سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1981ع

مضمون

صفحو :18

       سن 1916ع ۾ راڻيپور (خيرپور رياست) جي مشهور عالمِ دين حڪيم محمد صادق ”صحيفئه قادري“ نالي سنڌيءَ ۾ هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو. هن رسالي ۾ ديني علمن سان گڏ علم و ادب ۽ سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ پڻ مضمون شايع ٿيندا هئا. سنڌ جي مشهور عالم، اديب ۽ محقق مولانا دين محمد ”وفائي“ پنهنجي علمي، ادبي ۽ تحقيقي مضمونن جي شروعات هِن رسالي سان ڪئي هئي.

(17) سِک ينگ مئنس ائسوسيئيشن جو ماهوار رسالو:

       سن 1917ع ۾ هن تنظيم پاران ڪراچيءَ مان هڪ سنڌيءَ ۾ رسالو جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ صرف ڌرمي مضمون شايع ڪيا ويندا هئا ۽ قرباني جون ڪهاڻيون ڏنيون وينديون هيون. (21)

(18) الڪاشف:

       سنڌ جي لاڙڪاڻي شهر مان سن 1918ع ۾ مولانا دين محمد ”وفائي“ سنڌيءَ ۾ هڪ مذهبي رسالو ”الڪاشف“ جي نالي سان جاري ڪيو. هيءُ رسالو سنڌ ۾ ڪيتري عرصي تائين هلندو رهيو. هن رسالي ۾ گهڻو ڪري مذهبي مضمون شايع ٿيندا هئا.

(19) الحافظ:

       سن 1919ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان حافظ حيات شاهه ”الحافظ“ نالي هڪ ماهوار رسالو ڪڍيو. هيءُ رسالو ڪراچيءَ جي حيدري پريس مان ليٿو ۾ شايع ڪيو ويندو هو. هن ۾ مذهبي، تاريخي ۽ علم و ادب تي مضمون پوندا هئا ۽ هيءُ رسالو 165 صفحن تي نڪرندو هو. مواد جي لحاظ کان هيءُ رسالو هڪ بلند پايه جو رسالو هو. منجهس سنڌ جي وڏن عالمن ۽ شاعرن جا مضمون ۽ شعر ڇاپيا ويندا هئا.

(20) ملان سڪول مخزن: سنه 1921ع کان سنڌ جي ”ملان مڪتبن“ لاءِ هڪ ماهوار مخزن جاري ڪئي ويئي. هيءُ رسالو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي پاران هڪ تعليمي رسالي جي صورت ۾ شايع ڪيو ويندو هو. هن مخزن جي پاليسي پڻ ساڳي ”تعليم اخبار“ رسالي واري هئي. هيءُ رسالو ڪمشنر پريس ڪراچيءَ مان شايع ٿيندو هو.

(21) اخلاقي تعليم:

       ديوان ڏيئومل محبوبراءِ سنه 1921ع ۾ ”اخلاقي تعليم“ جي نالي ٻاراڻو ماهوار رسالو ڪڍيو. هن رسالي ۾ صرف ٻارن جي معيار جو سنڌي ادب پيش ڪيو ويندو هو. ٻاراڻي ادب ۾ هيءُ رسالو تمام اهم هو ۽ سنه 1947ع تائين برابر هليو.

(22) روح رهاڻ:

       سنڌ جي مشهور اديب، قومي ۽ ملڪي خدمتگار، صوفي ۽ ٿياسافسٽ سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام گلراج، ٿياسافي ۽ تصوف جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ ”روح رهاڻ“ نالي سنڌي زبان ۾ هڪ ماهوار رسالو سنه 1923ع ۾ جاري ڪيو. مرزا نادر بيگ هن رسالي جو نائب ايڊيٽر هو. هن رسالي ۾ قرآن، گيتا، تصوف، ويدانت، ٿياسافي ۽ روحانيت جي باري ۾ چڱا معياري مضمون شايع ٿيندا رهندا هئا. سال 1944ع تائين باقاعادگيءَ سان هلندو رهيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندس پٽ اهو ساڳيو رسالو بمبئي (ڀارت) مان به ڪجهه وقت ڪڍندو رهيو.

(23) گلدستو:

       ”بزم مشاعره“ لاڙڪاڻي جي سهاري هيٺ سنه 1923ع ۾ ”گلدستو“ نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو ويو. هن رسالي ذريعي موزون شاعري ڪافي ترقي ڪئي، ۽ منجهس عمدا ۽ معياري مضمون پڻ شايع ٿيندا رهندا هئا.

(24) شيوا:

       سال 1923ع ۾ مهراج سنڀورام،شيام سندر پريس شڪارپور سنڌ مان ”شيوا“ نالي سنڌيءَ ۾ هڪ رسالو ڪڍيو. هن رسالي ۾ اڪثر مذهبي، اخلاقي، علمي ۽ ادبي مضمون شايع ڪيا ويندا هئا.

(25) وديا:

       سال 1923ع ڌاري حيدرآباد سنڌ مان ديوان نرملداس ڌرمداس گربخشاڻي ”وديا“ نالي هڪ ماهوار رسالي جي شروعات ڪئي. هن رسالي ۾ اڪثر سنڌي ليکڪن جون ڪهاڻيون شايع ٿينديون هيون.

