سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1974ع

مضمون:

صفحو :13

حضرت خسروءَ جي ڪلام جون تصوف متعلق چند جهلڪون، صاحب ذوق حضرات جي ملاحظه لاءِ پيش ڪجن ٿيون.

1-     کس نه بُرد راه به تحقيق او،

وَر، بُرد-الا که به توفيق او.

2-    هستي سا نِزد خِرد رندکيست،

وان همه با نيستي ما يکيست.

3-    من که همه هستي من نيستي ست،

هستي بي نيست ندانم که چيست.

4-    نيست شناسنده ءِ هستي مگر،

آنکه و را نيست زهستي گذر.

5-     ثابت مطلق به صفاتي آحدَ،

زندهءِ باقي به بقائي آبَد.

خسرو جي ناصحانه پهلو ڪلام ۾ نصيحت آهي، پر تلخي ۽ ناگواريءَ جي ڪيفيت جي عدم موجود ۽ ٻوليءَ جي نرمي قابل داد آهي.

1-هر چه رسد بيش خورد کم مخور،

ورنه رسد هم برسد غم مخور،

______

2-باش به کامم که به کام تو آم،

زنده نا زنده به نامَ تو آم.

1

-سرمايه ءِ مردمي مکن گم--  کز مرد مي ست نور مردم،

4-گرچه زرت از عدد پود بيش- درويش نواز باش و درويش.

5-تشنگي آب رودز آب جُو، تشنگي چشم برد آبرو.

6-تکيه چه آري به عصائه کسان—زنده نه شد کس به بقائي کسان.

7-چند زباد پدر وجد پري، باد بود هرچه نه ازخود بري.

خسروءَ جي ڪلام جو عارفانه پهلو به عجيب آهي دل ڇا آهي ۽ اُن جو مڪان ڪهڙو آهي، اُن جي زندگي ڇا آهي ۽ اُن جو موت ڇا ۾ آهي، اهڙن دقيق سوالن جا جواب حضرت خسروءَ جنهن ساعرانه پيرا يه ۽ محققانه طريقي ۾ ڏنا آهن سو سندس ئي حصه آهي.

چون تِن آدم به گل آرا ستند،

خانهءِ جان بهر دل آراستند،

آدمي آنست که دروي دل ست،

ورنه علف خانهءِ آب و گِل ست.

زندهه به جان خود همه حيوان بود،

زنده به دل باش که عمر آن بود.

سردي دل مردگي دل بود،

خون چون تَن سرد شود گِل بود.

عشق جو شان ڇا آهي، عشق جي روش ڪهڙي آهي، عشق جو درجو ڪهڙو آهي. انهن مسئلن کي امير ڪهڙي نه وجد وکيف سان بيان ڪيو آهي.

عشق زباني – زهر افسرده پرس،

سوزتِش آن- از دل آزرده پرس.

ذوقِ نمک گرچه زبان را خوش ست،

چون به جراحت فگني آتش ست.

موم بود دل که زعشق ست زار،؟

کوبه گداز اُفتد ازيک شرار،

جان که نه عشقش بود اُن بازي ست،

عشق نه بازي ست که جانبازي ست.

چند بري عشق به بازي پسر؟

عشق دگر باشد وبازي دگر.

صاحب سيرالاوليا لکي ٿو ته خسرو جيڪو شعر چوندو هو، اهوهميشہ پنهنجي مرشد حضرت سلطان الاولياء شيخ نظام الدين رحه کي ڳائي ٻڌائيندو هو. هڪ دفعي حضرت کي خسرو جڏهن پنهنجو هڪ غزل بدستور ڳائي ٻڌايو، تڏهن فرمايائون ”اي خسرو آئينده طرز ِ صفاهاليان بگو“ يعني ايراني طرز تي عشق انگيز ۽ زلف وخال گل وبلبل جي ڦندي ۾ ڦاٿو ۽ هر ڳالهه کان بي نياز ٿي پُرسوز ڪلام چوڻ لڳو. سندس هڪڙي غزل جا چند بند پيش ڪجن ٿا.

