سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1974ع

مضمون:

صفحو :11

   (اسٽيفن زوائگ)

·                   سنڌيڪار: غلام نبي ميمڻ

گلاب جا گل

(آخري قسط)

هڪ دفعو وري:

ڪالهه اسان جو پٽ گذاري ويو، مگر افسوس جو توکي انهيءَ جو اطلاع ملي نه سگهيو. سندس پياري معصوم صورت ڪڏهن به تنهنجي ويجهو اچي نه سگهي. تنهنجون اکيون ڪڏهن به ان کي ڏسي نه سگهيون. ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ ڪافي عرصي تائين مون پنهنجي پاڻ کي توکان لڪائي رکيو. هاڻي مان توسان گهٽ پيار ڪندي هيس. ڇو ته هاڻي مان ماءُ بنجي وئي هيس. هاڻي مون کي هڪ پٽ ڄائو هو. هاڻي تنهنجي محبت منهنجي لاءِ گهڻو اذيتناڪ نه رهي هئي. مان پنهنجي جسم کي ٻن حصن ۾ تقسيم  ڪرڻ جي قطعاً خواهشمند نه هيس. مون پنهنجي محبت پنهنجو روح صرف توکي ئي سونپڻ کان گريز ڪيو. تون جو فطرتاّزبي فڪر ۽ آزاد رهڻ پسند ڪندو هئين. مون توکي انهيءَ ڪري مشڪلات ۽ فڪر ۾ وجهڻ مناسب نه سمجهيو. ۽ پنهنجو جسم، پنهنجي محبت، پنهنجو روح سڀ ڪجهه پنهنجي ٻار کي سونپي ڇڏيم. انهيءَ کي منهنجي ضرورت هئي. انهيءَ  جي مون کي پرورش ۽ پالنا ڪرڻي هئي. جنهن کي مان هر طرح جو پيار ڪري سگهيس ٿي. ائين پئي معلوم ٿيو. جيئن ان جي ملڻ سان منهنجي سڄي بيچينيءَ  ۽ سڄي  بيقراري ختم ٿي وئي هئي. تنهنجي انهيءَ معصوم روپ ۾ پيدا ٿيڻ سان، منهنجا سڀ دک دور ٿي ويا هئا. بس هڪڙي ڳالهه هئي جا مون کي هميشہ ياد رهندي هئي. تنهنجي سالگره تي مان توکي هميشہ گلاب جي اڇن گلن جو گلدستو موڪليندي هيس. اهڙائي گلاب جا ٽڙندڙ گلن جي تو مونکي پهرينءَ  ملاقات ۾ پيش ڪيا هئا. انهن يارهن سالن ۾ ڪڏهن تو سوچيو به ته انهن گلن جو موڪلڻ وارو ڪير آهي. ڇا توکي ڪڏهن ياد آيو ته اهڙائي گلاب جا گل تو هڪ دفعو ڪنهن اٻوجهه ۽ معصوم  ڇوڪريءَ  کي پيش ڪيا هئا. خير مون کي انهيءَ سان مطلب نه آهي.  منهنجي لاءِ ته بس ايتروئي ڪافي هو ته مان انهيءَ اونداهيءَ ۾ رهي توکي وڻندڙ چانڊوڪيءَ جهڙا اڇا گلاب جا گل موڪليندي رهان---سال ۾ هڪ دفعو---انهيءَ لافاني رات جي سونهاري ياد کي تازي ڪرڻ لاءِ---!