(26) سندر ساهت:

       سال 1924ع ۾ ديوان ميلارام واسواڻي حيدرآباد سنڌ مان ”سندر ساهت“ نالي رسالو جاري ڪيو. هن رسالي ۾ ديسي آکاڻين جا ترجما شايع ٿيندا هئا. ميلارام صاحب سنڌيءَ ۾ هڪ ٻيو رسالو به ڪڍندو هو، جو ”گل ڦل“ جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور هو.

(27) سنڌ شيوڪ:

       ساهتي پرڳڻي جي قديم تاريخي شهر نوشهرو فيروز جي رهواسي ديوان تولارام ٻالاڻي سنه 1924ع ڌاري ”سنڌ شيوڪ“ نالي رسالو ڪڍيو. پهريائين هيءُ رسالو ماهوار هو، پر پوءِ ان کي هفتيوار بنايو ويو. تولارام ٻالاڻي پرائمري استاد هو ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪندو هو. سندس تخلص ”عاجز“ هو.

(28) ترقي:

       ساهتي پرڳڻي جي موري شهر جي قاضي خاندان مان مرحوم مولوي عبدالخالق ”خليق“ مورائيءَ سنه 1924ع ۾ ڪراچيءَ مان ”ترقي“ نالي سنڌيءَ ۾ هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو هو. هيءُ هڪ قومي، مذهبي، اخلاقي ۽ تبليغي نوعيت وارو رسالو هو.

(29) عندليب:

       سال 1924ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ”نئون ديرو“ ڳوٺ مان ميان ولي محمد ڀٽو ”اسير“، ”عندليب“ نالي سان هڪ ماهوار رسالو ڪڍندو هو.

(30) ڦليلي:

       حيدرآباد سنڌ جي ڏيارام گدومل ڪاليج مان سنه 1924ع ۾ انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ”ڦليلي“ جي نالي سان رسالو ڪڍيو ويو. هن رسالي ۾ سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ۽ بلند پايه جا مضمون شايع ٿيندا هئا. سنه 1945ع ۾ هن رسالي جو ايڊيٽر مسٽر خوشيرام واسواڻي هو. هن وقت اهو مٿيون ڪاليج ”گورنمينٽ ڪاليج“ جي نالي سان قائم آهي ۽ هن ڪاليج مان ”ڦليلي“ جي ساڳئي نالي سان هر سال ڪاليج مخزن نڪرندي رهندي آهي.

(31) الجامع:

       اسلامي تعليم ۽ تبليع جي سلسلي ۾ مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي ايڊيٽريءَ هيٺ سال 1925ع مطابق 1333هه ۾ الوحيد پريس ڪراچيءَ مان ”الجامع“ نالي سنڌيءَ ۾ رسالو شايع ڪيو ويندو هو. هن رسالي ۾ اسلامي تصوف، اسلامي عقيدن ۽ معاشري جي اصلاح جا مضمون ڇپجندا رهندا هئا.

(32) ٻاراڻيون ٻوليون:

       پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻي سنه 1926ع ۾ ”ٻاراڻيون ٻوليون“ نالي هڪ رسالو ڪڍيو. هيءُ رسالو خاص ٻارن ۾ ادبي رجحان پيدا ڪرڻ لاءِ جاري ڪيو ويو. هن رسالي ۾ ٻارن جي ڏانوَ جو ادب ڇپجندو هو.

(33) ٻارن لاءِ آکاڻيون:

       پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻي سال 1926ع ڌاري هڪ باتصوير رسالو ٻارن لاءِ جاري ڪيو. هن رسالي ۾ وڻندڙ ۽ نصيحت آميز آکاڻيون ڇپبيون هيون.

(34) البلاغ المبين:

       هن رسالي جو ايڊيٽر خاڪسار صاحبداد خان هو. سال 1926ع ۾ هيءُ رسالو ٽهلرام چيترام، گرونانڪ پريس شڪارپور مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هيءُ رسالو خالص مذهبي ۽ ديني تبليغ جو رسالو هو. هن ۾ مذهب، اسلام ۽ اسلامي تاريخ تي مضمون شايع ڪيا ويندا هئا.

(35) مطالبهء حق:

       هيءُ رسالو پڻ مولانا صاحبداد خان سن1926ع ۾ شڪارپور سنڌ مان جاري ڪيو. هيءُ 23 صفحن جو رسالو هوندو هو ۽ ريلومل اليڪٽرڪ پريس شڪارپور مان شايع ڪيو ويندو هو. هن رسالي ۾ مذهبي، تاريخي ۽ اصلاحي مضمون ڇپبا هئا.

(36) نصرت حق:

       سن 1926ع ۾ مولانا صاحبداد خان هيءُ رسالو سنڌ جي آريه سماجن جي خلاف ستيارٿ پرڪاش جي جواب ۾ جاري ڪيو هو. مولانا صاحب جو هيءُ رسالو الحنيف پريس سلطان ڪوٽ مان 46 صفحن تي ڇپجي پڌرو ٿيندو هو. هن رسالي ۾ زياده تر آريه سماجن جي خلاف جواب ڏنل هوندا هئا ۽ ان سان گڏمذهبي، تاريخي ۽ اخلاقي قسم جا مضمون به ڇپجندا هئا.

