سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1981ع

مضمون

صفحو :12

نيئرڪس پنهنجي سفرنامي جي روزمره جي هڪ ڊائري (جرنل) لکي. خوش قسمتيءَ سان اهو جرنل ناس ٿيڻ کان بچي ويو ۽ ايرين ۽ اسٽرابو جي مواد معرفت اسان وٽ پهتو آهي. جرنل مان سنڌ متعلق مواد جو خلاصو مون "Chronological Dictionary of Sind" ۾ ڇپرايو آهي. اهو جرنل ڪئين دفعا جدا جدا ترجمانن ڇپرايو آهي، جن ۾ خاص هي آهن:

1. Rev. William Vincent. Voyage of Nearchus, London 1797.

2. Mc Crindle. Ancient India as described by Magasthenes and Arrian Calcutta 1877.

3. Tomasche. Topographische Frlanterung der Kuston fahrt Nearchus, Vom Indus, bis Zum Euphrat Vol XXI, Wien 1890.

4. Robson, E. Iliff, Indica, London, 1966 (Leob classical Libraray).

اسان کي نيئرڪس جي جرنل مان پٽالا مان روانه ٿيڻ کان بعد سنڌ جي اڀرندي شاخ (شايد اڀرندي پراڻ) رستي روانگي ۽ اڳتي سفر جو تاريخ وار سلسلي ملي ٿو. اتان هي حب يا ارئبس (Arabis) نديءَ پهتو. اتان ٽامرس (Tomerus) ندي ۽ ٽامرس کان ڪولٽا پهتو. رستي تي سٽورا نار (Stura Greek)، ڪورياٽس (Koreatis)، ڪروڪالا (Krokala) هيا. اهي سڀ سنڌ جي ڪناري تي هئا. ان کان پوءِ هو ڊومڪ (Domac) ٻيٽ تي پهتو، اتان سرنگا (Saranga) ۽ وري اتان سڪالا ۽ بعد ۾ مورن ٽوبارا جي بندر تي پهتو، جو حب نديءَ تي هو. اڃا سنڌ جي سرحد ختم نه ٿي هئي، ڇو ته لَس ٻيلو سنڌ ۾ هو. اتان کان پوءِ هو پگال (Pagal)، ڪبانا (Kabana)، ڪوڪالا (Kocala) کان ٿيندو ٽومرس (Tomerus) يا پورالي نديءَ جي منهن تي پهتو. اتان ملانا روانو ٿيو ۽ پوءِ مڪران جو ڪنارو وٺي مغرب طرف روانو ٿيو.

نيئرڪس جي جرنل جو مڪمل ۽ صحيح مطالع اڃا تائين نه ٿي سگهيو آهي. تازه 1975ع ۾ ايگرمانٽ ("Alexander's Campaign in Sind and Baluchistan" (P.H.L Eggermont) نالي ڪتاب لکيو آهي، جنهن وڌيڪ ضرورت پيدا ڪئي آهي ته نيئرڪس جو نئين سر مطالع ڪيو وڃي.
(8) ميگئزٿينيز

ميگئزٿينيز (Megasthenes)، سيلئوڪس طرفان چندر گپتا موريا جي دربار ۾ سفير (Ambassader) هو. ان وقت سنڌ ۾ چندر گپت جي حڪومت هئي. ميگئزٿينيز گهڻو سفر ڪونه ڪيو، پر چوي ٿو ته هن سڪندر اعظم کان ملڪ جا زياده حصا ڏٺا هئا. جيڪي ڪجهه لکيو اٿس، ان جو واسطو هندستان جي ڪن صوبن سان آهي، پر ملڪ جون عام حالتون ساڳيون هونديون، ان ڪري ڪي ڳالهيون سنڌ سان لاڳو ڪري سگهجن ٿيون. ڪتاب گم ٿي ويو آهي. فقط ڪي ٽڪرا موجود آهن، پر اهي ٽڪرا ڪافي دلچسپ آهن ۽ ڏيکارين ٿا ته لکندڙ تمام لائق ماڻهو هو ۽ جيڪي لکيو اٿس، سو ايمانداريءَ سان. هيٺيون دلچسپ ڳالهيون لکيون اٿس:

1.     ملڪ صوبن ۾ ورهايل هو، جن مٿان گورنر مقرر ڪيا ويندا هئا، جي ڪڏهن شاهي خاندان جا هئا.

