سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1974ع

مضمون:

صفحو :10

هينز کي هونءَ ته ڪيترائي دوست ۽ احباب هئا، پر انهن سڀني ۾ سڀ کان وفادار ۽ سچار دوست هڪ جانڊهه جو مالڪ هئس. اهو جانڊهه جو مالڪ نوجوان هينز جو اهڙو ته گَهرو ۽ بي تڪلف دوست هو، جو هو جڏهن به هينز جي باغ وٽان لنگهندو هو، تڏهن اتان ڪجهه گل به پٽيندو هو ۽ موسم جي ميون سان پنهنجا کيسا به ڀري هلندو هو.

جانڊهه جو مالڪ چوندو هو ته ”هتي جي هرهڪ شئي دوستن کي پنهنجي سمجهڻ گهرجي ۽ هڪٻئي سان تڪلف نه ڪجي يا ڪو حجاب نه هئڻ گهرجي.“ هينز جڏهن اهڙي ڳالهه پنهنجي دوست جي واتان ٻڌندو هو تڏهن  خوشيءَ  ۾ ڪنڌ ڌوڻيندو هو ۽ مشڪندو هو، ۽ اهڙي وفادار دوست هئڻ تي ڏاڍو فخر محسوس ڪندو هو.

وقتي، پاڙيوارا ماڻهو، جانڊهه جي مالڪ جي انهيءَ ڳالهه تي گهڻو تعجب کائيندا هئا ته جانڊهه جو مالڪ ته هينز کي ڪا به شئي، سوکڙيءَ طور  يا عيوضي ۾ ڪونه ٿو ڏئي، حالانڪ  وٽس اٽي جون بي شمار ڳوڻيون موجود آهن ۽ ڇهه سُئا ڳئون اٿس ۽ تنهن کان سواءِ ڪيتريون ئي رڍون پڻ اٿس، پر انهيءَ ڳالهه تي هينز ڪڏهن به ڪو ويچار ڪونه ڪيو هو، بلڪ انهيءَ  ڳالهه تي سوچڻ لاءِ پنهنجي دماغ کي تڪليف ئي ڪانه ڏني هئائين. هينز کي جانڊهه جي مالڪ جي انهن ڳالهين ۽ نڪتن مان ڪافي لطف ايندو هو، جيڪي هو بي غرض ۽ بنا لالچ واريءَ دوستيءَ متعلق ڪندو هو.

مطلب ته هينز سمورو وقت پنهنجي باغ ۾ محنت مزدوري ڪندو هو. بهار، اونهاري سرءُ جي موسم ۾ ته هو نهايت خوشحال ۽ آسوديي زندگي گذاريندو هو، پر جڏهن سيارو ايندو هو ته هن جي باغ ۾ گل ۽ ميوا ڪونه هوندا هئا، جو مارڪيٽ ۾ کڻي وڃي وڪڻي. سو، هو بک ۽ ٿڌ سبب ڏاڍا ڏکيا ڏينهن گذاريندو هو ۽ وقتي لاڳيتي کائڻ کان سواءِ ئي، بک تي رات جو سمهي رهندو هو ۽ڪڏهن صرف توتن اکرو ٽن ۽ ٻين سڪل ميون تي اڪتفا ڪندو هو. سياري ۾ هو اڪيلو ئي گذاريندو هو، جو جانڊهه جو مالڪ ڏانهنس لڙندو به ڪونه هو.

”مون کي اها ڳالهه چڱي ڪانه ٿي لڳي، جو هينز وٽ هن حالت ۾ وڃان، ڇو جو ٻاهر برف وسي رهي آهي.“ جانڊهه جو مالڪ پنهنجي زال کي چوندو هو، ”آءٌ انهيءَ راءِ جو آهيان ته جڏهن ڪو به دوست تڪليف ۽ مصيبت  ۾ هجي ته ان کي اڪيلو ڇڏي ڏجي ۽ ملاقاتين کي گهرجي ته اهڙي دوست جو اهڙي ڏکئي وقت، سر نه کائن. سچي دوستيءَ بابت منهنجو اهوئي نظريو آهي ۽ آءٌ يقين سان چوان ٿو ته منهنجو اهو نظريو نهايت درست ۽ صحيح آهي. سو آءٌ ان وقت تائين وٽس ڪونه ويندس، جيستائين بهار جي موسم ڦِري اچي. صرف بهار ڀريل ٽوڪري ڏئي سگهندو ۽ اهڙي سوکڙي ڏيڻ تي هو نهايت گهڻي خوشي محسوس ڪندو.“

