سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1981ع

مضمون

صفحو :2

خاڪي جويو

سوچ نئين لوچ جي چت چاڙهي ڇڏي،

ڪٽُ پنهنجي قلوبن جي ڪاڙهي ڇڏي.

پنڌ پنهنجو پهاڙن منجهان ٿو وڃي،

اڄ ارادا ڏسي، هوڏَ هاڙهي ڇڏي.

سوچَ ذهنن منجهان سامراجي ڪڍي،

نئين نڪوري پٽي پاڻ پاڙهي ڇڏي!

سچ جي سوڀ جي سگههَ سِر جي جڏهن،

ڏاٺ هر ڏاڍ جي پاڻ ڏاڙهي ڇڏي!

ڄار ماريءَ مڪر جا پکيڙيا ڪئين،

جُوءِ پنهنجي مگر ڪين ڦاڙهي ڇڏي.

تاج جويو

کنيا پرهه پَلَوَ،

راتِ وهايا جَوَ؛

ڏِسي سهائي سُونهن جي!

ڇانيان هير – هڳاءَ ۾، من تي مستيءَ مَوَ؛

ڏسي سهائي سُونهن جي!

مَٽَ مٽيءَ تي سونَ جا، سورج هاريا سَوَ؛

ڏسي سهائي سُونهن جي!

ماڻهوءَ – مڻيا ماڻهپو، ڌُوڙِ دُنيا جا ڍَوَ؛

ڏسي سهائي سُونهن جي!

وفا ناٿن شاهي

حدِ ڪمال آهين،

شايد زوال آهين.

مان ئي مثال آهيان، تون بي مثال آهين.

هر وقت، وات ڦاٽل، دستِ سوال آهين.

دنيا سڄي پئي ٿئي، مون کان محال آهين.

ديرا کڄي ويا ٿئي، هاڻي پلال آهين.

هردم جفا، وفا سان، مُنجهيل خيال آهين.

مير محمد پيرزاده

گيت

مند انهيءَ ۾ مونجها ٿي ويا،

من جا مينگهه – ملهارَ،

الو ميان،

ساهه اوهان جي سارَ!

 

من – مندر ۾ سانجهي ڇائي،

ياد توهان جي جيئن جيئن آئي،

يا ته ڪٿي ڪنهن نيريءَ ڍنڍ ۾ ماريءَ ڌوم مچائي،

جنهن کانپوءِ ٿي من کي گهائي،

ڪائي ڪونج اڏارَ!

الو ميان،

ساهه اوهان جي سار!

 

دل ته چوي ٿي جهومان ڳايان،

توريءَ پنهنجو پاڻ ۾ ناهيان.

منهن تي مينديءَ ڏار نوائي، تنهنجي آس لڳايان.

برکا رُتِ ۽ هيءَ جهُڙُ ڦُڙُ،

پِيءَ پسڻ جا پار!

الو ميان،

ساهه اوهان جي سار!

 

وڻ ٽڻ وهنجي سهنجي جهومن،

منهنجون آسون اڌما لوچن،

اهڙي مينگهه – ملهارَ ۾ مٺڙا، تنهنجي ملڻ لئه پيون ٿيون سوچن.

جڏهن اُٺي جا گيت ٿا ڳائن،

ٻيلهون ٺاهي ٻارَ!

الو ميان،

ساهه اوهان جي سار!

اياز گل

ٻه غزلَ

(1)

حقيقتون ۽ خواب چهرا،

سوالَ چهرا، جوابَ چهرا.

برف وانگيان رجي ٿي دِلڙي،

ڏسي ڪري آفتاب چهرا.

اکيون اُنهن کي روزُ پوڄنِ،

پيا وڌائنِ ثوابَ چهرا.

اسان جي حصي ۾ آيا هردم،

حل نه ٿيندڙ حسابَ چهرا.

پيارَ جي راههَ جا مُسافرَ،

چنڊَ – چهرا، گُلابَ چهرا.

ڏِين ٿا پنهنجا، پَرايا بڻجي،

ڪيڏا ڪيڏا عَذابَ چهرا.