2.     بادشاهه کي صلاحڪار هئا جي کيس جدا جدا شعبن جي ڪم ۾ مدد ڪندا هئا.

3.     شهر ۾ هڪ قسم جي ميونسپالٽي هئي جا هنر، مسافرن جي رهائش، ڄم ۽ موت جو حساب رکڻ، تجارت، تور ماپ ۽ قيمت جي نگراني، ڍل جي وصولي ۽ نيلام جو حساب ڪتاب رکت جو بندوبست ڪندي هئي.

4.     ضلعي جا آفيسر جن کي هو Agronomoi سڏي ٿو، زمين جي ماپ، پاڻي ماپ سان ڏيڻ، کيتي، ٻيلن ۽ کاڻين جا انچارج هئا.

5.     مرڪز ۾ وار ڊپارٽمينٽ (War Department) هو، جنهن ۾ 600000 سولجر هئا ۽ جدا جدا عملدارن جي ماتحت ڪم ڪندا هئا.

6.     انهيءَ وقت جي لڙائيءَ جا اوزار پڻ بيان ڪيا ويا آهن، جن ۾ ساڍا پنج فوٽ ڪمان، چمڙي جي ڍال، تلوار ۽ ٻيا ڪئين هٿيار هئا.

7.     بادشاهه شڪار تي ويندو هو ته چوطرف عورتون هونديون هيس.

8.     پاٽنا کان پشاور تائين رستو هو، جو 1150 ميل ڊگهو هو.

9.     ڪڏهن به ڏڪار ڪونه پيو هو، اناج جي کوٽ ڪانه هئي.

10.    لڙاين هوندي به مخالف ڌريون نه فصل جو نقصان ڪن ۽ نه هاري کي تنگ ڪن، هو پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهيا ٿي.

11.    ڳوٺن ۽ شهرن ۾ گهر گهڻو ڪري ڪاٺ جا ٺاهيندا هئا.

12.    چوري ورلي ٿيندي هئي.

ان کان سواءِ جهنگلي جانورن، زمين جي طاقت، باندرن، پکين، سامونڊي ٻوٽن، سنڌو درياه، ماڻهن جي رسمن، هندن جي 7 ورنن، گهوڙن، هاٿين، جوڳين ۽ برهمڻن جو بيان به ڪيو اٿس. سندس ڪتاب 120 صفن جو آهي.

ميگئزٿينيز جي ڪتاب جو صرف هڪ ترجمو منهنجي نظر مان نڪتو آهي. اهو مئڪرنڊل 1878ع ۾ ڪلڪته مان "Ancient India as described by Megasthenes and Arrian" جي عنوان سان ڇپرايو، جنهن جو پهريون حصو 150 صفحن تي آهي. ٻئي حصي ۾ نيئرڪس جي جرنل جو ترجمو آهي، جو ايرين ڪَٺو ڪيو هو.

(9) ارسٽوبولس

ارسٽوبولس (Aristobolus) يوناني تاريخ نويس سڪندر اعظم جي لشڪر ۾ هڪ انجنيئر هو.

سن 280-285 جي وچ ۾ هن سڪندراعظم جي تاريخ لکي، جا ايرين (Arrian) ۽ سٽرابو (Strabo) پنهنجي تاريخن ۾ استعمال ڪئي آهي. ارسٽو بولس جي تاريخ ايرين جو مکيه ماخذ (Source) هئي، ڇو ته کيس خبر هئي ته سڪندر ڪيترن موقعن تي ڪي ضروري ڪم ارسٽو بولس جي سپرد ڪيا هئا. ارسٽو بولس شايد پهريون ئي مصنف آهي، جنهن کي معلوم ٿيو ته سنڌو درياهه پنهنجا وهڪرا بدلائي ٿو ۽ هن سنڌ ۾ اهڙا ڪئين شهر ڏٺا، جي درياهه جي تازي وهڪري بدلجڻ ڪري ناس ٿيا هئا. هن پنجاب ۽ بلوچستان جي ٻوٽن ۽ جانورن ۽ رواجن جو پڻ بيان ڪيو آهي. هي مصنف سنڌ ۾ جولاءِ 326 کان سيپٽمبر 325ق.م تائين موجود هو ۽ 40 سالن کان بعد ڪتاب لکيائين، جو ضايع ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن ايرين جي ڪتاب معرفت اسان کي سندس تصنيف جا حصا نه ملن ها ته شايد اسان کي سندس بابت ۽ سڪندر جي سنڌ ۾ جنگين متعلق تمام ٿوري معلومات هجي ها.