تو ڪڏهن به پنهنجي پٽ کي نه ڏٺو. انهيءَ جي لاءِ مان پاڻ کي جوابدار سمجهان ٿي، ته مون ڇو ايترو انهيءَ کي توکان لڪائي رکيو. حالانڪ تون ان کي ڏسين ها ته تون ان کي ضرور پيار ڪرين ها، تو ان کي ڪڏهن به مرڪندي نه ڏٺو. جڏهن هو ننڊ مان بيدار ٿي پنهنجون اکيون کوليندو هو، وڏيون وڏيون ڪاريون اکيون جي تو جهڙيون هيس، تڏهن ڪيڏو نه پيارو لڳندو هو! جهڙيءَ طرح تون خوش طبعيت ۽ البيلو آهين اهڙيءَ طرح جيئن تون مختلف زندگين سان کيڏندو رهندو آهين. راند کان پوءِ هو بلڪل سنجيدگيءَ سان پنهنجي اسڪول جي ڪتابن کي پڙهندو هو. هر ڳالهه ۾ هو هوبهو  تنهنجو عڪس نظر ايندو هو. انهيءَ  ننڍڙي جسم ۾ تو وري جنم ورتو هو. جهڙيءَ  طرح شوخيءَ  ۽ سنجيدگيءَ جي ميلاپ جي جا خاصيت تو ۾ موجود آهي اها ان ۾ به هئي---ڪيڏو نه هو توسان ملندڙ جلندڙ هو---! انهيءَ ڪري ته مان انهيءَ سان ايڏو پيار ڪندي هيس. پڙهڻ ۾ هو نهايت ئي هوشيار هو---فرينچ زبان ته بلڪل چڱيءَ طرح سان ڳالهائي سگهندو هو. سندس نوٽبڪ پنهنجي ڪلاس ۾ سڀني کان صاف ۽ سٺا هوندا هئا. هو هڪ خوبصورت ۽ من موهيندڙ ڊول ۽ اڏاوت وارو ڇوڪرو هو.

توکي عجب ضرور لڳندو ته مون سندس پرورش اهڙي ڍنگ سان ڪيئن ڪئي؟ منهنجي لاءِ اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهيو ته مان سندس لاءِ امير ماڻهن واري زندگي ميسر ڪري سگهان--- منهنجا محبوب ! مان بلڪل گهرين تاريڪن ۾ هن وقت توسان هم ڪلام آهيان. مان بنان ڪنهن شرم ۽ حيا جي سڀ ڪجهه توکي ٻڌائيندس، مون کان نفرت نه ڪجانءِ. مون سندس زندگيءَ جي روشنيءَ لاءِ پنهنجو پاڻ کي وڪرو ڪري ڇڏيو. مگر مان بازاري عورت نه بنيس. مون صرف پنهنجي جسم کي وڪيو هو. منهنجا دوست منهنجا چاهڻ وارا سڀ امير ۽ دولتمند  هئا. پهرين مان انهن جي پٺيان ڦرندي هيس پر پوءِ جلد ئي ٻه ڄڻا مون تي مست ٿي پيا ۽ ڪتن وانگر پڇ لوڏيندا منهنجي پٺيان ڦرڻ لڳا. جيئن ته مان هڪ حسين عورت هيس، انهيءَ ڪري جنهن کي به مون پنهنجو جسم سونپيو اهو منهنجي لاءِ هر وقت سچو ۽ ايماندار ثابت ٿيو. اهي سڀ منهنجا ئي شيدائي هئا. اهي سڀ مون سان بيحد پيار ڪندا هئا. مگر مان توکي ڇڏي ڀلا ٻئي ڪنهن سان پيار ڪري ڪيئن ٿي سگهيس!

