو پنهنجو ڏاڏوپاڻ ڳوٺ جي هڪ راڄ جو مُلو هو، نه ته مُلن جون اِهي ڳالهيون ڏاڍيون ڏکيون پون ها، ۽ منهنجي وڌيڪ پڙهائي شايد روڪجي وڃي ها. مطلب ته ڊاڪٽر دائود پوٽو مون لاءِ هڪ اهو خطرناڪ ۽ من موهيندڙ عجوبو هو، جنهن کي ٻار ڏسڻ چاهيندا به آهن ۽ اُن جهڙا ٿيڻ به چاهيندا آهن، پر جنهن جي ويجهو وڃڻ کان نٽائيندا ۽ ڊڄندا به آهن.

جڏهن آءٌ ڊاڪٽر دائود پوٽي  صاحب جن وٽ مُنهان مُنهن حاضر ٿيس، تڏهن پنهنجي دل جي دڪ دڪ پنهنجي ڪنين پاڻ پِئي ٻڌيم! مون کي پڪ آهي ته اُن گهڙيءَ  جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب مون ڏانهن شوخ اکين سان رڳو نهاري ها، ته آءٌ ڪِري پوان ها. پر ڊاڪٽر صاحب مون ڏانهن شوخ اکين سان ڪونه نهاريو، بلڪ ڏاڍي پيار سان پاڻ وٽ سڏي نالو پڇيائون . پوءِ پنهنجي ڳوٺ جو نالو کڻي، پاڻ کي اسان جوپاڙيسري ظاهر ڪيائون، ۽ جڏهن مون سندن ڳوٺ ۾ رهندڙ پنهنجن مائٽن  جا نالا کڻي ٻڌايامانِ ته اُنهن جي وڏن جا پاڻ به ٻه چار نالا ورتائون. پوءِ منهنجي هٿن جا نُهن ڏٺائون ۽ منهن کولائي ڏندن جي صفائيءَ جي تپاس ڪيائون. مون کي ڪپڙي لٽي صاف سٿرو ڏسي خوش ٿيا، ۽ بت جي صفائيءَ  ڪپڙن جي صفا پائڻ ”سوير سمجهي سوير اٿجي، اول ڌڻيءَ  جو نالو ڳنهجي“ واري بيت جي سٽ پڙهي ٻڌايائون، ۽ پڇيائون ”اِهو بيت توکي ياد آهي؟ ”مون چيو ”هائو سائين! ٻئي ڪتاب ۾ آهي!“ چيائون ”ٻڌاءِ!“ منهنجي هٿ ۾ پينسل  ۽ ڪاپيون هيون، سي هڪدم کڻي ميز  جي هڪ ڪنڊ  تي رکيم، ۽ هڪڙي وک پوئتي هٽي، ٻيئي ٻانهون سڌيون هيٺ جهلي، ڳيت ڏيئي، ڊگهو ساهه کڻي، سڄو بيت ”ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃجي“ کان وٺي ”مائٽ مٽ کي سو وڻندو“ تائين يڪساهيءَ ياد چئي ٻڌايومانِ ڊاڪٽر صاحب جن ڏاڍا  خوش ٿيا. پوءِ مونکان پنهنجو نالو  انگريزيءَ  ۾ ۽ سنڌيءَ ۾ لکايائون----اکر منهنجا ڪجهه ڪَچا هئا، سو قلم کڻي، پنهنجي هٿ سان پاڻ ڪن اکرن جي بيهڪ ۽ صورت ٺيڪ ڪيائون، ۽ انهن جي هيٺان جدا اُهي لفظ پاڻ سٺا بنهه موتين جهڙا لکي چيائون  ”اکر سٺا  لکبا ته پاڻ کي به وڻندا ۽ ٻين کي به وڻندا!“ بس، ائين منهنجي دل تان خوف ته لهي ويو، پر چوان ته اڃا ڪجهه وڌيڪ پڇن، ته کين سٺا جواب ڏيان  ته دل خوش ٿئين! پر پوءِ هڪدم چٺي  لکي، پنهنجي نائڪ هٿ مونکي وائيس پرنسپال صاحب خان صاحب مريد عليءَ ڏانهن موڪلي ڏنائون---۽ ائين مان مدرسي ۾ داخل ٿي ويس—اسڪول جي چوٿين ’ب‘ ۾ ۽بورڊنگ هائوس جي سردار هائوس ۾ مٿي ’سِي‘ هال ۾.

ٻه ڏينهن گذريا ته ڪلاس ۾ مولوي صاحب ميان عبدالرحيم منگسي آيو- ڊگهو ۽ بت ۾ ڀريل مڙس. اڇي سونهاري، ڪُلهن تي حاجين جهڙو رومال پٿريل، ۽ ٿلهو نيٽ جو ونگائين هٿئي وارو لڪڻ. اچڻ سان ميز تي ڊيگهه سنئون سمهاري رکيائون، ۽ پاڻ ڪرسيءَ تي ٿِي ويٺا. هڪدم چيائون ”ڪتاب ڪنهن ڪنهن اڃا نه ورتو آهي؟ اُهي اٿي بيهن!“  آءٌ به اُٿي بيٺس. مولوي صاحب جيئن ڪرسيءَ  تي ويٺا هئا، تيئن فوراً هيٺ لٿا ۽لڪڻ کنيائون، ۽ جيڪي به بيٺا هئاسون، تن کي هٿ جي ترين تي ٻه ٻه  زور سان لڪڻ هڻندا، وڃي پار پيا. مون کي اهڙو ته ڏک ٿيو، جو جيسين مولوي صاحب ڪلاس ۾ هئا، تيسين ته خير، پر نڪتا ته زار زار ڳوڙها ڳڙي آيم. ننڍي  رسيس هئي، سو ورانڊي ۾ ڀت سان لڳي، بيٺي رنم. ايتري ۾ گهنڊ وڳو، ۽ ڪيڏيءَ مل ڏٺم ته ڪو اچي ڀرسان بيٺو اٿم. نهاريان، ته پرنسپال صاحب! آءٌ ڏڪي ويس پڇيائون ”ڪلاس ۾ ڇو نٿون وڃين، گهنٽي ڪانه ٻڌي اٿئي؟ ڇو ٿو روئين!“ جيئن تيئن ڳالهه ڪري ٻڌايم. پاڻ چيائون ”ايڏڙيءَ ڳالهه تي ايترو روئبو؟ ڊڄڻو ٿيندين ڪيئن! اُگهه اکيون، منهنجي آفيس ۾ اچ!“ ڊاڪٽر صاحب جي ڏاڍو تکو هلندا هئا. آءٌ بنهه ڊوڙي پِئي پڳوسان، آفيس ۾ پهچي، مون کي پنهنجي ڪٻٽ مان گهربل ڪتاب  ڪڍي  ڏنائون، ۽ چيائون ”خبر اٿئي ته مولوي صاحب جن منهنجا به استاد ٿين! مون کي به هڪ ڀيري اِئين اوچتي سزا ڏني هئائون. هاڻي، وڃ، وڃي پڙهه! ٿورڙيءَ  مار تي گهڻو روئبو، ته رڳو پيو روئبو. ڊوڙ پاءِ، دل ڏاڍي ڪر، ۽ شوق رکي پڙهڻ سان لڳي وڃ.“

مهيني کن کانپوءِ ششماهي امتحان ٿيو،۽ پنهنجي ڪلاس ۾ آءٌ پهريون نمبر آيس. هڪڙي ڏينهن ڏسان ته وڏي دروازي وٽ، شام جو، اندر، سائين جي. ايم. سيد پيو موٽر مان لهي! ڊوڙي وڃي مليومانِ چيائون ته ”تون پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر آيو آهين! آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس، سو توکي آفرين ڏيڻ آيو آهيان-شاباس!“ مون پڇيومانِ،”سائين، توهان کي ڪنهن ٻڌايو!“ چيائون ”ڇو،اوهان جي پرنسپال ٽيليفون تي مونکي ٻڌايو! ٻيو ڪير ٻڌائيندو!“

چوٿين درجي جو ساليانو امتحان ٿيو. پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر ۽ چوٿين جي ٽنهي ڪلاسن (سنڌي، گجراتي ۽ اردو) ۾ ٻيو نمبر آيس. ڪلاس مٽيا، ته اميد هيم ته پنجين ”الف“ ۾ موڪليندا،، پر ”ب“ ۾ ويهاريائون جتي سڀ گجراتي ۽ اردو ڇوڪرا هئا. ٻي ڏکي ڳالهه هيءَ ٿي، جو ڪلاس ۾ ٻه-ٽي ڇوڪرا، گهڻيءَ شاهوڪاريءَ سبب، ڪجهه آهنڊ هئا ۽ ڏاڍي مستي ڪندا هئا ۽ مون سان اجايو پيا کينسندا هئا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ دل جهلي، پرنسپال صاحب وٽ ويس، ۽ وڃي عرض ڪيومانِ ته ”سائين، مون کي پنجين ب مان ڪڍي، پنجين الف ۾ ويهاريو!“ پڇيائون،”ڇو؟“ ٻڌايومان ته ”سائين، هن ڪلاس ۾ ڪي لوفر ڇوڪرا آهن، جيڪي مون کي چيڙائين ٿا!“ منهنجو اِهو چوڻ، ۽ ڊاڪٽر صاحب جن ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي ويا! گرجدار آواز ۾ چيائون، ”تون اشراف آهين، ٻيا لوفر آهن! خبردار، جو ٻين کي ڏوهه ڏنو آٿئي! پاڻ کي ڏوهه ڏيڻ سک! وڃ ڪلاس ۾ وڃي پڙهه!“ ڏاڍو ڏک ٿيم. ڇو ته آءٌ  ڏکايل هوس، ۽ پرنسپال صاحب مون کي پورو ٻڌو به ڪونه! دل ۾ ڳالهه کي پچائيندو، واپس آيس، ۽ سڄي عمر دل تي ڳالهه رهي ته ’ٻين کي ڏوهه ڏيڻ کان اڳ ، پهريائين پاڻ کي ڏوهه ڏجي!“ ٻئي ڏينهن ڪلاس ماستر صاحب پاڻ وٽ گهرائي، مونکان پڇيو، ”ڪهڙا ڇوڪرا ٿا توکي تنگ ڪن؟“ عجب لڳم  ته سائينءَ  کي ڪيئن خبر پيئي! اڃا ڳيتن ۾ هوس، ته سائينءَ چيو، ڊپ نه ڪر، ٻڌاءِ! مان هنن کي سمجهائي ڇڏيندس. پرنسپال صاحب مون کي چيو آهي.“ پر مون ڪنهن جو به نالو نه ورتو، ۽ اِئين مون سونَ جهڙو سبق سکيو، ڪلاس ۾ ڪنهن کي رنج ڪونه ڪيم ۽ هلڪڙائيءَ  کان بچي ويس.

پنجين ڪلاس ۾ اڃا هئاسون ته اسان جي ڪوٽڙي تعلقي جو ڪراچي ضلعي کان ڇڄي، نئين ٺهيل ضلعي دادوءَ سان شامل ٿيڻ جو اعلان ٿيو. اُن سان گڏ منهنجي ڪراچي ضلعي  لوڪلبورڊ جي اسڪالرشپ به بند پئي ٿي، ۽ منهنجي آئنده پڙهائيءَ  جي خرچ جو سوال ٿي اُٿيو. منهنجا مائٽ هَرَ –هاري،  سي ڪٿان ٿي اُهو خرچ سهي سگهيا اُن ڏينهن، ڪلاس ماستر صاحب، ٻين عام ڳالهين سڀاڻ گڏ، ڪلاس ۾ اِها ڳالهه به ڪري ويو! منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جو اُنهن شاهوڪارڇوڪرن مان ٻن ڇوڪرن اُنهيءَ ئي گهڙيءَ اُٿي چيو ته ”سائين، اُن حالت ۾ اِهي پئسا اسين ڏينداسين!“ هفتو ڏهه ڏينهن گذريائي مس، ته ڪلاس  ۾ پرنسپال صاحب جو آرڊر آيو، ۽ سائينءَ سڀني کي پڙهي ٻڌايو، ته چوٿين درجي جي سالياني امتحان ۾ ڪلاس مان پهرئين  نمبر سان پاس ٿيڻ ڪري، اڳتي سنڌ مدرسي اولڊ بوائزائسوسئيشن جي اسڪالرشپ ٻارهن رپيا ماهوار، ٽن سالن تائين، مون کي ملندي رهندي. ڊاڪٽر صاحب جن اُن ائسوسئيشن جا صدر به پاڻ هئا. کين مون ڪونه چيو هو، اسان جي ڪلاس ماستر صاحب اڃا ڪونه چيو هو، سائين جي. ايم . سيد به ڪونه چيو هو—پاڻ ئي منهنجي مشڪلات جي اونَ رکي،مون کي اسڪالر منظور ڪري ڏني هئائون.