(10) ڪلائٽارچس

ڪلائٽارچس (Cleitarchus) عيسوي سن کان ٽي صديون اڳ گذاري ويو. هن سن 258ق.م ڌاري سڪندر اعظم جي تاريخ لکي. ڪن جو چوڻ آهي ته اها 280 ق.م ڌاري لکي ويئي. ايرين اها تاريخ پنهنجي ڪتاب انابسز (Anabsis) لاءِ استعمال ڪونه ڪئي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪيترن ئي قسمن جا وڌاءَ ٿيل هئا. پر ڪرٽيس رفس (Curtius Rufus) ۽ ڊيوڊورس، جن به سڪندر اعظم جي تاريخ لکي، تن سندس ڪتاب مان ڪيترا حصا استعمال ڪيا آهن. ڪن عالمن ائين سمجهيو ٿي ته ڪلائٽارچس جي تاريخ ٽالمي ۽ ارسٽو بولس کان اڳ لکي ويئي هئي ۽ انڪري وڌيڪ معتبر (Anthentic) هئي، پر تحقيق ثابت ڪيو آهي ته سڪندر جي پهرين تاريخ ٽالمي سارٽر لکي ۽ ٻي ارسٽو بولس. ڪلائٽارچس انهن ٻنهي کان بعد ۾ لکيو. پهرين ٻن وانگر ڪلائٽارچس به شايد سڪندر سان ايشيا ۾ گڏ هو. پر، جيڪڏهن سندس تاريخ 258ق.م ۾ يا ٻي صدي ق.م ۾ لکي وئي ته پوءِ هو ساڻن گڏ نه هو. سندس تاريخ وجود ۾ ڪانه آهي، پر جيڪي ڊيوڊورس ۽ ڪرٽيس کان معلوم ٿئي ٿو ته سڪندر سيوهڻ جي بادشاهه سمبس کي شڪست ڏيڻ بعد 80000 ماڻهو مارايا. اهو وڌاءُ آهي ڇاڪاڻ ته ان وقت سڄي سنڌ جي آبادي شايد 5 لک ماڻهو هجي. اهڙيءَ طرح لس ٻيلي جي مڇي خورن (Fish eaters) متعلق بيان، ته هو سواءِ مڇيءَ جي ٻيو ڪوبه کاڌو نه کائيندا هئا، ۽ انهن وٽ ڪنهن به قسم جو اوزار نه هو، ان ڪري مڇيءَ کي پنهنجن ننهن سان چيري اُس ۾ پچائي کائيندا هئا، پڻ هڪ مبالغو آهي.

سڪندر جي رومانس (Romance) جا قصا پڻ تاريخي حيثيت نٿا رکن. پٽالا شهر کي هرماٽيليا جو نالو پڻ هن مصنف ڏنو. سڪندر جا معجزا ۽ خواب مصر جي ٽالمين جي دور ۾ مشهور ڪيا ويا. هن مصنف انهن مان ڪي پنهنجي تصنيف ۾ شامل ڪيا آهن.