1_ برد اي باد و پيش ِ ديگران ده جلوه بستان را،

مرا بگذار تا مي بينم آن سروي خرامان را.

2_ بابن مقدار هم رَلجي پر آن خاطر نميخوهم،

که از خونم پيشماني بود آ نا پيشمان را.

3_ ورت بدنامي است از من يه يک غمزه به کُش زارم،

چرا برخويش مشکل مي کني اين کار ِ آسان را.

4_ بد وگفتم که چون کشتي مرا ترکن زبان بازي،

بگفت اُفتاد چون صيدم چه حاجت تير، باران را.

5_ پريشاني من که دارم ز زلفت هم مرا بارا،

چگونہ گويد اين ”خسرو“ که آن زلف پريشان را.

نطائف آشرفي ۽ سفينةالاولياء ۽ سيرالاولياءَ ۾ ذڪر آهي ته خسروءَ جي دل سوز سان ايتري ته ڀريل هئي جو هڪ دفعي حضرت شيخ نظام الدين اولياء فرمايو ته ”جڏهن روز ِ حشر خداوند عالم پڇندم ته منهنجي درٻار لاءِ ڪهڙو تحفو آندو اٿئي ته خسروءَ کي پيش ڪندس.“ ان موقعي تي جڏهن خسرو جو هڪ ڪلام ٻڌائون تڏهن وجد ۾ اچي فرمايائون ته ”روز ِ قيامت هر شخص ڪنهن نه ڪنهن چيز تي ناز ڪندو مان تنهنجي سيني جي سوز تي نازان هوندس.“ خسرو جي سوز وگدازجو شيخ لااوليا کي ايترو قدر هوندو هو جو به وقت دعا پڻ فرمائيندا هئا ته ”الاهي به سوز ِ سينهءِ اين ترک مرا ببخش.“ يعني ”خداوند مون کي هن ترڪ (خسرو) جي سيني جي سوز صدقي بخش.“ اهڙي بزرگ هستيءَ وٽ ايڏو قدر ڪنهن رواجي شاعر يا اديب جو ٿي نٿو سگهي. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته خسروءَ جي جاءِ ، صف عارفان ۾ ڪهڙي هوندي. به قولحي .”آنچه از دل خيزد بر دل ريزد“ معشوق پنهنجي عاشق اڳيان لنگهي ٿو، مگر هن جي حال تي رحم کائڻ عيوض هن جي دل کي لٽيو ڦريو تباهه ڪيو هليو ٿو وڃي، جنهن جو ڪو داد نه فرياد. انهي ڪيفيت يا منظر کي امير ڪهڙي نه سادگيءَ سان نباهيو آهي.

ڪافرحي رخت ودلم غارت کرد، شهر اسلام ومرا داد ٺه بود،“

ذرا بندش تي غور فرمايو وڃي ڪافر _ غارت_ شهر اسلام ۽ داد .

معشوق پنهنجي عاشق جي حالت پڇڻ ٿو چاهي مگر عاشق جنهن جي تباهي ۽ بربادي بيان کان ٻاهر آهي سو چوي ته ڇا چوي . ڪيئن ويل دل واپس گهري ۽ ڪيئن محبوب جي روش جي شڪايت ڪري. انهي پر کيف معاملي کي امير ڪهڙي نه پردرد، سادي ۽ موزون نموني ۾ نباهيو آهي.

مراغمي ست که پيدا نمي توانم کرد،

شڪايت دل، شيدا نمي نوانم کرد.

توحال من ازين روئي زرد بين وميرس،

که من به روئي تو پيدا نمي توانم کرد.

مگر تو خود به کرم باز بخشم دل ريش،

که من از شرم تقاضا نه مي توانم کَرد.