”توهان کي ٻين جو ڏاڍو فڪر ۽ اونو رهي ٿو.“ جوڻس جواب ڏنس ۽ هوءَ سِري باهه جي توَ تي ٿي ويٺي. ”اوهان کي سچ پچ ته ڏاڍي  ڳڻتي آهي ٻين جي. مون کي يقين آهي ته هڪ پادري، جيڪو وڏن محلن ۾ رهي ٿو ۽ قيمتي ڪپڙا پهري ٿو سو به اهڙا سهڻا سخن ۽ عُمدا نڪتا بيان ڪري نٿو سگهي.“

”ڀلا، اسان هينز کي پنهنجي جڳهه تي گهرائي، هن کي هت نٿا رهائي سگهون؟“ جانڊهه جي مالڪ جي ننڍي پُٽ چيو. ”جيڪڏهن هو سچ پچ ڏکيا ڏينهن ڏسي رهيو آهي ۽ ايذائن ۾ آهي ته پوءِ آءٌ کيس پنهنجي کاڌي  مان اڌ ڏيندس ۽ هن کي پنهنجا ننڍڙا سَها ڏيکاري وندرائيندس.“

”تون ڪهڙو نه بيوقوف ۽ ڇسو ڇوڪر آهين!“ جانڊهه جي مالڪ چيو، ”مون کي پتوئي نٿو پوي ته توکي اسڪول ڏانهن موڪلڻ ۾ ڪهڙو فائدو آهي. تنهنجو ته پڙهڻ ئي اجايو آهي. تو اسڪول ۾ ڇا پرايو آهي، تو ته اسڪول مان ڪجهه به ڪونه سکيو آهي. جيڪڏهن هينز هت اسان جي گهر ۾ ايندو ۽ اسان جي هيءَ گرم باهه ڏسندو ۽ اسان جو عمدو کاڌو  پسندو ۽ اسان جو هيءُ شراب جو ذخيرو ڏسندو ته پوءِ هن کي حسد ٿيندو ۽ حسد هڪ نهايت ذليل بيماري آهي ۽ ماڻهوءَ جي فطرت کي بگاڙي ڇڏي ٿي. آءٌ هن جو بهترين وفادار دوست آهيان ۽ مون تي فرض آهي ته آءٌ هن تي چوڪسي رکان ته هو ڪا به اهڙي خراب عادت نه پرائي ۽ منجهس لالچ ۽ حسد جهڙيون بريون عادتون پيدائي نه ٿين. تنهن کان سواءِ ٿي سگهي ٿو ته هينز هت اچي ۽ اوڌر تي ڪجهه اٽو گهُري. جيڪڏهن هو اٽو گهُرندو ته آءٌ اهو ڏئي ڪونه سگهندس. آءٌ نٿو چاهيان ته منهنجو دوست اوڌر تي شين وٺڻ تي هِري پوي ۽ وڃي مقروض  ٿيندو. اٽو هڪ نرالي شئي آهي ۽ دوستي پنهنجي جاءِ تي هڪ الڳ شئي آهي. ٻنهي کي پاڻ ۾ ملائڻ نه جڳائي . توهان ڏ‎ٺو آهي ته لفظن جي لکڻ جو نمونو هڪ هوندو آهي ته انهن مان معنيٰ وري ٻي نڪرندي آهي.“

”اوهان ڪهڙي نه صحيح ۽ درست گفتگو ڪريو ٿا ۽ وڏن فيلسوفن وانگر دوستيءَ جي جذبي تي بحث ڪري سگهو ٿا.“ جانڊهه جي مالڪ جي زال چيو، ”اوهان جي ڳالهائڻ وقت آءٌ ائين ٿي محسوس ڪريان، ڄڻڪ چرچ ۾ ڪنهن پادريءَ  جون نصيحتون ٻڌي رهي آهيان.“

”ڪيترائي ماڻهو چڱا عمل ته ڪري سگهن ٿا، پر تمام ٿورا ماڻهو اهڙي سهڻي ۽ عمدي گفتگو ڪري سگهن ٿا. انهي مان اهو ثابت ٿيو ته عمل ڪرڻ کان ڳالهائڻ وڌيڪ ڪَٺن آهي ۽ ڳالهائڻ ۾ گهڻي تجربي ۽ ڏاهپ جي ضرورت آهي.“ جانڊهه جي مالڪ چيو ۽ شور مان پنهنجي ننڍي پٽ ڏانهن نهارڻ لڳو. هو ويچارو ابهم ٻار ته شرمائجي ويو ۽ خوف ۾ هيسجي ويو. بهرحال، هو ننڍو هو تنهنڪري مٿانئس وڌيڪ سزا معاف ڪئي ويئي.