ڪلائٽارچس مصر جي اليگزنڊريا شهر ۾ رهندو هو، جتي ٽالمي گهراڻي جي حڪومت هئي، جنهن جو بنياد رکندڙ ٽالمي- اول سارٽر (Ptolemy-I Sorter) سڪندر جو ويڳو ڀاءُ ۽ دوست ۽ جنرل پڻ هو. ٽالمي خاندان وارا سڪندر جي وڏي عزت ڪندا هئا ۽ پاڻ کي ان جو وارث سمجهندا هئا، ان ڪري انهن جي دور ۾ سڪندر لاءِ ڪئين قصا ٺاهيا ويا، جي 2000 ورهين تائين تاريخي حقيقت سمجهيا ويندا هئا. هن مصنف تي وڏي ۾ وڏي تحقيقات هڪ جرمن عالم جئقوبي (Jacoby F.G.H) ڪئي، جا برلن مان جرمن زبان ۾ 1923 ۽ 1930ع ۾ شايع ٿي آهي.

(11) ايرئٽوسٿينيس

ايرئٽوسٿينيس (Eratosthenes) يوناني جاگرافي دان ۽ حسابن جو ماهر سائرين (Cyrene)، جنهن جي هاڻي ”شاهت“ چون ٿا ۽ لبيا ۾ سمنڊ جي ڪناري تي موجود آهي، ۾ سن 194- 276ق.م ۾ زنده هو. تعليم اٿينس ۾ پرايائين ۽ مصر جي بادشاهه ٽالمي ٽئين (Ptolemy-III) جي دعوت تي سڪندريه جي عجائب گهر ۾ تحقيقات جي شعبي ۾ فيلو (Fellow) مقرر ٿيو، جتي تاريخ، جاگرافي، جيالاجي، ائسٽرانامي، حساب ۽ ادبي تنقيد (Literary Criticism) تي ڪم ڪيائين. ازانسواءِ سلسليوار تاريخن (Chronology) تي پڻ ڪم ڪيائين. سندس همعصر (Contemporaries) کيس پهرينءَ صف جو عالم (Scholar) نه سمجهندا هئا، ڇو ته هو ڪيترن شعبن ۾ ڪم ڪندو هو ۽ هر هڪ شعبي جا ماهر هن کي پاڻ کان گهٽ سمجهندا هئا، پر هيءُ پهريون جاگرافي دان هو، جنهن ڌرتيءَ جي گولائي (Sphericity) جي تحقيقات ڪئي ۽ ڌرتيءَ جو قطر (Diameter) ماپيو جو اڄ جي حساب مطابق فقطه 4 سيڪڙو گهٽ آهي. سج ۽ چنڊ جي ماپ ۽ ڌرتيءَ کان مفاصلي تي پڻ ڪم ڪيائين. هن مصري سال (Calender) ۾ هڪ ڏينهن ڳنڍڻ جو مشورو ڏنو، جو وقت جي حڪومت عمل ۾ نه آڻي سگهي. سن 235 ق.م ۾ هو سڪندريه جي ڪتبخانه جو لائبريرين مقرر ڪيو ويو ۽ هو پهريون ئي سائنسدان هو جو انهيءَ عهدي تي مقرر ٿيو. سندس ڪابه تصنيف موجود ڪانه آهي. سندس تصنيفن متعلق اسان کي خبر مشهور جاگرافي دانن سٽرابو (Strabo) ۽ ٽالمي (Ptolemy) مان پوي ٿي. انهن ٻنهي سندس جاگرافي جو مطالع ڪيو ۽ ان کي پنهنجن جاگرافين جي ڪتاب لاءِ استعمال ڪيو.

جئقوبي (F.G.H Jcoby) پنهنجي جرمن ڪتاب (Fragmente der griechischen Historiker) ۾ سندس متعلق لکيو آهي. اهو ڪتاب لنڊن مان سن 1923ع ۾ شايع ٿيو. سارٽن (H.S George Sarton) پڻ "A History of Science"  ۾ سندس بيان ڪيو آهي. اهو ڪتاب سن 1953ع ۽ 1959ع ۾ ڪيمبرج مان ٻن جلدن ۾ شايع ٿيو.