(37) الحزب:

       سن 1927ع ۾ سنڌ جي نامور اديب، محقق ۽ صحافي مولانا دين محمد ”وفائي“ هيءُ رسالو لاڙڪاڻي مان جاري ڪيو. هن رسالي جو ايڊيٽر محترم پير علي محمد شاهه راشدي هو. مرحوم مولانا غلام محمد گراميءَ جي قول موجب هيءُ رسالو سکر مان نڪرندو هو.

(38) توحيد:

       مولانا دين محمد ”وفائي“ سال 1927ع ۾ ”توحيد“ نالي سنڌيءَ ۾ هڪ رسالو جاري ڪيو. هيءُ رسالو الوحيد پريس ڪراچيءَ مان شيخ عبدالسلام اڌارام شايع ڪندو هو. هن رسالي جي اشاعت جو مقصد پهريائين صرف ديني تبليع جو هو، پر بعد ۾ ان کي علمي ۽ ادبي رسالو بنايو ويو.

(39) گلستان:

       ساهتيءَ جو مشهور اديب منوهر داس ڪوڙومل حيدرآباد سنڌ مان سال 1928ع ۾ ”گلستان“ نالي رسالو ڪڍندو هو. هيءُ رسالو سماهي هو. هن رسالي ۾ سنڌي زبان جا عمدا ۽ معياري مضمون پوندا هئا.

(40) سماج:

       سال 1928ع ڌاري سوامي گووندانند سکر مان ”سماج“ نالي سنڌيءَ ۾ رسالو ڪڍيو.(22)

(41) الراشد:

       سال 1928ع ۾ سنڌ جي ممتاز عالم، اهلِ قلم ۽ باڪمال صحافي جناب پير علي محمد شاهه راشديءَ ”الراشد“ نالي هڪ مخزن اخباري نموني ۾ سکر مان جاري ڪئي. منجهس اعليٰ درجي جا تاريخي ۽ معلوماتي مضمون ۽ شعر ڇپجندا هئا.(23)

(42) المنار:

       سکر مان ”المنار“ نالي هڪ ماهوار ادبي رسالو سن 1930ع ۾ جاري ڪيو ويو. هن رسالي جو پهريون ايڊيٽر ميان عبدالرحيم ”آزاد“ هو، (24) ۽ حافظ عبدالحميد هن رسالي جو پرنٽر ۽ پبلشر هو، ۽ آخر ۾ هو خود رسالي جو ايڊيٽر ٿيو. محترم پير علي محمد شاهه راشدي ۽ محترم پير حسام الدين راشدي هن رسالي جا خاص لکندڙ هوندا هئا.

(43) ڦلواڙي:

       سن 1930ع ۾ امرلعل هنڱوراڻي ”ڦلواڙي“ نالي سنڌي زبان ۾ هڪ رسالو جاري ڪيو. هن مخزن ۾ سندس ئي بهترين لکيل ڪهاڻيون شايع ٿينديون هيون. ”ادو عبدالرحمان“ هنڱوراڻي جي مشهور ڪهاڻي پهريائين”ڦلواڙي“ ۾ شايع ٿي هئي. اها ڪهاڻي بعد ۾ انگريزي زبان ۾ ترجمو ٿي، ڀارت ۾ ڇپي.(25)

(44) علمي دنيا:

       سن 1930ع ۾ مولانا عبدالرزاق ”علمي دنيا“ نالي هڪ رسالو ڪراچيءَ مان ڪڍيو. هن رسالي ۾ مذهبي، علمي ۽ ادبي مضمون پوندا هئا. مولانا عبدالرزاق ان ساڳئي سال ۾ ”ڪاميابي“ نالي رسالو به ڪراچيءَ مان جاري ڪيو هو.

(45) الاسلام:

       سلطان ڪوٽ ضلعي سکر سنڌ مان سال 1930ع ۾ مولانا صاحبداد خان هڪ ماهوار رسالو ”الاسلام“ نالي جاري ڪيو. هن رسالي ۾ خالص مذهبي نموني جا مضمون شايع ٿيندا هئا.

(46) الهمايون:

       سال 1930ع ۾ مولانا صاحبداد خان ”الهمايون“ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو. 24 صفحن جو هيءُ رسالو ديال سنگ پرنٽنگ پريس شڪارپور سنڌ مان پڌرو ڪيو ويندو هو. هن رسالي ۾ مذهبي ۽ اسلامي مضمون شايع ڪيا ويندا هئا.

(47) گلستان:

       مسٽر رام ڀاونداس موٽواڻي ”ٻالڪن جي ٻاري“ جي سهاري هيٺ سن 1930ع ڌاري لاڙڪاڻي سنڌ مان”گلستان“ نالي هڪ ٻاراڻي ادب جو رسالو جاري ڪيو. هن رسالي ۾ ٻارن جي دلچسپيءَ جون ڪهاڻيون ۽ ٽوٽڪا ڇپبا هئا.