خير، جڏهن سياري جي موسم چڙهي ويئي ۽ بهار آئي ۽ هينز جي باغ ۾ وري گل ڦل پيدا ٿيا ۽ باغ جي سونهن وري واپس آئي، تڏهن جانڊهه جي مالڪ زال کي چيو ته، ”هاڻي هينز ڏانهن وڃڻ گهرجي ۽ هينز جي سار سنڀال لهڻ گهرجي.“

”اوهان جي دل ڪهڙي نه صاف ۽ نيڪ آهي!“ جوڻس چيو، ”اوهان کي هميشد ٻين جو اونو ۽ فڪر هوندو آهي. پر، هن ڳالهه جو خيال رکج ته گلن لاءِ ڪا وڏي خاصي ٽوڪري کڻي وڃجانءِ.“ پوءِ ته جانڊهه جي مالڪ هڪ وڏي ٽوڪري ڪڍي ۽ ان کي لوهي تارن جا ڪڙا وڌائين ۽ اها ٽوڪري هٿ ۾ لوڏيندو، ٽوڪري ٽپي وڃي باغ وٽ سهڙيو.

”سلام ٿئي، پيارا هينز.“ جانڊهه جي مالڪ چيو:

”سلام ٿئي.“ هينز مشڪندي جواب ڏنو ۽ پنهنجي ڪوڏاري تي ٽيڪ ڏئي بيهي رهيو.

”سيارو ڪيئن گذريو؟“ جانڊهه جي مالڪ پڇيو:

”بس، گذري ويو.“ هينز جواب ڏنو، ”اوهان جي مهرباني، جو پڇو ٿا. ڏاڍا ڏکيا ڏينهن پيش آيا، پر هاڻي بهار اچي ويو آهي ۽ هاڻ آءٌ نهايت خوش ۽ راضي آهيان ۽ منهنجا گل به هاڻي ڪافي تعداد ۾ ٽِڙيا آهن.“

”هينز، اسين سڀ سياري جي موسم ۾ توکي ڏاڍو ياد ڪندا هئاسين.“ جانڊهه جي مالڪ چيو ، ”۽ اسين عجب کائيندا هئاسون ته تون ڪيئن وقت گذاريندو هوندين؟“

”اها ته اوهان جي وڏي نوازش چئبي.“ هينز چيو، ”مون کي خوف هو ته اوهان مون کي وساري ڇڏيو هوندو.“

”هينز، مون کي تنهنجي اهڙين ڳالهين تي عجب ٿو لڳي ۽ ڏک به ٿو ٿئي.“ جانڊهه جي مالڪ جواب ڏنو، ”سچي دوستي وساريندي نه آهي. اها ئي سچي دوستيءَ جي نشاني آهي، آءٌ سمجهان ٿو ته توکي سچي دوستيءَ  جي فلسفي جي ڄاڻ نه آهي. تنهنجي باغ جا گل ڪهڙا نه سهڻا ٿا لڳن! سهڻي ترتيب سان، هڪ قطار ۾ ڪيئن نه جهر مر لايو بيٺا آهن!“

”سهڻا ته ڏاڍا آهن،“ هينز چيو، ”۽ آءٌ ڏاڍو خوش نصيب آهيان، جو مون کي ايترا ۽ اهڙا سهڻا گل آهن. آءٌ اهي اڄ مارڪيٽ ۾ کڻي ويندس ۽ نواب جي ڌيءَ کي وڪڻندس، جو مون کي هڪ گاڏڙو خريد ڪرڻو آهي.

”ڇا، تو پاڻ وارو گاڏڙو وڪڻي ڇڏيو آهي يا گروي رکيو اٿئي؟ تو ڪهڙو نه بيوقوفيءَ جو ڪم ڪيو آهي.“

”پر حقيقت هيءَ آهي ته “ هينز جواب ڏنو، آءٌائين ڪرڻ لاءِ مجبور هوس. اوهان کي ته خبر آهي ته منهنجو سيارو نهايت ڏکيو گذرندو آهي سو، هن دفعي به، مون کي هڙ ۾، ڪاري ڪوڏي به ڪانه هئي، جو کڻي مانيءَ جو ٽڪر وٺي کاوان. مون منڍ ۾ ته ڪوٽ جا چانديءَ جا بٽڻ وڪيا، پوءِ مون چانديءَ واري زنجيري ڏني ۽ آخر ۾، اهو گاڏڙو به ڏيڻو پيو،پر،هاڻي آءٌ اهي سڀ شيون وري خريد ڪندس.“