سنڌ متعلق بيان لکڻ کان سواءِ هن ان وقت جي معلوم دنيا جو نقشو تيار ڪيو، جنهن ۾ برٽش آئيلس کان وٺي سلون تائين ۽ ڪئسپين سمنڊ کان وٺي حبش (Ethiopia) تائين ملڪ ڏيکاريائين، ان ۾ سنڌ به اچي ٿي وئي. اهو نقشو وجود ۾ ڪونه آهي ۽ شايد هپارڪس (Hipparchus) ۽ سٽرابو (Strabo) استعمال ڪيو هجي. انهن ٻنهي جا نقشا ايرئٽوسٿينس جي نقشي کان زياده مفيد هئا. ڌرتي جي گولائي ماپڻ لاءِ هن چيو ته اونهاري ۾ منجهند جو (شايد جون 21 تي) سج اسوان جي بلڪل مٿان آهي، پر سڪندريه کان ست ڊگريون ڏکڻ تي آهي. سڪندريه ۽ اسوان جو مفاصلو کيس معلوم هو، ان مان ڌرتيءَ جي گولائيءَ جو حساب ڪيائين، جو هن جي انگن مطابق اڄ جي 25000 ميلن کان ٿورو وڌيڪ آهي. بعد جي سائنسدانن هي مفاصلو تمام گهڻو سمجهيو ۽ پوسيڊونيس (Poseidonius) جو تحقيقات ڪيل 18000 ميل گهيرو (Circun Ference) قبول ڪيو. اها غلطي سترهن صدين کان بعد درست ڪئي وئي.

(12) يوڊوڪسز

سائيزيڪس (Cyzicus) جو رهواسي يوڊوڪسز (Eudoxus) مصر جي بادشاهه ٽالمي اٺين (Ptolemy VIII, Euregetes-II) جي دور ۾ (117-146ق.م) سندس دربار جو هڪ جاگرافي دان هو. سال 119ق.م ۾ ساحلي محافظن هڪ ماڻهوءَ کي بادشاهه جي دربار ۾ اڌ مئل صورت ۾ آندو، جنهن کي بُک ۽ اُڃ سبب هڪ تباهه ٿيل جهاز مان سمنڊ جي لهرن ڪناري تي آندو هو.

هن دربار ۾ ٻڌايو ته هو هندوستان مان آيل هو ۽ بادشاهه جي عيوضين کي اتي وٺي وڃڻ لاءِ تيار هو. بادشاهه جي حڪم تي هي جاگرافي دان سن 120 ق.م ۾ ان ماڻهوءِ سان گڏ هندوستان ۾ آيو. پنهنجي مضمون Internaitonal trade of Sind 200 B.C-200 A.D ۾ مون انهيءَ ڳالهه تي بحث ڪيو آهي ته ان دور ۾ برصغير جي ٻاهرين تجارت جو مرڪز باربريڪان (Barbaricon) يا ”ڀنڀور“ هو.

مصر مان جهاز ڳاڙهي سمنڊ جي رستي، عدن کان عربستان جو ڪنارو وٺي بحرين ايندا هئا، اتي ايراني نار کي پار ڪري، ايراني ۽ بلوچي مڪران جو ڪنارو وٺي ڀنڀور پهچندا هئا، جتي نه صرف اتر اولهه برصغير جو پرچين، ٿٻيٽ ۽ وچ ايشيا جو مال چين جو ريشم ۽ ڏکڻ هندوستان جو مال پڻ سمنڊ جي رستي پهچندو هو. اها ڳالهه ڏيکاري ٿي ته يوڊوڪسز ضرور ڀنڀور آيو هوندو.

پهريون يوناني، جنهن سنڌ ۽ مصر جي وچ ۾ 512ق.م ۾ سفر ڪيو، سو هو اسڪائلئڪس. يوڊوڪسز ٻيو يوناني هو. پر اها ڳالهه بلڪل واضح ٿئي ٿي ته ٻنهي دورن جي وچ ۾ سنڌ جا ماڻهو مصر تائين ايندا ويندا رهيا. هندوستان مان واپسي تي يوڊوڪسز جو جهاز رستو ڀلجي ويو. پلني جي خيال مطابق يوڊوڪسز جو جهاز، جنهن هندوستان مان سمنڊ جي رستي سڌو عدن پهچڻ جي ڪوشش ڪئي، طوفان ۾ آفريڪا جي ڏکڻ کان ڦرندو اسپين پهتو ۽ اتان پوءِ آخرڪار گيڊس (Gades) پهتو. انکان بعد يوڊوڪسز ٻه دفعا ڪوشش ڪئي ته اسپين مان ڏکڻ آفريڪا جي رستي هندوستان پهچجي، پر ناڪامياب رهيو. هي صحيح معنيٰ ۾ واسڪو ڊيگاما جو متقدم (Predecessor) هو. اهي ٻه سفر ٽالمي لٿائروس (Ptolemy Lathros) جي زماني ۾ ٿيا. ازانسواءِ يوڊوڪسز ڳاڙهي سمنڊ کان ٻه دفعا گڏيل هندوستان ۾ آيو هو ۽ پاڻ سان گڏ مصر مان ڪيترن فنن جا ڄاڻو (Artizans) پڻ کنيا هئائين. يوڊوڪسز جي دور ۾ سنڌ ۾ بلخ جي يونانين جي حڪومت هئي، جن جي درٻاري زبان پڻ يوناني هئي.