(48) سنڌو:

       سال 1932ع ۾ سنڌ ۾ سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ هڪ تحريڪ هلي. انهيءَ تحريڪ جي شروعات مسٽر بولچند راجپال صاحب کان ٿي. مسٽر بولچند ”ميان“ جي ڳوٺ تعلقي شڪارپور جو ويٺل هو ۽ چڱو سرنديءَ وارو هو. هن صاحب پنهنجي دولت جو ڪافي حصو ”سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت“ لاءِ خرچ ڪيو. هن سنڌي زبان ۾، ”ماڊرن ريويو“ انگلش ۽ ”چاند“ هندي رسالي جي طرز تي ”سنڌو“ جي نالي سان هڪ علمي و ادبي مصور ماهوار رسالو شڪارپور سنڌ مان جاري ڪيو.(26) هن رسالي جا شروعاتي لکندڙ هندو اديب هئا، مگر بعد ۾ مسلمان عالمن، اديبن ۽ شاعرن به ڀرپور حصو ورتو.

       ”سنڌو“ رسالي سنڌي زبان ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هن رسالي جا مکيه ٽي دور آهن: پهريون دور 1932ع کان 1940ع تائين شمار ٿئي ٿو. هن دور ۾ سنڌو رسالي ۾ علمي، ادبي، تاريخي ۽ معلوماتي مضمون ۽ عمدا شعر شايع ٿيندا هئا. سنڌ جا اديب ۽ شاعر هن رسالي ۾ پنهنجا مضمون ۽ شعر ڇپائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. اديبن جي هڪ گڏيل جماعت، جنهن ۾ هندو ۽ مسلمان ٻئي شامل هئا، ان رسالي لاءِ هميشه بهترين ۽ عمدا قيمتي مضمون لکندا هئا. مسٽر بولچند راجپال رسالي جي ترتيب ۽ ان جي سٽاء جي خوبين کي برقرار رکڻ ۾ گهڻي ڪوشش ورتي. ”سنڌو“ جو ٻيو دور سن 1941ع کان 1945ع تائين ليکجي ٿو. هن دور ۾ ”سنڌو“ جو اهو پهريون ظاهري ۽ باطني شان گهٽ ٿي ويو. ڪاغذ جي گرانيءَ سبب ”سنڌو“” جا صفحا گهٽايا ويا ۽ لکڻ وارن ۾ به اهو اڳيون جذبو ۽ اُمنگ باقي نه رهيو.(27) ”سنڌو“ جو ٽيون دور 1946ع کان 1947ع وارو دور ڳڻجي ٿو. هن دور ۾ علمي ۽ ادبي مضمونن جي بجاءِ سياسي ڇڪتاڻ وارا اختلافي مضمون ۽ شعر منجهس پوڻ لڳا. 1947ع ۾ هيءُ رسالو آخر بند ٿي ويو. انهيءَ آخرين دور ۾ ”سنڌو“ جو ايڊيٽر ماڌوداس هو. هن صاحب جو گهڻو رجحان سياست طرف هو. ”سنڌو“ سنڌي زبان ۽ ادب جي لازوال خدمت ڪئي، جا نه وسرڻ جهڙي آهي.

 

(49) گلزار:

       سال 1932ع ڌاري محمد صديق ميمڻ ”گلزار“ نالي هڪ رسالو حيدرآباد سنڌ مان ڇپائي جاري ڪيو. هن رسالي ۾ علمي، ادبي ۽ مذهبي مضمون شايع ڪيا ويندا هئا.

(50) رتن:

       مسٽر چوهڙمل ۽  پارومل گڏجي سال 1934ع ۾”رتن ساهتيه منڊل“ جي طرفان”رتن“ نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو. هن رسالي سنڌي ادب جي دامن ۾ ڏاڍا معياري ۽ عمدا ڪتاب، ناول ۽ ڪهاڻيون ڏنيون، جي سنڌي زبان ۽ ادب جا بهترين شاهڪار سمجهيا وڃن ٿا.

(51) مبلغ:

       هن رسالي جو ايڊيٽر سنڌ جو مشهور عالم ۽ قومي ڪارڪن مولوي عبدالحق رباني نصرپوري هو. سال 1935ع مطابق 1354هه ۾ ”مبلغ“ نالي هڪ رسالو عباسي الڪيٽرڪ ليٿو پريس، فريئر روڊ ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪندو هو. هن رسالي ۾ اعليٰ درجي جا مضمون، مذهبي، تاريخي ۽ اصلاحي هوندا هئا.

(52) نورالاسلام:

       سنڌيءَ جي مشهور عالم، شاعر ۽ صحافي مولوي نورمحمد نظاماڻيءَ سال 1936ع ڌاري حيدرآباد سنڌ مان ”نورالاسلام“ نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو هو. مولوي صاحب ”طيراً ابابيل“ ۽ ”مرغ فلڪ“ نالي به سنڌيءَ ۾ رسالا ڪڍيا هئا. انهن رسالن جو اڪثر مذهبي رنگ هو.

(53) آشيانه ادب:

       سن 36-1935ع ڌاري آغا بدرالدين درانيءَ ”آشيانه ادب“ جي نالي سان هڪ علمي ۽ ادبي رسالو ڳڙهي ياسين ضلعي سکر مان ڇپائي پڌرو ڪندو هو.

(54) قرآني:

       مولوي عزيزالله ساند هن رسالي جو ايڊيٽر هو. سن 1936ع ڌاري عباسي اليڪٽرڪ ليٿو پريس ڪراچيءَ مان ڇپايو ويندو هو. هيءُ رسالو مذهبي نوعيت جو هو ۽ انهيءَ قسم جا بهترين مضمون منجهس ڇپجندا هئا.