ترت ئي پوءِ ڊاڪٽر صاحب جن بمبئيءَ جي اسماعيل ڪاليج، انڌيريءَ، ۾ عربيءَ جا پروفيسر مقرر ٿي ويا. مون مئٽرڪ پاس ڪئي. بي. اي پاس ڪيم. ساڳئي سنڌ مدرسي ۾ ماستر ٿيس. پوءِ بمبئيءَ مان بي. ٽي. پاس ڪيم. تنهن وچ ۾ ڊاڪٽر صاحب جن سنڌ جا ڊئريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن ٿي آيا هئا. 1942ع ۾ پاڻ سنڌ مدرسي ۾ اسانجي انسپيڪشن ڪرڻ آيا. ورانڊي مان اڪيلي سر ويندي، منهنجي ڪلاس ۾ گهڙي آيا. مون سندن آجيان ڪئي. ڇهين درجي جي هڪڙي ڪلاس کي انگريزي شعر جو سبق  پئي پاڙهيم. ڏهه پندرهن منٽ چپ چاپ منهنجي پڙهائيءَ کي ڏسندا، ٻڌندا، رهيا. پوءِ اُٿي ”ٿئنڪيو!“ چئي، ٻاهر ورانڊي ۾ مون کي وٺي ويا، ۽ چيائون، ”گورنمنٽ سروس ۾ اچڻ چاهيندا!“ چيومانِ، ”سائين! هيءُ اسان جو اسڪول آهي. آءٌ هتي خوش آهيان.“ چيائون، ”ڪڏهن به گورنمنٽ سروس جو ارادو ٿِئيوَ ته بيڌڙڪ مون ڏانهن هليا اچجو!“ مون سندن مهرباني مڃي، ۽ پاڻ ”وشِ يو گڊ لڪ“ چئي، روانا ٿي ويا.

1947ع ۾ پوءِ مدرسي مان مون کي نڪرڻو پيو، ۽ ٻئي سال ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي اسڪول ۾ هيڊماستريءَ جي جاءِ ملي. 1949ع ۾ اهو اسڪول ڊاڪٽر صاحب جي تحرڪ سان سرڪار پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ آءٌ ائين گورنمنٽ سروس ۾ آيس. 1951ع ۾ سائين جي. ايم. سيد ۽ ڊاڪٽر صاحب جي ڪوششن سان، سنڌي ادبي بورڊ جو بنياد پيو، ۽ آءٌ ان جو سيڪريٽري مقرر ٿيس. ڊاڪٽر صاحب جن پنهنجي آخري دم تائين، اُن بورڊ جا ميمبر رهيا، ۽ مون کي سندن خدمت ۾ بار بار وڃڻ ۽ سندن هٿ هيٺ ۽ ساڻن گڏجي ڪم ڪرڻ جا ڪيئي موقعا مليا. ڊاڪٽر صاحب کي مون ڪڏهن به ڪا هلڪي يا بيجا ڳالهه ڪندي ڪونه ٻڌو. هميشہ پاڻ علمي ۽ ادبي ڳالهين جي ڌن ۾ رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن مون کين ڪاوڙيل به ڏٺو، پر سدائين ڪنهن نه ڪنهن ڪوڙ، دولاب ۽ ڏاڍ خلاف. خود پنهنجي ڪنهن شخصي نقصان يا حق تلفيءَ جي ڪا شڪايت يا دانهن مون سندن زبان سان ڪڏهن ڪانه ٻڌي.

عمر جا پويان سال، ملازمت جي ذميدارين کان آجا ٿي،ڊاڪٽر صاحب جن خاص ادبي بورڊ طرفان سونپيل ٻن-چئن علمي ڪمن ۾ مشغول رهيا. ٿورن مهينن لاءِ ادبي بورڊ جي ٺهرايل لغٽ تي نظرثاني پڻ ڪيائون، جنهن لاءِ کين هڪ هزار روپيا ماهوار پيش ڪيا ويندا هئا، ۽ اُن لاءِ مٿن ڪو به شرط رکيل ڪونه هو ته ڪيترو ڪم، ڪڏهن ۽ ڪيئن ڪندا. هڪڙي ڀيري، هزار رپين جو چيڪ وٽن ويو، ته پنج سؤ رپين جو چيڪ پاڻ موٽائي  موڪليائون، ۽ ڪاغذ لکيائون ته ”گذريل مهيني ۾ پندرهن ڏينهن مون لغت تي ڪم نه ڪيو آهي، تنهنڪري پوري مهيني جي اُجوري وٺڻ جو پاڻ کي حقدار نٿو سمجهان!“ تن ڏينهن، ساڳيو اهڙو مثال، هڪ ڀيري، قبله محترم مرحوم علامه آءِ . آءِ . قاضي صاحب جن به قائم ڪري ڏيکاريو—سنڌي ادبي بورڊکين شاهه جي رسالي جي ايڊٽنگ ۽ انگريزي  ترجمي جو ڪم سونپيو هو، ۽ اُن لاءِ کين ٻه هزار رپيا ماهوار پيش ٿيندا هئا: هڪ موقعي تي، ٻن هزارن رپين جو چيڪ علامه صاحب جن بورڊ جي آفيس  کي موٽائي موڪليو ۽ لکيائون ته ”هي مهينو بورڊ جو ڪم مون کان نه ٿي سگهيو آهي، تنهنڪري هن رقم تي منهنجو حق ڪونهي!“

هونئن ته اُن ڏينهن ۾ به اِئين هو، پر هاڻي ته هر هنڌ ايتري نفس پرستي، ۽ پيسي ۽ طاقت جي لالچ عام ٿي پيئي آهي، جو ڪٿي جيڪڏهن فرض ۽ نيڪيءَ جي ڳالهه ٿي ڪجي، ته ڪي ماڻهو اُها ائين ئي ٽاريو ڇڏين، ۽ گهڻا ته اُن تي کِل ۽ چٿر پڻ ڪن ٿا. اصول، قاعدي يا قانون جو نالو ٿو وٺجي، ته ڏاڍيءَپاڻ- هُرتائيءَ سان جواب ٿو ملي. ”ڇاجو اصول، ڪهڙو قاعدو، ڪٿان جو قانون! ميان،سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي!“ سچ پچ ته انهيءَ طرح ۽ اهڙن سوالن ڪرڻ وارا پاڻ بي اصول، سڌڙيا ۽ حق ناشناس آهن، ۽ اُنهن جو انسان جي نيڪيءَ  مان ايمان کڄي ويو آهي. بنيادي ۽ اٽل حقيقت ته هيءَ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن انساني سماج مان اصول، قاعدو ۽ ماڻهپي جو بنيادي قدرُ مرڳوئي نڪري وڃي، ته اُهو سماج هڪ ڏينهن به هلي نه سگهي. ڇو ته پوءِ انسان ۽ حيوان جو فرق باقي نه رهندو، ۽ بدي نيڪيءَ تي هميشہ غالب پئجي ويندي. نيڪيءَ ۽ بديءَ  جي هن دائمي ويڙهه ۾ ڊاڪٽر مرحوم جهڙا ڪي ٿورڙا  پاڻُ – وسارڻ وارا شخص ئي ٿين ٿا، جيڪي نيڪيءَ  جو پاسو کنيو، ويڙهه کي مچايو ۽ جاري رکيو اچن ٿا، ۽ اُهو اهڙن ٿورڙن ۽ پاڻ ارپي ڇڏڻ وارن شخصن جي دم قدم سان ئي آهي، جو انسانيت جو قافلو نيڪيءَ ۽ ماڻهپي جي تلاش ۾ اڳتي وڌندو رهي ٿو---

آ ٽِمِ ٽِمِ ٽِمِ ٽِمِ لاٽ اڃا،

جا جوڳي ڪالَهه جلائي ويا.     -اياز  

مثالي بزرگ---خانبهادر اين. غلام علي نانا

خانبهادر نانا صاحب سان منهنجي پهرين گڏجاڻي سال 1941ع ۾ ٿي، جڏهن آءٌ بمبئيءَ مان بي. ٽيءَ جو ڪورس پورو ڪري، واپس سنڌ مدرسة الاسلام ۾ اچي نوڪريءَ تي چڙهيو هوس. پاڻ ان وقت سنڌ مدرسي بورڊ جا اعزازي سيڪريٽري هئا.

بمبئي کان موٽئي ڪي ٻه چار مهينا مس ٿياهئم، جو اوچتو خانبهادر نانا صاحب مون کي پاڻ وٽ سڏايو- مدرسي بورڊ جي آفيس ۾ نه، پر پنهنجي گهر. خانبهادر نانا صاحب جي انتظامي لياقت ۽ ضابطي جي سختيءَ  جي اسان جي دلين تي وڏي ڌاڪ ويٺل هئي. آءٌ جڏهن وٽن پهتس، تڏهن  ڏاڍيءَ شفقت سان ۽ ڏاڍي پروقار نموني مون کي مليا، پنهنجي خاص مهمانن جي ڪمري ۾ ويهاريائون، خوش خيرعافيت ڪيائون، چانهه پياريائون،۽ پوءِ ڪافي ڪجهه وقت پنهنجي مطالعي ۽ تجربي جون ڳالهيون مون کي ٻڌايائون. آءٌ واقعي حيرت ۾ هوس ته مون کي آخر ڇو سڏايو هئائون- مدرسي ۾ منهنجي جملي نوڪري سان ڏيڍ، خانبهادر سان نه ملاقات نه ويجهائپ!

ايتري ۾ ڳالهين ڪندي ڪندي، مون کان پڇيائون ته ايل. ڊبليو. مسلم هاسٽل جو سپرنٽينڊنٽ ٿيندي! ان زماني ۾ هيءَ هاسٽل، جنهن کي اڄ جناح ڪورٽس سڏجي ٿو، پنهنجي اصلوڪيءَ  بلڊنگ منجهان نڪري، مئڪلوڊ روڊ تي ”روپ ولاس“ نالي بلڊنگ ۾ اچي آباد ٿي هئي. هاسٽل جي اصلوڪي بلڊنگ آمريڪي فوجين جي رهائش لاءِ سرڪاري حڪم هيٺ خالي ڪرائي ويئي هئي، ۽ ڊوُ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اين اي. ڊي انجنيري  ڪاليج ۽ شهاڻي لا ڪاليج جي شاگردن جي رهائش لاءِ روپ ولاس ۽ ٻي هڪ پرنس گارڊن جي اوڀر ۾ بلڊنگ وٺي، اتي بندوبست ڪيو ويو هو.