ڌُنڌَ وانگي ڇانيا پيا هِن،

ذَهن تي بي حسابَ چهرا.

(2)

ذهنُ لوچي ۽ لُڇي ڦٿَڪي ٿو،

شعر، پوءِ ئي ته لکيو ٿي، تو، ڪو.

غَم بُرا حال، اُداسيون، طَعنا،

سڀُ مُون تي ئي مَهربانيُون ڇو؟

ڪنهن مَهلَ لُڙڪَ لَڙي ئي ٿا پوَن،

مان ڀي پٿرُ ته نه آهيان لوڪو!

سُرَ، سُرهاڻِ، پرينءَ، پيار بنان،

ماڻهو ڇاهي؟ جيئين خالي کوکو.

ساري دُنيا وئي مون کان وسري،

هڪڙو تون ئي نه، مگر آن وسريو.

ياد آيو ائين هڪڙو گُلابي مُکڙو،

ذهن جي اُڀ تي جيئن چنڊ نڪتو.

آئي جوڀن تي جواني جڏهن،

گل ٽاريءَ مان ٽٽو۽ وکريو.

ادل سومرو

ترائيل

سيرت کي سينگارِ ڀلي تون

مورت جي مانڊاڻ ۾ ڇاهي

هر ڪنهن کي کيڪارِ ڀلي تون

سيرت کي سينگار ڀلي تون.

*

سچ جو ٻارڻ ٻارِ ڀلي تون،

ٽانڊن جي ٽنڊاڻ ۾ ڇاهي

سيرت کي سينگار ڀلي تون

مورت جي مانڊاڻ ۾ ڇاهي.

نصير مرزا

جنهن موڙ تان

وڇڙي وئي هئينءَ

اُنهيءَ موڙ وٽ

تنها اڃان بيٺو آهيان

هاڻِ اکين ۾

سپنن جي

ارٿي آ جا

جلي پئي

تون اوچو آڪاس هئينءَ

ڪاغذ جي

ڏاڪڻ تان چڙهي

توکي مون

پائڻ ۽ ڇهڻ ٿي چاهيو

ڪيڏو نه آءُ پاڳل هئس

مُئي کان پوءِ

مونکي جنهن

قبرستان ۾

پُوريو ويندو

پَڪ اٿم

ڪي يُگ

گذرڻ کان پوءِ

اِنهيءَ جاءِ تي

ڏئي ٽرئڪٽر

ڪو رستو

جوڙيو ويندو

۽ سندم قبر جي

سيرانديءَ

ڪتبي بدران

ميل جو پٿر

بيٺل هوندو

(ڪنهن تنها مسافر وانگي)

واجد

ٻه نظم

(1)

ڇا، اهو ٿيڻو آهي؟

ته ڏُڌيُون پَون ٿڻين

ٽُٽل دليون ڳنڍجي

ٿي پَون هڪ

۽

ڇُٽل تير به

ڪمانن ۾ واپس موٽن

(جي انهيءَ جو جواب آهي ”هائو“)

ته پوءِ آءُ!

پاڻ به مُنافقيءَ جي مَڻين مَيرُ

چهرن تي چاڙهي

اندر ۾

باهه جيان ڀڙڪي به

ٻاهران

مُرڪي مُرڪي

هڪ ٻئي کي بڻايون اُلو!

(2)

دل ۾ دشمن کي ويهاري

نه دوستيءَ جي وجهو ڌوڙ

منهنجي نيڻن ۾

اوهان جي لاءِ

مون وٽ هاڻي

ڪجهه به ته ناهي،

جو اوهان کي ارپيان.

آءٌ سڀ کان وڏي منافق

يعني،

پنهنجو پاڻ کي ماري

ڀڄي نڪتو آهيان

هاڻي جڙتو سنيهه جون

سيٽيون نه هڻو!

نه سڏيو پاڻ ڏانهن مون کي

مان پنهنجو پاڻ کان به ڏور

ڀڄي نڪتو آهيان.