(55) معارف:

       مولوي عبدالخالق ڪنڊياروي هن رسالي جو ايڊيٽر هو. سن 1936ع ۾ ڪرشنا ليٿو پريس سکر مان ڇپائي پڌرو ڪندو هو. هن رسالي ۾ مذهبي، علمي، اخلاقي ۽ تاريخ اسلام تي عمدا مضمون شايع ڪيا ويندا هئا.

(56) مخلص:

       سنڌ جي مشهور شاعر ۽ اديب مرحوم محمد خان ”غني“ سال 1938ع ۾ ”مخلص“ نالي هڪ رسالو ٽکڙ سنڌ مان جاري ڪيو.

(57) ڪهاڻي:

       مسٽر جڳت آڏواڻيءَ سن 1939ع ۾ ”ڪهاڻي“ نالي هڪ رسالو سنڌي زبان ۾ جاري ڪيو. هن رسالي ۾ بهترين ادب ڇپجندو هو. طبعزاد ۽ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون شايع ٿينديون هيون. رسالي جي ڇپائي ۽ ترتيب ڏاڍي دلڪش هوندي هئي. منجهس تصويرون به ڏنيون وينديون هيون.

(58) مجاهد:

       مولوي محمد شفيع سن 1939ع ۾ ڪراچيءَ مان ”مجاهد“ نالي هڪ مذهبي رسالو جاري ڪيو. هيءُ رسالو هڪ سال هلڻ کان پوءِ مالي مشڪلاتن جو شڪار ٿي بند ٿي ويو.

(59) ڦولستان:

       بهاري لال ڇاٻڙيا سال 1939غ ۾ ڪراچيءَ مان ”ڦولستان“ نالي هڪ رسالو ڪڍيو. پاڻ خود سنڌيءَ ۾ بهترين ڪهاڻيون لکندو هو.

(60) ساقي:

       سنه 1940ع ۾ مسٽر امر لعل هنڱوراڻي ”ساقي“ نالي هڪ ماهوار ادبي رسالو جاري ڪيو. هن رسالي ۾ سندس ئي لکيل سنڌي ڪهاڻيون شايع ٿينديون هيون. ”ادو عبدالرحمان“ سندس بهترين ڪهاڻي، ٻيو دفعو هن رسالي ۾ ڇپي هئي.

(61) ڀارت جيون:

       سال 1940ع ۾ ڄيٺانند لعلواڻيءَ ”ڀارت جيون“ نالي هڪ رسالو ڪراچيءَ مان ڪڍيو. هن رسالي ۾ قومي ۽ سماجڪ ڪهاڻيون شايع ڪيون وينديون هيون.

(62) آشا:

       مسٽر دارام سنڀاڻيءَ سنه 1941ع ۾ ”آشا“ نالي ڪراچيءَ مان هڪ رسالو جاري ڪيو. هن رسالي ۾ سنڌي ڪهاڻيون ۽ ننڍڙا ڪتاب ڇپايا ويندا هئا. هيءُ رسالو سنڌي ادب جي ڪافي ورهيه خدمت ڪندو رهيو.

(63) اديب سنڌ:

       سنڌ جي موزون شاعريءَ ۾ غزل جي صنف کي ترقي وٺائڻ جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي مان سنه 1942ع ۾ ”جمعيت الشعراء“ سنڌ جي سهاري هيٺ ”اديب سنڌ“ رسالو جاري ڪيو ويو. هن رسالي جو پهريون ايڊيٽر ماستر جمع خان ”غريب“ هو. کانئس پوءِ غلام احمد ”نظامي“ رسالي جو ايڊيٽر ٿيو. ”نظاميءَ“ جي وفات کان پوءِ رئيس ضياءُ الدين ”بلبل“ مرحوم رسالي جو مدير ٿيو. هن رسالي سنڌي زبان ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي. منجهس طرحي مشاعري سان گڏ مقالا، مضمون ۽ افسانا پڻ شايع ڪيا ويندا هئا. سنڌي ادب ۾”سنڌوءَ“ کان پوءِ هن رسالي ۾ معياري ۽ صحتمند تنقيدي ادب شايع ٿيندو هو. هيءُ رسالو قادريه پريس لاڙڪاڻي مان ڇپجي پڌرو ٿيندو هو.

(64) ڀارت جيون:

       سنه 1943ع ۾ مسٽر ايم.آر. مائيداساڻي ”ڀارت جيون“ نالي هڪ ماهوار سنڌي رسالو ڪراچيءَ مان جاري ڪيو. هن رسالي ۾ گهڻو ڪري سندس ئي لکيل بهترين ڪهاڻيون شايع ٿينديون هيون.

(65) گلستان:

       سنه 1944ع ۾ ٻارن جي لاءِ خاص ادبي رسالو ”گلستان“ نالي ڪراچيءَ مان جاري ڪيو ويو. هن رسالي جو ايڊيٽر ديوان ڀوڄراج ”دادا“ هو. هن رسالي ۾ ننڍن ٻارن جي ڏانوَ جا مضمون، شعر ۽ نصيحت آموز ڪهاڻيون ڇپجنديون هيون. ”دادا“ کانپوءِ رام ڀاونداس موٽواڻي ۽ ڪماري پاروتي هن رسالي جا ايڊيٽر ٿي رهيا.