ڪاليجن جا شاگرد رڳو هاڻي ئي انئٿرا ۽ ارڏا ڪونه آهن، پر تڏهن به اهڙا ئي بلڪ اڄوڪن شاگردن کان به وڌيڪ ضابطي جا باغي هئا-- ۽ نوجوانن جي هڪ ڳالهئين،اِها هڪ خوبي به آهي ۽ خاصيت به آهي-- ۽ وري جو پنهنجي اصلوڪي هاسٽل بلڊنگ مان ٽپڙ کڻڻان پيا هئن، سو ڏاڍا غصي ۾ ۽ ڏاڍيءَ بغاوت جي ڪيفيت ۾ ورتل هئا. هاسٽل جو سپرنٽينڊنٽ ميان غلام نبي ڀنگر هو، جو ڪنهن سبب ان جي سپرنٽيڊنٽيءَ تان دستبردارٿي چڪو هو. هنن حالتن ۾ لازمي ڳالهه هئي ته آءٌ ڪجهه دل من هڻان ۽ ڪجهه پنهنجي پاران بچاءُ ڏيان، ته جيئن هاسٽل جي نگهبانيءَ  جي فرض ادائيءَ  ۾ ناڪاسيءَ ۽ ناڪاميابيءَ  جو داغ نه ڪٿي لڳي پوي. آءٌ  سنڌ مدرسي هاءِ اسڪول جو ماستر هوس ۽ شايد سڀني کان عمر ۾ ۽ سروس ۾ به ننڍو هوس. هاسٽل ڪاليج جي شاگردن جي هاسٽل هئي، جيڪي ڪجهه حد کان وڌيڪ بي ضابطگيءَ ۽ آزاد رويءَ  جي ڪيفيت ۾ هئا. ان صورت ۾ آءٌ ڪيئن ٿي، سواءِ تورتڪ ۽ ڳڻ ڳوٺ جي، اُهو هاسٽل جي انتظام جو بار پنهنجي مٿي تي کڻي سگهيس!

خانبهادر نانا صاحب کي مون پنهنجي مجبوري ٻڌائي. پاڻ اهڙو جواب ڏنائون، ڄڻ جيڪي مون چيو ٿي يا سمجهيو ٿي، ان جي ڪا اهميت ئي وٽن ڪانه هئي. پاڻ پوءِ ٻه ڳالهيون مون کي چيائون، ۽ مون لاءِ سواءِ سندن حڪم مڃڻ، يا ائين چئجي ته سندن صلاح تي هلڻ جي ٻي ڪا واهه ئي ڪانه رهي. اُهي سندن ٻه ڳالهيون اُن ڏينهن کان پوءِ منهنجي دل تي هميشہ اُڪريل رهيون ۽ اڄ تائين اُڪريل آهن.

منهنجي دل من هڻڻ ۽ عذربهاني ڪرڻ تي پاڻ چيائون ته”آءٌ  توکي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردنجو ’سپرنٽينڊنٽ‘ نه پر سندن ’سرونٽ‘ ڪري موڪلڻ چاهيان ٿو.تون جيڪڏهن اُنهن جو سرونٽ ٿي رهئين ۽ کين تو پوريءَ ريت سَروِ ڪيو پوءِ سندن وڏو بنجي، ننڍو بنجي توڙي هڪجيڏو بنجي ۽ کين محسوس ٿيو ته تون هنن جي سروس ڪرڻ چاهين ٿو ۽ سروس ڪري رهيو آهين، ته پوءِ  هو تنهنجي ڳالهه کان ٻاهرڪونه ويندا، بلڪ پوءِ تون هنن کي پنهنجي ڌاڳي ۾ ٻڌي سوگهو ڪري ڇڏيندين!“ ٻيو چيائون ته ”هاسٽل جي اندروني معاملن جي هلائڻ جو ذمو تنهنجو آهي نه خانبهادر  نانا جو ۽ نه پير الاهي بخش جو (پير الاهي بخش تڏهن سنڌسرڪار جو تعليمي وزير ۽ سنڌ مدرسي جو پريزيڊنٽ هو)، ۽ انهنکي هاسٽل جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪرڻ جو حق پڻ ڪونهي،بلڪ هاسٽل جي ڀلائيءَ ۽ انتظامي ضرورتن جي سلسلي ۾ هو خود تنهنجا ’حڪمبردار‘ ٿي رهندا.“

ڳالهيون ته ٻيئي هيون، پر وري به دل کي پڪي ڪرڻ لاءِ خانبهادر کي عرض ڪيم ته ”سائين، اوهان ته برابر ائين ئي منهنجا هاسٽل جي ڪم ۾ ڀرجهلا ٿي بيهندا، پر ميان الابخش پير تي ڪهڙو اعتبار!“ تنهن تي خانبهادر مون کي چيو ته ”پير الاهي بخش تي تون اعتبار ڪرين نه ڪرين، پر منهنجو توتي اعتبار آهي ته تون هن جي پرواهه ڪانه ڪندين، ۽ اِنهيءَ ڪري ئي مون ڪاليج جي پروفيسرن ۽ سنڌ مدرسي جي سنيئر استادن کي ڇڏي، توکي ان ڪم لاءِ سڏيو آهي.“

قصو ڪوتاه، ته خانبهادر مون کي ايل. دبليو. مسلم هاسٽل جو ’سرونٽ‘ ڪري ڇڏيو، ۽ پورا ٻه سال اُهو اعزاز ۽ اُها ذميواري مون سنڀالي. هڪ ڳالهه به پاڻ منهنجي صلاح کان سواءِ مون تي ڪانه مڙهيائون، ۽ پير الاهي بخش جي سون سفارشن، حڪمن ۽ دڙڪن منجهان هڪڙيءَ کي مون خيال ۾ ڪونه آندو، هاسٽل جو ڪم تمام چڱو هليو، ۽ ٻن سالن کان پوءِ سيد غلام مصطفيٰ ولايت مان موٽيو ۽ سنڌ مدرسي ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، ته پاڻ اچي مون کان هاسٽل جي چارج ورتائين.

اسان جو محترم بزرگ خانبهادر نانا صاحب انهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين منهنجي دل تي هڪ استاد ۽ هڪ رهبر جي حيثيت حڪمراني ڪندو رهيو آهي. ان کان پوءِ مون ساڻن ڪيئي ڀيرا ڪچهريون ڪيون__۽ پاڻ ڳالهين جا بنهه ڳهير آهن__ ڳالهه منجهان ڳالهه، نڪتي منجهان نڪتو ڪڍڻ ۽ محفل کي مچائي رکڻ ڪو کانئن سکي. هر ڀيري جڏهن به ساڻن مليس. تڏهن ڪانه ڪا سٺي ڳالهه، ڪونه ڪو سهڻو سبق مون ضرور کانئن سکيو. خانبهادر جن سراپا استاد آهن، ماستر آهن، معلم آهن. سندن والد صاحب به معلم هو، ۽ پاڻ به پنهنجي پيءُ جي صالح پٽ جي حيثيت ۾ سڄي عمر ڪامياب معلم ٿي رهيا.

هڪ ڳالهه جا خانبهادر نانا صاحب جي باري ۾، سندن انتظامي لياقت ۽ تدير کان به وڌيڪ، پوءِ منهنجي دل تي گهر ڪري سگهي، سا آهي سندن خالص۽ مڪمل سنڌي هئڻ جي. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾، طبعيت ۾، خيالن ۾، عقيدن ۾ جيئن هڪ بهترين يا هڪ آدرشي يا مثالي سنڌي هئڻ گهرجي، خانبهادر نانا صاحب ائين آهي ۽ اَهڙو ئي آهي. معصوم طبيعت، هر ڪنهن جي خير گهرڻ وارو، هر تعصب کان پاڪ، محبت ۽ پيار جو متوالو، سنڌ جي سرزمين جو بنهه مارئيءَ جي معيار تائين عاشق، سڀ ۾ پرين پسڻ وارو، ۽ حق ۽ حسن جو ڳولائو ۽ پارکو__ سنڌ جي بهترين سپوتن ۾ اِهي خاصيتون ۽ اِهي خوبيون هونديون آهن ۽ هئڻ گهرجن . خانبهادر نانا صاحب اِنهن اوصافن جو ڀنڊار آهي. سندن وڏا، اسان مان ڪيترن ئي جي وڏن وانگر، سنڌ ۾ ٻاهران آيا، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ سنڌ ۾ رهي، سنڌ جي محبت ۾ رڱجي ريٽا ٿي ويا ۽ هاڻي اسان کين سنڌ جي مثالي سپوت جي حيثيت ۾ پنهنجي اڳيان هڪ آدرش طور ۽ دنيا جي اڳيان هڪ بهترين ۽ قابل فخر انسان طور پيش ڪري سگهون ٿا.

اسان جي هيءَ انتهائي خوش نصيبي آهي، جو اڄ اسان وٽ خانبهادر نانا صاحب جهڙا بزرگ موجود آهن. اسان پنهنجي انهيءَ خوش قسمتيءَ تي جيترا به شڪرانا بجاءِ آڻيون، اهي ٿورا چئبا. اسان جو فرض آهي ته خانبهادر نانا صاحب ۽ سندن جهڙا ٻيا جيڪي به عمر رسيده ۽ ڏاها پريا مڙس اسان وٽ اڄ موجود آهن، انهن جي مطالعي ، مشاهدو ۽ تجربي جي قابل فخر حاصلات کي ڪنهن طرح چونڊي چپوٽي قلمبند ڪرائي، پنهنجي رهبريءَ ۽ پنهنجي ايندڙ پيڙهين جي رهبريءَ لاءِ، پاڻ وٽ سنڀالي رکون. قومون پنهنجو آئيندو اِنهيءَ ريت اڏينديون آهن، ۽ اُن جي شان شوڪت ۽ خوشحاليءَءَ جي ضمانت به اِنهيءَ ئي ڳالهه ۾ کين ملي سگهي ٿي:

 

اڱڻ آهين اڄ، صبح ويندي ئي صابري،

ڪج ڪو ڪاپڙين مان روح رچندو رڄ،

پير تنهين جا پڄ، متان سڪين سناسين کي. –(شاهه)

      (’ڪوپن ڪنڌ نچي نچي‘-اروڙ پبليڪيشن جو ڪتاب ٽيون،

                            اپريل 1973ع جي شڪريي سان)

(نوٽ: مرحوم خانبهادر نورالدين احمد غلام علي (جنم: 29-جون 1880ع)، جنهن کي سندس شاگرد، ساٿي ۽ نيازمند، پيار ۽ عزت وچان، خانبهادر نانا سڏيندا هئا، (۽ جنهن نالي سان سندن والد بزرگوار، مرحوم رئيس غلام علي پڻ پنهنجن شاگردن، ساٿين ۽ نيازمندن وٽ سڏبو هو)، 91 ورهيه بي بها عمر جا پورا ڪري، اسان کان مارچ 1917ع ۾ هميشہ لاءِ جدا ٿي ويو.

پاڻ 1905ع ۾ حيدرآباد گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ماستر ٿيا ۽ 1926ع ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشن انسپيڪٽر جي اعليٰ عهدي تان رٽائر ڪيائون.

سندن وفات کان ڏهه مهينا اڳ 16-مئي 1970ع تي نانا صاحب جي خدمت ۾ سنڌ پرائمري ٽيچرس ائسوسيشن پاران، پاڪستان ڪائونسل، حيدرآباد ۾ هڪ مانپتر پيش ڪيو ويو هو. ان موقعي تي نانا صاحب جي ٻين نيازمندن سان گڏ، محترم محمد ابراهيم جويي پڻ سندن خدمت ۾ پنهنجي عقيدت طور هڪ مضمون پڙهيو هو. ان مختصر مضمون جو جويي صاحب خانبهادر نانا مرحوم جي وطن دوستيءَ، اصول پسنديءَ، فرض شناسيءَ ۽ خاص طرح هڪ تعليمي ۽ انتظامي ماهر جي حيثيت ۾ نوجوان نسل لاءِ سندن دل ۾ جيڪو پيار ۽ ڀروسو، جيڪا اون ۽ گهڻگهرائي موجود هئي، تنهن جو ذڪر ڪيو آهي. پنهنجن لائق پڙهندڙن لاءِ ان مضمون کي اسين هتي شايع ڪرڻ جو فخر حاصل ڪري رهيا آهيون.

اسان کي اميد آهي ته اڄ جن سربراهن، عالمن ۽ استادن جي هٿن ۾، ڪنهن به حيثيت سان، اسان جي نوجوان نسل جي قسمت جون واڳون آهن، تن لاءِ خانبهادر مرحوم جو هيءُ هڪ مثالي سربراهه، استاد ۽ منتظم جو ڪردار مشعل راهه ثابت ٿي سگهندو.

                                                                  -ادارو)

 

 

 

 

مثالي استاد-پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه

(تاريخ 24-ڊسمبر 1972ع تي، مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ ”سنڌ پبليڪيشن جي پهرين ڪتاب ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه نمبر“ جي رسم افتتاح جي موقعي تي شاهه صاحب متعلق، محترم جويي صاحب جي ڪيل صدارتي تقرير.)