نسرين شاهه

اواڪ نيڻ

ٻاٽ انڌيري رات

چنهن ۾

ٻه اواڪ نيڻ

تن ۾ تون ڇا ڳولهين ٿي

منهنجون سوچون

باغي باغي

منهنجون نظرون

خالي خالي

موٽي وڃ تون

موٽي وڃ

هت ڪجهه به نه ملندئي

ڪجهه به نه ملندئي

هت هرڪا آئي

۽ پنهنجن ئي سوچن جي صليب تي

چڙهي ويئي

ڪابه نه ترسي

ڪابه نه ترسي

هت نرمل نرمل نيڻن ۾

سنڌو ڇلڪي پوندي آهي

۽ دامن ڪوبه نه هوندو آهي

ماٺ ڪري

هي لڙڪ اکين جا

پي وڃ پي وڃ

منهنجون سوچون لڙڪن هاڻيون

منهنجون لوچون رڻ جون راهي

او منهنجا من ميت پرين

تون مون کان ڪجهه به نه گهر

ڪجهه به نه گهر

منهنجي پالهي پاند ۾

ڪجهه به نه آهي

ڪجهه به نه آهي

ملڪ نديم

مان وسندڙ مينهن ۾

اڱڻ ۾ گهمي رهيو آهيان

زنده هجڻ جو لطف وٺي رهيو آهيان

مان سوچيان ٿو

ساڳي طرح

قبرن مٿان به

مينهن وسندو هوندو.

....

ٽاڪ منجهند جو

گهاٽي وڻ جي ٿڌڙي ڇانوَ ۾

سُرور ۽ سڪون اچي رهيو آهي

مان ڏٺو آهي ته

اهي ساڳيا گهاٽا وڻ

قبرن مٿان به آهن.

....

گهر جي اڱڻ ۾

پنهنجي پوکيل گلن جو

صبح و شام

واس وٺندو آهيان

سونهن ڏسندو آهيان

جهومندو آهيان کلندو آهيان

مون کي معلوم آهي ته

ڪن قبرن مٿان به

رنگبرنگي گل ڦٽندا آهن.

ج.ع. منگهاڻي

ٻه غزل

ڀريل جڳ ۾ هڪ جيئڙو،

طوفانن ۾ ڄڻ ڏيئڙو.

تو ته چيو آ ايندس ڪونه، پوءِ ڇو آهي اوسيئڙو.

سوچ اندر ۾ ڄار پکيڙي، ڄڻ ته ٿيس مان ڪوريئڙو.

ٽاههُ ڏيئي آ موتيو مهڪيو، پاتو شايد تو ليئڙو.

وڻجارا ڇو گيت نه ٿيندا، من جو ٿيو آ جوڳيئڙو.

پولارن جو باسي ٿي ويو، جاءِ نه هڪڙي هنڌ هينئڙو.

ياد سندئي جا آئي هُري،

سوين پيا ڄڻ چنگ چري.

جيئڻ جا ڪي ڍنگ ٿين ٿا، جيئبو ڪونهي ڏينهن گهُري.

تون جنهن هنڌ بيهاري وئين، مان ته اتيئي ويس مري.

انگ اگهاڙا مارو سارا، مٿان اتر جي سيءَ، لُري.

منهنجي گهر جو ڪوبه نه رستو، مان ته سڄائي ويس ٻُري.

سوچ سان ساري بت تي ڄڻ، زهر ڀري ماڪوڙي سُري.

اڄ وري ڪنهن نهڪر ڪئي، اڄ وري ڪا ڀونگي جهُري،

ڏاڍ ڀُريو، ڏاڍو به ڀُريو، ج.ع. منگهاڻي ڪانه ڀُري.

شفيع چانڊيو

وائي

جيڏيون ڪاڻ پنهل جي وندر سڀ ووڙيام،

          ڏاڍا وس ڪيام!

نڪري ڏينهن تتي جو پيرين پنڌ ڪيام،

          ڏاڍا وس ڪيام!

آڏا ڏونگر لڪيون ڏوري سڀ ڏٺام،

          ڏاڍا وس ڪيام!

ڏيرن ڪهڙو ڏوهه ڏيان پاڻان پاڻ ڪيام!

          ڏاڍا وس ڪيام!

”شفيع“ تَنَ ۾ تات هي وارو ور وريام،

          ڏاڍا وس ڪيام!