”هينز،“ جانڊهه جي مالڪ چيو، ”آءٌ توکي پنهنجو گاڏڙو ڏيندس. هن کي ڪجهه مرمت جي ضرورت آهي، هن جو هڪ پاسو ڀڄي پيو آهي ۽ ٿوري گهڻي خرابي ڦيٿن جي سرائين ۾ به اٿس. خير تنهن هوندي به، آءٌ اهو گاڏڙو توکي ڏيندس. ڏس اها فراخدلي ۽ دوستيءَ  جي نشاني ڪري سمجهه. ڪيترا ماڻهو ته مون کي بيوقوف سمجهندا، جو اهو گاڏڙو توکي ڏئي رهيو آهيان. پر آءٌ دنيا جي ٻين ماڻهن وانگر نه آهيان. آءٌ انهيءَ خيال جو آهيان ته سخاوت دوستيءَ  جو روح آهي. مون کي ٻيو به هڪ نئون گاڏڙو پنهنجي لاءِ آهي. تون تسلي ڪر، آءٌ توکي اهو گاڏڙو ڏئي ڇڏيندس.“

”سچ پچ ته اها توهان جي وڏي سخاوت آهي.“ هينز چيو، ۽ سندس منهن خوشيءَ ۾ شڪر گذاريءَ وچان ٻهڪڻ لڳو.“ آءٌ ان جي مرمت ڪرائي و‎ٺندس. مون وٽ هڪ ڪاٽ جو دوڳلو موجود آهي.“

”ڪاٺ جو دوڳلو!“ جانڊهه جي مالڪ چيو،“ اهو ته مون کي ان جي گدام جي ڇت لاءِ گهرجي . ان ۾ هڪ وڏو گهارو پئجي ويو آهي. جيڪڏهن ان جي مرمت مهل سر نه ڪئي وئي، ته اناج ڳهجي ويندو. چڱو ٿيو، جو تو ان جو ذڪر ڪيو. ڏس ته هڪ نيڪ عمل سان ٻيو نيڪ عمل ڪيئن نه پيدا ٿيو. مون توسان ڀلائي ڪرڻ چاهي، ته منهنجو ڪم به ٿي ويو. مون توکي گاڏڙو ڏيڻو ڪيو، ته تون وري ان جي موٽ ۾، اهو ڪاٺ جو دوڳلو ٿو ڏين. حقيقت ته اها آهي ته مون وارو گاڏڙو تنهنجي ڪاٺ واري دوڳلي کان ڪيئن مرتبا وڌيڪ ڪمائتو آهي، پر سچي دوستيءَ ۾ انهن ٿورين گهڻين تي ويچار ڪونه ڪيو آهي. مهرباني ڪري، اهو ڪاٺ جو ٽڪر ته مونکي جلدي ڏئي ڇڏ، ته اڄ ئي وڃي ڪم سان لڳان ۽ گدام جي ڇت جي مرمت ڪرائي وٺان.“

”ٺيڪ آهي.“ هينز چيو ۽ ڊڪندو اندر ڪوٺيءَ ۾ لنگهي ويو ۽ ڪاٺ جو دوڳلو گهلي ٻاهر ڪڍي آيو.

”هيءَ ٽڪر ته خاصوڪونه آهي.“ جانڊهه جي مالڪ چيو ۽ ڪا‎ٺ جي ٽڪر ڏانهن منهن بڇڙو ڪري نهارڻ لڳو، ”آءٌ سمجهان ٿو ته گدام جي ڇت جي مرمت ڪرڻ کان پوءِ، ڪجهه بچندو ئي ڪونه، جنهن مان تون وري گاڏڙي جي مرمت ڪري سگهين. خير، ان ۾ منهنجو ته قصور نه آهي. ٺيڪ آهي، مون توکي گاڏڙو ڏيڻو ڪيو آهي، انهيءَ جي موٽ ۾ مون کي يقين آهي ته تون ڪجهه گل ڏيندين. هيءَ ٽوڪري آهي، ان کي چڱيءَ طرح ڀرج.“

”چڱيءَ طرح؟“ هينز قدر غمگين لهجي ۾ جواب ڏنو، ڇاڪاڻ ته اها ٽوڪريءَ ڏاڍي وڏي هئي ۽ هن سمجهيو ته جيڪڏهن انهيءَ کي چڱيءَ طرح ڀريندس، ته مارڪيٽ ڏانهن کڻي وڃڻ لاءِ گل ته بچندائي ڪونه. هن کي ته چانديءَ جي ٻيڙن خريد ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو.

”مون توکي پنهنجو گاڏڙو ڏيڻو ڪيو آهي،“ جانڊهه جي مالڪ جواب ڏنو، سو آءٌ سمجهان ٿو ته هنن ٿورن گلن جي گهُرَ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. انهيءَ ۾ آءٌ کڻي غلط به هجان، پر آءٌ ڳالهه سوچيان ٿو ته سچي دوستي انهن خود غرضين ۽ لالچ جي احساس کان گهڻو مٿي آهي.“

”منهنجا پيارا دوست، ”هينز چيو، ”هي سڀ گل تون پنهنجا سمجهه. مون کي چاندي جي ٻيڙن کان وڌيڪ تنهنجي دوستيءَ جي گهرج آهي.“ پوءِ، هو ڊڪندو ويو ۽ گل پٽي وڏيءَ ٽوڪري کي ڀريائين ۽ جانڊهه جي مالڪ جي حوالي ڪيائين.