عزيزو! نوجوان دوستو! هي موقعو ڏاڍو هڪ مبارڪ موقعو آهي، جنهن تي اڄ اسين هتي گڏ ٿيا آهيون. اڄ اسان هڪ چڱي ماڻهوءَ جي قدر ڪرڻ ۽ سندس هڪ مثالي ماڻهوءَ  جيان ذڪر ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. هڪ اهڙو مثالي ماڻهو، جنهن جهڙي ٿيڻ ۾ اسان کي فخر ٿيڻ گهرجي. اڄ اسان ان چڱي ماڻهوءَ جي عزت ۽ قدر اِنهيءَ طرح ڪري رهيا آهيون. چڱن ماڻهن ۽ ڪتابن جو پاڻ ۾ ڏاڍو گهاٽو سٻنڌ رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته چڱا ماڻهو ڪتاب ٺاهين ٿا، ۽ ڪتاب چڱا ماڻهو پيدا ڪندا آهن. سنڌي پبليڪيشن وارا اسان جا نوجوان ساٿي، خاص طرح اعجاز سنڌي ۽ خان محمد پنهور، تحقق اسان سڀني جي مبارڪباد جا حقدار آهن، جو هنن اسان لاءِ ههڙو ڀلارو موقعو پيدا ڪيو آهي.

ڪنهن چڱي شخص کي پاڻ لاءِ مثال بنائبو آهي، ته سندس چڱايون پنهنجي سامهون رکبيون آهن. سائين غلام مصطفيٰ شاهه جون ڪهڙيون چڱايون آهن، جيڪي اسين پنهنجي سامهون رکي سگهون ٿا! منهنجي خيال ۾ شاهه صاحب جون اُهي خاص چڱايون ٽي آهن--- ڏاهپ قابليت ۽ لگن. هو هڪ ڏاهو شخص آهي، هڪ قابل شخص آهي ۽ هن ۾ پنهنجي مقصد جي تڪميل جي هڪ اجهل لگن آهي، اِهي ٽيئي گڻ جوانيءَ کان هٽيل، پيريءَ ڏانهن مائل يا خود پيريءَ  ۾ آيل بزرگن جا گڻ ٿيندا آهن، ۽ ٿيڻ به گهرجن. ڪنهن پڪيءَ عمر واري شخص ۾ جيڪڏهن پنهنجي مقصد جي سلسلي ۾ اِهي ڏاهپ، لياقت ۽ لڳن جا ٽي گُڻ نه آهن، ته سمجهڻ گهرجي ته اُن بزرگ جي حياتي بيڪار گذري ويئي يا گذري رهي آهي.

پر اِنهن ٽن گُڻن سان گڏ زندگيءَ جو مقصد پڻ نيڪ ۽ اعليٰ هجڻ ضروري آهي. زندگي جو مقصد دراصل نوجوانيءَ يا جوانيءَ جو پُور ۾ ٺهندو آهي. شاهه صاحب پڻ پنهنجي زندگيءَ جو اوچو ۽ نيڪ مقصد پنهنجي جوانيءَ ۾ ٺاهيو هو. اُن دؤر ۾ جڏهن اڃا پاڻ تعليم جي تڪميل ڪانه ڪئي هئائون. تڏهن کين اونو رهندو هو ته ”سنڌ جيڪا هن دؤر جي تعليمي برڪتن کان گهڻو پٺتي پيل هئي، اُن جي علمي ۽ تعليمي خدمت ڪجي، ۽ سنڌ جي عوام کي تعليم ڏيئي، ترقيءَ ۽ تعمير جي ڊوڙ ۾ اڳتي وٺي وڃجي.“ شاهه صاحب جي سڄي زندگي پنهنجي انهيءَ وطن دوستيءَ ۽ خلق جي خدمت جي جذبي هيٺ قائم ڪيل تعليم جي اعليٰ مقصد جي پورائيءَ ۾ گذري آهي. سندن تازا ٽي ڪتابچا—”ڪتاب“، ”استاد“ ۽ ”عروج ۽ زوال“ –انهيءَ پنهنجي بلند مقصد سان سندن اٽوٽ لگن جي ثابتي آهن.

اصل ۾، زندگيءَ جا اعليٰ نيڪ مقصد ٺهندا به جوانيءَ ۾ ئي آهن، ڇو ته زندگيءَ جو اِهوئي دؤر آهي، جڏهن ٻين لاءِ جيئڻ، اصولن سان محبت، خود اعتماديءَ ۽ بنيادي فضيلت جا گڻ ماڻهوءَ ۾ موجود رهن ٿا، يا موجود رهڻ گهرجن. اِهي چار گڻ سچ پچ ته جوانيءَ  جا خاص گڻ شمار ٿيندا آهن. بلوغت ۽ جوانيءَ جي دؤر ۾ ماڻهو پنهنجي ذاتي غرضن کان مٿڀرو ٿي، ٻين جي ڪم اچڻ جو سوچيندو آهي: ماڻهوءَ  ۾ حق ۽ چڱائيءَ جي ڳولا جي آنڌ مانڌ رهندي آهي: ماڻهوءَ جي دل ميدان ۾ ٽپي پوڻ لاءِ تيار رهندي آهي: ۽ ماڻهوءَ ۽ هر عزت ۽ محبت لائق شيءِ کي سڃاڻڻ ۽ اُن جي ادب ڪرڻ جي فضيلت پيدا ٿيندي آهي. زندگيءَ جا اعليٰ مقصد ماڻهوءَ جي دل ۾ اِنهن ئي گڻن جي طفيل ٺهندا آهن. هنن گڻن واري هر نوجوان جي ڪنن ۾ هڪ ڀيرو ڪنهن نه ڪنهن اوچي مقصد جو سڏ ضرور گونجندو آهي،-- پوءِ اُن جي موٽ ۾ ڪي فيصلو ڪهڙو ڪندا آهن، ڪي ڪهڙو : ۽ ائين ڪي استاد ٿيندا آهن، ڪي ڊاڪٽر، ڪي عملدار، ڪي انجنير، ڪي وڪيل ۽ جج، ڪي سياستدان ۽ ڪي خاص خلق خدا جا خادم بنبا آهن. غلام مصطفيٰ شاهه صاحب جن به پنهنجي زندگيءَ جي ان ڦوهه مڌمست دؤر ۾ پنهنجو هڪ آدرش هڪ اعليٰ مقصد ٺاهيو ۽ تڏهن کان وٺي اڄ تائين ان جي پوئواري ۾ پنهنجي سموريءَ  ڏاهپ، سموريءَ  قابليت ۽ پوريءَ لگن سان ڪم ڪندو رهيو آهي، ۽ ڪندو رهي ٿو. اِنهيءَ ڪري پاڻ چيو اٿن ته ”مون کي محنت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه اچي: سڄي حياتي محنت ڪئي اٿم.“

منهنجا نوجوان دوستو! هي ڳالهيون آءٌ هن موقعي تي اوهان جي اڳيان اڄ اِنهيءَ ڪري به ڪيان ٿو، جو ڄاڻان ٿو ته اوهان سڀ نوجوان آهيو يا جوانيءَ جي ڪنهن ڪنهن سُور ۾ اڃا پير اٿوَ، ۽ هيءُ ئي دؤر آهي، جڏهن اوهان پنهنجي زندگيءَ جو ڪو آدرش يا اعليٰ مقصد ٺاهي سگهو ٿا.

سڀاڻي 25 ڊسمبر آهي—اِنهيءَ تاريخ تي دنيا جو هڪ سداحيات جوان—ٻين لاءِ جيئندڙ، بيڊپو، حق پرست، ۽ سٻاجهو ۽ نماڻو- حضرت يسوع مسيح ڄاڻو هو، ۽ جوانيءَ ۾ ئي پهنجي آدرش جي تڪميل ڪندي، قربان ٿي ويو. هو هڪ گهوڙن جي ڪڙهه ۾ ڄائو هو. سندس ڄمڻ وقت، چون ٿا ته سڄي ڪڙهه روشن ٿي ويئي هئي، ۽ آسمان ۾ هڪ نئون تارو چمڪيو هو. هن لاءِ چون ٿا ته هن ڪوڙهين جو ڪوڙهه لاٿو ۽ انڌن کي سڄو ڪيو. پر اوهان جيئن پاڻ ڄاڻو ٿا، اِهي سڀ ڳالهيون اِئين ڪين هيون، جيئن چئجن ٿيون. اِهو سڀ چوڻ جو علامتي انداز آهي. روشنيءَ مان مراد جهالت ۽ ڪوڙ جي چوڌاري پکڙيل اونداهيءَ جي بدران علم ۽ سچ جو سوجهرو آهي، ۽ ڪوڙهين جي چڱي ڀلي ٿيڻ ۽ انڌن کي اکين ملڻ مان مراد هيڻن، جي آهي. اڻڄاڻن، محتاجن ۽ مظلومن جي ڇوٽڪاري ۽ سلامتيءَ جيآهي. حضرت يسوع مسيح تڏهوڪيءَ دنيا جي رومي طاقت پرست ظالمن، يهودي زرپرست وياج  خورن ۽ انهن جي همه دان خود پرست عالمن ۽ مشائخن کان (جيڪي پنهنجي آقائن جي فائدي لاءِ سچ جي سج کي لڪائي، هر طرف ڪوڙ جي اونداهه پکيڙي ويٺا هئا)، خلق خدا کي ڇڏائڻ ۽ آزاد ڪرائڻ جي جدوجهد ڪئي، ۽ ان راهه ۾ شهيد ٿيو. هُن تڏهوڪيءَ پنهنجيءَ ڌرتيءَ تي خدا جي بادشاهت قائم ڪرڻ گهري ٿي، جنهن لاءِ هن کي صليب ڪلهي تي کڻڻي پيئي، جنهن تي پوءِ کيس ڪوڪا ۽ ڪلا هڻي ٽنگيو ويو. خدا جي بادشاهت ڪهڙي؟ معصوميت جي، حق جي ڄاڻ جي، سک ۽ سلامتيءَ جي. ننڍڙن ٻارن لاءِ پاڻ چيائين ته ’انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو- ڇو ته خدا جي بادشاهت انهن لاءِ آهي‘—ڇو ته هو معصوم آهن، ڄاڻڻ گهرن ٿا، ۽ بي اونا ۽ پرمسرت آهن.

سنڌ ۽ سنڌ جو هيسايل، هيڻو ۽ اڻڄاڻ عوام اڄ اُهو ئي طاقت پرست فرعونن، زرپرست قارونن، ۽ تقدس ۽ تڪريم جي دعويدار خود پسند ابليسن جي دٻاءُ ۽ چڀاٽ هيٺ آهي. هو اڄ ساڳيءَ مسيحائيءَ جا ڳولائو آهن. ڪير هنن ڪوڙهين جو ڪوڙهه لاهيندو، ڪير هنن اکين کان ويهي ويلن کي سڄو ڪندو، ڪير هن اونداهيءَ ۾ سچ جي مشعل ٻاريندو، ۽ ڪير ان لاءِ صليب تي چڙهندو!

اسان جو غلام مصطفيٰ شاهه صاحب، جنهن جي مانَ ۾ اڄ هتي اسين گڏ ٿيا آهيون، ۽ هن جهڙا ٻيا ڪيئي نيڪدل بزرگ، اڄ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ انهيءَ مسيحائيءَ جا طالبو ۽ گهوريا آهن.

منهنجا عزيز جوانو! اوهان مان سڀني ۾ اسان جون اميدون آهن ته هن وَهيءَ ۾ پنهنجي معصوم، ڳولائو ۽ اميدن ڀريل دلين سان اوهان زندگيءَ جي اعليٰ ۽ نيڪ مقصدن جا سڏ ٻڌندا، سڃاڻندا ۽ قبوليندا، ۽ اُنهن جي تڪميل ۽ پوئواريءَ ۾ ڏاهپ، صلاحيت ۽ لگن سان ڪم ڪندا رهندا، ۽ ان راهه ۾ جيڪڏهن اوهان کي پنهنجن ڪلهن تي صليبون کڻڻيون پيون، ته اُهي به کڻندا، ۽ انهن تي چڙهڻ لاءِ تيار رهندا. ائين ڪرڻ سان ئي، سنڌ ۽ سنڌ جي عوام کي هن وقت جيڪا مسيحائي گهرجي، اها اوهان ادا ڪري سگهندا. ۽ پوءِ ئي چئبو ته اوهان سنڌ جي هن هڪ مثالي بزرگ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب، جي مثال کي سمجهيو، پنهنجو ڪيو، ۽ ان تي عمل ڪري سگهيا.