هاڻي جڏهن ته مون توکي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي، ڇا تون هاڻي مون سان قلبي نفرت ڪرڻ لڳندين! مون کي يقين آهي ته نه. مان سمجهان ٿي ته توکي سڀ ڪجهه خبر آهي. اها به خبر اٿئي ته جيڪي ڪجهه مون ڪيو اهو تنهنجي ئي بهتريءَ خاطر، تنهنجي پٽ جي زندگيءَ خاطر—جڏهن مان اسپتال ۾ داخل ٿي ڪنجهي رهي هيس، ته مونکي پهريون دفعو خبر پئي هئي ته غريبي ڪيڏي نه ڀيانڪ ٿيندي آهي. مون کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته غريبن جي دنيا ۾ اهي ئي وڌيڪ ظلم جو شڪار ٿيندا آهن جي مجبور ۽ مفلس هوندا آهن. مان اهو سوچڻ به برداشت ڪري نٿي سگهيس ته منهنجو پٽ هن جهنم ۾ جنم وٺي. انهيءَ گندي ماحول ۾ ساهه کڻي. مون نٿي چاهيو ته سندس زبان غليط ماڻهن جون ڳالهيون سکي ۽ سندس حسين ۽ نازڪ  جسم مفلسيءَ جون ليڙيون پهري. منهنجي پٽ کي دنيا جي هر بهتر شيءِ ميسر هجي ڇو ته مستقبل ۾ کيس تنهنجي ئي نقش قدم تي هلڻو هو ۽ انهيءَ اوچي سوسائٽيءَ ۾ رهڻو هو. جنهن ۾ تون رهين ٿو. انهن ئي سببن ڪري مون کي پنهنجو پاڻ وڪرو ڪرڻو پيو. منهنجي لاءِ اها ڪا وڏي ڳالهه نه هئي. ڇو ته جنهن کي ازل کان عزت ۽ بدنامي چوندا آيا آهن اهي منهنجي لاءِ بي معنيٰ هيون. دنيا ۾ صرف تون ئي هئين جنهن کي منهنجي جسم منهنجي روح تي پورو پورو حق حاصل هو. مگر صد افسوس جو تون مون سان پيار ڪري نه سگهئين: تڏهن منهنجي لاءَ  هي جسم، هي حسن ڪهڙي  معنيٰ رکي ٿو؟ انهيءَ ڪري منهنجي روح منهنجي جسم جو ساٿ ڇڏي ڏنو، منهنجي چاهڻ وارن جون محبتون منهنجي گَهراين کي ڇهي نه سگهيون، حالانڪ انهن ۾ ڪافي اهڙا ماڻهو هئا جن کي مان عزت جي نگاهه سان ڏسندي هيس. ۽ پنهنجي بدقسمتيءَ سبب انهن جي محبت  کي همدرديءَ جي هڪ شڪل سمجهندي هيس. اهي سڀ مون تي ڏاڍا مهربان هوندا هئا--- مون کي وندرائيندا هئا۽ منهنجو هر طرح سان خيال رکندا هئا. انهن ۾ هڪڙو اڌڙوٽ عمر جو آفيسر هو،انهيءَ جي زال مري وئي هئي، انهيءَ پنهنجي اثر رسوخ جي ڪري منهنجي پٽ کي هڪ وڏي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ مون سان پنهنجي ڌيءَ وانگر پيار ڪندو هو. ٽي—چار دفعا ان مون کي شادي ڪرڻ لاءِ آڇ ڪئي. جيڪڏهين مان انهيءَ وقت ها ڪيان ها ته اڄ مان هڪ شهزادي هجان ها، هڪ عاليشان بنگلي جي مالڪياڻي  هجان ها. اڄ مان فڪرات کان بلڪل آزاد هجان ها ڇو ته منهنجي پٽ کي هڪ بلڪل سنجيده  ۽ عزيز پيءُ ملي وڃي ها ۽ مون کي هڪ خاموش رحم دل ۽ معزز خاوند! مگر مان سندس آڇ کي برابر ٺڪرائيندي رهيس. مون کي پوريءَ طرح پروڙ هئي ته منهنجي انهيءَ انڪار تي کيس سخت صدمو پهچندو. اها منهنجي بيوقوفي  هئي، ڇو ته جيڪڏهن مان سندس ڳالهه مڃان ها ته اڄ مان ڪيڏو نه محفوظ هجان ها، ۽ آرام جي زندگي بسر پئي ڪيان ها. منهنجو پٽ مون وٽ زنده موجود هجي ها، پنهنجي انهيءَ  انڪار جو سبب توکان لڪائڻ نٿي چاهيان. پنهنجي لاشعور ۾ اڃا تائين به پنهنجي ننڍپڻ جا خواب ڏسي رهي هيس. مون کي يقين هو ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن  تون مون کي ضرور پاڻ وٽ گهرائيندين. پوءِ اها گهڙي پل ئي کڻي ڇو نه هجي. انهيءَ هڪڙيءَ گهڙيءَ پل جي لاءِ مون هر ڪنهن جي اڳيان انڪار ڪيو ته جيئن تنهنجي سڏڻ تي مان تو وٽ پهچڻ لاءِ هميشہ آزاد رهان، جوانيءَ جي شروعات ۾ نسائيت جي پهرين ڪِرڻي بيدار ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين منهنجي زندگي تنهنجي تمنا کان سواءِ ٻيو ڇا هئي.