يوڊوڪسز پنهنجن ڪامياب ۽ ناڪامياب سفرن ۾ پاڻ سان هندوستان جي بادشاهن جي درٻارن لاءِ نوجوان راڳيندڙ غلام ڇوڪريون پڻ ساڻ کنيو هيون. پيريپلس جو مصنف ٻڌائي ٿو ته انهن مان ڪي بئريگازا (Barygaza) يا بڙوچ جي بادشاهه جي حرم ۾ داخل ڪيون ويون ۽ انهن پاڻ سان راڳ جا ساز پڻ آندا هئا ۽ سٺو آواز هونِ.

يوڊوڪسز جو احوال اسان کي پلني (Pliny the Elder) ۽ پيريپلس (Periplus of Erythraean Sea) جي مصنف مان ملي ٿو، جن تي پڻ هن مضمون ۾ روشني وڌي وئي آهي. هي يوڊوڪسز يوناني جاگرافر يوڊوڪسز کان مختلف آهي، جو 335-408ق.م ۾ اٿينس ۾ رهندو هو.

هن عرصي ۾ مصر ۽ سنڌ جي وچ ۾ ۽ مٿئين مصنف بابت، هيٺين ڪتابن مان معلومات ٿئي ٿي:

1. Charlesworth M.P. Trade routes and Commerce of Roman Empire, Cam. Bridge, 1926.

2. Rawlinson A.G. India and Western World from earliest times to fall of Rome, 2nd edition, Cambridge 1926.

3. Warmington. E. The commerce between Roman Empire and India, Cambridge, 1928.

4. Mc Crindle J.W, Ancient India as described in classical literature, 2nd ediiton, Calcutta, 1927.

(13) هپيئلس

هپيئلس (Hippalus) جي زندگيءَ بابت جدا جدا مصنفن الڳ تاريخون ڏنيون آهن. ٿيل (Thiel) جي خيال مطابق هو يوڊوڪسز جي جهازن جو هڪ ڪپتان هو ۽ 100ق.م ڌاري مصر کان هندوستان لاءِ سفر شروع ڪيائين. هيپئلس جي مشهور کوجنا اها هئي ته چوماسي (Monsoons) جو فائدو وٺي، اونهاري جو عدن کان سنڌ، گجرات ۽ ملبار ڪناري تي سڙهه جي زور سان سڌا پهچي ٿي سگهيا ۽ سياري جو اتان واپس اچي ٿي سگهيا ۽ رستي تي روڪجڻ جي ضرورت نه هئي. هن کوجنا لاءِ علحده تاريخون ڏنيون ويون آهن، پر واضح هئڻ گهرجي ته سنڌين، ايرانين ۽ عربن کي اها معلومات هڪ صدي اڳ هئي، جا مصري يونانين کان مخفي رکي وئي هئي. انهيءَ ڪري مصري يوناني گڏيل هندوستان سان سڌو واپار نٿي ڪري سگهيا.

هن موضوع تي مون پنهنجي مضمون International trade of Sind, 200 B.C 200 A.D. ۾ ڪافي بحث ڪيو آهي. هپيئلس واري چوماسي وارين هوائن جي جهازراني لاءِ کوجنا دراصل 40ع ڌاري ٿي، جيوتڻيڪ هوراني (Hourani) 90 ق.م ۽ ٽائوسينٽ (Toussaint) 20ق.م تسليم ڪن ٿا. جيئن به هجي، پر انهيءَ جو اثر تقريباً  40ع ڌاري شروع ٿيو.