(66) مهراڻ:

       سال 1940ع ۾ سنڌ سرڪار علامه ڊاڪٽر دائود پوٽي کي سنڌ جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو. هن صاحب جي تعليم کاتي ۾ وڏو آفيسر مقرر ٿي اچڻ سان سنڌي ادب ۾ گهڻو واڌارو ٿيو. ڊاڪٽر صاحب سنڌي زبان جي واڌاري لاءِ ان وقت جي سنڌ سرڪار کي راضي ڪيو. ان وقت جي سنڌ جي تعليمي وزير محترم جي.ايم. سيد جي نيڪ ڪوشش سان ”بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر“ (موجوده سنڌي ادبي بورڊ) قائم ٿيو. هن بورڊ جي ذريعي سنڌي لغت، سنڌي زبان جا ناياب ۽ معياري ڪتاب ۽ ٻين ٻولين جي عمدن ڪتابن ڇپائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. ساڳئي وقت بورڊ هڪ ماهوار رسالو ”مهراڻ“ جي نالي سان جاري ڪيو.

       سال 1946ع ۾”مهراڻ“ باقاعدگيءَ سان جاري ڪيو ويو ۽ پورا ٻه سال هيءُ رسالو هر مهيني باقاعدگيءَ سان نڪرندو رهيو. هيءُ رسالو الوحيد اليڪٽرڪ پريس، گانڌي روڊ ڪراچي مان ڇپجي پڌرو ٿيندو هو. سال 1946ع ۾ جنوري کان جون تائين گڏيل پرچو نڪتو ۽ پوءِ بند ٿي ويو.

       سال 1955ع ۾ ”مهراڻ“ وڏي اهتمام سان بورڊ طرفان دوباره جاري ڪيو ويو ۽ اڄ سوڌو ٽماي ٿي باقاعدگيءَ سان نڪرندو رهي ٿو. ”مهراڻ“ جو اصل نالو مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي جو ئي تجويز ڪيل هو. هن رسالي سنڌي زبان، ادب ۽ تاريخ-سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي آهي. منجهس اعليٰ درجي جا علمي، ادبي، فني ۽ تحقيقي مضمون ۽ مقالا شايع ٿيندا رهن ٿا. شاعريءَ جون به سڀ صنفون پيش ڪيون وڃن ٿيون. ڪهاڻيون، افسانا ۽ ناٽڪ پڻ اعليٰ پايي جا ڇپجندا رهن ٿا. ”مهراڻ“ جي ادارت سان وقت جا وڏا وڏا عالم وابسته رهيا آهن، جهڙوڪ: لالچند امرڏنو مل، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، مولانا دين محمد وفائي، عثمان علي انصاري، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد عثمان ڏيپلائي، مولانا غلام محمد گرامي، شمشير الحيدري،امداد حسيني، ۽ ”ناشاد“. هن وقت ”مهراڻ“ جي ايڊيٽوريل ڪميٽي علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ سيد شاهه محمد شاهه ”شاد“ تي مشتمل آهي ۽ ان جو ايڊيٽر انچارج نفيس احمد شيخ (ناشاد) آهي.

(67) اڳتي قدم:

       سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ادب جي تحريڪ ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ وجود ۾ آئي. هن ادبي تحريڪ ۾ اڪثر هندون جوان اديب هئا. ترقي پسند ادب جي لکندڙن سنه 1947ع ۾ ”اڳتي قدم“ جي نالي سان هڪ رسالو جاري ڪيو. هن رسالي جو ايڊيٽر شيخ مبارڪ علي ”اياز“ هو. هيءُ رسالو ٿورو وقت هلي بند ٿي ويو.

(68) نئين دنيا:

       ترقي پسند اديبن جي طرفان سن 1947ع ۾ ”نئين دنيا“ نالي هڪ رسالو ڪڍيو ويو. هن رسالي جو ايڊيٽر گوبند مالهي هو. هيءُ رسالو ڪراچيءَ مان نڪرندو هو ۽ هن وقت به اهو ساڳيو رسالو ڀارت مان سنڌيءَ ۾ نڪرندو رهي ٿو. هن رسالي ۾ صرف ترقي پسند نوجوانن جا افسانا، ڪهاڻيون ۽ شعر شايع ٿيندا هئا. هن رسالي افساني ۽ شاعريءَ جي نين صنفن کي ڏاڍو زور وٺايو. نوجوان ترقي پسند اديبن جي طرفان ”پرهه ڦٽي“ نالي سان به ڪراچيءَ مان هڪ رسالو نڪرندو هو. هن رسالي جي به ساڳي پاليسي هوندي هئي(28)

(69) تعمير:

       سال 1947ع ۾ ڪراچيءَ مان ”تعمير“ نالي هڪ ماهوار ادبي رسالو نڪرندو هو. هن رسالي جو ايڊيٽر ”معمار“ سنڌي هو.