آخر اها نامعلوم گهڙي اچي وئي---مگر انهيءَ جي توکي بلڪل خبر نه پئ--- اها گهڙي آئي--- ته  تون مون کي سڃاڻي به نه سگهين. تو مون کي ڪڏهن به نه سڃاتو--- ڪڏهن به نه--- ڪڏهن به نه--- مان اڪثر  توکي ٿئيٽر ۽ ناچ گهر وغيره ۾ ڏسندي هيس ته منهنجي دل باغ باغ ٿي ويندي هئي، مگر تون مون ڏي نهارڻ کان سواءِ ئي ڀرسان لنگهي ويندو هئين. انهيءَ وقت منهنجو ظاهري رنگ روپ واقعي بدلجي ويو هو. هڪ ڊڄڻي ۽ شرميلي ڇوڪري هاڻي مڪمل عورت بنجي وئي هئي. ماڻهو چوندا هئا ته مان ڏاڍي حسين آهيان. مان هميشہ قيمتي ڪپڙن ۾ رهان ٿي. هردم پنهنجي دوستن سان گهيريل رهان ٿي. جنهن کي هڪ دفعو تو شرميلي ڇوڪريءَ  جي روپ ۾ ڏ‎ٺو هو، انهيءَ کي ايترو بدليل ڏسي تون ان کي ڪيئن سڃاڻي سگهئين ٿي. ڪڏهن منهنجا ساٿي تنهنجو استقبال ڪندا هئا ته تون مون ڏانهن نهاريندي انهن کي جواب ڏيندو هئين. تنهنجي نگاهه انهيءَ وقت به هڪ گنڀير اجنبي واري هوندي هئي. انهيءَ ۾ نظر کان وڌيڪ گهڻيءَ دوريءَ جو جذبو ڪارفرما هوندو هو، هڪ دفعي  مون کي ياد آهي، تنهنجي انهيءَ ناواقف نگاهه کي ڄاڻندي به مون کي سخت چوٽ لڳي هئي. مان پنهنجي هڪ دوست سان گڏ ڪنهن تماشي ڏسڻ لاءِ هڪ باڪس ۾ ويٺي هيس. تون انهي وقت ڀرواري باڪس ۾ ويٺو هئين. پروگرام شروع ٿيو ته هال جون بتيون وسامي ويون. مان انهيءَ وقت تنهنجو مُنهن ڏسي نٿي سگهيس. مگر تنهنجي ساهه جي ڌڙڪڻ کي ائين ئي پنهنجي ڀرسان محسوس ڪري رهي هيس، جيئن انهيءَ ڏينهن توسان گڏ مون محسوس ڪيو هو، تنهنجي ۽ پنهنجي باڪس کي جدا ڪرڻ واري  غاليچي سان ڍڪيل هٿئي تي تنهنجو هٿ رکيو هو، انهيءَ وقت منهنجي دل ۾ اها خواهش  پيدا ٿي ته مان جهُڪي انهيءَ  کي چمان، انهيءَ هٿ کي  جنهن جو پيار ڀريو ڇهاءُ هڪ دفعو اڳ به محسوس ڪري چڪي هيس. آرڪسٽرا جي تيز ڌن سان گڏ منهنجي اها خواهش شديد ٿيندي وئي. ڏاڍيءَ مشڪل سان آءٌ پنهنجو پاڻ تي قبضو ڪري سگهيس ۽ مون پنهنجي ڏڪندڙ. چپن کي تنهنجي هٿن کان پري ئي رکيو. پوءِ پهريون منظر ختم ٿيندي مون پنهنجي دوست کي چيو ته مان وڃڻ چاهيان ٿي. منهنجي لاءِ هاڻي اهو بلڪل مشڪل هو ته انهيءَ اونداهيءَ ۾ مان تنهنجي ايترو قريب ويهي به ايترو دور آهيان، ايترو نزديڪ آهيان---مگر پوءِ به ايترو دور--!

اها گهڙي وري هڪ دفعو منهنجي زندگيءَ ۾ آئي—هڪ سال بعد تنهنجي سالگرهه جي ٻئي ڏينهن.