 (روزانه ’عبرت‘ حيدرآباد ، 29 ڊسمبر 1972ع

پورهيت اديب- پير حسام الدين راشدي

(نوٽ: مارچ 1974ع تي، ايران سرڪار سڄيءَ دنيا مان ايران شناسيءَ جي ڏهن چونڊ عالمن کي طهران يونيورسٽيءَ طرفان دعوت ڏيئي گهرايو، ۽ سندن فارسي ادب جي خدمت جي اعتراف طور کين ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني. اها علمي تقريب طهران يونيورسٽيءَ جي چالهين سالن جي جشن جي موقعي تي، 6- مارچ 1974ع تي طهران ۾ ٿي. ان ۾ سنڌ جي محقق۽ مؤرخ جناب پير حسام الدين راشديءَ به شرڪت ڪئي. سندن واپسيءَ تي، سندن اعزاز ۾ پاڪستان سينٽر حيدرآباد پاران 14- اپريل 1974ع تي هڪ سادي ليڪن پُروقار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي جناب جويي صاحب حاضرين مجلس کي خطاب ڪيو. ۽ پير صاحب جي علمي ۽ تحقيقي خدمت تي روشني وڌي. اهو خطاب رسالي ”مهراڻ“ 1- 1974ع تان پيش ڪجي ٿو. –ادارو)

پيرحسام الدين راشدي منهنجو بزرگ، دوست ۽ ساٿي رهيو آهي. اسان جي سنگت لڳ ڀڳ پنجويهه سال پراڻي آهي. اسان سنگت شروع به ڪئي سواءِ ڪنهن ذاتي غرض جي، ۽ اها هيستائين قائم پڻ سواءِ ڪنهن شخصي غرض جي رهي آهي. بيغرض ساٿ، بنا لوڀ ۽ لالچ جي ٻن يا چئن، پنجن يا اٺن ماڻهن جي هڪٻئي سان سنگت، هڪ عجيب نعمت آهي، جنهن لاءِ هو پنهنجي پنهنجي نصيب جا جيترا ٿورا مڃين اوترو چڱو. اڄوڪي ماحول ۾، جڏهن سواءِ غرض جي ڪوبه ڪنهن سان گهڙي گڏجي ويهڻ لاءِ تيار نه آهي، اهڙي دوستي، جنهن ۾ ڪا به ذاتي طمع وچ ۾ ڳنڍيندڙ نه هجي، اڻلڀ کڻي نه به هجي، پر هڪ بيمثل ۽ املهه دولت ضرور آهي.

جڏهن مان چوان ٿو ته پير صاحب ۽ اسان جي سنگت بيغرض بنيادن تي قائم ٿي ۽ بيغرض نيتن سان هيستائين هلندي آئي آهي، تڏهن اهو منهنجو مطلب نه آهي ته اسان جي سنگت بي مقصد هئي ۽ بي مقصد آهي. اسان جو ساٿ، جو هيتري مدت ايترو پيار ڀريو، ڀروسي وارو ۽ ايتري ڪم وارو رهيو آهي، سو بلڪل اِنهي ئي سبب، جو اُهو هڪ با مقصد ساٿ هو. اسين شروع ۾ هڪٻئي جي ويجهو به هڪ گڏيل مقصد جي پورائيءَ لاءِ پنهنجي سنگت هلائيندا ۽ قائم رکندا آيا آهيون. ان مان اسان کي وڏا فائدا ٿيا آهن. ذاتي فائدا به ۽ ان مقصد جي پورائيءَ جي سلسلي جا پڻ، جيڪو اسان لاءِ هڪجهڙو قيمتي ۽ هڪجهڙو  عزيز هو. ان مقصد  جو، سڌيءَ طرح اسان جي ڪنهن محدود ذاتي غرض سان ڪو واسطو نه هو، جنهن مان مراد پئسي، عزت ۽ طاقت جي طلب ۽ حصول هجي: پر جيڪڏهن ماڻهوءَ جي دلي خواهش کي ئي هن جو غرض چئي سگهجي ٿو، ته پوءِ اسان جي سنگت جو اهو مقصد ئي اسان جو غرض هو ۽ ان غرض  جي حصول لاءِ ئي اسان گڏجي هيترو عرصو پاڻ پتوڙيو آهي. اسان جو اهو مقصد ۽ غرض هو سنڌ جي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي علم ۽ ادب جو واڌارو ۽ سڌارو.

ٻي اسان جي سنگت جي خصوصيت هيءُ سمورو عرصو ائين رهي آهي ته اسان ڪڏهن به هڪٻئي سان ڪڙو نه ٻوليو آهي. اختلاف ٿيندا رهيا، گرما گرم بحث ٿيندا رهيا، هڪٻئي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهياسون، پر هڪٻئي کي رنجائڻ ۽ ڏکوئڻ جي اسان ڪڏهن به نه نيت ڪئي، نه ڪوشش. اهو به فقط انهيءَ ڪري ممڪن ٿي سگهيو، جو هن سنگت مان، اسان مان ڪنهن کي ڪڏهن ڪنهن ذاتي  فائدي وٺڻ جي سڌ دل ۾ نه آئي. اهڙيءَ بيغرض پر بامقصد سنگت جي قائم ٿيڻ ۽ هلندي رهڻ لاءِ به اسان پنهنجي قسمت جا ڪيڏا به هوندا احسان مڃون ته اهي ٿورا چئبا. هڪ ڀيري سو پير صاحب کان مون کي ڏکاري ٿيڻ جو سبب مليو، پر ان ۾ به پير صاحب پنهنجي طبع جي فياضيءَ  کان ڪم وٺندي، پاڻ اڳتي وک کڻي اهو ڏک ائين مٽائي ڇڏيو، جو ان کان پوءِ پاڻ وڌيڪ اسان جون دليون ڳنڍجي ويون. هڪڙي انگريزي شاعر چيو آهي:

 

“Oh! b !essings on the falling out,

That all the more endears,

When we fall out with those

We love, we embrace with tears.”

(”ان وڙهڻ تي رحمت هجي، جيڪو پيار کي وڌائي ٿو:

جي پنهنجن پيارن سان وڙهجي ٿو،

جن سان دليون ڳنڍيل آهن،

ته ڳوڙها ڳاڙي، ڀاڪر وجهي، تن کي پرچائڻو ئي پوي ٿو.“)

ٽين پير صاحب ۽ اسان جي سنگت جي ڳالهه هيءَ آهي ته انهن ڳالهين جي سنگت نه پر محنت جي ۽ پورهئي جي سنگت آهي. جڏهن 25 سال اڳ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪم لاءِ پاڻ ۾ گڏياسون، ان کان وٺي اڄ تائين اسان هڪٻئي کي پورهيو ڪندي ڏٺو آهي. گڏجي پورهئي بابت ڳالهيون ڪيون اٿئون ۽ گڏجي پورهيو ڪيو اٿئون. پير صاحب پورهيت اديب ۽ پورهيت عالم آهي. هن وقت تائين پاڻ ڏهاڪو هزار کن صفحا لکيا اٿن. 1955ع ڌاري جڏهن سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي عالمن جا فارسي مخطوطا ايڊٽ ڪرائي شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ انهن مان ڪن مخطوطن جي ايڊيٽنگ جو ڪم پير صاحب پنهنجي ذمي کنيو، تڏهن پير صاحب جن کي فارسي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ته ايندي هئي، پر فارسيءَ  ۾ مضمون لکڻ ايترو ڪونه ايندو هونِ، انهيءَ ڪري پهريان ٻه يا ٽي مخطوطا جيڪي پاڻ ايڊٽ ڪيائون، تن جا مقدما پاڻ اردوءَ ۾ يا سنڌيءَ  ۾ لکيائون. هڪ منزل تي اسان گڏجي ويهي فيصلو ڪيو ته فارسي مخطوطا فارسيءَ  ۾ ئي پوري جا پورا ايڊٽ ٿيڻ کپن. ان کان پوءِ پير صاحب فارسيءَ  جي لکڻ تي جيڪا محنت ڪئي، تنهن جو ٻيو مثال مون وٽ ڪونهي جو ڏيئي سگهان. هڪدم پاڻ ايراني سفارتخاني وارن سان لاڳوپو قائم ڪري، انهن کي پنهنجي سنگت ۾ آڻي، وٽانئن ڪتاب، مخزنون ۽ اخبارون وٺي پڙهڻ، پنهنجون لکيتون انهن کي ڏيکارڻ، انهن سان فارسيءَ  ۾ ڳالهائڻ، ايران مان فارسيءَ  جا عالم اچن ته انهن سان محفلون ڪرڻ – مطلب ته ائين ٻن- اڍائي سالن جي لڳاتار پورهئي سان پير صاحب  فارسيءَ  جي مضمون نويسيءَ  ۽ انشاپر دازيءَ تي اهو عبور حاصل ڪري ورتو، جو ان کان پوءِ پاڻ ويهارو کن فارسي ڪتاب، فارسي عبارت ۾، ايتري ته ادبي ۽ علمي معيار جا ايڊٽ ڪيائون، جو ان علمي تحقيق ۽ علمي پورهئي تي کين ايراني علم جي دنيا پنهنجي دلين ۾ جاءِ ڏني، ۽ اهو اعزاز ڏنو، جنهن جهڙو هنن اڄ تائين اسان جي ملڪ مان ڪنهن کي نه ڏنو.

پير صاحب ۽ اسان جي سنگت ائين پنهنجي گڏيل مقصد جي حصول لاءِ پوريءَ لگن سان پورهئي جي سنگت رهي آهي. اسين ائين پنهنجي پنهنجي پورهئي ۾ سدائين ايترا رڌل رهندا هئاسين، جو پوءِ هڪٻئي کي ڪڏهن ڪڏهن ان کان ساهي پٽڻ جون صلاحون ڏيڻ شروع ڪيوسين. ان جا جواب به پوءِ هڪٻئي لاءِ ٺاهي ڇڏياسين. يعني هي ته ”پير صاحب، ڪهڙو ڪم هٿ ۾ اٿو؟“ جواب: ”ادا ڪهڙو ڪم! واندڪائي ئي واندڪائي آهي!“ ۽ هوڏانهن حقيقت هيءَ هجي، جو پير صاحب سڌو ميز تان اُٿي، ڇپائيءَ لاءِ مسودي جي ڪاپي تيار ڪري، ٿيلهي ۾ وجهيو، پاڻ سان کنيو آيو هوندو!

چوٿين خاصيت پير صاحب ۽ اسان جي سنگت جي هيءَ رهي آهي ته اسان پورا پنجويهه سال هڪٻئي جي سنگت ۾ رهي، هڪٻئي جي ساراهه ڪئي آهي—هن منهنجي، مون هن جي، اسان سڀني گڏجي هڪٻئي جي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته لياقت وارا ماڻهو لازمي طرح، هڪٻئي سان نه ٺهندا آهن، بلڪ انهن جو هڪٻئي سان رقابت ۽ عداوت هوندي آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هڪٻئي جي ويجهي وڃڻ سان لائق ماڻهن کي هڪٻئي جي عيبن جي خبر پوي ٿي. تنهنڪري منجهن محبت ٽٽيو وڃي ۽ منجهن نفرتون پيدا ٿي پون ٿيون. ٻيا وري جڏهن ڪن ٻن- چئن لائق ماڻهن جي ڪا پڪي پختي سنت ڏسندا آهن، ته ٽوڪبازيءَ  وچان چوندا ته ”ادا، اهي سڀ رڳو منهن تي هڪٻئي جي خوشامد ٿا ڪن: پرپٺ اهي هڪٻئي جي گلائن ۾ پورا اٿو.“ ڪي ننڍيءَ دل  ۽ مختصر لياقت وارا ماڻهو وري اهڙا آهن، جو رڳو انهيءَ ڪري انهن صالح ماڻهن جي سڀاڳيءَ سنگت تي پيا خار کائيندا، جو هو پاڻ ان سنگت ۾ شامل ٿي نه سگهيا هوندا ۽ انکان الڳ رهجي ويا هوندا. پر ڇا به هجي، ڪن گُن ۽ ڌُن وارن ماڻهن جون سنگتون جيتريون پڪيون ۽ پختيون هجن، جيتريون گهڻيون هجن، اوترو چڱو انهن لاءِ انهن جي گُن ۽ ڌُن لاءِ، ۽ ان سماج ۽ ملڪ لاءِ به، جنهن ۾ اهي موجود. اديبن جون، عالمن جون، فنڪارن جون، ۽ وطن دوستن جون سنگتون ۽ سڀائون جيتريون گهڻيون، جيتريون اثر واريون، جيتريون بي غرض ۽ بامقصد ۽ جيتريون پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ محو ۽ مگن ڪنهن معاشري ۾ هجن، بي غرض ۽ بامقصد ۽ جيتريون پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ محو ۽ مگن ڪنهن معاشري ۾ هجن، اوترو اهو معاشرو معتبر ۽ متبرڪ چئي سگهجي ٿو.