ٻي هنڌ سندس روڄ کي_ ملاحظ فرمايوته: ڪهڙي نه عجيب و غريب انداز ۾ بيان ڪندي اُن جي آڙ ۾ محبوب کي ترسڻ جي استدعا ڪئي اٿس ِ هڪ مصرع ۾ ڇا ته جِدت ۽ بلاغت سمايل آهي:

ميري وگريه مي آيد مرا،

صبر ڪن چندان ڪ باران بگذرد.

فرمائي ٿو ”وڃين ٿو پر مون کي روڄ ٿو اچي _ ذرا ترس ته بارش ختم ٿي.“ ٻئي هنڌ به ڳوڙهن کي عجيب انداز ۾ نڀايو اٿس.

اشڪم برون مي افگند رازحي درون ِ پرده را،

آري شڪايت ها بود مهمان ِ بيرون ڪرده را.

”ڳوڙها منهنجي اندر جو راز فاش ڪري رهيا آهن يعني مون کي بدنام ڪري رهيا آهن بيشڪ ڇو نه ڌڪي ٻاهر ڪڍيل مهمان کي شڪايت ٿيندي آهي. “ ڳوڙهن جي ڀيٽ اون مهمان سان ڪيل آهي جنهن کي ميزبان ڌڪي بي عزتو ڪري گهر مان ڪڍي_ اهڙو مهمان ضرور شڪايت ڪندو ۽ راز فاش ڪندو.

ڪن سخن فهمن جو چوڻ آهي ته خسروجا بعض اشعار اهڙا ته بلند پايه آهن جو اُنهن جو هر شعر هڪ ، مڪمل ديوان جي حيثيت رکي ٿو. خسرو جي غزلن ۾ مستي ڀريل آهي، سا هر دل کي لوڏڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي. هن پنهنجي تمنا_ پنهنجي مايوسي، پنهنجو انتظار، پنهنجي ناڪامي، پنهنجي بيقراري ۽ پريشانيءَ جون تصويرون پنهنجي غزلن ۾ اهڙيءَ طرح ته چٽيون آهن ڄڻ ته ڪي بلبليون پنهنجي غم ۽ سورن جا داستان پنهنجي درد انگيز لاتين ۾ ڳائي رهيون آهن. اهڙن غزلن جا چند اشعار ناظرين جي پيش خذمت آهن.

1_ از جان من آرام رفت آرام ِ جان ِ من کجا

هجر نشان ِ فتنه شہ_ فتنه نشان ِ من کجا

2_ آمد بهار ِ مشک دم_ سنبل دميدو لاله هم

سبزه به صحرا زد قدم سروي روان ِ من کجا

3_ هر دم جگر درسوز و تاب ازيده ريزم خون ِ ناب،

اينک مئي اينک کباب آن ميهمان من کجا.

آخر ۾ خسرو جي هڪ ٻن عاشقانه غزان جا چند مصرع پڙهندڙن جي تفريح طبع لاءِ عرض رکان ٿو، جنهن ۾ امير پنهنجي بيخوديءَ ۽ مستيءَ جون ڳالهيون عجب انداز ۾ بيان ڪري ٿو. ڪلام جي روالي— چستي سلامت--- اصليت ۽ جوش قابلِ داد آهن.

غزل

1-ساقيا مئي دهه که امروزم سَر ديوانگيست،

دور به گردان که مرگم از تهي پيمانگيست.

2_ من به رغبت جان دهم تو رحم آري برتنم،

اين عنايت درميان ِ دوستان بيگانگيست.

3_ شمع شيريني چشيده ست_ آن به سوز باک نيست،

لذت از آتش گرفتن مذهب ِ پروانگيست.

(2)

هميشه در فراقت بادل آفگار هي گريم،

غمت را اندکه هيگونيم و بسيار مي گريم.

شبي کندر حريمت نمي بابم بصد زاري،

بحسرت سي نشينم دريس، ديوار مي گريم.

چه سوزست اين نمي دانم بجانِ خسروي ، سکين،

که چون ابر- بهار- اندر سَر کهسارمي گريم.

(3)

آخر اين دردم به درمان کئه رسد،

نوبتِ ديدار جانان کئيه رسد.