سالگرهه جي ڏينهن منهنجا خيالات ۽ جذبات اڳئين کان گهڻو وڌيڪ توسان وابسته ٿي ويا هئا. مان تنهنجي هر سالگره کي هڪ عظيم جشن کان گهٽ نه سمجهندي هيس. مان صبح جو تمام سويل اٿي تنهنجي لاءِ گلاب جا گل خريد ڪرڻ ويس. هي سفيد گل مان انهيءَ گهڙيءَ جي ياد ۾ توکي باقاعده موڪليندي هيس. جنهن کي تو وساري به ڇڏيو هو. منجهنڊ کان پوءِ مان پنهنجي پٽ کي موٽر ۾ گهمائڻ وٺي ويس. شام جو اسان ٿئيٽر ڏسڻ وياسون_ مون پنهنجي پٽ کي چيو هو ته انهيءَ ڏينهن کي هو پنهنجي زندگيءَ جي پراسرا سالگراهه جي روپ ۾ ملهائي. مگر هن کي انهيءَ جي سبب جي خبر پئجي نه سگهي هئي.

ٻيو ڏينهن مون هڪ نوجوان اميرزادي سان گذرايو، جنهن سان گذريل ڇهه سال گڏ رهي چڪي هيس. هو مون تي ڏاڍو ڇڪن هو. ۽ مون سان شادي ڪرڻ جو خواهشمند هو. مگر مون ان کي به جواب ڏئي ڇڏيو هو، انهيءَ جو سبب هو سمجهي به سگهيو. حالانڪ هو منهنجي لاءِ ۽ منهنجي پٽ لاءِ بيشمار تحفا آڻيندو هو. پنهنجيءَ انهيءَ احمقانه محبت جي ڪري ئي مون کي ڏاڍو وڻندو هو. اسان هڪ ريسٽورنٽ ۾ وياسون، جتي اسانکي ٻيا به ڪيترائي دوست مليا. اسان سڀني گڏجي اتي ماني کاڌي. گفتگوءَ جي دوران مون تجويز ڏني ته ڪنهن ناچ گهر ۾ هلڻ گهرجي. عام طور اهڙيون جايون منهنجي لاءِ بلڪل غيردلچسپ هونديون هيون، جتي ظاهري سرور ۾ نيم بيهوش ٿي حقيقي خوشيءَ کي بلڪل بريءَ طرح مجروح ڪيو ويندو هو، اتي مان ڪڏهن ڪڏهن ئي ويندي هيس _ مگر انهيءَ وقت انهيءَ موقعي تي منهنجي اندر ۾ ڪا قدرتي طاقت ڪم ڪري رهي هئي جنهن مون کي ائين چوارايو هو. جنهن جو سڀني وڏيءَ خوشيءَ سان استقبال ڪيوهو، منهنجي اندر انهيءَ وقت ڪا گونگي تمنا ڄڻ ته بيدار ٿي رهي هئي، جيئن ڪو غير معمولي احساس مستقبل قريب ۾ ٿيڻ وارو هو _ هميشه وانگر انهيءَ وقت به هرهڪ منهنجي خواهش کي پورو ڪرڻ جي لاءِ بيقرار هو. اسان سڀ ناچ گهر پهتاسون. اتي اسان شمپشن پيتي ته اوچتوئي اوچتو منهنجي اندر ۾ خوشيءَ جي هڪ انوکي لهر ڊوڙي وئي. اهڙو احساس مون کي اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿيو هو. انهيءَ کان پوءِ مان ڪيترائي گلاس پِي ويس. انهيءَ کان پوءِ مان هڪ ڪورس ۾ شامل ٿي ويس. سرور ۽ مستيءَ ۾ منهنجي دل ۽ منهنجو جسم ٻئي رقص ڪرڻ لڳا.