مريم مجيدي

وائي

او، مورن جهڙا ڍول پرين،

          ڪين ڪسا ڪر قول پرين.

جهرمر جوتون ڪن ۽ جهرڪن، چاهت چوکا ٻول پرين،

          ڪين ڪسا ڪر قول پرين.

سو سو سانگ ڪري ٿي سانڀر، ڪيڏو عشق اَڏول پرين،

         ڪين ڪسا ڪر قول پرين.

ٽَهه ٽَهه ٽَهڪن وڍ ورء جا، ڳاڙها لال رتول پرين،

         ڪين ڪسا ڪر قول پرين.

ڇم ڇم ڇَلڪي ريٽو، ريٽو، آب اکين مان اول پرين،

         ڪين ڪسا ڪر قول پرين.

دل جي ڌرتي ڌڳ ڌڳي ٿي، ڏاڍو مَوه مخول پرين،

         ڪين ڪسا ڪر قول پرين.

نينهن نجونج سون سچو آ، سودو سڪ اڻ مول پرين،

         ڪين ڪسا ڪر قول پرين.

پل پل پورپڃارن جهڙا، هانوَ پُڃن ٿا هول پرين،

         ڪين ڪسا ڪر قول پرين.

ويهه ويهه واٽون واٽ ٿين ڀل، ووڙي واٽ وڙول پرين،

         ڪين ڪسا ڪر قول پرين.

         او، مورن جهڙا ڍول پرين.

مهر پروين

هوت ته ڪجن هيئن، ڏاڍايون ڏُکين سان!

تيئن تيئن ڪاهيان ڪست مان، جبل جاڏا جيئن.

ووڙينديس وڻڪار ۾، ساهه نڪتي سيئن،

پانڌي تنهنجي پار جا، خبرون ڏيندم کيئن!

سڄڻ منهنجا سپرين، تو نه لائق ايئن!

پري ٿي ”پروين“ کان، توکي سري ڪيئن؟

غلام حسين رنگريز

غزل

اچ نوازش جي نظر ڪر يار، ڀيرو ڪيم ڀڃ،

مُون مُٺي مسڪين تان منٺار، ڀيرو ڪيم ڀڃ.

نيڻ نارا نار ڪريو سانوڻي مينهن جيئن وَهن،

هَر هَر هِنئين ۾ هوت تنهنجي سار، ڀيرو ڪيم ڀڃ.

ساري ساريون صحبتون ٿو هينئڙو منهنجو لُوڻ ٿئي،

تو سوا ناهي بلو ڀوتار، ڀيرو ڪيم ڀڃ.

چاندني ٿي چَڪ وجهي ۽ هير کائي پئي هِنيون،

ٿي وِلهي جو واهرو ڪر وار، ڀيرو ڪيم ڀڃ.

موٽ مٺڙا مُند موٽي ٻُوريا آهن ٻٻر،

دلڙي آتي تنهنجي ليءِ دلدار، ڀيرو ڪيم ڀڃ.

خواب تنهنجو خيال تنهنجو تون نه وسرين مُور ٿو،

تن بدن ۾ طلب تنهنجي تار، ڀيرو ڪيم ڀڃ.

دم وڃي ڀل، دم نه ٿي ڪو ڌار مون کان يار تون،

هيءَ حياتي آهي ڏينهڙا چار، ڀيرو ڪيم ڀڃ.

خاص خادم خاص تنهنجو آئون ٻانهو ٻانهن ٻَڌو،

ڪَر نه چاڪر چاڪري کان ڌار، ڀيرو ڪيم ڀڃ.

نينهن نهوڙي اڄ نئو ”رنگريز“ ساروئي شرم،

خلق ۾ تو ليءِ ٿيس مان خوار، ڀيرو ڪيم ڀڃ.

سيد اڪبر

ٻڌي پرت جون ڪي پُڪارون پُڪارون،

ڪري مست آيا قطارون قطارون.

سُڻي سڏ سُرن جا پيا پنڌ آهيون،

جنجهوڙي ويون هي تنوارون تنوارون.