اين دلِ سرگشتهءِ سودا زده،

دروصالِ توبه سامان کئيه رسد.

ديدهءِ يعقوب بر راهِ اُميد،

مانده تا پيغام رضوان کئه رسد.

دل چون بلبل زار و نالان در فراق،

تا گُلِ رويت به بستان کئه رسد.

(4)

جان زتن بردي ودر جاني هنوز،

دردها دادي و درماني هنوز،

ملکِ دل کردي خراب از تيغ ناز،

اندر اين ويرانه سلطاني هنوز.

هر دو عالم قيمتي خود گفت ئي،

نرخ بالا کن که ارزاني هنوز.

پيري و شاهد پرستي هم خوش است،

خسروا تا کئه پريشاني هنوز.

____

هينئر ناظرين جي تفريح طبع خاطر چند جهلڪون حضرت خسرو جي قصيدن جون پيش ڪجن ٿيون. جنهن مان اندازو ٿيندو ته قصيدي جون جي خوبيون مٿي بيان ڪيل آهن سي سڀ خسروءَ جي قصيدن ۾ موجود آهن.

حضرت جامي پحرستان ۾ لکي ٿو ته ”خسرو جو ڪلام (خصوصاًغزليات) اُنهن خيالات ۽ تصورات جو آئينه دار آهي. جنهن کي عاشقانِ صادق ۽ خدا پرست انسان پنهنجي پنهنجي خيال ۾ مذاق مطابق سمجهن ٿا. هن جو ڪلام مقبول عام آهي.“

امير جي قصيده بحرالابرار جا ٻه شعر عرض رکجن ٿا. اشعار جي خوبي ايها آهي جو پهريون مصرع دعويٰ آهي ۽ ٻيو مصرع اُن جو دليل (ثبوت).

عاشقي رنج نست و مردان رابه سينه راحت است،

سِلِسلٻه بند نست و شيران را به گردن زيور است.

راهه رو چون در ريا کوشد مريدِ شهوت است،

بيوه زن چيِن رُخ بيارايد به بندِ شوهر است.

______

صنعت لف و نشر جو ته امير ماهر هو. ڇو ته هن کي فارسي ٻوليءَ تي پورو پورو عُبور هو. سندس ٻئي قصيدي جا چند اشعار عرض رکجن ٿا. هيءُ قصيدو، خسروءَ، سلطان علاوالدين خلجيءَ جي شان ۾ لکيو هو. ڇا ڪلام جي رواني آهي ۽ ڇا اُن جي رنگيني آهي. اهڙي ڪامل سخن سنج جي قلم جي نوڪ تان پاڻ قربان ڪجي ته به ڪافي داد نه سمجهيو ويندو.

قدر زر زرگر بداند-قدر  جوهر جوهري

قدر گل بلبل بداند---قدر دلدل با علي

اشعارِ قصيده ملاحظه فرمايو.

1- کجا خيز د چو تو سروي—جوان و نازڪ و نوبر،

شکر گفتار و شيرين کارو گل رخسار ومه پيکر.

2- نه باشد چون لب و اندام و گيسو و رخت هرگز،

شکر شيرين و گل رنگين و شب مُشيکن و صبح اذفر.

3- بُبرد انديشئه مهرو فراق و آرزوئي تو،

زشخصم تاب و روهم آب و چشمَم خواب و جانم خور.

_____

خسروءَ جو ٻيو هڪ قصيدو جو مرات الصفاجي عنوان سان مشهور آهي، جيڪو هن خاقاني جي مشهور قصيدي مرات النظر جي جواب ۾ لکيو آهي تنهن مان چند اشعار خاقانيءَ جي اشعارن سان گڏ پيش ڪجن ٿا. راقم الحروف کي يقين آهي ته صاحب ذوق حضرات ٻنهي ملک الڪلام شاعرن جو شعر پڙهي اَنهن جي پروازتخيل، مبالغه ۽ قادرالکلامي جو اندازو لڳائي سگهن ٿا.