تڏهن انهيءَ وقت مون کي ائين محسوس ٿيو جيئن ڪنهن برف جهڙي ٿڌي هٿ منهنجي ڌڙڪندڙ دل کي پنهنجي گرفت ۾ کڻي قابو ڪيو آهي. انهيءَ وقت تون پنهنجن ڪن دوستن سان گڏ اڳين بينچ تي اچي ويهي رهئين. تو مون ڏانهن لالچي نظرن سان ڏٺو، پنهنجي انهيءَ مخصوص نگاه سان جا هميشہ مون کي بيخود ۽ بيقرار ڪري ڇڏيندي هئي، مان بيان ڪري نٿي سگهان_ ڏهن سالن کان پوءِ اڄ پهريون دفعو تون پنهنجي فطري ڪشش سان ڀرپور مون ڏانهن نهاري رهيو هئين. مان تنهنجي انهيءَ ادا کان ڏڪي ويس. منهنجا هٿ پير ايترو ته زور سان ڏڪڻ لڳا جو منهنجي هٿن مان گلاس ڪِرندي ڪِرندي بچي ويو. اتفاق سان منهنجي ڪن ساٿين منهنجي انهيءَ قابل رحم حالت کي ڏسي ورتو _ اتي جو کل خوشي ۽ موسيقيءَ جو دور هو انهيءَ تيز شور ۽ غل ۾ سڀني جي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي طاقت ختم ٿي چڪي هئي. تنهنجو ڌيان جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو. مان اهو فيصلو ڪري نه سگهيس ته تون مون کي سڃاڻي ورتو آهي يا نه، يا تنهنجا جذبات انهيءَ عورت کي ڏسي ته نه ڀڙڪو ڏئي اٿيا هئا، جنهن کي تو شايد اجنبي سمجهيو ٿي. منهنجا ڳل مرجهائجي ويا. مان بي خياليءَ سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيس تو پروڙي ورتو هو ته تنهنجي ڀرپور نگاهه مون تي ڪهڙو اثر ڪيو هو--- تو ڪنڌ سان ٿورو اشارو به ڏنو ۽ انهي کان پوءِ تو بل ادا ڪيو ۽ پنهنجي ساٿين کان اجازت وٺي تو اتان اٿي وئين—تو ويندي وقت هڪ دفعو وري اشارو ڪيو۽ چيو ته مان تنهنجو ٻاهر انتظار ڪندس.

جيئن ڪو نمونيا جي ڪري ڏڪندو آهي، انهيءَ وقت منهنجي اها ئي حالت هئي. تو ويندي وقت اشارو ڪيو ته مان انهيءَ جو خاطر خواه جواب به نه ڏئي سگهيس. منهنجي رڳن ۾ رت جي رواني تيز ٿي وئي. انهيءَ تي قبضو رکڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه هئي. انهيءَ وقت اوچتوئي اوچتو ڪجهه حبشين جا جوڙا پنهنجي تکن آوازن سان گڏ رقص ڪرڻ لڳا. سڀ ڪنهن جو خيال انهيءَ وقت انهن ڏانهن ڇڪجي ويو. مون کي موقعو ملي ويو. مون اٿي بيهي پنهنجي دوست کي چيو ته مان اجهو ٿي اچان---۽ تنهنجي پٺيان ٻاهر هلي آيس، تون لان ۾ بيهي منهنجو انتظار ڪري رهيو هئين. جيئن ئي مان آيس، تنهنجو منهن خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳو پنهنجي چپن تي هروڀرو مرڪ آڻيندي تون يڪدم اڳتي وڌئين ۽ مون سان اچي هٿ ملايئي، اهو انهيءَ مان واضح هو ته تو اڃا تائين مون کي نه سڃاتو هو. نه انهيءَ شرميلي ڇوڪريءَ جي شڪل ۾ ۽ نه گذريل ڏينهن جي حسينه جي روپ ۾ ---مان هڪ دفعو وري تنهنجي لاءِ هڪ نئون وجود، هڪ نئون تصور هيس.... نئون روح..... نئين عورت..... نئون تعارف!

”ڇا تون مون سان هڪڙي ڪلاڪ لاءِ ساٿ ڏئي سگهندين؟“

تو ڪجهه اهڙي لهجي ۾ دريافت ڪيو جيئن تو مون کي انهن عورتن مان سمجهيو هو، جن کي ڪو به شخص هڪڙيءَ رات جي لاءِ خريد ڪري سگهيو ٿي!

”ها، ضرور---“ مون جواب ڏنو.

هيءَ اهائي بيقراري مگر رضامنديءَ جي ”ها“ هئي. جنهن کي هڪ دفعو اڳ ۾ به منهنجي الهڙ عمر ۾ تو اونداهيءَ سڙڪ تي ٻڌو هو—توپڇيو.