”چڱو، خدا حافظ ، پيارا هينز،“ جانڊهه جي مالڪ موڪلايو ۽ ڪاٺ جو دوڳلو رکيائين ڪلهي تي ته گلن جي ٽوڪري کنيائين هٿ ۾. هينز به هن کي سلام جو جواب ڏنو ۽ وري پنهنجي باغ جي ڪم کي لڳي ويو. هو گاڏڙي بابت سوچي، ڏاڍو خوش ٿي رهيو هو.

ٻئي ڏينهن، هينز باغ ۾، ولين کي ٻڌي رهيو هو، ته جانڊهه جي مالڪ جو آواز ٻڌائين. هو کيس رستي تي بيهي سڏ ڪري رهيو هو. هو هڪدم ڏاڪڻ تان هيٺ لهي پيو، رستي ڏانهن ڊوڙيو ۽ باغ جي ڀت تان هيٺ لئو پاتائين ۽ ڏٺائين ته جانڊهه جي مالڪ جي پٺيءَ تي هڪ اٽي جي ڳوڻ هئي.

”پيارا هينز،“ هن چيو، ”مهرباني  ڪري هيءَ اٽي جي ڳوڻ بازار ڏانهن کڻي ويندين؟“

”ادا، آءٌ ته ڏاڍو مشغول آهيان. مون کي هي وليون مٿي لٽڪائڻيون آهن، گلن کي پاڻي ڏيڻو آهي ۽ هن گاهه کي ڪپڻو آهن،

”جيئن ته آءٌ توکي پنهنجو گاڏڙو ڏيڻ وارو آهيان، تنهنڪري دوستيءَ جو اهو شان نه آهي،جو تون مون کي هن خسيس ڪم لاءِ جواب ڏين.“ جانڊهه جي مالڪ ڏکاري انداز ۾ چيو.

”يار، ائين ته نه چؤ.“ هينز جواب ڏنو،“ دنيا اٿلي پوي، پر پوءِ به آءٌ تنهنجي دوستيءَ  ڇڏڻ وارو نه آهيان. منهنجي لاءِ سڄي دنيا هڪ طرف آهي ته تنهنجي دوستي ٻئي طرف.“ هينز اٿيو، سو ڊڪندي، وڃي ٽوپي پائي آيو ۽ اٽي واري ڀاري ڳوڻ کڻي ڪلهي تي رکيائين.

ڏينهن ڏاڍو گرم هو ۽ رستو نهايت گندو ۽ ڪچو هو، جنهن تي رڳي مٽي ئي مٽي هئي. جڏهن ڇهين ميل واري پٿر وٽ پهتو، تڏهن ڏاڍو ٿڪجي پيو ۽ اتي ويهي آرام ڪرڻ کان سواءِ اڳتي وک به وڌائي ڪونه سگهيو. نيٺ، ڳهندو سهڪندو وڃي بازار ۾ پهتو، اتي ڪجهه وقت ترسي، اٽي واري ڳوڻ وڪيائين ۽ ان جي بدران چڱي خاصي رقم مليس. پوءِ هو جلدي، گهر ڏانهن واپس موٽيو، ۽ انديشو ٿيس ته متان، اوير ٿي وڃڻ سبب واٽ تي ڪي ڌاريل نه رقم ڦري وٺن.

ڏينهن ته ڏاڍو سخت هو.“ هن بستري تي سمهڻ وقت ورجايو. ”پر چڱو ٿيو، جو مون دوست کي ڪم کان جواب ڪونه ڏنو. هڪ ته هو منهنجو دوست آهي، ۽ ٻيو ته هن مون کي گاڏڙو به ڏيڻو ڪيو آهي.“

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جانڊهه جو مالڪ، هينز کان اٽي جي ڳوڻ جي رقم وٺڻ آيو، ته ڏ‎ٺائين ته هينز اڃا ننڊ ۾ سُڪ لڳو پيو آهي. جانڊهه جي مالڪ ننڍ مان پٽي اٿاريس ۽ چوڻ لڳس ته ”تون ڪهڙو نه سست ۽ ڪاهل آهين. جيئن ته آءٌ توکي پنهنجو گاڏڙو ڏيڻ وارو آهيان، تنهنڪري توکي جڳائي ته تون سخت محنت ڪر. سستي  هڪ وڏو گناهه آهي ۽ آءٌ چاهيان ٿو ته منهنجن دوستن مان ڪوبه سست ۽ هڏ رک نه هجي. آءٌجو توکي هيءُ سنئين سڌي ڳالهه چئي رهيو آهيان. تنهن لاءِ توکي ڪجهه دل ۾ نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن آءٌ تنهنجي جاءِ تي هجان ها، ته انهيءَ ڳالهه تي ڏک ڪونه ڪريان ها. اها دوستي ڀلا ڪهڙي ڪم جي، جو پنهنجي دوست کي سچ نه چئجي يا کُليءَ دل سان نصيحت نه ڪجي. هر هڪ ماڻهو ٻئي جي خوشامد ڪرڻ چاهيندو آهي ۽ مٺا ٻول ٻوليندو آهي. پر سچو دوست هميشہ سچ چوندو آهي ۽ اهو سچ ڪن کي ڪؤڙو لڳندو آهي. سمجهُو دوست اهو آهي، جيڪو اهڙين نصيحتن کي پسند ڪري.“