ڪلا ۽ ڏات جا ڌڻي پاڻ ۾ ڪٿي اچي گڏ ٿين، سنگت قائم ڪري، پنهنجي پنهنجي دلپسند مقصد جي پورائيءَ  لاءِ ڪم ۾ جنبي وڃن، ۽ ڪم ڪندي، هڪٻئي کي واهه واهه چوندا رهن، ان کان وڌيڪ ڪنهن سماج جو ٻيو ڪهڙو سڀاڳ ٿي سگهندو! جيڪڏهن ڪنهن ملڪ مان، ڪنهن سماج مان، ڪنهن شهر مان اهڙا سنگ بلڪل گم ٿي وڃن، ته اتي ڪنهن جوتيوان، ڪنهن جولانيءَ جو گذارو هڪ مسافر جهڙوئي وڃي ٿو رهي، جو ڪنهن مسافر خاني ۾ ٻه پهر بيسرو ڪري، پنهنجي راهه وٺي ويندو رهي.

پير صاحب ۽ اسان جي سنگت اهڙي ئي هڪٻئي جي ساراهه ڪندڙ ساٿين جي سنگت هئي ۽ آهي. اسان جي سنگت ۾ رڳوپير صاحب ۽ آءٌ نه، پر ٻيا به ڪيئي لائق ۽ فائق، صالح ۽ سڄاڻ، ڌُني ۽ ڪلونت ساٿي گڏ رهيا، ۽ انهن سڀني گڏجي، پنهنجي هن غريب پياري ديس ۾ هڪڙي اهڙي بيغرض ۽ بامقصد، ۽ پورهئي جي سنگت قائم ڪئي،  جنهن تي پنهنجن توڙي پراون طرح طرح جا الزام هنيا ۽ اسان کي طرحين طرحين تڪليفون ڏنيون: پر اهو سڀ ڪجهه سهندي، سهسائيندي، اسان جي سنگت پنهنجيءَ پر ۾ سنڌ جي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ادبي ۽ علمي واڌاري ۾ پنهنجو ڪم ڪندي رهي.

پير صاحب جو هن سنگت ۾ اسان سان گڏ رهڻ—اسان جي رهبرن مان هڪ رهبر جي حيثيت ۾ ۽ اسان جي ساٿيءَ جي حيثيت ۾ -- اسان سڀني لاءِ وڏي ۽ شان جي ڳالهه آهي. اسان جون دليون هن اسان جي سڀاڳ تي خوشيءَ ۾ نٿيون ماپن.

پير صاحب پورا پنجويهه سال شخصي طرح منهنجو محترمه ۽ پيارو بزرگ، دوست ۽ ساٿي رهيو آهي. آءٌ کين سندن علمي حاصلات تي ۽ اڄ جنهن عزت ۽ اقبال جي پد تي، پنهنجي محنت ۽ لياقت سان پاڻ بيٺل آهن، ان لاءِ کين دلي مبارڪون ڏيان ٿو. آءٌ سندن اڳيان محبت ۽ عقيدت سان پنهنجو ڪنڌ جهڪايان ٿو.

انسان دوست اديب – مرزا قليچ بيگ مرحوم

هونئن ته انسان جي انسان هجڻ لاءِ هن ۾ انس يعني دوستيءَ  يا محبت جو هئڻ لازمي آهي- ايتريقدر جو نه فقط فڪر ۽ عمل جو سنگ انساني سماج جو بنيادي پٿر ليکيو وڃي ٿو، پر، خود ”بقاي اصلح“ جي اصول مطابق، جو حضرت انسان سڀني ساهوارن تي فوقيت حاصل ڪري چڪو آهي، سا به باهمي تعاون يا سهڪار جي اصول تي عمل ڪرڻ سان ئي هن کي نصيب ٿي سگهي آهي. پر ان هوندي به انسانن ۾ هرهنڌ ۽ هر دؤر ۾ ڪي اهڙا به ٿيندا آيا آهن، جي مرزا قليچ بيگ مرحوم جي چوڻ مطابق:

”شيطان پرست جنگ پرست اصل کان ٿيا“

۽ انهن شيطان پرستن جي جنگ پرستيءَ خلاف ئي هر هنڌ ۽ هر دؤر ۾ مرزا قليچ مرحوم يارن ”صلح وصفا پرست“ شخصن کي انسان دوستيءَ  جو اصول بيحيثيت هڪ خاص الخاص اصول جي اختيار ڪرڻو پيو.

انسان دوستيءَ جي اصول جو پهريون ۽ آخرين قدر علمي دنيا ۾ افلاطون جو هيءُ قول شمار ڪيو وڃي ٿو ته ”سڀني شين جو اصل ماڻ انسان آهي“. ان جي معنيٰ هڪ طرف هيءَ ٿي ته انسان جي عزت ۽ انسان جو شرف ۽ شان ڪنهن به ٻيءَ اڌاريءَ شيءِ، مثلاً ڪنهن به حيواني برتريءَ، رنگ، نسل، عقيدي يا دولت وغيره تي منحصر نه هئڻ گهرجي، پر ان جو انحصار اصل ۾ انسان جي انسانيت تي ئي هئڻ کپي: ۽ ٻئي طرف ان جي معنيٰ هيءَ بيٺي ته ڪنهن به شيءَ جي چڱي يا بُري، يا ان جي قابل قبول هجڻ يا قابل ترديد هجڻ هن ڳالهه تي فيصل ٿيندو ته اها شيءِ انسان لاءِ يعني انسانن جي اڪثريت لاءِ ڪيتريقدر فائديمند آهي يا ڪيتريقدر نقصانڪار.

جيئن هڪ جنگي جوڌو ترار جو صاحب آهي، ۽ هڪ خطيب يا مقرر زبان جو صاحب آهي، تيئن هڪ اديب قلم جو صاحب آهي. زبان لاءِ چيو ويو آهي ته ’آهي ننڍڙي پر وهه جي ڳنڍڙي آهي‘، يا، ترار جي ڀيٽ ۾، ان لاءِ چيو ويو ته ’زبان کي پنهنجي قبضي ۾ رکو ۽ اُن کي احتياط سان استعمال ڪيو‘. ظاهر آهي ته قلم، جنهن جو مار ترار توڙي زبان ٻنهي کان پري ٿيندڙ آهي ۽ جنهن جي اثر جو دائرو ترار توڙي زبان جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهڻو وسيع آهي، تنهن کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ ۽ تنهن جي استعمال ۾ احتياط وٺڻ جي ضرورت به ايتري ئي گهڻي آهي. ساڳئي  وقت ائين به آهي ته ترار حق ۽ انصاف جي بچاءَ ۾ به وهي سگهي ٿي ۽ زبان سان حق جي ڪلمي چوڻ کي ان کان به افضل جهاد سڏيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن شيطان پرستن جي جنگ پرستين لاءِ قلم استعمال ٿي سگهي ٿو ته انسان دوستن جي هٿن ۾ اُهو صلح ۽ صفائيءَ  لاءِ ۽ انسانيت جي احترام واسطي پڻ هڪ بيحد ڪارگر بلڪ اڪثر حالتن ۾ بنهه فيصله ڪُن هٿيار به ثابت ٿي سگهي  ٿو. بني نوع انسان جي هيءَ وڏي خوش نصيبي رهي آهي، جو سندن وڏي کان وڏا عالم ۽ اديب پنهنجي قلم کي شروع کان وٺي اڄ تائين انسان دوستيءَ جي عظيم مقصد لاءِ ئي استعمال ڪندا پئي آيا آهن. يعني نه رڳو سندن قلم انسان دشمن ڪاررواين  کان باز پئي رهيو آهي.  بلڪ هميشد انسان دوستيءَ جي حمايت ۾ ئي اُهو استعمال ٿيندو پئي آيو آهي. اسان جي ٻوليءَ جي نثري ادب جو ابو، شمس العلماء مرزا قليچ، پڻ دنيا جي انهن عظيم انسان دوست هستين منجهان هڪ هو. ڪاش، اسان جا اڄوڪا اديب ڀائر محض صاحب قلم ئي نه رهن، پر صاحب قلم هئڻ سان گڏ سنڌيءَ جي هن عظيم اديب جي حق شناس ۽ حق گو زندگيءَ ۽ انسان دوستيءَ جي راهه ۾ سندس ڇڏيل روشن قدم کي سڃاڻن ۽ ان تي هلڻ جي ڪوشش ڪن.

مرزا قليچ بيگ مرحوم جي شخصيت، سندس علمي زندگي توڙي علمي ادبي خدمتن جي ڪنهن به هڪ پهلوءَ تي روشني وجهڻ لاءِ هن قسم جو مختصر مضمون بلڪل ناڪافي آهي. هو شخصي طرح ايڏو سادو ۽ سٻاجهو، صافدل ۽ سياڻو هو، جو ٻارن جي معصوميت، جوانن جي زنده دلي ۽ ٻڍڙن جي گنڀيرتا هڪڙي ئي وقت منجهس سمايل هيون، دنيا جي هر حال ۽ چال کان آگاهه، انسان ته انسان، هو حيوانن سان به پيار ڪرڻ وارو هو. علمي زندگيءَ ۾ هو ايڏو مصروف، ايڏو محنتي، ايڏو محتاط  ۽ ايڏو ديانتدار هو، جنهن جو اسان وٽ ٻيو مثال ورلي ملندو، ۽ علمي ادبي ڪارنامن جي لحاظ کان سنڌي ادب  ۽ زبان لاءِ ڪيل هن اديب اعظم جو پرخلوص پورهيو، حال ۽ مستقبل جي مڙني نسلن تي هڪ عظيم احسان آهي. سندس گونا گون صفتن جو الڳ الڳ بيان ڪرڻ انهيءَ ڪري به مشڪل آهي، جو سندس حياتيءَ جو ڪو به پهلو شخصي، علمي توڙي عملي زندگيءَ جي انهيءَ بنيادي شعور کان هٽيل ڪونه هو، جيڪو ڪنهن به شاعر يا اديب، فيلسوف يا مفڪر جو مقصد ۽ منصب ٿو مقرر ڪري ۽ جنهن جي ذريعي، پنهنجي عمل جي دائري اندر، اُهي هڪ مثالي ڪردار جي حيثيت اختيار ڪريو وٺن. اهڙن فردن جي قول ۽ فعل ۾ ٻيائي ڪانه هوندي آهي، ۽ هو جيڪي سمجهندا آهن سو چوندا آهن ۽ جيڪي چوندا آهن سو ڪندا آهن. سندن ڏينهن ۽ رات ڪنهن خاص نصب العين لاءِ گذرندا آهن ۽ ان جي پورائيءَ لاءِ سندن زندگي خود به هڪڙُو مقصد بنجي ويندي آهي. دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ هجن، انسانن جي ڪنهن به نسل ۽ گروهه سان لاڳاپيل رهن، پر هوپنهنجي اعليٰ منصب تي فائز رهن ٿا، ۽هرقسم جي ظاهري مت ڀيد، وير ۽ ويڇي کي نظرانداز ڪري، هو عام خلق جي ڀلائيءَ واري پنهنجي نصب العين جي پورائيءَ ۾ مشغول رهن ٿا. مرحوم مرزا صاحب اهڙن ئي صاحبدل انسانن مان هو، جنهن جي نظر ۾ زندگيءَ  جو خاص مقصد هو ۽ آخر عمر تائين اڻٿڪ ۽ اڻورچ بنجي، هن پوري جوش ۽ جذبي سان ان کي مڪمل ڪيو. سنڌي ادب ۽ زبان جي مستقبل کي روشن ڪرڻ لاءِ بيشمار تصنيفون تيار ڪرڻ سندس زندگيءَ  جو زبردست ڪارنامو به آهي ۽ ان جي ذريعي  اسين سندس خالص انسان دوستيءَ جي جذبي جو اندازو به چڱيءَ طرح لڳائي سگهون ٿا.