1.     تقريباً 40ع تائين جهاز ڳاڙهي سمنڊ کان باربريڪان”ڀنڀور“ (Banbhore) تائين ڪنارو وٺي ايندا هئا.

2.     20 ق.م کان 50ع تائين جهاز عدن مان سڌو باربريڪان اچڻ لڳا.

3.     60-50ع تائين جهاز عدن کان سڌو بڙوچ وڃڻ لڳا.

4.     70-60ع تائين جهاز سڌو ملبار ڪناري وڃڻ لڳا.

5.     70ع کان بعد جهازڳاڙهي سمنڊ کان سڌو ڪارو منڊل ڪناري ۽ ملايا وڃڻ لڳا.

انهيءَ سڄي واڌاري، باربريڪان (Barbaricon) يا ڀنڀور جي واپار کي سخت ڌڪ هنيو. شايد انهيءَ ڪري سنڌ ۾ بيچيني پيدا ٿي. پارٿين بعد ڪشن ۽ فورن بعد وري پارٿين سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ خاص طور ڏکڻ سنڌ ۾ حڪومت جون ڪي تبديليون آيون.

هپئيلس جي کوجنا ۽ ان جي اثرن جو احوال اسان کي پيريپلس ۽ پلني مان ملي ٿو.

هن موضوع جي زياده مطالع لاءِ منهنجي مٿئين مضمون کان سواءِ هيٺين ڪتابن مان احوال ملي سگهي ٿو.

(1)    Scoff, H. Periplus of Erythraean Sea, Philodelphia 1912.

(2)    Charlesworth, Trade Routes and Commerce of Roman Empire, Cambridge 1926.

(3)    Mc Crindle J.W. Ancient India as described in classical literature Calcutta 1903.

(4)    Warmington. Commerce between Roman Empire and India, Cambridge 1928.

(5)    Rackham H. Pliny, Natural History 2 volumes London 1967 (Loeb classical Liberary)

(6)    Toussaint, History of Indian Ocean, London 1966.

(7)    Mc Crindle, Commerce and Navigaiton of Erythraean, Sea being translation of Periplus naris Erythae" Calcutta, 1879.

(14) اسٽرابو

اسٽرابو (Strabo) هڪ يوناني جاگرافي دان هو، جو اماسا پانٽس شهر (جو ترڪيءَ ۾ ڪاري سمنڊ جي ڪناري کان 75 ميل ڏکڻ طرف هن وقت به موجود آهي) ۾ سن 63 ق.م ۾ پيدا ٿيو ۽ سن 19ع ۾ فوت ٿيو. پاڻ ملڪيت وارو هو ۽ تمام گهڻا سفر ڪيائين ۽ عموماً اها دعويٰ ڪندو رهيو ته ڪنهن به جاگرافي دان هن جيتروسفر نه ڪيو آهي. سن 44 ق.م ۾ هو روم ۾ آيو ۽ يوناني استادن وٽ تعليم حاصل ڪيائين، جتي شايد ٽائرنينين (Tyrannion) جي صحبت ۾ جاگرافيءَ سان دلچسپي پيدا ٿيس. هن جي جاگرافي (جا 17 جلدن ۾ آهي، جن مان 16 جلد اڃان تائين سلامت آهن). ايرئٽو سٿينز (Eratosthenes) جي جاگرافيءَ تي ٻڌل آهي. پويون جاگرافي نويس هن کان حسابن (Mathematics) جو زياده ڄاڻو هو، ان ڪري اسٽرابو ڪئين غلطيون ڪيون آهن. مثلاً، ڀونوچ سمنڊ جي ملڪن کي ايرئٽوسٿينز جي گولائي (Sphericitly) مان سڌو (Plane) ڪرڻ ۾ غلطيون ڪري ويو. ازانسواءِ هن هومر (Homer) جي داستان گوئيءَ کي سچ سمجهيو ۽ هروڊوٽس جي تاريخ استعمال ڪري غلطين جو انداز وڌايو. پر هن پنهنجي جاگرافي ۾ اڳين جاگرافي دانن جي تصنيفن کي استعمال ڪرڻ سان اهي سڀ تصنيفون تباهيءَ کان بچايون. ڌرتيءَ کي گولو تسليم ڪرڻ سان هن نوان کنڊ (Continents) تسليم ڪري انهن کي نالا ڏنا. هن جي لکڻ مطابق کنڊن (Continents) جي چوطرف سمنڊ آهي ۽ ڌرتيءَ جو سڪل حصو اتر واري اڌ گول جي چوٿين حصي تي ڇانيل آهي، باقي ايراضيءَ ۾ سمنڊ آهي. هن سنڌ ۽ سنڌ جي واپار متعلق ڪافي لکيو آهي، جنهن جا ڪي حصا مون "International trade of Sind 200 B.C-200 A.D" مضمون ۾ استعمال ڪيا آهن.