اها ڳالهه ضرور خيال ۾ رکڻ گهرجي ته فارسي خاقانيءَ جي مادري زبان هئي پر خسروءَ جي نه هئي. خاقانيءَ جو ڌنڌوئي شاعري هو، مگر خسروءَ کي ٻيا به گهڻا ئي اليڪ ڪاروبار سنڀالڻا پوندا هئا، تنهن هوندي به هٿ جي ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ضرورت نه آهي.

قصيده خاقاني.

1- دلِ من پير تعليم ست و من طفلِ زبان دانش،

دمِ تسليم و سر عشر و سِر زانو دبستانش.

2- نه هرزانو دبستان ست و هردم لوح تسليمش،

نه هر دريا صدف دارست و نه هر قطرهء نيسانش.

3- زهه خضرِ سکندر دل هوا تخت وخرد تاجش،

خمه سرمت و عاقل جان بقا نزل و رضا خوانش.

قصيدهء خسرو.

1- دلم طفل است و پير عشق اُستادِ زبان دانش،

سواد الوجه سبق و مسکنت کنج دبستانش.

2- زد ريائي شهادت گر نيهنگ لا بر آرد سر،

تيمم واجب آيد نوح را در عين طوفانش.

3 -مرا انصاف مطلوب ست نيه تحسين ازين معنيٰ،

کسه کو بگذشت از انصاف باشد خصم يزدانش.

4- چو مرد ازخود برون آيد گل و خارست يک رنگش،

جو مست از هوش فارغ شد شب وروزست يکمانش.

__

حضرت جاميءَ جو چوڻ آهي ته خاقانيءَ خوانِ نعمت وڇايو ۽ خسروءَ ان ۾ نمڪ وجهي ان کي مزيدار بڻايو ۽ جاميءَ ان دستر خوان تي کائڻ وارن لاءِ هٿ ڌئارڻ واسطي پاڻي مهيا ڪيو.

هينئر امير خسروءَ جون چند رباعيات وقطعات ناظرين جي دلچسپيءَ لاءِ عرض رکان ٿو.

در مدح پير.

زشيخ نظام چون سلام ست مرا،

با حسن عمل عيش مدام ست مرا.

اَميد پس مراد و کام ست مرا،

زيرا همهه کار يا نظام ست مرا.

بزميه.

دوش آمد و واعذهه شرابم ميداد،

خونابه بجائيه مئيه نابم ميداد.

مي پرسيم حالِ دل او خامُش بود،

وان زلف بجائيه او جوابم ميداد.

__

اي برسرِ خوبان جهان سرچشمت،

درد از چه فنادست بگو در چشمت.

از بس که بچشم تو در آمد دلِ من،

دردِ دل من کرد اثر در چشمت.

ناصحانه.

اي دوست رضا به حکم يزداني دهه،

وزطاعت حق دادِ مسلماني دهه.

چشمت چو زنا کند خواهي پاک،

غسلش تو زگريهءِ پشيماني دهه.

_____

اقبال را بقا نه بود دل چو درد مند،

عمرِ که به غرور گذاري فنا بود.

گر نيست بلورت زمن اين نکئه شيرين،

اقبال را چو قلب کني لابقا بود.

امير خسرو جون چند قطعات پيش ڪجن ٿيون.

ناصحانه.

بچاءِ فقر تو انگر نمامِي همت باش،

که گرچه هيچ نه داري بزرگ دار ندت.

بد انکه باهمهه مستي شوي خسيس مزاج،

که گرچه قارون باشي گدا شمار ندت.

___

حاصل خود بخور آنده بيهوده مخور،

باشد آنرا چو خوري حاصلِ ديگر باشد.

آبلهي باشد با هستي زر غم خوردن،

هرکه او غم خورد و زر نه خورد خر باشد.

_____

حسنِ اخلاق از خردمندان توان کردن طلب

خر بود آ نکو ادب جستن بسوئي خربود.