(70) آفتاب:

       پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جا هندو اديب ۽ شاعر گهڻي قدر وطن ڇڏي ڀارت هليا ويا. سنڌ جا وڏا مرڪزي اشاعت گهر بند ٿي ويا ۽ ڪجهه وقت لاءِ سنڌي ادب کي وڏو نقصان رسيو. انهيءَ دور ۾ ڪراچيءَ مان سال 1948ع ۾ ”آفتاب“ نالي هڪ ماهوار رسالو لعل محمد ”لعل“ جي ڪوشش ۽ سعي سان جاري ٿيو. هن رسالي جي جاري ٿيڻ سان سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ عالمن کي سنڌي زبان ۽ ادب جي حالتن کي سازگار بنائڻ ۾ وڏو وجهه مليو. مواد جي لحاظ کان هن رسالي جو معيار بلند هو. مرحوم غلام محمد گرامي به هن رسالي جو ڪجهه وقت ايڊيٽر ٿي رهيو هو.

(71) عصرنو:

       سال 1948ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان لال بن يوسف جي ايڊيٽريءَ هيٺ ”عصرنو“ نالي رسالوجاري ٿيو. هن رسالي ۾ سنڌي زبان جا معياري مضمون ۽ شعر شايع ڪيا ويندا هئا.

(72) حقيقت اسلام:

       قاضي عبدالرزاق جي ايڊيٽريءَ هيٺ سال 1948ع ۾ هيءُ رسالو جاري ٿيو. هيءُ ماهوار رسالو سنڌي زبان ۾ اسلامي تعليم جو مبلغ هو.

(73) موذن:

       سنڌ جي مشهور صحافي ۽ عالم مولانا خير محمد نظاماڻي سن 1948ع ۾”موذن“ نالي رسالو جاري ڪيو. هيءُ پڻ مذهبي رسالو هو.

(74) اسان جي دنيا:

       سال 1949ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان ”اسان جي دنيا“ نالي هڪ ادبي رسالو جاري ڪيو ويو. هن رسالي جو ايڊيٽر مولانا غلام محمد گرامي هو.

(75) عرفان لطيف:

       ”عرفان لطيف“ نالي هڪ ماهوار ادبي رسالو 1949ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان مرحوم مولانا غلام محمد گراميءَ جي ايڊيٽريءَ هيٺ جاري ڪيو ويو.

(76) عام راءِ:

       سن 1949ع ۾ سنڌ جي برک اديب، عالم ۽ محقق جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سرپرستيءَ هيٺ نڪرڻ شروع ٿيو. هن رسالي جو ايڊيٽر سيد سردار علي شاهه ”ذاڪر“ هو. هن رسالي جو علمي ۽ ادبي لحاظ کان بلند معيار هو، مگر ٿورو وقت هلي بند ٿي ويو.

(77) نئين زندگي:

       پاڪستان سرڪار جي مرڪزي حڪومت سن 1950ع ۾ سنڌي زبان ۽ ادب کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ”نئين زندگي“ نالي سنڌيءَ ۾ هڪ رسالو جاري ڪيو. ”پاڪستان پبليڪيشن“ طرفان نڪرندڙ هن رسالي سنڌي زبان ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هن رسالي جو ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌي هو، جنهن پنهنجي پاڪ نفسي ۽ دل جي خلوص سان سنڌي ادب جي خدمت ڪئي. محترم سنڌي صاحب جي اها ڪيل خدمت سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هميشہ ياد رهندي. ”نئين زندگي“ رسالي ذريعي سنڌي ادب، ثقافت، تاريخ ۽ شعر و شاعريءَ کي اجاگر ڪيو ويو آهي. سنڌي صاحب کان پوءِ محترم شمشير الحيدري هن رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ هاڻي هن وقت محترم عبدالجبار ”عابد“ لغاري هن رسالي جو ايڊيٽر آهي. هنر سالي ذريعي سنڌي ادب جي بهترين لکندڙن کي سنڌ وارن سان روشناس ڪرايو ويو آهي.

(78) سارنگ:

       سن 1952ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان ”سارنگ“ نالي هڪ ماهوار رسالو ڪڍيو ويو. هن رسالي جو ايڊيٽر مسٽر سراج الحق هو. هيءُ رسالو ٿورو وقت هلي بند ٿي ويو.

(79) پرهه ڦٽي:

       هيءُ رسالو 1952ع ڌاري حيدرآباد سنڌ مان جاري ڪيو ويو. محترم محمد قاسم ”شاذ“ سندس ايڊيٽر هو. هن رسالي ۾ افسانا، مضمون ۽ شعر ڇپجندا هئا.

(80) طالب الموليٰ

       سن 1953ع ۾ بزم ”طالب الموليٰ“ دادو طرفان ”طالب الموليٰ“ نالي سان هڪ علمي ۽ ادبي رسالو ڪڍيو ويو. هن رسالي جو ايڊيٽر سنڌ جو ڪهنه مشق بزرگ شاعر ماستر جمع خان ”غريب“ هو. علمي لحاظ کان هيءُ هڪ معياري رسالو هو.