”مون کي ڏاڍو ڏک آهي“ هينز پنهنجيون اکيون مهٽيندي چيو“ پر آءٌ اهڙو ته ٿڪل هوس، جو ننڊ اچي وئي. هن مهل ته جاڳيس پئي ۽ پکين جون ٻوليون پئي ٻڌم سچ اهو آهي ته پکين جي مٺڙين لاتين ٻڌڻ کان پوءِ آءٌ چڱيءَ طرح ڪم ۽ محنت ڪري سگهندو آهيان.“

”مون کي ڏاڍي خوشي پهتي آهي، ڏاڍو چڱو ٿيو.“ جانڊهه جي مالڪ هينز جي پٺي ٺپيندي وراڻيو.“ هاڻي آءٌ چاهيان ٿو ته تون ڪپڙا لٽا پهري، جلدي جانڊهه وٽ پهچي وڃ، ڇاڪاڻ ته اڄ گدام جيڇت جي مرمت ڪرڻي آهي.“

ويچارو غريب هينز ته اڄ پنهنجي باغ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ آتو هو، ڇاڪاڻ ته گذريل ٻن ڏينهن کان، گلن کي پاڻي ڪونه مليو هو. پرتنهن هوندي به، هيءُ جانڊهه جي مالڪ کي جواب ڏئي ڪونه سگهيو، ڇاڪاڻ ته هيءُ دوستيءَ ۾ سچو ۽ نيڪ نيت هو.

”جيڪڏهن آءٌ اوهان کي چوان ته اڄ آءٌ  نهايت مصروف آهيان، ته ڇا اوهان ان کي بي مروتي سمجهندا؟“ هن گهٻرائيندي ۽ شرم محسوس ڪندي، اهو سوال پڇيو.

”توکي ائين ڪرڻ ته نه جڳائي، تون انهيءَ ڳالهه تي ته سوچ ته آءٌ توکي پنهنجو گاڏڙو ڏيڻ وارو آهيان، پرجيڪڏهن تون انڪار ڪندين، ته آءٌ پاڻ ويندس ۽ وڃي ڇت جي مرمت ڪندس.“

”نه نه. ائين ڪونه ٿيندو.“ هينز دانهن ڪئي ۽ بستري مان اٿي کڙو ٿيو، ڪپڙا پاتائين ۽ سڌو گدام تي هليو ويو.

هو سڄو ڏينهن گدام تي ڪم ڪندو رهيو، تانجو سج به لهڻ هارڪو ٿيو، نيٺ سج لهڻ وقت، جانڊهه جو مالڪ به سڌسماءَ لهڻ لاءِ آيو ۽هينز کان پڇڻ لڳو ته ”هينز،ڏي خبر، گدام جي ڇت جي مرمت ٿي وئي؟“

”بلڪل ٺيڪ ٿي ويئي.“ هينز ڏاڪڻ تان لهندي، ورندي ڏني.

”واه واه!“ جانڊهه جي مالڪ چيو، ”ٻين لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ ڪهڙو نه لطف آهي!“

”توهان جي اهڙي قسم جي گفتگو ٻڌڻ منهنجي لاءِ خوس قسمتي  آهي!“ هينز هيٺ پٽ تي ويهي، نرڙ تان، پگهر اگهڻ لڳو.“ آءٌ اهڙي قسم جي گفتگو الاجي ڪڏهن ڪري سگهندس.“

”اهڙا خيال تو ۾ به پيدا ٿيندا.“ جانڊهه جي مالڪ چيو، ”توکي محنت ڪرڻ گهرجي هينز، تون صرف دوستيءَ کي عملي جامو پهراءِ. پوءِ توکي نظرياتي علم به حاصل ٿي ويندو.“

”ڇا، تون سچ پچ سمجهين ٿو ته اهي خيال مون ۾ به پيدا ٿيندا؟ هينز چيو.