ڏئي سرِ سُڳ لئه رکي ساک ڇڏبي،

ڀلي رقص ڪَن پيون بهارون بهارون.

خدائي اوهان جي کُٽي جت وڃي ٿي،

اُتان کان اسان جون اڏارون اڏارون.

نه منصور مڙندا ڪڏهن حق چوڻ کان،

نه ڏيندو هي مقتل ميارون ميارون.

اوهانجي وفا ۽ نڀاءُ جي اي ”اڪبر“!

ڪندو جڳ پيڙو پچارون پچارون.

نياز پنهور

نظم

او ڏات منهنجي مون ڏي آءُ وڌي،

ڪجهه شعر لکان، ڪجهه گيت رچيان.

ڪنهن شعر ۾ ڳالهه ڪريان ان جي،

ڪو غزل ئي ان جي نانءُ ڪيان.

جذبن کي سميٽيان لفظن ۾،

۽ پيار سندس کي چاڳ چوان.

جَڏ ڪامهَه لڳي ۽ وارَ لڏن،

ڪا مک سندس کي تشبيهه ڏيان.

تصوير رکان سامهون ان جي،

۽ لفظن ۾ پوءِ کيس چِٽيان.

جنهن وقت به ڀايان سڪ سندس،

هي غزل پڙهان يا کيس ڏسان.

ذوالفقار سيال

غزل

زخم زخم تي ٽهڪ وکيري، مرڪ سجائي آيا آهيون.

تنهنجي محفل ۾ او پيارا، پاڻ جلائي آيا آهيون.

پنهنجي هٿ سان، پنهنجي دل جي، مندر کي مسمار ڪري اڄ،

پنهنجا سارا سپنا ساڙي، آڳ لڳائي آيا آهيون.

لوڪ پيار تي پهرا ڏي ٿو، چوري چوري چاهت ڪئي سين،

تنهنجي صورت جو نيڻن ۾ عڪس لڪائي آيا آهيون.

راهه مان سارا تنهنجا پيرا، واءُ جو جهوٽو ڊاهي ويو آ،

تنهنجي ڳولها ۾ ئي ساجن، ساهه سڪائي آيا آهيون.

تنهائيءَ ۾ تنهنجي ٽهڪن جو مون کي آواز اچي ٿو،

سانت ۾ پنهنجو اندر کولي، چاڪ چڪائي آيا آهيون.

سوچ جي سوريءَ تي هي لڙڪيل، لاش اسان جي آسن جوآ،

زلف، اسان سودائي ڏسجو، پاڻ کپائي آيا آهيون.

عاجز اُڄڻ

ڪافي

نڪو حال ڀائي، نه محرم رهيو آ،

پڄاڻان اوهان جي، رڳو غم رهيو آ.

سوا تو نه ساعت، سکن جي ڏٺي مون،

رڳو درد  فرقت جي، سختي سَٺِي مون،

سوا تنهنجي مون لاءِ ماتم رهيو آ.

وڃي ڏور ڏاڍو، ڇڏيو تو وساري،

سگهو موٽ سپرين، متان موت ماري،

اچي يار پويون، پرين دم رهيو آ.

سُڻي يار عاجز اُڄڻ جون صدائون،

ڪري مهرباني، اچو من اوراهون،

لهي درد دل تان، جو هردم رهيو آ.

احمد خان آصف مصراڻي

نيٺ ته ملندا، چوندي سانِ،

حال حقيقت کولي کولي.

ڏُور وڌائون ڏينهن ڏهاڙا،

گذريا آرهڙ سانوڻ جاڙا

رڻ ۾ ويا هت رولي رولي.

جيءُ اُنهن سان جڙيو جڙيو،

قرب اُنهن جي قابو ڪڙيو،

چڻنگ وجهي ويا چولي چولي.

پرينِ ڪارڻ پاڻ پتوڙيم،

واهڻ وسيون وانڍون ووڙيم،

ٿڪيس ڳوٺ ڳليون ڳولي ڳولي.

”آصف“ شال اڱڻ تي ايندا،

ڏاڍو ڏڍُ ڏکيءَ کي ڏيندا،

ٻاجهه ڪندا شل ٻولي ٻولي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com