هيٺيون خاص ڳالهيون، جي اسٽرابو لکيون آهن، ذهن ۾ رکڻ جي قابل آهن:

(1)    يوڊوڪسز جي هند سنڌ جي سفر متعلق هن مصنف کان احوال ملي ٿو.

(2)    يوڊوڪسز کان بعد موسمي هوائن جي جهازرانيءَ لاءِ استعمال بابت احوال پڻ هن جي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو.

(3)    هي پنج سال مصر ۾ رهيو. ان وقت گڏيل هندستان جو وڏي ۾ وڏو تجارتي بندر باربريڪان (Barbaricon) يا ”ڀنڀور“ هو ۽ ان جو مصر جي شهر سڪندريه جي معرفت رومي سلطنت سان واپار هلندو هو. سنڌ متعلق اهو سڄو مواد هن کي مصر ۾ حاصل ٿيو.

(4)    پنهنجي جاگرافي، هن سن 7 ق.م ۾ لکي ۽ پوءِ وري سن 18ع ۾ ان ۾ اضافا ڪيائين.

(5)    مصر مان قافلن جو ڳاڙهي سمنڊ تائين پهچڻ ۽ اتان عربي سمنڊ لاءِ رواني ٿيڻ جو احوال پڻ درج ڪيو ويو.

(6)    آگسٽس (Augustus) جي دور تائين مصر جا جهاز ورلي باب المغرب تائين پهچندا هئا، پر سندس هٿان 25 ق.م ۾ عدن جي تباهي ۽ عرب قبيلن تي حاوي ٿيڻ بعد مصري يوناني ۽ رومن جهاز عربي سمنڊ ۾ اچڻ لڳا.

(7)    سندس وقت تائين رومي واپاري گنگا نديءَ جي اندر اتفاقاً پهتا هئا.

(8)    عربستان مان قافلن جا رستا بيان ڪري ٿو. سنڌ مان مال عدن تائين ويندو هو، جتان عرب قافلن رستي اهو مال مصر ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ڏاکڻين ڪناري تي پهچائيندا هئا.

(9)    هئپولس جي موسمي هوائن جي ايجاد ۽ ان جو جهاز رانيءَ لاءِ استعمال جو احوال.

(10)   (Single horned Rinoceros) يا هڪ سنڱو گينڊو، جو ان وقت سنڌو درياه ۾ عام هو، اسٽرابو، آگسٽس جي قلو پطرا تي فتح جي موقعي تي ڏٺو. اهو گهڻو ڪري سنڌ مان مصر موڪليو ويو هو.

(11)   اسٽرابو هندستان مان روانو ڪيل 9 فوٽ ڊگهو نانگ پڻ مصر ۾ ڏٺو.

(12)   اسٽرابو کنڊ متعلق لکي ٿو ته اها ماکي هندستان ۾ وڻن مان ماکيءَ جي مک جي مدد کانسواءِ پيدا ٿئي ٿي.

اهڙي قسم جا ڪيئي بيان سندس ڪتابن ۾ موجود آهن. سنڌ جي پراڻي جاگرافي تي هيءُ هڪ ناياب ڪتاب آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com