”انهيءَ ۾ ته ڪوبه شڪ ڪونه آهي.“ جانڊهه جي مالڪ جواب ڏنو، ”هاڻي توگدام جي ڇت جي مرمت ڪري ڇڏي آهي، تنهنڪري گهر وڃ ۽ وڃي آرام ڪر، جو سڀاڻي وري توکي منهنجيون رڍون ڪاهي جبلن ڏانهن وڃڻو آهي.“

ويچارو غريب هينز ڪو به جواب ڏئي ڪونه سگهيو. صبح جو اک پٽيائين ته ڏ‎‎ٺائين ته رڍن جو ڌڻ سندن در تي حاضر بيٺو آهي. ويچارو ڇا ڪري نيٺ رڍون ڪاهي ويو چارڻ. سڄو ڏينهن اوڏانهن لڳي ويس. جڏهين موٽيو ته اهڙو ته ٿڪل هو، جو ڪرسيءَ تي ليٽيو ته ننڊ کڻي ويس، صبح جو مس جاڳ ٿيس.

”منهنجو وقت باغ ۾ ڪهڙو نه سهڻو گذرندو آهي!“ هن دل ۾ چيو ۽ پوءِ هڪدم باغ ڏانهن ڪم ڪرڻ لاءِ هليو ويو.

ويچارو هينز پنهنجي باغ ۾ پوريءَ طرح ڪم ڪري نه سگهيو ۽ پنهنجن گلن جي پرگهور لهي ڪونه سگهيو، ڇاڪاڻ ته هن جو دوست، جانڊهه جو مالڪ، هرگهڙيءَ ۽هرروز وٽس ايندو هو ۽ کيس ڪمن ڪارين سانگي هيڏانهن هوڏانهن پيو موڪليندو هو. ڪڏهين ته هينز ڏاڍو تنگ ٿي پوندو هو ۽ اهو خيال ٿيندو هوس ته متان گل سمجهن ته اسان کي مالڪ وساري ڇڏيو آهي. پر هو پنهنجيءَ دل کي آٿت کي ڏيندو هو ته جانڊهه جو مالڪ منهنجو وفادار دوست آهي. وقتي اهو به سوچيندو هو ته هو جلدئي مون کي پنهنجو گاڏڙو به ڏيڻ وارو آهي ۽ اها هن جي وڏي سخاوت آهي.

اهڙيءَ طرح، هينز جانڊهه جي مالڪ جو ڪم ڪار ڪندو هو ۽ موٽ ۾، هو وري کيس دوستيءَ بابت ڪيتريون ئي مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌائيندو هو، جيڪي هينز نوٽ بوڪ تي لکندو ويندو هو ۽ رات جو واندڪائيءَ ۾ ويهي پڙهندو هو.

هڪ ڏينهن جو ذڪر آهي ته هينز باهه تي ويٺو هو ۽ هٿ سيڪي رهيو هو ته ٻاهر در تي کڙڪو ٿيو. اونداهي رات هئي ۽ ٻاهر زور سان هوا لڳي رهي هئي. جيئن ته ٻاهر ڏاڍي هوا لڳي رهي هئي ۽ ان ڪري وڏا آواز ٿي رهيا هئا، تنهنڪري هينز ڄاتو ته هيءُ به هوا جو کڙڪو آهي. جلدئي وري به در تي کڙڪو ٿيو. وري ٽيون دفعو آواز آيو. اتي هينز سوچيو ته شايد ڪو مسافر آهي، جيڪو در کڙڪائي رهيو آهي،در تي وڃي ڏٺائين ته عجب ۾ پئجي ويو. ڏسي ته جانڊهه جو مالڪ هڪ هٿ ۾ بتي ۽ ٻئي هٿ ۾ لٺ جهليو بيٺو آهي.

”پيارا هينز، ”جانڊهه جي مالڪ چيو،“ آءٌ مصيبت ۾ اچي ويو آهيان. منهنجو پٽ ڏاڪڻ تان ڪِري پيو آهي ۽ ڏاڍا ڌڪ لڳا اٿس. آءٌڊاڪٽر ڏانهن پئي ويس. پر هو تمام پري ٿو رهي ۽ اڄ ته رات به ڏاڍي خراب ٿي آهي، بهتر ائين ٿيندو ته تون وڃ ۽ ڊاڪٽر کي وٺي اچ. توکي معلوم آهي ته آءٌ توکي پنهنجو گاڏڙو ڏيڻ وارو آهيان. سو تنهنجي لاءِ به چڱو ائين آهي ته جواب ۾، تون منهنجي بدران هي ڪم ڪري اچين.“

”ٺيڪ آهي.“ هينز چيو، ”چڱو ٿيو، جو تون مون ڏانهن هليو آئين. آءٌ اجهو وڃان ٿو. پر مون کي تون پنهنجي بتي ڏي. جيئن ته رات ڏاڍي اونداهي آهي تنهنڪري مون کي خوف آهي ته ڪٿي ڪنهن کڏ کوهه ۾ نه ڪِري پوان.“