(81) فردوس:

       سنڌ جي قديم تاريخي شهر هالا مان سنڌي زبان ۾ ”فردوس“ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو ويو. سنڌي زبان ۾ هيءُ رسالو پنهنجي نوعيت وارو پهريون رسالو هو. هن رسالي ۾ علم ۽ ادب، شعر و شاعريءَ سان گڏ فلم بين نوجوانن جي وندر لاءِ پڻ مواد ڏنو ويندو هو. فلمي ۽ غير فلمي تصويرون پڻ ڏنيون وينديون هيون. هن رسالي جو ايڊيٽر سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اديب مرحوم عبدالرحمان ”انجم“ هالائي هو. محترم ”سليم“ هالائي به هن رسالي جو ڪجهه وقت ايڊيٽر ٿي رهيو هو. هن رسالي جو ”شاعر نمبر“ سنه 1954ع ۾ ڪڍيو ويو، جو هڪ دستاويزي يادگار آهي.

(82) قليچ:

       سنه 1954ع ۾ اداره ”قليچ“ حيدرآباد سنڌ طرفان ”قليچ“ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو ويو. هن رسالي جو ايڊيٽر مرزاسد بيگ ”اسد“ هو. هيءُ رسالو پنجتني پريس حيدرآباد مان ڇپجي پڌرو ٿيندو هو. هن رسالي ۾ زياده تر ڇپيل مواد مرزا قليچ بيگ جي اڻ ڇپيل مضمونن جو هوندو هو. علمي لحاظ کان هيءُ هڪ معياري رسالو هو.

(83) موحد:

       سال 1955ع ۾ ”موحد“ نالي هڪ مذهبي رسالو ميرپور خاص مان جاري ٿيو. هن رسالي جو ايڊيٽر سنڌ جو مشهور عالم ۽ قومي ڪارڪن مولانا عبدالحق رباني نصرپوري هو. هن رسالي سنڌ جي مسلمانن ۾ اسلامي تعليم ڦهلائڻ جي سلسلي ۾ چڱو ڪم ڪيو.

(84) گلدستو:

       خيرپور ميرس مان سنه 1955ع ۾ هيءُ رسالو ماستر غلام حسين ميمڻ جي ايڊيٽريءَ هيٺ جاري ڪيو ويو. هيءُ هڪ علمي ۽ ادبي رسالوهو.

(85) ادا:

       سال 1955ع ۾ نواب شاهه جي نوجوان ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن”ادا“ نالي هڪ سنڌي رسالو جاري ڪيو. پهريائين هيءُ رسالو پندرهن روزه هو، پر پوءِ ان کي ماهوار بنايوويو. هن رسالي جو ايڊيٽر محترم گل محمد چنه ”سنڌي“ هو. هن رسالي ۾ نهايت ئي اعليٰ درجي جا مضمون، شعر ۽ ڪهاڻيون شايع ٿينديون هيون. هن رسالي ذريعي ڪيترائي نوان اديب ۽ شاعر سنڌي ادب ۾ نروار ٿيا، جهڙوڪ: قمر ”شهباز“، امرجليل، گل محمد چنه ”سنڌي“، ”برده“ سنڌي، ”نظر“ سنڌي، ۽ بنده راقم وغيره.

(86) نئين کيتي:

       هيءُ رسالو 1955ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان شايع ٿيندو هو. هن رسالي ۾ زرعي مسئلن سان گڏ علمي، ادبي، سائنسي، طب ۽ علم نباتات جي باري ۾ نهايت ئي عمدا ۽ معياري مضمون شايع ٿيندا هئا. سنڌي زبان ۾ اهڙي قسم جو هيءُ پهريون رسالو هو. هن رسالي جي شايع ٿيڻ ڪري سنڌ جي زراعت کي وڏي هٿي ملي.

(87) روح ادب:

       هيءُ رسالو سنڌ جي علمي ۽ ادبي جماعت اداره ”روحِ ادب“ طرفان سن 1955ع ۾ حيدرآباد مان جاري ڪيو ويو. مخدوم ”طالب الموليٰ“ صاحب هن جماعت جو سرپرست هو. رسالي جو ايڊيٽر مرحوم محمد خان ”غني“ هو. هن رسالي ۾ علمي، ادبي، اصلاحي، ديني، تاريخي ۽ تنقيدي مضمون شايع ٿيندا هئا. هن رسالي جا ٻه سٺا دستاويزي نمبر نڪتا، جهڙوڪ: رسول نمبر ۽ شاهه نمبر

(88) رهنما:

       هيءُ رسالو ”بزم رهنما“ نوابشاهه جي سهاري هيٺ سال 1955ع ۾ جاري ڪيو ويو. هن رسالي جو ايڊيٽر عبدالرحمان ”انجم“ هالائي هو. مسٽر محمد عمر راڄپر ان جو سرپرست هو. هن رسالي جو رنگ ۽ ڍنگ ”فردوس“ رسالي وارو هو. هيءُ رسالو هڪ سال هلڻ کان پوءِ بند ٿي ويو.(29)

       مٿي بيان ڪيل رسالن کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي رسالا 1955ع کان پوءِ به نڪرندا رهيا آهن ۽ اڄ تائين نڪرندا رهن ٿا. اسان هن مضمون ۾ قريباً هڪ صدي جي سنڌي رسالن جو ذڪر ڪيو آهي. دراصل سنڌي ادب جي وڌڻ ۽ ويجهڻ ۾ سنڌ جي ادبي رسالن جو وڏو هٿ رهيو آهي. هن کان پوءِ سن 1955ع کان پوءِ جي دور جي رسالن جو سير حاصل احوال ڪنهن ٻي ادبي محفل ۾ پيش ڪيو ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com