بي خرد را عيب نه توان کرد در ترکِ ادب،

عيب نه بود مور بر تختِ سليمان گر بود.

___

سفله گر قصد دوستان دارد،         هم به بيند سزائه خود ناچار.

خس که صد پئه سرِ چراغ پرد،      عاقبت سوخته شود يکبار.

کسه کز بهر تو باخلق بد کرد،

کند با تو همين ناسازگاري.

کسيه کز پروري از خون مردم،

وفاداري از اوچون چشم داري.

خسرو جي پديع العجائب (جواهر خسروي) مان چند قطعات مثال طور پڙهندڙن جي ملاحظه لاءِ هيٺ ڏجن ٿيون. نصاب بديع العجائب ۾ جيڪي قطعات آهن، اُهي صنايع بدايع سان ڀرپور آهن:

 

باب وليل وليل َ و توت و دود موم،

تحت قاق ونتن و خوخ نون وميم.

قلب هر يک عين اوشد معنيش،

هست ظاهر نزد طبع مستقيم.

قطع جي خوبي ايها آهي ته پهرين مصرع جو هر لفظ جيڪڏهن ابتڙ ڪري پڙهيو ته به ان جي ساڳئي ۽ مطلب نڪرندو جهڙو رواجي پڙهڻ سان هن قسم جي قنصت کي ضعت قلب چوندا آهن

مِلک و مال و احمر آل و حولِ سال

سکه کو و راهه رو را گو مُمر.

مِرگ سام و سال عام و سول کام،

صر سرما گرم و گرما حار و حر.

__

مٿئين قطع ۾ صنعت غير منقوط آهي يعني ڪو به لفظ نقطي وارو ڪونه آهي.

رَب دان پروردگار ورب دان زخلق،

رُب آب خالص از انگور و سيب و نازوان.

غَمِر بسياري زمال فاخر است اندر لغت،

غِمر کينه غُمر بي تدبير مردي درجها.

____

مٿئين قطع ۾ صنعت محتمل معنيٰ جو استعمال ڪيل آهي.

ازانسواءِ امير جون چند رباعيات جي هن جي تصنيف شهر آشوب ۾ درج آهن. سي بر لطف  دل آويزآهن جي شايد موصوف تفريح طبع لاءِ قلم بند ڪيون آهن. مگر انهيءَ هوندي به اهي پُر مذاق ادب جو هڪ ذخيرو آهن، هڪ اڌ رباعي تفريح طبع لاءِ پيش ڪجي ٿي. هندو ڇوڪري جي تعريف ۾.

هندو صنم کزو زخم شد کاهي،

دردا که نه دارد زغم آگاهي.

گفتم از لبت کا رمن خسته برآر،

در خنده شد و گفت: نائي نائي.

نائي (حجام) ڇوڪري جي تعريف ۾ امير جي جدت قابل داد آهي.

حجام پسر به خوبي و رعنائي،

وي آئينه به غور بدان زيبائي،

گفتم صنما در برت آيم نايم.

فرياد بر آدرو که نائي نائي

محاورو ”دربرت“ ۽ الفاظ نائي نائي نهايت موزون ۽ لطف ده ۽ ذومعنيٰ آهن.

هڪ زرگر ڇوڪر بابت امير جو ڪجهه چيو آهي سو هرنقطئه نگاهه کان قابل داد آهي:

 

زرگر هر زهوش بيهوشم کرد،

گوشم بگرفت حلقه بگوشم کرد.

خواهم که ز در د گوش فرياد کنم،

لب برلب من نهاد و خاموش کرد.

الفاظ حلقه بگوئم کرد  ۽ لب بر لب، نهاد به ذو معنيٰ ۽ پرلطف آهن.

هڪ سنگ تراش ڇوڪر کي مخاطب ٿي امير فرمائي ٿو:

اي سنگ تراش دل ترا ياد کد،

از سنگ دليهائي تو فرياد کند.

از بهر چه تيشه مي زلي بهر سنگ،

شيرين نه سزد که کار فرهاد کند.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com