”مون کي افسوس آهي، جو آءٌ توکي هيءَ بتي نٿو ڏئي سگهان“ جانڊهه جي مالڪ جواب ڏنو، ”هي بتي نئين آهي ۽ جيڪڏهن هن بتيءَ کي ٿورو به نقصان رسيو، ته مون کي ڏاڍو صدمو پهچندو.“

”پرواهه نه آهي، آءٌ انهيءَ کان سواءِ ئي وڃان ٿو.“ هينز چيو ۽ هن پنهنجو وڏو ڪوٽ پاتو، گرم ٽوپي کنيائين ۽ ڳچيءَ ۾ مفلر ٻڌائين ۽ روانو ٿيو.

رات ڏاڍي خوفناڪ هئي. اهڙي ته ٻاٽ اونداهي هئي، جو هينز جي رستي تي نظر ئي ڪانه ٿي پئي ۽ هوا به اهڙي ته سخت لڳي رهي هئي جو هو مشڪل سان ان جا جهوٽا سهي سگهيو ٿي. بهرحال،هينز هڪ باهمت نوجوان هو ۽ اٽڪل ٽن ڪلاڪن جي ڀٽڪڻ کان پوءِ وڃي ڊاڪٽر وٽ نڪتو، ۽ در کڙڪايائين.

”ڪير آهي؟“ ڊاڪٽر پنهنجي سمهڻ واري ڪمري جي دريءَ مان ٻاهر جهاتي پائيندي پڇيو.

”آءٌ هينز آهيان.“

”هينز“ ڪهڙو ڪم آهي؟“

”جانڊهه جي مالڪ جو پٽ ڏاڪڻ تان ڪِري پيو آهي ۽ زخمي ٿي پيو آهي. جانڊهه جي مالڪ اوهان کي گهرايو آهي.“

”ٺيڪ آهي.“ ڊاڪٽر چيو، هن پنهنجو گهوڙو تيار ڪرائي ورتو، وڏو بوٽ پاتائين ۽ پنهنجي بتي کنيائين. ڏاڪڻ تان هيٺ آيو ۽ جانڊهه جي مالڪ جي گهر ڏانهن روانو ٿيو. هينز به سندس گهوڙي جي پويان گهلبو ويو.

جلدئي، طوفان خراب  صورت اختيار ڪري ورتي، ۽ مينهن به نهايت زور سان پوڻ لڳو. ويچاري هينز کي پتو ئي ڪونه ٿي پيو، ته ڪيڏانهن ٿي ويو.  هو گهوڙي جو پيڇو ڪري نه سگهيو، آخر رستو ڀلجي ويس، ۽ هڪ اهڙيءَ جاءِ تي اچي نڪتو، جتي رڳا کڏون ۽ کوٻا هئا. اها جڳهه نهايت  خطرناڪ هئي، ۽ ويچارو هينز ٻڏي مري ويو. ٻئي ڏينهن تي، ڪن ٻڪرارن سندس لاش هٿ ڪري ورتو، اهي سندس لاش کڻي، سندس جهوپڙيءَ  وٽ آيا.

هينز جي دفن ڪفن تي سڀ ماڻهو پهچي ويا، ڇاڪاڻ ته هينز تَر ۾ ڏاڍو مقبول هو. جانڊهه جو مالڪ به اتي موجود هو.

”جيئن ته هينز منهنجو خاص دوست هو، تنهنڪري مون کي هن رسم ۾ خاص مقام حاصل هئڻ گهرجي.“ جانڊهه جي مالڪ چيو ۽ پوءِ انهي سرگس ۾ اڳيان هلڻ لڳو. هو واٽ تي، پنهنجي رومال سان پنهنجيون اکيون به اُگهي رهيو هو.

”هينز جو موت اسان سڀني لاءِ صدمو آهي“ هڪ لوهار چيو، جڏهن دفن ڪفن جي رسمن ادا ڪرڻ کان پوءِ سڀ هڪ جاءِ تي ويهي، شراب پِي رهيا هئا ۽ مٺا ڪيڪ کائي رهيا هئا.

”منهنجي لاءِ ته اهو وڏو صدمو آهي ۽ مون کي هن جي موت سبب وڏو نقصان رسيو آهي.“ جانڊهه جي مالڪ چيو. ”مون هن کي پنهنجو گاڏڙو ڏيڻو ڪيو هو. پر افسوس آهي، جو اهو گاڏڙو اهڙو ته بيڪار آهي، جو ٻيو ماڻهو مون کان اهو وٺندوئي ڪونه، ۽ ان جي بدران مون کي ڪابه شي ڪانه ملندي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com