”ته ٻڌاءِ، اسان وري ڪڏهن ملي سگهنداسون...؟

”جڏهن تون چاهين....“ مون بيباڪيءَ سان جواب ڏنو.

جيتري قدر تنهنجي شخصيت جو تعلق هو، مون کي تومان ڪنهن به قسم جو خوف نه هو. منهنجي انهيءَ جواب تي تو مون ڏانهن ڏاڍيءَ حيرت سان ڏ‎ٺو. انهيءَ حيرت ۾ شڪ ۽ دلچسپيءَ جو جذبو ڪارفرما هو. اها حيرت تو هڪ دفعو اڳ ۾ به منهنجي صاف---رضامنديءَ تي ظاهر ڪئي هئي. گهڙي پلڪ خاموشي طاري ٿي وئي.

آخري ملاقات:

مان سامهون واري ڪمري ۾ پنهنجو گائون کڻڻ جي لاءِ ويس ته مون کي خيال آيو ته اهو ته منهنجي دوست پنهنجي ڪن شين سان گڏ اتي امانت رکايو هو. ٽڪيٽ ان وٽ هئي. هينئر واپس موٽي وڃڻ ۽ انهيءَ کان ٽڪيٽ وٺڻ منهنجي لاءِ ناممڪن هو. منهنجي لاءِ ته تنهنجي قربت جي انهيءَ گهڙيءَ کي ڇڏڻ انهيءَ کان به وڌيڪ ناممڪن هو، جنهن جي تمنا مان ورهين کان ڪري رهي هيس. مون يڪدم فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي لوئي پنهنجي بدن تي چڱيءَ طرح ويڙهي ڇڏي. اها ڌنڌ واري رات مان بنان ڪنهن خوف ۽ خطري جي توسان هلي آيس. نه صرف ڳوٺ جي فڪر بلڪ انهيءَ نازڪ دل انسان جي به خيال ڪرڻ بنان، جنهن سان مان ورهين جا ورهيه رهي چڪي هيس، بنان ڪنهن غور ۽ فڪر جي ته اهڙيءَ  طرح انهيءَ کي دوستن جي سامهون ڪيڏي نه شرمندگي ٿيندي. هڪ اجنبي جي ٿورڙي ئي اشاري تي مان انهيءَ کي اڪيلو ڇڏي آئي هيس. مون کي انهيءَ وقت، پورو احساس هو ته مان هڪ نهايت مخلص دوست سان ڪيڏو نه ڪميڻائپ وارو برتاءُ ڪري رهي آهيان. مون کي اها به خبر هئي ته منهنجي اها بيوقوفي انهيءَ کي بدظن ڪري ڇڏيندي. انهيءَ وقت  مان پنهنجي زندگيءَ لاءِ ڏاڍو خطرناڪ جوکو کڻي رهي هيس. مگر اهو سڀ تولاءِ برداشت ڪيم.

هاڻي جڏهن ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي مان توکي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته مون توسان پيار ڪيو مگر بدلي ۾ مون بيپناهه دک پاتو، مون کي اڃا به يقين آهي ته تون جيڪڏهن هڪ دفعو مون کي بستر مرگ تان به سڏيندين ته مون ۾ زندگيءَ جي لهر ضرور ڊوڙي ويندي.