اڄ جڏهن هڪ طرف سنڌي زبان جو دامن هر قسم جي علمي ۽ ادبي سرچشتن سان مالا مال آهي ۽ ٻئي طرف ساڳئي ئي وقت، پنهنجي زبان ۽ ادب جي ترقيءَ ۽ حفاظت جي تقاضا عام طرح محسوس ڪئي وڃي ٿي، تڏهن به اهڙي دردمندي ۽ جفاڪشي نظر نٿي اچي جهڙي مرزا صاحب ۾ ٿي آئي، جڏهن اڄوڪيءَ حالت جو اندازو به نٿي لڳي سگهيو. هن جنهن رفتار ۽ مستعديءَ سان، نثر توڙي نظم ۾، هر طبقي ۽ هر خيال جي ماڻهن لاءِ، هر صنف ۽ هر موضوع تي ايڏا ڪتاب لکيا آهن، تنهن مان ائين پيو ڀائنجي ڄڻ ته هن ڪئين صدين تائين فقط پاڻ کي ئي موجود سمجهي، سموري ايندڙ عرصي جي نين نين ضرورتن جي پورائيءَ جو اڪيلي سر قصد ڪيو هو. جن موضوعن ۽ صنفن ۾ لکڻ جي هاڻي ابتدا ٿي آهي، بلڪ اڃا ڪجهه لکيو ئي نه ويو آهي، تن جا شروعاتي مثال به هو پيش ڪري ويو آهي. داستان، قصا، ناول، ناٽڪ، شعر، تنقيد، تاريخ، سوانح، اخلاق، مذهب، طب، تصوف، صحت، لغت، سائنس، گرامر، موسيقي، مطلب ته علم ۽ ادب جي هر شاخ کي هن سيراب ڪيو. ذهن جي تمام بلنديءَ تي پهچي، هو علم وفڪر جا دقيق مسئلا به ويچاري ٿو، ته تمام هيٺ اچي ٻارڙن جي وندر جون ڪهاڻيون ۽ شعر به لکي ٿو. نوجوانن جي اخلاقي ۽ علمي زندگيءَ جي سڌاري  لاءِ ناٽڪ ۽ ناول به لکي ٿو ته عورتن ۽ نينگرين جي تربيت ۽ تعليم لاءِ نصيحتون به قلمبند ڪري ٿو. اسلام ۽ تصوف جون سمجهاڻيون به پيش ڪري ٿو. ته انجيل، توريت، زبور، بهائي ۽ هندو ڌرم جو فلسفو به بيان ڪري ٿو. ”حجت الشيعه“ به لکي ٿو، ته ”تحفه اسماعيليه“ به لکي ٿو ۽ وري عام مُل لاءِ نصيحت نامو به تيار ڪري ٿو.

هڪڙو اتاڇرو شخص ائين خيال ڪري سگهي ٿو ته مرزا صاحب کي جيڪا ڳالهه سامهون آئي آهي، سا لکي يا ترجمو ڪري رکي اٿس ۽ ائين ڪرڻ ۾ سندس اڳيان ڪو خاص مقصد ڪونه هو، پر سندس تصنيفن تي مجموعي نظر وجهڻ، سندس شاعريءَ ۾ سندس خيالن ۽ اصولن کي معلوم ڪرڻ ۽ سندس شخصي ۽ علمي زندگيءَ کي جاچڻ بعد، هڪڙي اهڙي دردمند دل انهن ۾ ڪارفرما نظر ايندي، جنهن ۾ هروهيءَ ۽ ڄمار، هر طبقي ۽ خيال هر مذهب ۽ عقيدي، هر درجي ۽ رتبي جي انسان لاءِ بيحد پيار ۽ انس ڀريل آهي. اهوئي سبب آهي، جو سندس تصنيفن جي وسعت ڪنهن خاص عمر، ڪنهن طبقي، ۽ ڪنهن عقيدي تائين محدود نه آهي، ۽ اهوئي بنيادي نقطه نظر آهي جنهن کي هن پنهنجي علم ۽ ادب جي ميدان ۾ ورتل جدوجهد جو مقصد بنايو آهي. پنهنجين تصنيفن کي اسان لاءِ هڪ لافاني ورثي طور ڇڏي وڃڻ سان گڏ ادب جو اهو وسيع انسان دوستيءَ وارو مقصد به هو اسان جي نئين نسل لاءِ مقرر ڪري ويو آهي. سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمتگار جي حيثيت ۾ مرزا صاحب بيشڪ هڪڙو مثالي ڪردار آهي، جنهن جي تقليد تي هر سنڌي اديب ۽ قلمڪار فخر ڪري سگهي ٿو.

سندس وسيع قلبيءَ جا مثال سندس تصنيفن ۾ هر هنڌ موجود آهن. ”صلح ڪل“ سندس مذهب هو، انسانيت سندس ايمان هو، اخلاق سندس عقيدو هو. کيس نه پنهنجي شمس العلماء تي فخر هو ۽ نه پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جي اعليٰ حسب ۽نسب تي. جيترو علم وڌندو آهي، انسان اوتروئي حليم ۽ نهٺو ٿيندو آهي. هو انهيءَ حقيقت جو صحيح معنيٰ ۾ مثال هو. علم جي انتهائي ڄاڻ اهائي آهي، جنهن سان نيوٽن جهڙي شخص به پاڻ کي سمنڊ جي ڪناري تي پٿريون ميڙيندي ڏٺو هو. قليچ جي هيٺئين اعتراف مان به سندس اهو با اعتماد نهٺائيءَ جو فهم ظاهر ٿئي ٿو:

ڪنهن علم کان پڻ ’قليچ‘ محروم نه ٿيو،

نڪتو نه رهيو، جو ان کي مفهوم نه ٿيو،

ستر جي قريب پهتو، تڏهن ان کي،

معلوم ٿيو ته ڪي به معلوم نه ٿيو.

شعر ۽ سخن مرزا مرحوم جي مقصد جي اظهار جو ذريعو آهن، جن تي کيس فخر آهي، ورنه هو پنهنجي نسل تي ناز ڪرڻ کي به جهالت ٿو ڀانئي:

اولاد منهنجو شعر سخن، فخر تن تي آهه،

جاهل نه آهيان، جو ڪريان، پيءُ ڏاڏي تي فخر.

منزل سڄي انسانذات جي هڪ آهي، البته طريقا جدا جدا ٿين ٿا. حق پرستيءَ جي طلب ته مسجد توڙي مڙهيءَ، ٻنهي هنڌان پوري ٿي سگهي ٿي. خدا جا گهر ٻيئي آهن:

تون گبر، يهود يا نصارا کان نه لڪ،

جت رات پويئي، خدا جو گهر ڄاڻي ٽڪ:

مسجد ۽ مڙهيءَ مان حق پرستي طلب،

گهرَ جي ٻه ٿيا، ته گهر- ڌڻي آهي هڪ

مذهب جي باري ۾ هو ”صلح ڪل“ جو طالب آهي. اصل مطلب ته يار سان آهي، سڀيئي واٽون اوڏانهن ئي وڃن ٿيون.

وري پڇو جي ته ڇا تنهنجو مذهب و مشرب؟

چوان ٿو آءٌ ته ٿيو منهنجو ”صلح ڪل“ مطلب.

”صلح ڪل“ سان، جو مطلب ٿيو، ته پوءِ ڪنهن کان رنجش ڇاجي ۽ ڪنهن کي رنجائڻ ڇاجو، ۽ سڀني سان ميٺ محبت سان گذارڻ ئي ته انسانيت آهي:

رهان سڀني سان سنئون ۽ رکان سڀني سان رس،

رنجايان ڪنهن جي نه دل، جيترو پڄيم ٿو وس.

ايڏي رتبي واري هستيءَ جا تجربا لامحدود ۽ مڙني ٻڌڻن کان آجا آهن. ”انسان آزاد پيدا ٿيو آهي، پر هو پاڻ کي پاڻيهي زنجيرن ۾ جڪڙي ٿو.“ عظيم فرينچ فيلسوف ’روسو‘ جو اهو مقولو اتي ئي بس ڪونه ٿو ٿئي، پر ڪي ڪي غير معمولي شخص اهڙن سڀني خود ساخته انساني زنجيرن کي ٽوڙي، وري به پنهنجي جنمي آزاديءَ  جي حق کي حاصل ڪري ٿا وٺن، ۽ پوءِ هو گروهن ۽ جماعتن جي ٻوساٽيندڙ دائرن منجهان نڪري، انسانيت جي صحيح شاهراهه تي هلڻ لڳن ٿا ۽ ٻين کي به ان آزاد فضا ۾ آزاديءَ  سان ساهه کڻڻ جا ڏس ڏيندا رهن ٿا. مرزا قليچ بيگ مرحوم تحقيق هڪ ”صوفي منش“ ۽ لاڪوفي هو، يعني هن ڪنهن به جماعت ۾، ڪنهن به دائري ۾ قيد رهڻ بدران ساريءَ دنيا کي پنهنجو گهر سمجهيو ۽ ساريءَ  دنيا کي پنهنجي قوم سمجهيو. محبت ۽ انسان دوستيءَ کان سواءِ ٻيو سندس مذهب ڪوبه ڪونه هو.

جنهن دل پُر ڪر پيتا جام،

سا دل مستومست مدام.

مرزا صاحب مرحوم جا پهريان ڪتاب ”دلارام“ ۽ ”زينت“ ڏسون، يا آخري ڪتاب تصوف ۽ روحانيت تي لکيل – مطلب ته هر هنڌ اسان کي سندس اهوئي ”انسانيت“ جو سبق ڏسڻ ۾ ايندو- انسانيت، جا لافاني آهي، ۽ جنهن ۾ ”ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.“

مرزا صاحب جي آخر عمر ۾ سندس فرزند مرزا بيگ ولايت مان اعليٰ تعليم پرائي آيو، ۽ اچي ”صوفي سماگم“  ۽ ”روح رهاڻ“ جا رنگ رچايائين، ”برونو“ جهڙن اعليٰ انسانن جو احوال شايع ڪرايائين. ياد رهي ته گثارڊونو بروتو کي سن 1610ع ۾ اٽليءَ جي ملڪ ۾ جيئري باهه ۾ اڇلايو ويو هو. مٿس ڏوهه هي هو ته هن چيو ٿي ته ڌرتي گول آهي ۽ عيساين جي پاڪ ڪتاب بائيبل ۾ ان جي ابتڙ لکيل هو، ۽ ان زماني ۾ عيسائي پادرين اهڙيءَ  هر ڳالهه کي ڪفر ۽ الحاد ٿي سمجهيو، جيڪا بائيبل ۾ آيل ڪنهن ڳالهه جي خلاف هئي. مرزا قليچ بيگ مرحوم، بهرحال پنهنجي لائق پٽ جي هن جدت پسنديءَ  تي منهن ڪونه گهنجايو، بلڪ هر قدم تي ساڻس شامل رهڻ لڳو، توڙي جو ان وقت جي هڪ – ٻن تعصبي ۽ تنگدل اخبارن ٻنهي پيءُ پٽن تي زهريلا لفظ لکيا، کين ”گندم نما جؤفروش“ جهڙا دل ڏکوئيندڙ لقب ڏنا. پر مرزا صاحب اهي ئي نغما جهونگاريندو رهيو ته.