دروازي تي انهيءَ وقت ٽيڪسي بيٺي هئي. اسان انهيءَ تي تنهنجي گهر پهتاسون. انهيءَ ڏينهن هڪ دفعو وري مان تنهنجو سنجيده آواز ٻڌي سگهيس ٿي. تنهنجي قربت جي لافاني خوشيءَ کي مون هڪ دفعو وري محسوس ڪيو. مون کي ائين معلوم ٿيو ٿي جيئن مان خوشيءَ ۾ بلڪل چري ٿي وئي هيس. مان توکي ڪيئن چوان ته ڏهه سال اڳ ۾ مون جو محسوس ڪيو هو، اهڙوئي هينئر به توسان انهن اڻسڃاتل ڏاڪڻين کي طئي ڪندي محسوس ٿي رهيو هو. توسان انهيءَ وقت هلندي مان پنهنجي پاڻ کي ماضي ۽ حال ٻنهي ۾ رقص ڪندي محسوس ڪري رهي هيس. مون کي ائين ٿي لڳو جيئن تنهنجي سيرت رجندي آهستي آهستي منهنجي روح ۾ سمائجي رهي آهي. انهيءَ طويل عرصي دوران تنهنجي گهر ۾ ڪا خاص تبديلي نه ٿي هئي. چند تصويرون نيون لڳل هيون. فرنيچر ۾ هڪ ٻن شين جو مشڪل سان واڌارو ٿيو هو. انهيءَ جي خاموش فضا منهنجي چڱيءَ طرح ڏٺل وائٺل هئي تنهنجي مطالعي جي ميز تي اهوئي نيرو گلدان رکيو هو. جنهن ۾ منهنجا موڪليل گلاب جا گل مرڪي رهيا هئا. انهيءَ گمنام عورت جو اهو محبت ڀريو تحفو هو. جنهن کي تو ڪڏهن ڏٺو به نه هو. انهيءَ وقت  به نه جڏهن ته هوءَ تنهنجي ايترو قريب موجود هئي. انهيءَ وقت جنهن جا ٻئي هٿ تو قابو ڪري جهليا هئا، جنهن جي خاموش لبن تي تنهنجي لبن جا پاڇا ڦڙڪي رهياهئا. پنهنجي محبت جو تحفو تنهنجي ڪمري ۾ موجود ڏسي ته تو هڪ اهڙيءَ  شئي کي پاڻ وٽ سجائي رکيو آهي، جا مون موڪلي هئي، مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.

افسوس جو تون وري به مون کي سڃاڻي نه سگهئين. مون کي صاف نطر آيو ته تنهنجي نظر، هڪ شريف ۽ پُرمحبت عورت ۾ ۽ هڪ چالاڪ ۽ بدمعاش عورت ۾ ڪو فرق محسوس نٿي ڪري. تنهنجي جذبات جو طوفان صرف پنهنجي اظهار تائين محدود آهي. ناچ گهر مان--- آندل هڪ اجنبي عورت سان تون هڪدم محبت ۽ اخلاص سان ڀرجي وئين. مون سان تنهنجو برتاءُ انهيءَ وقت سطحي نه هو. مون کي تنهنجو اهو رنگ ڍنگ ڏاڍو دلڪش لڳو.

صبح ٿيو، اسان ڪافي دير کان پوءِ اٿياسون. تو جاڳڻ کان پوءِ چيو.

”نيرن ڪرڻ لاءِ ٿورو ترس---“.

کاڌي جي ڪمري ۾ انهيءَ وقت ڪنهن چپ چاپ چانهه رکي ڇڏي هئي، چانهه پيئندي اسان ڏاڍي آرام سان ڳالهيون ڪندا رهياسون. تو انهيءَ وقت اڳي وانگر ڏاڍي اخلاص ۽ فراخدليءَ جو ثبوت ڏنو. تو ڪو به ..... فضول سوال مون کان نه پڇيو نه وري منهنجي باري ۾ ڪا وڌيڪ دلچسپي ظاهر ڪئي. ايستائين جو تو مون کان نالو به نه پڇيو، نه وري ايترو ته مان ڪٿي رهندي آهيان اڳئين وانگر هاڻي به مان هڪ گمنام عورت ۽ محبت جي ماريل هيس. تو انهيءَ وقت چيو هو تون هڪ ڊگهي سفر تي وڃي رهيو آهين. تون ٻه _ٽي مهينا مشرقي آفريقا ۾ رهندين . انهن لفظن سان منهنجي خوشين تي ڄڻ ته پاڻي ڦري ويو. سچ پچ ته تون هاڻي مون کي وساري ويٺو هئين----!

منهنجي دل چاهيو ته پنهنجي جسم کي تنهنجي قدمن ۾ قربان ڪري ڇڏيان ۽ رئندي چوان ته مون کي به پاڻ سان وٺي هل---جنهن جي ڪري تون نيٺ مون کي سڃاڻي وٺندين. آخر ايترن سالن کانپوءِ -----مگر مان نهايت ڊڄڻي هيس. ڏاڍي بزدل ۽ ڪمزور ---جواب ۾ صرف ايترو ئي چئي سگهيس.

”ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي----.“

ڇا سچ پچ توکي ڏک ٿو ٿئي----؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com