سي ئي سڀاڳا، جي رکن دل ٽا صاف،

سي ئي ڏسن حق کي، سندن ڏوهه معاف.

مرزا صاحب مرحوم جي انسان دوستيءَ جو هڪڙو اهو ثبوت ئي ڪافي آهي ته سندس تصنيف، تاليف، ترجمن ۽ شعرن جي مجموعن ۾ هڪ به اهڙو ڪتاب ڳوليو نه لڀندو، جنهن ۾ ڪو نفرت جو پرچار هجي، يا انسانيت جي بلند آدرش خلاف ڪو اکر لڀي. پاڻ چوي ٿو ته

ڪيو تعصب ڌار، ٻاهر هندو ۽ مسلم جو ٿانءُ،

نه ته اندر ميخاني ۾ ساقي به هڪ، پيالو به هڪ،

گل ڏيئي خوشبو، ڪري خوش ٿو سڀن کي ري فرق،

دوست، دشمن، مومن ۽ ڪافر سان ان جو آهي ڇا؟

شمع ڏئي ٿي سوجهرو، مسجد اندر يا منجهه مڙهي،

فيض بخشيءَ ۾ سڀ ماڻهو هڪجهڙا ٿيا،

اسين انسان جي آهيون، رهون شل پاڻ ۾ سڀ خوش،

اسان جي وچ ۾ ڪنهن سببان، پوي شل نه ڪا گهاري!

طريقا سک چڱا هن جڳ ۾، عجز ۽ انڪساري ڪر:

چڱا اخلاق رک ۽ خلق جي لئه خير جاري ڪر!

مرزا صاحب مرحوم جي انهيءَ انسان دوستيءَ جي وسعت نيٺ انهيءَ حد تائين پهتي، جو پاڻ اها به هدايت ڪيائين ته

تون نه چئو دهريي کي ڪافر اي ادا،

دهري پڻ عابد خدا ٿيو سدا:

ڪامل آهن دهر جا دانا سڀيئي،

عارف آهن دهر جا بينا سڀيئي:

لفظ آهن ظاهري ڏيک ۽ مجاز،

رب کي دل جو سوز گهرجي، دل جو ساز!

۽ اها دعا گهريائين ته

يارو، جو منهنجو نه هوئي، شل رب انهيءَ جو يار هوئي!

جو ڏيئي ڏُک مون کي، سک سان شل ٽمٽار هوئي!

دشمنيءَ مان واٽ منهنجيءَ تي ڪنڊا جو ٿو رکي!

باغ ان جي عمر جي گل جو سدا بي خار هوئي!

علامه امداد علي قاضي

(سنڌ دنيا جا ڪيترا وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن- قاضي صاحب مرحوم اُنهن جي صف ۾ ڪهڙي جاءِ وٺي بيهندو، اهو فيصلو اڳتي هلي وقت کي ڪرڻو آهي، سنڌ جيئري کيس ڪيتريقدر سڃاتو  وئي پڄاڻان، اڳتي هلي، کيس ڪيترو ٿي سڃاڻي ۽ سندس قدر ڪري، اُها پڻ ايندڙ وقت کي شاهدي ڏيڻي آهي. قاضي صاحب جهڙو نهٺو ۽ نماڻو شخص ۽ ساڳئي وقت خوديءَ جو صاحب، خوددار ۽ پنهنجي راءِ جو مالڪ ڪو ورلي ٿيندو. آزاديءَ سان عشق هون. جهان کي ڇڏڻ جو عجب انداز جيڪو پاڻ اختيار ڪيائون، سو پڻ شاهه جي ”سهڻي“ وانگر، جنهن تي خاص طرح عمر جي پوين ڏينهن ۾ گهڻوڌيان هوندو هون، سندن اُنهيءَ آزاديءَ جي عشق جو اظهار- آخرين ۽ عظيم ترين اظهار چئي سگهجي ٿو: ”هنئهين هوند مئي،  پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا“. اسان جي ننڊ ۽ بيوسي، چوڦير گهٽ، اقتدار لاءِ مذهب جي استعمال غرضي، عالمي انسانيت جي پيڙا، ۽ وڏي ڳالهه ته پنهنجي طبع جي روشنيءَ  ۽ حساسيت اسان جي هن حسن پسند، خير طلب ۽ حق پرست بزرگ کان سٺي ڪانه ٿي، ۽ هو اسان جو پيارو مربي هو، ۽ هن دؤر ۾ سنڌ سڳوريءَ  طرفان دنيا لاءِ هڪ خاص تحفو هو. سلام آهي هن پاڪ ڌرتيءَ  تي، جنهن جي گود ۾ ههڙا املهه ماڻڪ جنم وٺن ٿا ۽ پرورش پائين ٿا!

29- اپريل 1968ع جي روزانه اخبار ”جنگ“ ۾ جناب پير علي محمد شاهه راشديءَ جو هيءُ مضمون قاضي صاحب مرحوم جي زندگيءَ  تي لکيل پڙهيم. هن مضمون قاضي صاحب لاءِ مون کي ٻيهر روئاريو-- ۽ وري وري روئاريو. سندن سڳوريءَ ياد ۾ هيءُ مضمون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، پنهنجي عقيدت جي اظهار طور پيش ڪري رهيو آهيان. –محمد ابراهيم جويو ڪوهاٽ، 30-4-1968ع)

قومون ماڻهن سان ‎‎ٺهنديون آهن. ماڻهو اڻلڀ هوندا ته قوم ڪٿي لهي سگهبي! ٻه- پيرن ڍورن جي ڌڻ کي قوم نٿو سڏي سگهجي. علامه اقبال جي چوڻ موجب:

ڪه از مغزِ دو صد خر، فکر انساني نمي آيد

(ڇو ته) ٻن سوَن گڏهن جي سوچ جو هڪڙي ماڻهوءَ جي سوچ سان سودو نٿو ٿي سگهي.) ايران جي شاعر جي قول مطابق:

آدميت نه به نطق و نه به ريش و نه به جان:

طوطيان نطق، بزان ريش، خران جان دارد.

(ماڻهپو نه ڳالهائڻ تي آهي نه ڏاڙهيءَ تي ۽ ڊايو جينز، ماڻهوءَ جي ڳولا ۾ بتي کنيو پيو گهمندو هو، ۽ مولانا رومي دانهون ڪندو رهيو:

ڪز ديو رو ملولم، انسانم آرزوست!

(جنن جهڙا مُنهن ڏسي، ڪَڪ ٿي پيو آهيان. ماڻهو ڏسڻ چاهيان ٿو.) ۽ ”غالب“ فيصلو ڏنوته:

آدمي کو بهي ميسر نهين انسان هونا!

(آدم جي اولاد لاءِ به ماڻهو بنجڻ وس ۾ ڪونهي.)

مطلب ته ماڻهوءَ جهڙي شيءِ ڏاڍي ڏکي ٿي لڀي، ۽ ڪنهن قوم جي وجود کي ثابت ڪرڻ لاءِ يا ان جي بلنديءَ ۽ پستيءَ جي سطح مقرر ڪرڻ لاءِ اهوئي ڏسڻو پوندو آهي ته اُن قوم ۾ سچا پچا ماڻهو سندس ٻئي آدمزاد جي ڀيٽ ۾ ڪيترا آهن، اُن جي مٽيءَ ۾ ماڻهوءَ جي پيدا ڪرڻ جو ست آهي يا نه، ۽ اُن جي ڌرتيءَ جو ماحول ماڻهپي جي اسرڻ ۽ نسرڻ لاءِ ٺهڪندڙ ۽ پورو آهي يا نه.

ڏکي ڳالهه سچ پچ هيءَ آهي ته ماڻهو هر روز پيدا نٿا ٿين. ماڻهوءَ کي بنائڻ واقعي قدرت جي ڪاريگريءَ  جو ڪمال آهي: ۽ قدرت جون پنهنجون مصلحتون ڪجهه اهڙيون آهن، جو ان جو ڪارخاني ۾ هر روز سندس ڪمال جا شاهڪار پيدا ڪونه ٿا ٿين. پوءِ ههڙي عجيب صورتحال هوندي، جڏهن ڪو مڃيل ڪيل ماڻهو ڪنهن قوم کان جدا ٿي وڃي ٿو، ته اها فطري ڳالهه آهي ته اُن قوم ۾ هر هنڌ ماتم پئجي وڃي.

علامه امداد علي قاضي هڪ مڃيل ڪيل ماڻهو هو. هو قدرت جي فياضين جو هڪ نمونو، انساني صفتن جو حسين مجموعو هو، ذهني ۽ روحاني ڪمال جو پتلو هو، علم ۽ فضل جو خزانو هو، مشرقي ۽ مغربي ڄاڻ جو گنج هو، هن دؤر جي اسلامي دنيا جو يڪتا مفڪر هو، سنڌ جي ڌرتيءَ  جون مٺيون لاتيون لوندڙ پکي هو، لطيفي باغ جي بلبل هزار داستان هو، پاڪستان جي سرزمين لاءِ عزت ۽ شان جو سبب هو، پاڪستاني قوم جي امتياز ۽ سربلنديءَ جو نشان هو.

هيءَ لفظن جي سخاوت نه آهي، هڪ حقيقت آهي. اعتبار نه اچيو ته سندس زندگيءَ جو مطالعو ڪري ڏسو، سندس ڇڏيل پنا اٿلائي ۽ پڙهي ڏسو، جن خوشنصيبن کيس ڏٺو ۽ ٻڌو انهن کان پڇي ڏسو.

غور فرمايو! قاضي صاحب مرحوم جي زندگي  دنيا جي تاريخ جي سڀ کان وڏي خوني دؤر مان لنگهي. پاڻ ٻه عالمي جنگيون پنهنجن اکين سان ڏٺائين. هٽلر ۽ مسولينيءَ  کي انساني رت سان ۽ سندن خسيس پوئلڳن کي انساني حقن سان کيڏندي ڏٺائين. ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ کي زندگيءَ  جو فلسفو بڻجندي ڏٺائين. امن ۽ ماڻهپي جي ماپن کي پائمال ٿيندي ڏٺائين. ۽ هي به ڏٺائين ته ماڻهن کي ايتري ته بدبختي ورائي ويئي آهي، جو سچ ۽ ماڻهپي جي ڳالهه هو بنهه ڪانه ٿا ٻڌن . پر، ان هوندي به، هيءُ شخص امن ۽ انسانيت جو نياپو ڏيندو رهيو، ۽ ماڻهن جي اُجرت امنگن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. هڪ رت جي پياسيءَ  دنيا ۾ پنهنجي دامن کي رت جي داغن کان صاف رکيائين، هڪ لوڀي ماحول ۾ رهيو مگر لوڀ جي ڏائڻ کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنائين، هڪ طاقت جي بکيءَ  دنيا ۾ رهيو پر طاقت جي بلا جي ڏنگ کان بچيو رهيو: هڪ اهڙي زماني ۾ ڄائو، جڏهن ماڻهو رزاق کان وڌيڪ رزق کي چهٽيا رهيا، پر هن شخص پالڻهار کي پٺي ڏيئي پيٽ جي پوڄا ڪانه ڪئي. تاريخ جي هڪ اهڙي دور سان سندس واسطو پيو، جڏهن وک وک تي ڪو به ڪو لات يا مناسب  اڀو بيٺل ڏٺائين، پر هيءُ مسافر ڪڏهن اتي لااحب الاآنلين (جٽا نه ڪندڙ شين سان منهنجي پريت ڪانهي)  چوندو ۽ ڪڏهن لاحول (هڪ اعليٰ ۽ عظيم الله کان سواءِ ٻي ڪا به طاقت ڪانهي) پڙهندو، پنهنجي واٽ ورتيون ويندو رهيو. هڪ اهڙي عالمي ماحول ۾ سندس جنم ٿيو جڏهن دولت جي ماڻ ۾ شرافت جي تور ماپ ٿيندي رهي، پر هن شخص جو قلندري شان ڏسو، جو—چند تصوير، بتان چند حسينون ڪي خطوط، بعد مرنه ميري گهرسي يه سامان نڪلا!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com